لاڙڪاڻو
گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوائز لاڙڪاڻو ۾ سائنس ۽ آرٽس جي نمائش منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪلاس ڇهين کان ڏهين جي سائنس ۽ آرٽ جا پروجيڪٽس پيش ڪيا. ان موقعي تي اسڪول جي هيڊماستر شاهد پرويز ڀٽو، عبدالوهاب جوڻيجو، عبدالحسيب گاد، ثاقب قدير، نور الله چاوڙو، فراز احمد ميمڻ، ارشد رضا، علي عباس، گلشن مل اوڏ ۽ ٻين شرڪت نمائش جو دورو ڪيو. نمائش ۾ شاگردن طرفان سائنس، فزڪس، ڪيمسٽري، بائيولاجي، مئٿس ۽ آرٽ جي مضمونن ۾ مختلف ورڪنگ ماڊلس تيار ڪيا ويا. جنهن ۾ هائڊرولڪ ڪرين، پريشر ڊائلاسس پروسيجر، بجلي پيدا ڪرڻ جا قدرتي ذريعا، ونڊ انرجي، هائيڊرو پاور، سولر سسٽم شامل هئا. ٻارن ۾ بابل خان، وفا حسين، اون عباس، ثمير، علي مرتضيٰ، حسنين علي، عقيل شاهد، محمد عزير، محمد علي، عديل، مظهر، اشهار شاهه، سرفراز، شيراز، ڪبير الله، امير حمزه، غلام مجتبيٰ بهترين سان پنهنجي ماڊلس ۽ پروجيڪٽس جي وضاحت ڪئي. نمائش ڏسڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جي پرنسپال، استادن، شاگردن شرڪت ڪئي. جن ۾ سي اي ايس ڪاليج، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪاليج، گرين ووڊ اسڪول، مدينه گرامر اسڪول، آءِ ڪين هاءِ اسڪول شامل آهن. جن هيڊماستر، استادن ۽ شاگردن جي جذبي جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته ڪنهن به گورنمينٽ اسڪول ۾ هي نمائش پنهنجي طرز جو بهترين پروگرام آهي.
شيخ ينگسٽرز فورم لاڙڪاڻو جي آفيس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي فنانس سيڪريٽري اعجاز علي شيخ ۽ صدر ڪلاٿ مرچنٽ عبدالستار شيخ، ريڍي ميڊ گارمينتس ايسوسيئيشن صدر مجاهد شيخ، جنرل سيڪريٽري نديم قناصرو ۽ سابقہ نائب صدر چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري علي اڪبر چهواڻ پاران غلام مدني شيخ ۽عبداللطيف شيخ جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو ڪري ڇڏيو ڌرين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻي ۾ معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر ۽ سندس نگراني ۾ هلندڙ چئز ادارن وي سي ايم ايڇ سي لاڙڪاڻو، گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر وي آءِ سي اينڊ ايڇ آءِ سي لاڙڪاڻو، گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر سينٽر پي پي اينڊ آءِ ڊي لاڙڪاڻو ۽ گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر رتوديرو طرفان شهر جي سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اي ڊي سي ٽو لاڙڪاڻو فهد حسين جاگيراڻي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻين مهمانن ۾ ڊاڪٽر جاويد مگسي، وقار ابڙو سميت مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو توڙي شاگرد ۽ استاد شامل هئا. ان موقعي تي ريجنل اسپيشل ايجوڪيشن زاهده غوث ڪاڪيپوٽو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد احمد جتوئي، اڪبر کوکر، رياض حسين عباسي، الطاف تنيو، عبدالستار چانڊيو ۽ ٻين طرفان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي زاهده غوث ڪاڪيپوٽو چيو ته آءُ معذور ٻارن ۽ ماڻهن جي حقن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهيان ۽ اڳتي به اها محنت جاري رهندي. سعيد احمد جتوئي چيو ته سنڌ حڪومت جي ڊي اِي پي ڊي ايڪٽ 2018 ۽ ڊي اِي پي ڊي رولز 2021 جي مطابق 5 سيڪڙو نوڪريون، سرڪاري ٽراسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو ڪرائي ۾ رعايت ڏني ويندي. هن چيو ته ڊي اِي پي ڊي ڊپارٽمينٽ معذورن جي حقن لاءِ ڪوششون جاري رکندو پ
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻي ۾ آل اسٽيٽ ايجنسي اينڊ بلڊرس ايسوسئيشن جي جنرل باڊي گڏجاڻي شهر جي مقامي هال ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ايسوسئيشن جي صدر زاهد علي عباسي، سينيئر نائب صدر اعجاز علي چانڊيو، نائب صدر محمد صالح ميراڻي، جنرل سيڪريٽري ممتاز علي شيخ، پريس ترجمان عابد حسين بليدي، غلام علي عباسي، سينيئر اڳواڻ نثار احمد شيخ، علي نواز لُهر، پ پ پ پ اڳواڻ خيرمحمد شيخ، اعظم شيخ، نياز حسين ابڙو، حافظ بشير احمد شيخ سميت لاڙڪاڻي شهر ۽ ضلعي جي اسٽيٽ ايجنسي ۽ بلڊرس جي ڪاروبار سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ايسوسئيشن جي پراڻي باڊي کي ٽوڙي ٽن مهينن جي لاءِ نگران ورڪنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ علي گوهر شيخ، بدرالدين پنهور، منير احمد، محمد نواز بليدي، عبدالرشيد لاڙڪ، نظر محمد مگسي، محمد ايوب چانڊيو، حافظ امداد الله، برڪت علي ميراڻي ۽ امتياز کرل شامل آهن ان کان علاوه نثار شيخ، حضوربخش سانگي، نثار لُهر، مشتاق کوسو، نثار بليدي سميت 7 ڄڻن تي مشتمل اليڪشن ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا 3 مهينن تائين ايسوسئيشن جي ميمبرسازي ڪرڻ بعد 2 فيبروري تي چونڊون ڪرائيندي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هن ايسوسئيشن جو بنياد 2003ع ۾ وڌو ويو جنهن کان پوءِ سال 2010ع ۽ 2015ع ۾ چونڊون ٿيون جنهن باڊي کي اسان ٽوڙي نئين سر چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون
لاڙڪاڻو :
لاڙڪاڻي ۾ گذريل ڏينهن دوستن سان گڏجي سچل درگاھ تي ويل نوجوانن سان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، چار زخمي ٿي پيا.فوتي جو لاش جو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
لاڙڪاڻو
ان حوالي سان فوتي جي وارثن ٻڌايو ته عرفان علي پٽ ديدار علي سومرو جيڪو ٻن ٻارن جو پيءُ آهي گذريل ڏينهن دوستن سان گڏجي لاڙڪاڻي کان سچل درگاھ کان واپس ايندي موٽر سائيڪلون سان آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عرفان علي سومرو فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته چار دوست سخت زخمي ٿي پيا آهن جن جو ٽراما سينٽرعلاج هلندڙ آهي.
لاڙڪاڻو
نووا ايجوڪيشنل اڪيڊمي لاڙڪاڻو طرفان ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مهمان خاص پروفيسر الطاف حسين ابڙو ڊائريڪٽر ريجنل ڪاليجز لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ لاڙڪاڻو محمد طيب ڪوريجو، پرنسپال گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر عبدالوحيد چانڊيو، پروفيسر عامر هليو، احمد علي مغيري، محمد اسلم مغيري، گل محمد دايو، اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر عمران خان سوڍر، چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر شفيق الرحمان ٻگهيو ۽ اسڪولي ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ اسڪولي ٻارن تقريرون ڪري ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ شاهه، سچل، شيخ اياز ۽ استاد بخاري جي شاعري پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مهمان خاص ۽ ٻين چيو ته سنڌ جيتري قديم آهي اوتري عظيم آهي. هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت اسان جي معمارن سان آهي ۽ پروگرام ۾ پيش ڪيل تقريرون ۽ ٽيبلوز اسان کي ٻڌائن پيا ته اسان جي سنڌ محفوظ هٿن ۾ آهي.
تعليم دشمن اوباش نوجوانن سينٽ جوزف اسڪول ٻاهران شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ لڳا، پوليس گشت نه هجڻ ڪري اوباش نوجوانن کي شاگردن طرفان اهڙي حرڪت کان منع ڪرڻ تي سندن حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
لاڙڪاڻي ۾ سينٽ جوزف اسڪول ٻاهران اوباش نوجوانن جي غنڊا گردي ۽ اسڪولي ٻارن تي بي رحماڻو تشدد جاري آهي، جڏهن ته پوليس جي خاموشي سواليا نشان بڻجي وئي آهي.
ذريعن موجب، اوباش نوجوان مختلف علائقن سميت پوليس لائين جا رهواسين آهن، جيڪي روزانو اسڪول ٻاهران بيهي شاگردياڻين کي تنگ ڪندا آهن ۽ ماحول خراب ڪري رهيا آهن. جن اهڙي حرڪت کان منع ڪرڻ تي انهن اوباش نوجوانن اسڪول جي شاگردن تي حملو ڪري کين رتورت ڪري ڇڏيو، پر پوليس، شڪايتن جي باوجود ڪاروائي ڪرڻ کان لاچار بيڻل.
شاگردن مٿان حملو ڪندڙن جي اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ شهرين جي پوليس تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو نوٽيس وٺي اوباش نوجوانن خلاف ڪارروائي جي گهر، ٻئي طرف متاثر شاگردن جي والدين پاران ضلعي انتظاميه توڙي ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي نوٽيس وٺي حملو ڪندڙن اوباش نوجوانن خلاف ڪارروائي ڪري اسڪولن جي ٻاهران تحفظ يقيني بڻايو وڃي. ٻئي صورت ۾احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو.
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ جي ڊي اي جي اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي جي رهائشگاهه آمد..
لاڙڪاڻو
جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي
لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ اسٽيم ايگزيبيشن جي عنوان سان ٻه روزه سائنسي نمائش لڳائي وئي جنهن جو افتتاح ڪمشنر لاڙڪاڻو غلام مصطفيٰ ڦل، ڊائريڪٽر ريجنل ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر الطاف حسين ابڙو، ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر عبدالوحيد چانڊيو، پرنسپال گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر رضوان گل، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪولس لاڙڪاