KTN News Dahli

KTN News Dahli This page Belongs to Current issues of Tharparkar and Highlighted on Electronic Media.

18/12/2022

Cultural event Karachi Press Club





Blackday
16/12/2022

Blackday

08/08/2022
ڏاهلي:  ڳوٺ بينڊاڻي ۾ خوفناڪ باھ لڳڻ سبب فريد پٽ سچل سميجو جو ڪکاوان گهر سميت، 40 مڻ گوار، 20 مڻ ٻاجهر سڙي رک جو ڍير ٿي ...
09/02/2022

ڏاهلي: ڳوٺ بينڊاڻي ۾ خوفناڪ باھ لڳڻ سبب فريد پٽ سچل سميجو جو ڪکاوان گهر سميت، 40 مڻ گوار، 20 مڻ ٻاجهر سڙي رک جو ڍير ٿي وئي۔

ڏاهلي ويجهو ڳوٺ ٻڳل ۾ پورهيت مينهل سميجو جي مال جا واڙي کي باهه ،20 ٻڪرين جا ڦر ، چوپائي مال جو چارو ۽ ٻيو اناج سڙي رک ٿ...
28/01/2022

ڏاهلي ويجهو ڳوٺ ٻڳل ۾ پورهيت مينهل سميجو جي مال جا واڙي کي باهه ،20 ٻڪرين جا ڦر ، چوپائي مال جو چارو ۽ ٻيو اناج سڙي رک ٿي ويو ۔

ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو نه ئي انتظاميا پاران ڪا ڪتا مار مهم شروع ڪئي وئي آهي ڇاڇرو ويجهو ڳ...
27/03/2021

ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو نه ئي انتظاميا پاران ڪا ڪتا مار مهم شروع ڪئي وئي آهي ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ مٿارو ۾ اڄ وڌيڪ ٻن معصوم ٻارڙين کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو،عدالتي حڪم تي ڇاڇري ٿاڻي تي ڪيس داخل

04/12/2020

ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڪرانگڙي ۾ سماجي اڳواڻ ۽ استاد پيشي سان وابسطه يار محمد راهمون ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز پاران اعلانيل ايڪتا ڏيهاڙي جي سڏ کي مان ڏيندي سنڌ منهنجي جند جي عنوان سان ايڪتا مچ ڪچهري منعقد ڪرائي جنهن ۾ مقامي فنڪارن قومي گيتن تي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو اچو هي رپورٽ ڏسون....

21/08/2020

ڇاڇرو ضلعو ٺھڻ گهرجي پر ڏاهلي واسين جا بنيادي مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا؟
سوين آرو پلانٽن جو قبرستان, پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ, ڪيترن ئي ڳوٺن جي لائيٽ اڻ اعلانيل طور بند, ڏاهلي واسين لاء مين ڪاروباري مرڪز بند, روينيون عملدارن جو آفيسون بند, پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ جي آفيس بند, نادرا, پوسٽ آفيس, نيشنل بئنڪ جي برانچ , جانورن جي اسپتال تي پوليس جو قبضو, کئنسر کي شهر جو درجو, تعلقي جي چئني گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ استادن ۽ ٻئي اسٽاف جي کوٽ, ڊگري ڪاليج کيمي جو پار ۾ ليڪچرارز جي کوٽ,تعلقي جي يارهن يونين ڪائونسلز جي ڪا به هڪ آفيس ناهي, ٽائون ڪاميٽي کيمي جي پار جي آفيس بند, کيمي جو پار ڪاغذن ۾ موجود آهي پر شهر ۾ چئن سالن دوران ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو!!!!! جيڪڏهن اهڙو ئي ڇاڇري کي ضلعي ٺاهڻ لا سوچيو آهي پو ڇاڇري ۽ ڏاهلي واسين جو الله خير ڪري مٺي جي آسري تي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ٿين پيا ۔۔۔۔۔

 #ڏاهلي: تعلقي جي مختلف ڳوٺن ڪرانگڙي ۽ ڳوٺ ڍاڪڻيو ۾ برسات وڄ ڪرڻ سبب 9 ورهين جي معصوم ٻارڙي
21/08/2020

