Abdul Razzaque Lakhwani Rahimoon

Abdul Razzaque Lakhwani Rahimoon Media News Officia
(1)

ڏاهلي جي ڳوٺ موسي جي ڊاڻي  جي ناري ريشمان راهمون  واقعي جو چار جوابدارن خلاف کيمي جو پار ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي ويو ميڊيا ت...
03/09/2023

ڏاهلي جي ڳوٺ موسي جي ڊاڻي جي ناري ريشمان راهمون واقعي جو چار جوابدارن خلاف کيمي جو پار ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي ويو
ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر نوٽيس وٺي فوري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد چئن جوابدارن خلاف 302. 34 پي پي سي تحت ناري جي ڀاءُ عثمان راهمون جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916

*سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪز طرفان سنڌ ۾ ھٿرادو مھنگائي خلاف احتجاجي سڏ تي مٺي ۾ ايس ٽي پي ھائوس کان ڪشمير چوڪ تائين  ضل...
12/08/2023

*سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪز طرفان سنڌ ۾ ھٿرادو مھنگائي خلاف احتجاجي سڏ تي مٺي ۾ ايس ٽي پي ھائوس کان ڪشمير چوڪ تائين ضلعي صدر گھنشام مالھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي

*ڇاڇرو:شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام درهم برهم بڻيل،شهر مک مارڪيٽن جي دڪانن ۽ مين روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳل،عوام سخت پريشان*

ڇاڇرو:تعلقه اسپتال سميت ٻين شهر جي مين رستن،روڊ ۽ دڪانن اڳيان لانگ چيچس گاڏيون بيهاري وڃڻ ڪري شهري سخت عذاب ۾،ٽريفڪ پوليس منظر تان غائب

تفصيلي رپورٽ جيجل منهنجي سنڌ

افسوسناڪ خبر  ننگرپارڪر  لڳ سوراچند ۾ 35 ساله 4 ٻارڙن جي ماءُ کيتو زال ورسنگ رٻاري گھرو پريشانين کان تنگ اچي گھر اندر چو...
22/02/2023

افسوسناڪ خبر
ننگرپارڪر لڳ سوراچند ۾ 35 ساله 4 ٻارڙن جي ماءُ کيتو زال ورسنگ رٻاري گھرو پريشانين کان تنگ اچي گھر اندر چونئري ۾ ڦاھو ٻڌي پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

جميعت علماء طاهريه ضلع ٿرپارڪر جو تنظيمي اجلاس رپورٽ  عبدالرزاق  راھمون 03453909916
03/01/2023

جميعت علماء طاهريه ضلع ٿرپارڪر جو تنظيمي اجلاس

رپورٽ عبدالرزاق راھمون 03453909916

*ڊاڪٽر قادر مگسي جون حقيقت تي مبني ڳالھيون*_______________ٻہ ٽي ڏينھن اڳ حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني ھيٺ ڪوٺايل...
15/12/2022

*ڊاڪٽر قادر مگسي جون حقيقت تي مبني ڳالھيون*
_______________
ٻہ ٽي ڏينھن اڳ حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني ھيٺ ڪوٺايل سنڌ جي قوم پرستن جي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ سنڌ جي قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ھن گڏجاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب بہ پنھنجا ويچار ونڊيا جنھن ۾ ھن ٽي اھم ڳالھيون ڪيون.

1️⃣. مان صبح جو اٿي جڏھن سجدو ڪندو آھيان تہ اللہ کان دعا گھرندو آھيان تہ يا اللہ پاڪستان کي قائم رک.. ڇو تہ جيڪڏھن پاڪستان جي رياست ٽٽي وڃي تہ پوءِ سنڌ کي لٽيرن کان ڪير بچائيندو؟؟ ويھ لک(موجود ۽ رٽائرڊ) پنجابي فوجي جڏھن سنڌ تي قبضا ڪرڻ شروع ڪندا تہ ان مھل سنڌ جو محافظ ڪير ھوندو؟

2️⃣. سياست زميني حقيقتن تي ٿيندي آھي ھوائن ۾ ناھي ٿيندي، اسان قوم پرست جيڪي بہ آھيون حيدر بخش جتوئي کان وٺي جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو تائين، اسان جي سياست ۽ اسان جا نعرا ماڻھن لاءِ من لُڀائيندڙ ناھن اھو ئي سبب آھي جو ڪنھن بہ دور ۾ يا ڪنھن بہ وقت ۾ سنڌ جي ڪابہ قوم پرست پارٽي سنڌ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي نہ سگھي آھي جو ماڻھو ان سان گڏ بيھي رھيا ھجن اسان محدود دائري ۾ سياست ڪندڙ ۽ محدود ماڻھن تي اثر انداز ٿيندڙ آھيون پوءِ اسان کان توقع رکجي تہ اسان 6 ڪروڙ عوام جا نمائندا ڇو نہ آھيون 6 ڪروڙ انسان اسان جي پوئيواري ڇو نہ ٿا ڪن؟ ۽ اسان انھن جي اجتماعي مفادن جي لاءِ مخلص ڇو نہ آھيون؟ جيڪڏھن ناھيون تہ پوءِ پڪ يا تہ ڀاڙيا آھيون، يا غدار ۽ ايجنٽ آھيون. ھي جيڪو پڙھيل ڪڙھيل ڪلاس جو جيڪو رويو آ ان ڪافي حد تائين سنڌ کي نقصان تائين پھچايو آ..

3️⃣.مان ڪڏھن بہ ھي چوڻ ۾ ھٻڪ محسوس نہ ڪندم تہ قوم پرست سياست پاڪ ٽائيم سياست آھي ۽ پاڪ ٽائيم سياست ڪڏھن بہ قومن لاءِ فائديمند ثابت نہ ٿيندي آھي.

*تبصرو:*

1️⃣ ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب بلڪل زميني حقيقتون ۽ سو فيصد صحيح ڳالھيون ڪيون آھن جيڪڏھن پاڪستان نہ رھيو تہ پوءِ سنڌ بہ سلامت نہ رھي سگھندي سنڌ جو پاڪستان کان جدا ٿيڻ بعد سنڌ ۽ باقي بچيل پاڪستان جي صورتحال اھا ئي ھوندي جيڪا ھينئر انڊيا ۽ پاڪستان جي آھي جو ھر ٻئين ڏينھن تي ڪنھن نہ ڪنھن مسئلي ۾ پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آھن..
ھينئر اسان جي سنڌي اڳواڻن ۽ قوم پرستن جي حالت اھا آھي جو پاڪستان جو حصو ھئڻ باوجود سنڌ جي حصي جو پاڻي ۽ ٻيا حقوق حاصل نہ ڪري سگھيا آھن تہ پوءِ پاڪستان کان جدا ٿيڻ بعد انھن جوڌن ۾ ايترو دم آھي جو بچيل پاڪستان(پنجاب) سان وڙھي اتان کان وھي ايندڙ سنڌو درياءَ جي حصي جو پاڻي حاصل ڪري سگھندا؟
ٻيو تہ قوم پرست پاڻ ئي دانھون ڪندا رھندا آھن تہ ڌارين ھميشہ سنڌ تي

03/12/2022
ڇاڇرو کيمي جوپار ڊگري ڪاليج ۽ ھاء اسڪول  ۾ تعليمي سڌاري لاء گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ مختلف ڳوٺن جي سماجي توڙي تعليمي ماھرن ۽ است...
02/12/2022

ڇاڇرو
کيمي جوپار ڊگري ڪاليج ۽ ھاء اسڪول ۾ تعليمي سڌاري لاء گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ مختلف ڳوٺن جي سماجي توڙي تعليمي
ماھرن ۽ استادن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
تفصيلي احوال اڄ جي جيجل منهنجي سنڌ ۾
ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون

ڇاڇرو ۾ نيب ٽيم پاران ڳوٺن ۾ لڳل آر او پلانٽ جو جائزو ورتو ويو تفصيل   رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916
21/11/2022

ڇاڇرو ۾ نيب ٽيم پاران ڳوٺن ۾ لڳل آر او پلانٽ جو جائزو ورتو ويو
تفصيل

رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916

ڇاڇرو واسي  رڌ پچاء جو ڪم ڪندڙ پورهيت پاران جهوپڙا اسڪول قائم ڪري ورتو پنج سان اڳ پانڌي راهمون ڳوٺ قبولاڻي   جهوپڙا اسڪو...
07/11/2022

ڇاڇرو واسي رڌ پچاء جو ڪم ڪندڙ پورهيت پاران جهوپڙا اسڪول قائم ڪري ورتو

پنج سان اڳ پانڌي راهمون ڳوٺ قبولاڻي جهوپڙا اسڪول قائم ڪري 200 ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جو ذميواري پنهنجي سر کڻي ورتي

