04/07/2024
اُداس اکڙيون
هِڪڙي تُنهنجي ديدار لاءِ مان
ڪنهن ڪنهن جيون ڳالهيون پيو ٻُڌا
پريتم پوءِ جڏهن تُنهنجو ديدار ڪيان ٿو
ته سڀئي ڳالهيون وساري توکي ڏسندو آن
۽ ها جاني جڏهن تُنهنجي آواز ٻُڌندو آهيان
ته هر اُن شخص جو آواز وسري ويندو آهيان
جنهن شخص جي آواز مونکي ڏاڍو ستايو
پر ها جاني تون الهائي ڇو اڃان گھٻرايل آهين؟؟
تُون الهائي ڪهڙي سوچن ۾ مُبتلا آهين
جو مُنهنجي پيار تي
مُنهنجي ڳالھين تي
يقين نه ٿي ڪرين
يا شايد تُون ٻين جي ڳالهين تي
عمل ڪري مونکي آزمائين ٿين
پر هِڪڙي ڳالھ ڪندو هلان توسان
اگر مُنهنجي باري معلومات وٺڻي اٿئي ته مونکان اچي وٺ
اگر جي تون ماڻهن جي چوڻ تي هلنديءَ ته
هر شخص جي پرکڻ جو ظاويو مختلف آهي
ها شايد ڪنهن شخص سان مان سِڌو هليو هُجان يا نه
پر هُو توکي ۽ مونکي ڌار ڪرڻ لاءِ به سوچي
تُنهنجي ذهن ۾ سوين ڳالهيون
۽ تُنهنجا ڪَن ڀرڻ ۾ ڪا ڪثر ڪونه ڇڏيندا
۽ تُون به شايد اُنهن ڳالهين تي يقين ڪري وٺين
پر حقيقتن مان جيڪو توسان آهيان اُهو هر ڪنهن سان ناهيان
ڇو جو توکي مون پنهنجي دِل ڏِني آهي
اگر تون مونکان مُنهنجي جان به گُهرنديءِ ته
مان پنهنجي سِر جو سانگھو به لاهي تو آڏو رکندم
اگر جي اُن باوجود به مون تي يقين نه ڪري سگھين
ته هِڪ ڀيرو مُنهنجي گھر اچي مُنهنجي ڪمري ۾
قيد ڪيل تُنهنجي يادن کي ڏسي وڃجان
۽ تو لاءِ جيڪي جيڪي شاعريون مون لکيون اُهي
مُنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سيوَ اٿئي ڪجھ مِنٽ ڪڍي ڪري
تُنهنجي ياد ۾ ڪيل شاعري ۽ توسان ڪيل ڪچهريون قيد ڪيل آهن
اُهي به پڙهي وٺجان ته ڪيتري قدر توسان پيار آهي مونکي
۽ ها هِڪ ڀيرو مُنهنجي جيجل کان به پُڇجان
ته جاني بابا تُنهنجي باري ۾ ڪيترو فِڪر مند هُيو
۽ ها شايد اُن وقت ڪافي دير ٿي چُڪي هوندي
۽ اِهو به معلوم اٿم ته
ڪنهن حسين شام جو
تُنهنجيون اُداس اکڙيون مونکي ضروت ڳولهنديون