#ڏاهلي: تعلقي جي مختلف ڳوٺن ڪرانگڙي ۽ ڳوٺ ڍاڪڻيو ۾ برسات وڄ ڪرڻ سبب 9 ورهين جي معصوم ٻارڙي

13/07/2020

پروفائيل / شڪوريو نهڙي، جيڪو بنا ويزا سرحد پار ڪاڄ ڪرائيندو هو!
شڪوريو نهڙي، جيڪو بنا ويزا سرحد پار ڪاڄ ڪرائيندو هو!
خالد ڪنڀار پاران پروفائيل ۾ لکيو ويو
شڪورئي جو اصل وطن “سوندري” ۾ ڳوٺ “ڪارتلي” هو. سوندرو اهو چوڪنڊي هئي . جتي جيسلمير،جوڌپور، خيرپور ۽ ميرپور رياستن جو سرحدون اچي پاڻ ۾ ملنديون هيون. پر انهن سرحدن ملڻ واري جڳهــ تي اهو علائقو جوڌپور رياست ۾ هو. اهو علائقو مهراجا اميد سنگهـ درٻار جي وڏن جي اجازت سان آباد ڪيو. اهو ئي سوندري وارو علائقو پنجاه ڪلوميٽر اتر ڏکڻ ۽ پنجاه ڪلوميٽر اوڀر اولهــ نهڙين کي مليو.اهي نهڙي سوندري ۾ رهي چئني رياستن سان هٿ کس ڪندا رهندا هئا.هنن جو ڪم ئي ڦر ڦران هو. شڪورئي جا وڏا بــ ست پيڙهياتا اتي جا هئا.نـ تــ نهڙين جا ابتا پيرا ٺٽي ۾ کٽن ٿا، جتي مغلن ۽ ارغونن جي حملن کان ٽاه کائي ڀڳا . پوءِ ونگوپتڻ جتي اڄ بــ نهڙين جا پٽڪي ٻڌ ارباب رهن ٿا. پوءِ نيوڇوڙ ۽ آخر سوندري وارا ريٽ وسايا.جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ليڪو نڪتو تــ اهي ئي ٽاه کائي ڀڳل نهڙيا ابتين پيرين وري واپس ٿيا. سي موجوده ڇور ڍورنارو ۽ پٿوري جي پٽن تي آباد ٿيا. شڪوريو بــ نهڙين واري واپسي جي پنڌ جو پانڌيئڙو هو. جنهن اچي پٿوري ڀرسان ڪهاڙي پکي واري ڳوٺ ۾ پکا کوڙيا.انهي ئي شڪورئي نهڙي تي گرڌر جهڙن ڀاٽين چارڻن کان گيت لکرايا جيڪي اتي جي مڱڻهار فقيرن کان وٺي پاڻ واري ٿر جي لوڪ فنڪار حيدر رند جهڙن پاون جي لهرن تي ڳايا.جسونت سنگهــ جڏهن ارباب دور ۾ ڪراچي آيو هو تــ هن سان گڏ آيل مڱڻهارن اهو گيت هتي جي نهڙي راجا جي درٻار ۾ دل کولي ڳايو هو.

ڀاٽي گرڌر گيت گڙايو نور علي سائتا ڪيتي

مولارکيو مان واه ڙي شڪور نوجوان

انهي شڪورئي نهڙي ڪي ڏينهن پٿوري اڪڙي ۾ گذريا. پر وري انهي پيرن واپس وڃي سوندري جي ريٽن تان ڀاٽين جي “سگن ” نهارڻ واري صحبت ورتي. هن جي هتان رت وارا ڇڏي واپس وڃڻ لاءِ مختلف ڳالهيون پٿوري ۽ ڪانٽئي کان وٺي مولوي نيڪڻ فقير نهڙي ۽ ڪاڪي جانو ڍاٽي جهڙا ڪن ٿا. اهي اڃا هن جي ٻاروتڻ جا ڏينهن هئا.هڪڙا چون ٿا تـ هن جو ليڪو ٽپي واپس وڃڻ مهل هن کوکڙي وٽ انهي ست اٺ سال جي عمر ۾ رينجرس جي انسپيڪٽرس سان ڦڏو ڪيو هو.ٻيا چون ٿا هن اڪڙي جي شهر ۾ ڪنهن جا اسمگل ڪري آندل ٻيڙي وارا پن کڻي آيو تــ صوبيدار سان ڦڏو ڪيو ۽ وڃي ليڪو ٽپيو.هڪڙا چونٿا چوراٽيو ۽ ٿورو ارڏو هو پوءِ جڏهن ليڪي کان هن پاسي وارو مشهور ڌاڙيل شير خان ماراڻو ڪو نهڙين جي ٻانهن جو مسئلو هو سو هن کي گهرائي ورتائون.جڏهن هو وڃي گرڌر سنگهــ ڀاٽي واري ڌاڙيلن جي ٽولي سان گڏيو تــ پورا پنج سال هن کي اٺ تي چاڙهي ڊوڙائيندا هئا.اندرنگ ڀاٽي هن کي پٽن وانگر پاليو هو.سو هن ڀاٽن وٽ سنگن نهارڻ بــ سکيو تــ ڌاڙي جا اصول به. انهن اصولن پالڻ بــ ، انهي کان پوءِ هن جي ڌاڙن وارو تر آٻو جبل، يوپي ،سي پي ۽ بهار هئا. هن آٻو جبل وٽ هڪڙي جج جي ڳوٺ ۾ ڌاڙو هنيو چون ٿا تــ جج جي ڌي هن کي پنهنجي ڪن جا والا لاهي ڏنا . انهي ڇوڪري کي اهي والا واپس ڪيائين ۽ پوءِ چون ٿا انهي جي شادي تـي بـ اڪيلو آٻو جبل ويو. اهو شڪوريو نهڙي سرحد کان هن پار جو اشتهاري ڏوهاري هو . انهن ڏينهن ۾ بــ هن تي لکين رپيا انعام رکيل هوندو هو. بارڊر وارين چوڪين تي بــ هن جو ڦوٽو لڳل هوندو هو. پر سرحد کان هن پاسي هن تي ڪابــ ايف آءِ آر نــ هئي. هن جو وطن سرحد جو ليڪو نڪرڻ کانپوءِ ڪهڙو هو اها هن کي بــ خبر ڪونـ هئي.

