ASGHAR ALI SARKI

ASGHAR ALI SARKI 🌹❤ ‏تم ہر جگہ ہماری برائی سنو گے ,.
... کیونکہ ہم مخلص ہیں منافق نہیں'💔

‏             ""  اسانجو معاشرو جتي اسڪولن ۽ اسپتالن تي ڇاپا لڳندا آھن ,,پر منشيات چڪلا ۽ جوا جا اڏا انتظاميا جي نگراني ...
26/07/2024

‏ "" اسانجو معاشرو
جتي اسڪولن ۽ اسپتالن تي ڇاپا لڳندا آھن ,,
پر منشيات چڪلا ۽ جوا جا اڏا انتظاميا جي نگراني ۽ پناھ ۾ ھلندا آھن۔

رياستي جبر ۽ سرداري نظام جي پيداوار ڏوهن جي علامت بڻيل امداد ڀيو۔ پوليس هٿان مارجي ويو۔ منهنجون هن گنهگار لاش تي به اکيو...
06/07/2024

رياستي جبر ۽ سرداري نظام جي پيداوار ڏوهن جي علامت بڻيل امداد ڀيو۔ پوليس هٿان مارجي ويو۔

منهنجون هن گنهگار لاش تي به اکيون آلود آھن۔ مونکي پڪ آھي ته سنڌ ۾ ڪوبه پروفيشل ڏوهاري ڪونهي هڪ منصوبابندي سان اٻوجه قوم کي ڏوهن جي ور چاڙھيو ويو آھي۔۔ ڪوبه باشعور انسان ڏوهاري ٿيڻ نه چاهيندو آھي۔ سندس جو بکن تي پاه بڻيل چهرو گواهي پيو ڏي۔ هو گهر ڪري ٿو ته مونکي بنيادي تعليم کان ڇو محروم رکيو ويو جيڪا رياست جي پهرين ذميداري آھي۔ جيڪڏهن رياست چاهي ها ته هي تعليم حاصل ڪري ڪنهن سٺي معيار واري منصب تي هجي ها۔ ڪوبه ماء جي پيٽ مان ڏوهاري ۽ ڌاڙيل پيدا نه ٿو ٿئي۔ سمورا ڪنهن ڪنهن ڪنهن پاسي کان ظلم ۽ زيادتي جو شڪار هجن ٿا۔ ڪاش منهنجا مالوند سنڌ جا وارث ۽ ڀاڳيا ۔ چور ۽ ڌاڙيل ٿي نه مرن۔ صوفي۔

افسوس بهرام خان کوسو صاحب جي هي تصوير ڏسي ائين لڳي ٿو جو رياستي ادارن جو ڪو تصور ئي نه آھي اتر سنڌ جا کوسا نهايت شريف زم...
06/07/2024

افسوس بهرام خان کوسو صاحب جي هي تصوير ڏسي ائين لڳي ٿو جو رياستي ادارن جو ڪو تصور ئي نه آھي اتر سنڌ جا کوسا نهايت شريف زميندار واپاري رهي رهيا آھن ھميشھ چور لوفر کان پري رهيا آھن تصوير ۾ نظر ايندڙ شخص جيڪو پيرسن اڇي ڏاڙهي سان گڏ هڪ استاد به آھي ان جو قصور بس شرافت آھي رياست کي گهرجي پنهنجا تمام وسيلا استعمال ڪري بهرام خان کوسو کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي

گاجي کھاوڙ مان 3 ڏينھن اڳ گُم ٿيل ڇھن ورھين جي ٻارڙي شبيران کوسو جو تشدد ٿيل ۽ شلوار لٿل لاش مليو!😭😭😭
10/03/2024

گاجي کھاوڙ مان 3 ڏينھن اڳ گُم ٿيل ڇھن ورھين جي
ٻارڙي شبيران کوسو جو تشدد ٿيل ۽ شلوار لٿل لاش مليو!😭😭😭

🌹❤ ‏تم ہر جگہ ہماری برائی سنو گے  ,. ... کیونکہ ہم مخلص ہیں منافق نہیں  ''
21/05/2023

🌹❤ ‏تم ہر جگہ ہماری برائی سنو گے ,.
... کیونکہ ہم مخلص ہیں منافق نہیں ''

خانصاحب بهادر خان کوسو خانصاحب بهادر خان کوسو انگريزن جي دؤر جو اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ يعني جيڪب آباد ضلعي جو سڀ کان وڏو...
21/03/2023

خانصاحب بهادر خان کوسو

خانصاحب بهادر خان کوسو انگريزن جي دؤر جو اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ يعني جيڪب آباد ضلعي جو سڀ کان وڏو زميندار شخص هو جيڪو تقريبن 80 ھزار جريب
(40 ھزار ايڪڙ) جو مالڪ هو. سندس تعلق بلوچن جي کوسا قبيلي سان هو . جيڪب آباد ضلعي ۾ آباد کوسن جا مختلف پاڙا آھن جيئن جاماڻي ، جيئاڻي ، جنگواڻي ، بکراڻي، ڇُٽاڻي ، دُرياڻي ، حاجياڻي ، ڦيروآڻي ، جروار وغيره جن مان خانصاحب بهادر خان جو تعلق کوسن جي بکراڻي پاڙي جي هڪ شاخ شهلياڻي سان هو.

سال 1857ع ۾ جڏهن سڄي هندوستان ۾ انگريزن خلاف آزادي جي جنگ شروع ٿي هُئي ته جيڪب آباد ۾ به ٽن مشهور شخصيتن سردار دريا خان جکراڻي ، دلمراد خان کوسو ، سيد عنايت علي شاھ پاڻ ۾ ملي ڪري هڪ منصوبو جوڙيو جنھن ۾ انگريز فوج تي اوچتو حملو ڪري اُنهيءَ وقت جيڪب آباد ضلعي جي انگريز عملدار جنرل جان جيڪب کي قتل ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ويو پر هڪ ڏينھن اڳ ۾ جان جيڪب جي جاسوسن ذريعي کيس انھيءَ منصوبا بندي جي اڳواٽ اطلاع ﻣﻠﻲ وئي جنهن کانپوءِ جان جيڪب هنن ٽنھي شخصن کي فوري طور تي گرفتار ڪرايو....... سردار دريا خان جکراڻي کي يمن جي شھر عدن جي جيل ۾ موڪليو ويو جتي هُو قيد دؤران ئي فوت ٿي ويو ، جڏهن ته دلمراد خان کوسو کي برما جي ساحل ويجھو خليج بنگال جي سمنڊ ۾ انڊمان جزيرن واري جيل ۾ موڪليو ويو جنهن کي ڪارو پاڻي جو جيل سڏيندا هئا جتي سڄي هندستان جا سڀ کان خطرناڪ قيدي رکيا ويندا هئا. هي دلمراد خان کوسو اُنهيءَ ڪاري پاڻي واري جيل ۾ ئي فوت ٿي ويو جتان سردار دريا خان جکراڻي وانگي سندس لاش به ڪڏهن واپس نه آيو.
هي خانصاحب بهادر خان کوسو انگريزن جي اُنهيءَ باغي دلمراد خان کوسو جو پُٽُ هو جيڪو پنهنجي پيءُ جي قيد ٿيڻ وقت 12 سالن جو ٻار هو......... چيو وڃي ٿو ته جڏھن جنرل جان جيڪب ، دلمراد خان کوسو کي ڪاري پاڻي جي سزا ۾ موڪلي ڇڏيو ته دلمراد خان کوسي جي گهرواري شڪايت کڻي پنھنجي ننڍي ٻار يعني بهادرخان کي کڻي جان جيڪب جي اڳيان رکي چيو ته تون منهنجو مڙس ته ڪاري پاڻي جي جيل ۾ موڪلي ڇڏيو ھاڻي هن معصوم ٻار جي پرورش ڪير ڪندو ؟ تنهنڪري هن ٻار کي به پنهنجي پيءُ سان گڏ جيل ۾ موڪلي ڇڏ ........ اهڙي شڪايت تي جان جيڪب ، دلمراد خان کوسو جي معصوم پُٽ بهادر خان جي نالي تي 2 ھزار جريب زمين جيڪب آباد شهر کان 15 ڪلوميٽر اوڀر طرف ٺل تعلقي ۾ الاٽ ڪئي جتي هاڻي
بهادرپور جي نالي سان مشهور ڳوٺ آهي......

جڏهن بهادرخان کوسو وڏو ٿيو ته هن پاڻ کي مليل 2 ھزار زمين تي محنت شروع ڪئي. کيس زمين سان محنت ڪري آباد ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق ھوندو ھو ، تنهنڪري جتي به ڪو شخص زمين وڪڻندو ھو ته بهادر خان ڪوشش ڪري اُھا زمين خريد ڪندو هو........ اِيئن آھستي آھستي بهادر خان کوسو اُنهيءَ وقت جي جيڪب آباد ضلعي جي ٺل ، جيڪب آباد ، ڪنڌڪوٽ تعلقن جي مُختلف ديھن بهادرپور، دلمراد ، مدد پور، ڦتن واھ ، بقاپور ، ٻچڙو، طالب شاھ،
موساواھ ، غلامون ، کوسا ، بولاڪي، گرڪڻو ، ٻٽي ، شيرواھ ، سُھلياني ، جهلو، مانجهي ، هزارو وغيره ۾ تقريبن 80 ھزار جريب زمين جو مالڪ ٿي ويو.......... ايتريقدر جو آخرڪار انگريز سرڪار بھادرخان کوسي تي پابندي لاڳو ڪئي ته هاڻي هو وڌيڪ زمين خريد نه ڪري........

بھادر خان کي انگريز سرڪار خانصاحب جو خطاب به ڏِنو هو . بھادر خان انگريز سرڪارکي ضرورت پوڻ تي افرادي قوت يعني ڪم وارا ماڻهو به ڏيندو هو خاص طور تي آبپاشي جي شاخن واهن جي صفائي وغيره لاءِ ، تنهنڪري انگريز حڪومت وٽ سندس وڏو احترام ھوندو هو. اُنهيءَ کانسواء خانصاحب بھادرخان آبپاشي نظام جو پاڻ به وڏو ڄاڻو هوندو ھو. ھڪ دفعي جڏهن بيگاري ڪئنال جو منهن درياهه لَٽي ڇڏيو هو ته انگريز انجنيئرن ، خانصاحب بھادر خان کي وٺي ويا هُئا ته توهان صلاح ڏيو ته هاڻي ڇا ڪجي..... سو بهادر خان جي مشوري تي انگريز سرڪار بيگاري ڪينال جي بند ٿي ويل منھن جو مسئلو حل ڪيو ھو......

خانصاحب بهادر خان جو اصلي ڳوٺ ته ٺل تعلقي جي حد ۾ جيڪب آباد کان ٺل ويندڙ ريلوي لائين سان گڏ ويندڙ روڊ تي دلمراد ريلوي اسٽيشن کان چار ڪلوميٽر اُتر ۾ سندس نالي سان آباد ڳوٺ بهادرپور هو پر جيئن ته سندس مختلف علائقن ۾ تمام وڏيون ايراضيون هُيون جتي سندس زمين آباد ڪندڙ هاري رهندا هئا جتي بھادر خان جا بنگلا، اوطاق وغيره به هوندا هئا تنهنڪري اهي سڀ بهادر خان جا ڳوٺ سڏبا هُئا جيڪي توھان کي مختلف ديھن جي نقشن ۾ به لکيل نظر ايندا....
خانصاحب بهادر خان 1930ع ۾ تقريبن 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي هُئي. سندس قبر ڳوٺ بهادرپور ۾ آهي.

خانصاحب بهادرخان کوسي کي چار پُٽ هُئا جن جا نالا خانبهادر دلمراد خان ، ميرحسن خان ، خانصاحب شاهل خان، ميرسڪندر خان هُئا........ سندس وڏي پُٽ خانبهادر دلمراد خان (وفات 1935) جي اولاد بهادرپور ۾ ئي رهي. انگريز سرڪار کيس خانبهادر جو خطاب به ڏِنو هو. ٺل تعلقي ۾ هڪ ريلوي اسٽيشن دلمراد ، ھڪ ديھ دلمراد سندس نالي تي ئي رکيل آھن. سندس وڏو پُٽ خانصاحب سردار خان کوسو جيڪب آباد ضلعي جو مشهور سياستدان به رهيو آهي جيڪو انگريزن جي دؤر کان وٺي ٺل تعلقي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو هو ..... وزيراعظم ذولفقارعلي ڀُٽو جي دؤر ۾ سينيٽر رهندڙ بئريسٽر افضل خان کوسو هن خانصاحب سردار خان جو پُٽ هو.

خانصاحب بهادر خان کوسي جي ٻئي نمبر پُٽ ميرحسن خان کي ٽي پُٽ مير دريا خان کوسو ، مير صبح صادق خان کوسو ، عبدالمجيد خان کوسو هُئا جيڪي ٺل شھر جي اوڀر طرف ڳوٺ دين پور ، تنگواڻي ويجهو ڳوٺ سُھلياني ۾ آباد ٿيا. جيڪب آباد ضلعي مان 1962ع ، 1970، 1985ع جي اليڪشن ۾ ٽي دفعا قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيندڙ مشھور سياستدان مير دريا خان کوسو (وفات 2006ع) ھن مير حسن خان جو پُٽ يعني خانصاحب بهادر خان کوسو جو پوٽو هو. ٺل کان تنگواڻي جي وِچَ ۾ چُوڪ لاشاري ڳوٺ وٽ قائم ريلوي اسٽيشن ميرحسن کوسو جو نالو سندس نالي تي رکيو ويو هو.

خانصاحب بهادر خان جو ٽيون پُٽ خانصاحب شاهل خان کوسو هو جيڪو ٺل شھر کان 8 ڪلوميٽر اولھ ۾ ريلوي لائين سان گڏ جيڪب آباد ويندڙ روڊ تي ديھ ٻچڙو ۾ اچي آباد ٿيو. شاهل خان سياست ۾ به سرگرم ھو سو ٺل تعلقي مان سنڌ اسيمبليءَ جو به ميمبر رهيو ھو. انگريز سرڪار کيس خانصاحب جو خطاب ڏنو هو. خانصاحب شاهل خان (وفات 1957ع) کي 2 پُٽ حاجي غُلام حُسين خان ، بھادرخان هُئا.
خانصاحب بهادر خان کوسو جو چوٿون پُٽ مير سڪندر خان (وفات 1975ع) هو جنهن جو ڳوٺ ٻچڙو ڳوٺ کان 2 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھ طرف سڪندر آباد هو. هي مير سڪندر خان ھڪ وڏي زميندار هجڻ سان گڏ ھڪ سٺو شاعر ادبي ماڻهو به هو. سندس شاعري جي ھڪ ڪتاب جو نالو "سڀ ۾ پُنھون پاڻ " آهي.

فاروق بجاراڻي
ڳوٺ حاجي وزير خان بجاراڻي
تعلقه تنگواڻي ، ضلع ڪشمور.

خانصاحب سردار سهراب خان سرڪيهيٺ ڏنل تصوير انگريز دور جي اَپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ يعني جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺل سان واسط...
19/03/2023

خانصاحب سردار سهراب خان سرڪي

هيٺ ڏنل تصوير انگريز دور جي اَپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ يعني جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺل سان واسطو رکندڙ انگريز دؤر جي سرڪي قبيلي جي هڪ مشهور سردار خانصاحب سهراب خان سرڪي جي آهي جنھن سال 1954ع ۾ وفات ڪئي هُئي. هن تصوير ۾ ساڻس گڏ عودي ڳوٺ جو محمد بخش خان سرڪي ، هيسب خان ولد خان محمد خان سرڪي آھن. جيڪب آباد جي ھڪ انگريز ڊپٽي ڪمشنر جي لکت مطابق هيسب خان ، محمد بخش خان سرڪي جو چاچو ھو. ....... جيڪب آباد ضلعي ۾ آباد غير بلوچ يعني ڄاموٽ ذاتين ۾ پنهنجي راڄ سبب سڀ کان وڌيڪ بااثر هي سرڪي سردار رھيا آهن جن جو ڳوٺ ٺل تعلقي ۾ ٺل شھر کان 10 ڪلوميٽر اُتر طرف ۾ واقع آھي جنهن کي ڳڙهي حسن سرڪي سڏيو ويندو آهي.