پانڌي راهمون ڪراچي جهڙي شهر ۾ بورچي جو ڪم ڪري پنهنجي ضرورتن سان گڏو گڏ جهوپڙا اسڪول جو خرچ به پنهنجي پگهار ۾ ڀري ٿو
پانڌي راهمون پنهنجي ڪم ڪار سان گڏ جهوپڙا اسڪول لاء ڪوشش ڪري تعليمي وزير سردار شاه ۽ سيڪريٽري تعليم جي تعاون سان سيمس ڪوڊ به جاري ڪرايو آهي
ڇاڇرو جي ڳوٺ قبولاڻي ۾ 18 سال اڳ هڪ اسڪول جو ڪمرو جاري ڪيو هو جيڪو ڊھي پوڻ بعد سنڌ سرڪار پاران اسڪول جي نئين بلڊيگ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي
جهوپڙا اسڪول ڳوٺ قبولاڻي کي تعليمي وزير سردار شاه پاران ماستر مقرر ڪري ڏنو ويو هو جيڪو ڪجهه ڳوٺاڻن ۽ ضلعي انتظاميه جي ملي ڀڳت سان استاد کي ٽڪڻ ڪون ڏنو ويو

ڇاڇرو جي ڳوٺ قبولاڻي ۽ آس پاس جي ڳوٺاڻن جي ٻارڙن جو مستقبل سنوارڻ لاء جهوپڙا اسڪول لا۽ استاد مقرر ڪري ڏيڻ لاء ڳوٺاڻن جو مطالبو

ڳوٺاڻن پانڌي راهمون شادي راهمون علي حسن راهمون بهاول راهمون ۽ ٻين جيجل منهنجي سنڌ سان ڳالهائيندي چيو ته سردار شاه جا شڪرگزار آهيون جن جهوپڙا اسڪول سيميز ڪوڊ ۽ نئين بلڊنگ جاري ڪري ڏني آهي

ڳوٺاڻن پاران تعليم جي وزير سردار شاه سيڪيٽري اڪبر لغاري ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي تہ اسان جي ڳوٺ جي جهوپڙا اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي ٻارڙن جي تعليم جاري رکي سگهون

ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون03453909916

ڇاڇرو ۽ ڏاھلي سميت ٿر جي هزارين ڳوٺن ۾ جشن عيد ميلاد النبي حضرت محمد رسولﷺ  وڏي جوش جذبي سان ملھائڻ لاء ريليون  ڪڊيون  و...
13/10/2022

ڇاڇرو ۽ ڏاھلي سميت ٿر جي هزارين ڳوٺن ۾ جشن عيد ميلاد النبي حضرت محمد رسولﷺ وڏي جوش جذبي سان ملھائڻ لاء ريليون ڪڊيون ويون

ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916

09/10/2022

ڇاڇرو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڇاڇرو ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جو بھترين پهريون پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن تلاوت ڪلام پاڪ ، نعتن ، تقريرن سان محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ هندن ڇوڪرن به آقا ڪريم ﷺ جي شان ۾ نعتيه اشعار پڙهيا مولانا غلام رسول راھمون سڪندري صاحب خطاب ڪيو آخر ۾ حضرت علامه عبدالحليم ڪليم درس نصيحت آموز خطاب ڪيو ۽ پرنسپل ۽ استادن ۽ شاگردن ڪثير تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916

ٿر ليبر فورم  جي سالياني تقريب حيدرآباد۾ ٿي گذري جنھن ۾ ٿر ليبر فورم جي عھديدارن ۽ ورڪرن جي محنت کي ساراهيو ويو ٿر ليبر ...
24/09/2022

ٿر ليبر فورم جي سالياني تقريب حيدرآباد۾ ٿي گذري جنھن ۾ ٿر ليبر فورم جي عھديدارن ۽ ورڪرن جي محنت کي ساراهيو ويو

ٿر ليبر فورم حيدرآباد جي سالياني تقريب ٿي گذري جنهن م مرڪزي اگواڻن تمام يونٽ عھديدارن ميمبرن شاگردن دوستن ۽ ننڍي وڏي ڪاروبار سان وابسط ٿرمحب دوستن شرڪت ڪئي ٿرھـمدرد ھجڻ جو ثبوت ڏنو سالياني تقريب ۾
ٿرليبرفورم جي ڪارڪردگي پيش ڪئي ويئي جنهن بعد اڳواڻن خطاب ڪيو چيئرمين حاڪم علي
سميجو
صدر علي راھمون
علي خان سميجو
مقيم چانھيو
ارباب نھڙي
حنيف سميجو
ديدار نھڙي
الھداد راھمون
لياقت ڪنڀر
مشتاق سميجو
۽ ٻين عھديدارن پاران ٿر ليبر فورم جي ڪارڪردگي ۽ دوستن جي جذبي ء منشور تي پورو لھڻ تحت ساراھيو ويو ـ