مڌيا پرديش واري پاسي جو هي نامي گرامي ڌاڙيل شڪوريو جيسلمير، ٻاڙمير، چهوٽڻ ،ڇاڇري ۽ امراڻي واري سوڍن جو هي وري ساڃڻ جو ماڻهو هو. ڀاٽين جا سيکاريل ۽ اصول سوڍن سان رت کان وڌيڪ رشتي جهڙا ٿيا. هن پاسي هن جو صرف ڪم هو سرحد کان هن پاسي جون ڄڃون راتو رات بارڊر وارو ليڪو ٽپائي اچي ڇاڇراٽي جي سيم ۾ رات ٽڪائيندو هو. هن پاسي جي سوڍن ، ڀاٽين ،گنگڏاسن جا ڳوٺ هن جا پنهنجا هئا . وري هن پاسي جي ويرسين، رام ڀوڄراجن، ساڏور، ڏلهن ، نٻن ۽ نرن سوڍن جي اوتارن جو اڻ ڪوٺيو مهمان ٿيندو هو.انهن ڄڃن کي راتيون ٽڪي پرڻائي وري وڃي بارڊر اڪاري ڳوٺ ڳوٺ ۾ رسائيندو هو نــ پاسپورٽ نــ ويزا بس گهوٽ هتان جا سوڍا اٺن تي چاڙهي شڪورئي جي حوالي ڪندا هئا. ۽ هن پاسي وارا وري نينگريون پرڻائي شڪورئي جي هٿ ۾ امانت طور ڏيندا هئا جيڪا امانت وڃي سرحد کان هن پار رسندي هئي. سرحد کان پار ڪيترن ڳوٺن ۾ شڪورئي جون پرڻايل نينگريون اڃا جيئريون آهن.شڪورئي جي اکيون پورڻ کان پوءِ سوڍن کي اهي نينگريون پرڻائڻ لاءِ هاڻ ويزا، پاسپورٽ ۽ وڏي خرچ جي ضرورت پوي ٿي. ڇو جو سوڍن ۾ اچن نکن وارا ٺڪر اڃا تائين سرحد کان هن پار گناتپي ڪن ٿا سڄي ڏيتي ليتي هن پاسي آهي . پاڻ واري ٿر جون هر سال سوين نينگريون اتي پرڻجن ٿيون جن جي لاءِ پنهنجي اباڻي واري ڳوٺ ۾ ڪا بــ ڄڃ نٿي اچي. هتان اڪيليون هتي وڃن ٿيون پنهنجي پيءُ سان گڏ سموريون رسمون اتي ئي ٿين ٿيون .وري سڄي عمر هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ جا وڻ ڏسڻ لاءِ به سڪنديون رهن ٿيون. شڪوريو نهڙئي هوندو هو تــ اهي نينگريون شڪورئي نهڙي سان گڏ هولي ديوالي تي بــ اچي رسنديون هيون. انهن سوڍن جي 32 نکن مان . انهن سوڍن مان گنگڏاس، رام ويرسي سرطان،ڀوڄراج، ساڏور، ڏلها،اهي جيسلمير جوڌپور ۾ پرڻائن ٿا.نرا ،نٻا ،اکا وري ڪڇ واري پاسي پرڻائن ٿا.سو انهن جي اڃا تائين اها ئي ريت آهي. شڪوريو نهڙي پاڻ سان ويهــ ويهــ ڄڃون گڏ وٺي ايندو هو. پوءِ گهوٽن کي اڳ۾ روانو ڪندو هو ۽ ڏوڪرو يامين نهڙي، جيڪو هن جو ساٿاري هو، چوي ٿو پٺيان نينگرين جا اٺ هوندا هئا ۽ پاڻ سڀني کان پٺيان آخري اٺ تي هوندوهو . وڏي حيا شرم وارو ماڻهو هو. عورت جي اڳيان ڪنڌ هيٺ هوندو هو. اها ڀاٽين جي دين هئي . تڏهن نهڙي هوندي بــ لوڙهي جو حيا ڪندو هو .انهي کان سواءِ ڏوڪرو يامين ٻڌائي ٿو تــ انهن ڏينهن ۾ ڦرڦران گهڻي هئي. ڪاٽڪو هتان اٺ ڇوڙي وڃي سرحد ٽپندا هئا. انهن ڏينهن ۾ تڏهوڪي اي سي پيرڏان سنگهــ جو اٺ هتان چوري ٿي ويو، مڱرين ڪيو. پيرڏان ارباب امير حسن وٽ دانهن کڻي ويو ڪيئن به ڪري اٺ ورائي ڏي اميرحسن تي بار پيا. اميرحسن ڏوڪري يامين کي شڪورئي وٽ موڪليو . انهن ڏينهن ۾ شڪوريو ڀاٽين جون ويهـ ڄڃون هتي پرڻائڻ لاءِ آيل هجي.ڏوڪرو انهي سڄي سفر ۾ شڪورئي سان گڏ هو جڏهن انهي سفر جو داستان ٿو ٻڌائي ڄڻ ڪنهن ناول کي وڏي سڏان ٻڌائيندو هجي. جنهن ۾ هرڪردار ۽ منظر سان هو انصاف ڪري ٿو. ويهـ ڄڃون ڇڏي جڏهن آخري ڳوٺ ۾ پوليس هنن جو گهيرو ڪري ٿي ۽ اتي شڪور جون پرڻايل 45 ڇوڪريون ايس پي کي چون ٿيون، اسان توکي سون ۾ ٿيون توريون تون ادي شڪور کي ڇڏ. پر ايس پي جي شڪور سان ذاتي دشمني هجي ٿي. گرڌر جي مائي اوڏيا سون جا ڀري ڏي ٿي. ۽ انهن ڏينهن پوليس ڳوٺ مان ڍڳين جي نڪرڻ تي بـ ڀاڳين تي پابندي هڻي ٿي ڇو جو انڊين قانون ۾ ڍڳي کي گولي ناهي هڻڻي ۽ پوءِ آخر ۾ شڪور انهي گهيري وچان ٻولائي نڪري ٿو ۽ گهوڙي کي گولي ٿي لڳي انهي داستان کي ٻڌڻ لاءِ اوهان کي ڏوڪري يامين جي اوتاري جو پنڌ ڪرڻو پوندو.