تاريخي روايتن مطابق هي سرڪي ذات وارا اصل ۾ ڪلهوڙن يا ميرن جي دور ۾ بهاولپور رياست جي هڪ علائقي احمدپور شرقي کان لڏ پلاڻ ڪري ھتي آيل آهن. سو اُنهيءَ احمدپورشرقي جي لفظ شرقي جي نسبت سبب هنن کي پھريون شرقي سڏيو ويو جيڪو لفظ بعد ۾ بگڙي سرڪي ٿي ويو.
بنيادي طور تي اُتر سنڌ جو ھي ڪشمور کان وٺي ڳڙهي خيرو تائين اوڀر کان اولھ تقريبن 200 ڪلوميٽر ڊگھو پُراڻي گڏيل جيڪب آباد ضلعي وارو پٽو سترهين صدي عيسوي کان وٺي بلوچن جي بليدي يا بڙدي قبيلي جو علائقو رهيو آهي جنھن سبب هن سڄي علاقي کي انگريزن کان اڳ ۾ عام طور تي بڙديڪا جي نالي سان به سڏيو ويندو هو پر اُنهيءَ علاقي جي وِچَ ۾ ٺل شھر يا قديم سونواھ (جيڪو بيگاري ڪئنال کان ايندو هو) کان اولھ طرف جيڪب آباد تائين توھان کي انگريزن جي دؤر کان اڳ ۾ بڙدي ته ڇا پر ڪو به بلوچ قبيلو نه ھجڻ برابر ملندو بلڪه انھيءَ علاقي ۾ غير بلوچ ذاتيون يعني سرڪي ، ٻرڙا ، ڀٽي ، پهوڙ ، چنا ، ڊول ، ڀنگر ، ڀٽا ، مھر ، پنھور، ڪٽا، ڪيهر ، ڌُوئا ، واگها وغيره نظر ايندا.... اُنهيءَ علاقي ۾ بلوچ قبيلا بڙدي ، کوسا ، جکراڻي وغيره گھڻي ڀاڱي انگريزن جي حڪومت کان پوءِ توھان کي آباد ٿيندي نظر ايندا......... پهوڙ به بھاولپور ، ملتان جي علائقن مان آيل آھن جتي اڄ به پهوڙ ذات وارا وڏي تعداد ۾ آباد آھن. پنجاب جي خانيوال ضلعي ۾ اڄ به مخدوم پور پھوڙان نالي ھڪ مشھور شھر واقع آهي. سو اِيئن محسوس ٿئي ٿو ته ٺل جي قديم سونواھ کان اوڀر طرف بڙديڪا جو علاقو ڪنهن ٻئي جي حڪومت ۾ ھو ته وري سونواھ کان اولھ طرف جيڪب آباد تائين ڪنهن ٻي طاقت جي حڪومت هئي ، وري جيڪب آباد کان اڳتي اولھ ڏکڻ ۾ ڳڙهي خيرو طرف وري ٻيھر بُڙدين جو علائقو هو. اُنهيءَ وقت هن علاقي ۾ ٽي وڏيون طاقتون هُيون ، هڪ سنڌ جا ڪلهوڙا وري بعد ۾ ٽالپر ، ٻي طاقت سبي جا باروزئي پني پٺاڻ وري بعد ۾ احمد شاهه ابداليءَ جا قنڌاري پٺاڻ ، ٽين طاقت قلات جو خان هو. سو هي ڪشمور کان وٺي ڳڙهي خيرو تائين بُڙديڪا جو علاقو ڪڏهن ڪڏهن ھڪ ئي وقت ۾ انھن ٽن مختلف طاقتن جي حڪومت ۾ ٽُڪرن جي صورت ۾ به رھيو آھي........
جيئن ته سنڌ جا ڪلهوڙا بادشاه پنهنجي دؤر ۾ اڪثر ڏکڻ پنجاب جا بلوچ ، سرائي قبيلا وغيره گهرائي اُنھن کي سنڌ ۾ زمينون جاگيرون ڏيئي آباد ڪندا رهندا هئا ، سو اِيئن محسوس ٿئي ٿو ته هي ٺل جا سرڪي ، پهوڙ ، ڀٽي وغيره به انهيء دؤر ۾ ڏکڻ پنجاب کان گهرايل آھن. اُنهيءَ دؤر ۾ موجوده جونگل ڳوٺ جي ڀر سان بيگاري ڪئنال مان اُتر طرف ھڪ قديم واھ سون واھ ڪڍيو ويو هو جيڪو ڏکڻ کان اُتر وهندو موجوده ٺل شھر جي وِچَ کان لنگھي اڃان اڳتي اُتر ۾ ڳڙهي حسن سرڪي تائين ويندو هو. سو شروع کان وٺي هي سرڪي ذات وارا ماڻهو گهڻي ڀاڱي توھان کي اُنهيءَ پُراڻي سون واهه جي ٻنهي پاسن جي آسپاس آباد ڳوٺن ۾ نظر ايندا...... چيو وڃي ٿو خود ٺل شهر جا پهريان آباد ڪار به سرڪي ذات وارا هُئا ڇو ته ٺل جو پراڻو شھر به اُنهيءَ قديم سون واهه جي اُڀرندي ڪپ تي آباد ھڪ ڳوٺ هو . جڏهن ٺل شھر وڌيو ته اهو سون واهه ھاڻي شھر جي بلڪل وِچَ مان وهندو آهي. سال 1886ع ۾ انگريز سرڪار جڏهن اُنڙ واھ پروجيڪٽ شروع ڪيو ته پوءِ پُراڻي سون واھ جي ٺل شھر طرف ويندڙ حصي کي بيگاري ڪئنال بدران اُنڙ واھ مان نڪتل هڪ نئين نصير شاخ سان ڳنڍيو ويو .

سو ٺل تعلقي جي انھيءَ حصي ۾ شروع کان وٺي سرڪي سردار بااثر سردار رھيا آهن جن جي راڄ ۾ سرڪين کان علاوہ ٻيون به علائقي ۾ آباد ڪيتريون ئي غيربلوچ يعني ڄاموٽ ذاتيون سرڪي سردار جي راڄ ۾ شامل آهن...... مُونکي چڱي طرح ياد آهي ته سال 2004ع ۾ جڏھن مان نوابشاه جي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس ته قاضي احمد ڀر سان بچل پور نالي هڪ ڳوٺ جو اوٺا ذات جو منهنجي ڪلاس فيلو دوست ھڪ ڏينهن مونکي ٻڌايو ته ادا توهان جي علائقي ۾ اسان جا سردار رهندا آھن....... مان اِها ڳالھہ ٻُڌي ٿورو حيران ٿي ويس ته ھڪ ته هي نوابشاه ضلعي جا اوٺا وري اُنھن جا سردار اسان جي علائقي ۾ ؟؟؟ مون پڇيو مانس ته ادا ڪهڙا توھان جا سردار ؟؟؟ جواب ڏنائين ته سرڪي سردار .......

سو ٺل جي سرڪي سردارن ۾ سڀ کان مشھور هي خانصاحب سهراب خان سرڪي سال 1885ع کان 1895ع جي درميان ڪنهن سال ۾ پيدا ٿيو هو. سندس والد جو نالو صاحبڏنو خان سرڪي هو. سندس تعلق سرڪي ذات جي ميواڻي پاڙي سان هو. سهراب خان جڏهن ڏهن سالن جي عمر جو هو ته سندس والد صاحب وفات ڪري ويو هو. انگريز سرڪار کيس خانصاحب جو سرڪاري خطاب به ڏِنو هو..... جَڏهن 1936ع ۾ سنڌ بمبئي صوبي کان ڌار ٿي الڳ صوبو ٿي ته انهيء سال ٿيندڙ سنڌ جي پهرين صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ خانصاحب سهراب خان سرڪي ٺل جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي خان بهادر دلمراد خان کوسو جي پُٽ خانصاحب سردار خان کوسو کي شڪست ڏيئي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ھو. خانصاحب سردار سهراب خان سرڪي سال 1954ع ۾ وفات ڪئي هُئي. اُنهيءَ کانپوءِ سرداري جي پڳ سندس پُٽ سردار حاجي واحد بخش خان سرڪي تي آئي جنھن سال 1992ع ۾ وفات ڪئي. اُنهيءَ کانپوءِ سندس پُٽ موجوده سردار ذوالفقار خان سرڪي تي پڳ آئي..... ٺل تعلقي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان ٽي چار دفعا ڪامياب ٿيندڙ ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي به حاجي واحد بخش خان سرڪي جو پُٽ يعني خانصاحب سهراب خان سرڪي جو پوٽو آهي.

دوستو ھتي توھان کي ھڪ خاص ڳالھہ اِها به ٻُڌائيندو هلان ته سنڌ جو مشھور ليکڪ امر جليل صاحب جيڪو هميشہ سرداري نظام توڙي سردارن تي تنقيد ڪندو رهندو آهي پر مون پاڻ ھڪ دفعي سنڌ ٽي وي تي هلندڙ سندس پروگرام ۾ صرف هڪڙو دفعو ئي سنڌ جي ڪنهن سردار جو نالو کڻي ڪنهن ڳالھہ تان سندس زبان مان تعريف ڪندي ٻُڌي آهي ، سو امر جليل صاحب جهڙي سخت شخص جي زبان مان تعريف ٿيل اُهو سنڌ جو واحد سردار خانصاحب سهراب خان سرڪي مرحوم آهي.

فاروق بجاراڻي
ڳوٺ حاجي وزير خان بجاراڻي
تعلقه تنگواڻي ، ضلع ڪشمور.copy

‏ڏک جي خبرچيف سردار ذوالفقار علي خان سرڪي، ۽ ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، امداد علي خان سرڪي، نورحسن خان سرڪي، ليا...
18/11/2022

‏ڏک جي خبر
چيف سردار ذوالفقار علي خان سرڪي، ۽ ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، امداد علي خان سرڪي، نورحسن خان سرڪي، لياقت علي خان سرڪي جن جي وڏي ڀاء سردارذاده صاحبڏنو خان سرڪي جي اوچتي وفات تي ڏک جو اظهار ڪجي ٿو ۽ ڏکويل سرڪي خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون،

“ڏک جي خبر چيف سردار ذوالفقار علي خان سرڪي، ۽ ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، امداد علي خان سرڪي، نورحسن خان سرڪي، لياقت علي خان سرڪي جن جي وڏي ڀاء سردارذاده صاحبڏ....

‏,,, وَسِيلن تي قابض ماڻهو غريب کي ٻڌائيندا آهن ,,  ,,,, ته بُک خُدا جِي آزمائش آهي.. ‏,,,  ,,, چي گويرا
19/09/2022

‏,,, وَسِيلن تي قابض ماڻهو غريب کي ٻڌائيندا آهن ,,
,,,, ته بُک خُدا جِي آزمائش آهي.. ‏,,,
,,, چي گويرا

Adres

Schinnen

Telefoon

+923003170991

Website

Meldingen

Wees de eerste die het weet en laat ons u een e-mail sturen wanneer ASGHAR ALI SARKI nieuws en promoties plaatst. Uw e-mailadres wordt niet voor andere doeleinden gebruikt en u kunt zich op elk gewenst moment afmelden.

Contact

Stuur een bericht naar ASGHAR ALI SARKI:

Video's

Delen


Andere Schinnen mediabedrijven

Alles Zien

Dit vind je misschien ook leuk