ٿر ليبر فورم جي سڄي ٽيم جو بـنا لوڀ لالچ جي مصروف وقت م پنهنجي ٿرواسين سان آڌي عصر پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي گڏ بيھن ٿا ـ نئون دوستن کي پڻ ويلڪم ڪيو ويو ـ اگواڻن جو چوڻ ھو ته ھن پليٽ فارم تي ٿرواسي نوجوانن مان تـمام سٺي پذيرائي ملي رھي آهي جوش ء جذبي سان فلاحي ڪم ڪري رھيا آهن شل انهيَ جذبي سان ڪـم ڪـندا رھن ء پنهنجي ٿرواسين سان محبت ھمدردي ايڪتا جو ثبوت ملندو رھي
پاران ٿر ليبر فورم

12/09/2022

ڇاڇرو:24 ڪلاڪن ۾ آپگهات جو ٻيو افسوسناڪ واقعو
ڇاڇرو:جي ڳوٺ ڪانڪيو ۾ نوجوان جو گهر جي ڪکاوان چونئري ۾ ڦاهو لڳل لاش هٿ

ڇاڇرو:33 ورهين جي ساجن پٽ قاسم منگريو آپگهات ڪيو وارثن جو پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته
چار ٻارن جو پيءُ هو بيروزگار هو گهرو پريشانين کان تنگ ٿي اهڙو قدم کنيو آهي

ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916

ٿر ۾حيسڪو عملدارن غريب عوام تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا تفصيل احوال Jeejal Muhnji Sindh News Official👇رپورٽ عبدالرزاق را...
08/09/2022

ٿر ۾حيسڪو عملدارن غريب عوام تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا
تفصيل احوال Jeejal Muhnji Sindh News Official

👇رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916 👇

07/09/2022

ڇاڇرو ۾ آر او پلانٽن جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف پيپلزپارٽي جي ايم اين اي پير امير علي شاهه جيلاني جو رستو بند ڪري گاڏين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،

ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916

06/09/2022

ڇاڇرو جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاءِ آندل عورت فوت

ڇاڇرو جي ڳوٺ ڪانهاڻي جي رهواسڻ 25 سالا جومان زال خميسو ڀيل ڇاڇرو جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي
ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916

04/09/2022

ڪِنھن نَئين دُور کَان حُسين نَٿو پِيدا ٿِئي..
ھَر نَئون دُور پِيدا ٿُو ڪَري يَذيد نَئون..

مٺي: صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي جي چرچ تي ڪولهي برادري جي بااثر عورت رتو ڪولهي جي خاندان جو غريب پورهيتن جي گهرن تي حملو...
30/08/2022

مٺي: صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي جي چرچ تي ڪولهي برادري جي بااثر عورت رتو ڪولهي جي خاندان جو غريب پورهيتن جي گهرن تي حملو، چار ڪولهي مزدور زخمي، اسپتال منتقل، ڪالوني جي رهواسي عورتن ۽ مردن جو معصوم ٻارڙن سان گڏ ڪشمير چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو

مٺي: عورت اڳواڻ رتو ڪولهڻ ۽ خاندان اسان ڪالوني واسين جو 4 سال کان جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان جا مين لنگھه وارا روڊ بند ڪري اسان جي ٻار ٻچي کي مارڪٽ ڪري حراسان ڪري ٿي. عورتون

مٺي: رتو ڪولهي کي صوبائي صلاحڪار ويرجي ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻن جي پٺ ڀرائي هجڻ ڪري اسان غريب مزدورن کي تنگ ڪري ڇڏيو آهي پوليس انهن کي گرفتار ڪري. عورتون ۽ مرد

مٺي: رتو ڪولهڻ ۽ انهن جي ساٿين خلاف ٻئي ڏينهن به ڪشمير چوڪ تي احتجاج جاري،
اسان جي گهرن تي حملا ڪري چار ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي رتو ڪولهي، جهامن ۽ ٻين حملي آورن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن جو مطالبو

29/08/2022

سڄي سنڌ جيئان ڇاڇرو ۽ ڏاهلي جي مختلف ڳوٺن ۾ امدادي سرگرميون تيز ٿي ويون، ڇاڇرو شهر جي مختلف پاڙن سودرا پاڙو، بجير ڪالوني، تيلي ڪالوني، فقير پاڙو، ۾ برسات متاثرن جي خاندانن کي پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن راشن، بسڪيٽ، مڇردانيو ۽ پئيڻ جوصاف پاڻي ۽ ٻيو ضروروي سامان ڏنو ۽ برسات ۾ متاثر ٿيندڙ گهرن جو معائنو به ڪيو، ان موقعي تي ميجر اڪبر گجو جو چوڻ هو ته پاڪ فوج برسات متاثرن سان گڏ آهي ۽ هرممڪن مدد ڪئي ويندي۔۔
رپورٽ عبدالرزاق راهمون 03453909916

Address

Chachro

Telephone

+923453909916

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Abdul Razzaque Lakhwani Rahimoon posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share


Other Media/News Companies in Chachro

Show All

You may also like