شڪورئي جو انهي کانپوءِ وڏو ڪم هو ايڪهتر واري جنگ ۾ راڄن جو راکو ٿي بيهڻ هٿيار کڻي انڊين آرمي سان هڪڙي جانباز سپاهي وانگر وڙهيون تنهن تان تڏهوڪي ڪنري جي ڊي ايس پي شڪورئي کي نياپو بــ موڪليو تــ اسان توکي هٿيار ڏيون ٿا تون اسان کي اسان جا ڦاٿل ماڻهو ڪڍي ڏي. اڪلين واري سميجن جي سموري ڳوٺ کي هن اڪيلي ماڻهو بچايو هو. چون ٿا انهن ڏينهن ۾ جنگ جي حالت ۾ جنهن کي جنهن جو مال ٿي مليو تنهن ٿي ڦريو هي اڪيلو ماڻهو هو جنهن انهي ڦر ڦران کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هلندي جنگ ۾ لڇمڻ سنگهــ کي ڌمڪي وارو خط بــ لکيو هو تــ تون مسلمانن کي مارائڻ ڇڏ نــ تــ وڏو دنگل ٿيندو. انهي خط جي ورندي بـ لڇمڻ سنگهــ ڏني تــ اهو سڀ ڪجهــ انڊين آرمي پئي ڪري منهنجو ڪجهــ ناهي.ماراڻو بــ انهي تان ڀيلن جون کوسا ٻڪريون ڦري ويا . هي انهن کوسن سان ملي ڀيلن کي اهي ٻڪريون واپس وٺرائڻ ويو کوسا بارڊر کان سڀ ڪجهــ ڇڏي فوج جي ڊپ کان ڀڳا هئا. انهن سان ڪچهري خوشي خوشي ۾ هلي پئي کوسن جي پوڙهن ڏوڪرن رڍون واپس ڪرڻ جون ڳالهيون پئي ڪيون تان سمورو لڏو وريو ستيتاليهــ ڌڪ شاهي تڙ رندن جي ڳوٺ وٽ ۽ پوءِ جڏهن جسد خاڪي ڪنري کڻي آيا چون ٿا، ٽڪ اجرڪن جي هن شخص تي پئي رڳو جنگ ۾ وڙهڻ ۽ ٺڪرن جي ڪري. جڏهن پوسٽ مارٽم ساماري ۾ ٿيو تــ هن جي اندر ٻــ دليون هيون . آخر ۾ چيل بند واري قبرستان ۾ سوندري جي مٽي پٿوري کان ٿيندي مدفون ٿي. چون ٿا جڏهن اها خبر سرحد کان هن پار پهتي تــ اندرنگ جو ڀائيٽو چريو ٿي ويو، واري جون قبرون ٺاهي انهن تي اجرڪ جون اوڍاڻيون پئي اوڍايائين.هتي جا گهڻا تڻا ٺڪر اڃا تائين انهن کوسن کي مرڻي پرڻي سڏ ناهن ڪندا پر نهڙين اهو روضو ٽوڙي ڇڏيو آهي.

ڪانگو وائرس ۾ مبتلا 50 ورهين جي ناري فوت۔۔۔۔۔
01/04/2020

ڪانگو وائرس ۾ مبتلا 50 ورهين جي ناري فوت۔۔۔۔۔

12/03/2020

Gruadution from any university/Diploma of Photography ,Knowledge of PhotoJournalism

23/01/2020
22/01/2020

21/01/2020

جئي ڀٽو جي نعري تي جهمريون هڻندڙ ۔۔۔۔۔

10/01/2020
08/01/2020
05/01/2020

Address

Dahli Press Club @ Khemy Jo Par
Chachro
69170

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when KTN News Dahli posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share


Other Media/News Companies in Chachro

Show All

You may also like