03/10/2025
🌙 ملا جي مجلسن ۾ تڪرار، مرشد جي محفلن ۾ قرار 🌹
اڄ جي دور ۾ سچ ڳولهڻ ڏکيو آهي،
ڪير الله لاءِ ڪم ڪري ٿو؟
۽ ڪير الله جي نالي تي رڳو دنيا گڏ ڪري ٿو؟
ملا جي ڌيان ۾ مسجد نه، مڪان آهي
ڪچهري نه، ڪاروبار آهي
پاڙيسري جي ٻار جي روٽي جي فڪر بدران،
سندس خيال وڏين وڏين دعوتن ۽ چندن تي آهي
عجيب ڳالهه ايتري ته آهي،
جو ملا پاڻ پنهنجي پاڙي ۾ عزت وڃائي ويٺو آهي
ماڻهو ته کيس سلام ڪرڻ به نٿا چاهين
ڇو ته سندس زبان تي سختي،
اکين ۾ غرور،
دل ۾ تڪبر،
۽ عمل ۾ ڪو به نور ڪونهي!
۽ وري ٻئي طرف، مرشد ڪريم قبله دلبر سائين مدني ـ
الله الله! ڇا ته شخصيت!
سندس اکين ۾ محبت، زبان تي نرمي، ۽ دل ۾ اُمت جو درد ❤️
هڪ مهيني ۾ ايترا جلسا!
نه ڪنهن جي ڪال تي ايندو آهي،
نه وري ڪنهن شرط تي ويندو آهي
جتي خلقِ خدا سڏي، اتي حاضر ـ
رات جي اوندهه هجي، يا ڏينهن جي گرمي،
مرشد، خلق جي خدمت لاءِ حاضر آهي
اها ئي ته آهي اصل “ولايت”
نه ڪپڙن ۾، نه ڪرسيءَ ۾، نه خطابن ۾
ولايت تڏهن ظاهر ٿئي،
جڏهن ماڻهو پاڻ بدلجي وڃن،
صرف مرشد جي سنگت ۾ ويهي!
مرشد جي محفلن مان ماڻهو روئي موٽن ٿا،
دل صاف ٿي وڃي، اکين ۾ عشق رسول ﷺ جا ڳوڙها ڀرجي وڃن
اتي نا اميدي نه هجي، نه نفرت، نه فرقا ـ
اتي صرف محبت، علم، نرمي، ۽ آڏو رستو!
۽ ها،
مرشد دعوت لاءِ ڪنهن وزير جي به منت نه ڪري،
پر اڄ وڏا وڏا ماڻهو سندس محفلن جا طالب آهن
ڇو ته کيس نه شهرت جي پرواهه آهي،
نه فالوورز جي ڳڻپ جي ـ
صرف الله جو رضا، ۽ نبي ﷺ جي محبت
**
اڄ جي دور ۾ ملا سونهن وساري ويٺا آهن،
۽ مرشد خالي دلن کي سونهن سان ڀري رهيا آهن!
الله سچن مرشدن جو سايو قائم رکي،
۽ ملا جي منافقت، فتوائن، ۽ سياسي دڪانداري کان اسان جي حفاظت ڪري. آمين. 🤲
مرشد ڪريم جو غلام محمد خان ڪرمي 🥰🥰