يزيدي دؤر ۾ آهيون حسيني جنگ جاري آ......
شاعر: امام علي جنجهي
آواز؛ میر نُھڙي
يزيدي دؤر ۾ آهيون
حسيني جنگ جاري آ
سنڌو ويو شام ڪربل ٿي
لڳي وئي قيام ڪاري آ
سُڪي ويو سنڌ جو پاڻي
پٽي پئي سنڌ جي نياڻي
ويون ويران ٿي وستيون
لکون ڇا سنڌ جي ڪھاڻي
سنڌو جي سينڌ ۾ ھاڻي
رڳــو ھـي ريـٽ واري آ
سنڌو ويو شام ڪربل ٿي
لڳي وئي قيام ڪاري آ
يزيدي دؤر ۾ آهيون
حسيني جنگ جاري آ
سنڌوءَ جو پيٽ فاڙيو ويو
سنڌوءَ تي طوق واريو ويو
سنڌوءَ جو نانءُ ماريو ويو
سنڌوءَ کي ائين اجاڙيو ويو
سُڪي ويا ڪپ سنڌوءَ جا
چــپــن تــي آھ زاري آ
سنڌو ويو شام ڪربل ٿي
لڳي وئي قيام ڪاري آ
يزيدي دؤر ۾ آهيون
حسيني جنگ جاري آ
صدين کان سازشي ٽولا
وجھن پيا رنڊڪون رولا
ڀٽائيءَ گھوٽ جي سنڌڙي
مري ٿي اڃ ساڻ مولا
لڳي ويا زنگ زمينن کي
ھيڻوڻ ھرڪوئي ھاري آ
سنڌو ويو شام ڪربل ٿي
لڳي وئي قيام ڪاري آ
يزيدي دؤر ۾ آهيون...
حسيني جنگ جاري آ..
#شکراللہ_الحمدوللہ
#shukaralhumdulillah
#MeerNohri #Meer #Nohri
#SindhiShairi #sindhipoetry
#NoMoreCanalsOnIndus #nomorecanalsonindusriver
#SaveIndusRiver #fbreels #fbreelsfypシ゚viralfbreelsfypシ゚viral #fbyシvideo #sindhipoetry #sindhishayri
نظم "درياھ جي سهيلي" شاعر: عزيز گل آواز: میر نُھڙي
نظم "درياھ جي سهيلي"
شاعر: عزيز گل
آواز: میر نُھڙي
بدن جو بڙ سُڪي ويندو ۽ ٽاري ويڙھجي ويندم،
پئي پُڇندياس پنهنجن کان تہ ڪهڙي جُهڙ دعا گهرجي؟!
درياھ جي دير تو لاتي تہ واري ويڙھجي ويندم!
ڪناري تي ڪچي جهوپي اندر آئون ڄمي هُئي سان.
اڇا ٻگھ ۽ ڪڪر ڪارا اڱڻ تي سانجھ جو آيا،
تہ ڇوليءَ سان منهنجي ڇاتي ڪناري تي چڙهي آئي!
اُنهن ڏينهنَ ۾ مون توتي ترڻ جو فن سکي ورتو،
سهيلي سبز چهري سان پنجون ڳوٺان پڙهي آئي!
سمورا ڏينهن سانوڻ جا ٿي توکي اُڀ مان ڳوليان،
ڪبوتر جيئن ڪلابازيون هوا ۾ اڄ هڻان بيٺي!
تِريءَ تي اک رکي پنهنجي وري واپس کڻان بيٺي.
سَٽيل ڪنهن سڙھ جيان تقدير ڪاري ويڙھجي ويندم،
درياھ جي دير تو لاتي تہ واري ويڙھجي ويندم!
لهر جو لُڙ لُبادو ۽ ذرو وارِي ضروري پڻ،
اڇي اک جو انديشو ۽ ڪجل ڪارِي ضروري پڻ!!
هُو ڪُونجُن جو ولر ڄڻ ڪا اڏامي سِٽ پئي اُڀ تي!
چُني منهنجي سڄي لهرون، هوا ڄڻ ڄامشوري جي!
لُڏي جي هٿ هوا بيهي، چُري پايل تہ واهوندو.
جي بيٺو هج تہ گِهم آهي، ڪپر تي هل تہ واهوندو.
اچان ٿي ٻيٽ تنهنجي تي، رِڍُن جو ڌڻ هجان ٿي مان،
ڪکيان ٿي ڪاڪلن سان ڪئين صفا هڻ کڻ هجان ٿي مان!
لُٽيل ڌاڙيل دل جو، جيءُ جُواري ويڙھجي ويندم،
درياھ جي دير تو لاتي تہ واري ويڙھجي ويندم...
..........
#شکراللہ_الحمدوللہ
#shukarallahalhamdu
ڀلين آئين ڀلا پرين، ڀلي تنھنجي ڀُون،
جتان لنگھين تُون، تن گسن تان گھور وڃان!
-شاھ
#sibghaullahshahrashdi #صبغت_الله_شاھ #ڀيڄ_پاڳارا #peerpaghara #pirpaghhara #Bhej_pagara_peer #meernohri #alahazratzindabad #HurJamait #bhejpagarapeer #Nohri #Meer
#Hur #Hurmujahid #Faqeer #hurfaqeer #BHEJPAGARA
Pir SibghatUllah Shah Rashdi Pir Pagara VIII
Pir Sahab Pagara FanPage
GEO- Hur Hur Jamait BHEJ Pagara Hur Jesalmeri Bhejpagara Bhej Pagara
ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ پاڳارا
حر جماعت
نظم #تون #ئي #تون!! شاعر؛ عزیز گُل آواز؛ ميرنڦھڙي
شاعر؛
عزيز گُل
آواز؛
میر نُھڙي
نظم
#تون #ئي #تون!!
تون بانسُري ريڍار جي، تون ياد جو گهاٽو جهنگل،
يونان ۾ تون ديوتا، تون مورچي تي ٿڌ جيئن!
تون موت وانگي مختصر، تون آسري ۾ اڌ جيئن.
درياھ بہ تون، ساحل بہ تون ۽ دل جو اوتارو بہ تون،
پنهنجي وليءَ کي ڏيو وڃين ويجهي کان ڏيکارو بہ تون!
هر جاءِ تون، هر مهل تون!
بس تون ئي تون!!
بس تون ئي تون!!
تون هٿ ساڄي جيئن سڄڻ، تون اک لڳين کاٻيءَ جيان،
تون بند دروازي اڳيان اونداهيءَ ۾ چاٻيءَ جيان!
تون اورتي آنڌيءَ جيان، تون دور دوکيباز جيئن...
تون ساحلن تي سُڃ جيئن، تون اوچتي آواز جيئن!
ميرانجهڙن جهرڻن مٿان جهرمر نديون لُڏنديون اچن،
پاڻيءَ مٿان توکي ڏسي پويان پريون اڏنديون اچن!
ممڪن تون هن ويلي اڪيلي ڪُنڊ ۾ ويٺي هجين؟!
تو ساڻ جهرڪيون گڏ هجن ۽ جُهنڊ ۾ ويٺي هجين؟!
تون ٿي ڪَڪر وانگي کَڄين، تون ئي کنوڻ جيئن ٿي ڪِرين!
تون موسمون خود سان کڻي، ڌرتيءَ سان گڏجي ٿي ڦِرين!
تون باھ جي شعلي جيان ۽ واٽ وسڪارو بہ تون!!
هر جاءِ تون، هر مهل تون!
بس تون ئي تون!!
بس تون ئي تون!!
اوڀر اڳيان، اولھ پٺيان، تون هيٺ، تون ئي تون مٿي،
تون صبح جي تاري جيان، اُڀرِئي بہ تون ۽ تون لٿي!
تون ئي گهٽي، گهر گڏ تون، تون ئي جُدا، تون ئي خُدا.
۽ خطبي جي لٺ مان تو وڻ ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.
مان منت
شاعر؛ امر رائيسنگھ راجپوت
آواز؛ میر نُھڙي
دُنيا جو هر دين چوي ٿو
ڪيڙيءَ کي ڀي ڪَڻ ملي ٿو
هاٿيءَ کي ڀي مَڻ ملي ٿو
ها پر مُون کي ڪونه ملي ٿو
هڪڙو ويلو وقت ڪَٽڻ لئه
داٻا دڙڪا ڌڪا کاوان
مُنهنجو ڪَڻ ۽ مَڻ ڇِني ويا
بُکيا حاڪم ڀُونءَ سندي جا
پنهنجو ڀڀ ڀرڻ جي خاطر
مُنهنجو پيٽ ڦُري ويا آھن
ڪَتي چيٽ ڦُري ويا آھن
لابارن تان ڪَڻڪ لهي ٿي
بابا مُون کي بُک لڳي ٿي!!
#meernohri #Nohri #meer
#sindhistatus #poetryofinstagram #SindhiShairi #shairi
Poet: Amar Raisingh Rajput
سَرَتِيُون! سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھَلي؛
پاڻي ناهِ، پَنڌُ گهڻو، اَڳِيان رائو رُڳِي رُڃَ؛
مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پِرِينءَ کي.
-شاھ
#meernohri #meer #Nohri
#sindhipoetry #poetry #poetrycommunity #poetrylovers #poetryofinstagram #sindhistatus #SindhiShairi #shairi #Shah #ShahAbdulLatifBhittai #Bhitai
جمعتہ المبارک ❤️
#meernohri #Nohri #meer
#JumaMubarak
نظم: اهو توتي ڇڏيل آهي....
شاعر؛ عزيز گل
آواز؛ مير نُھڙي
اهو توکي آ طئہ ڪرڻو،
تہ پنهنجو ڇا الڳ آهي؟
۽ پنهنجو ڇا گڏيل آهي!
اهو توتي ڇڏيل آهي!
پري پکڙا اڏڻ واري!
اڏيو دل ۾ اٿئي جھوپو.
وزيرن جيئن وري مُرڪي،
اهو توکي ئي ڏسڻو آ،
تہ ڪنهن جو گهر ڪِريل آهي؟
۽ ڪنهن جو گهر اڏيل آهي!
اهو توتي ڇڏيل آهي!
پلنگ تي سار ڪمبل ۾،
انڌيرو ميز تي آڌي.
ڳلن تي لُڙڪ صوفا تي،
گُلن تي لانَ ۾ ڀونرا.
سڀئي توکي ٻڌائيندا
تہ تنهنجو نانءُ مون پاران؟
گهڻا ڀيرا سڏيل آهي!
اهو توتي ڇڏيل آهي!
****..........****
ڀليءَ آئين ڪانڌ، مُون نماڻيءَ نجهري؛
هِي هُئا پُراڻا پانڌ، اچي تو اُجاريا...
-شاھ
Audio: THE SKETCHES!
Album: Ala Hazrat Pir Paghara
#peerpaghara #pirpaghara #HurJamait #BHEJPAGARA #Bhej_pagara_peer #bhejpagarapeer #aalahazrat #alahazrat #alahazratzindabad
#MeerNohri #Meer #Nohri
#paghara #pirpaghhara #pir #peer #sibghatullah #SibghaullahShahRashdi #Rashdi #hur #ڀيڄ_پاڳارا #صبغت_الله_شاھ
Pir SibghatUllah Shah Rashdi Pir Pagara VIII
Pir Sahab Pagara FanPage
Hur Jamait
بھیج پگارا PS#93 بھیج پاگارہ بھیج پاگارا گروپ ❤❤❤❤❤❤💛❤❤ GDA PS28 GDA PS 29 official
ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ پاڳارا
#HazratAlias
#hazrataliquotes #hazratali #hazratalisayings
#Nohri #meer #meernohri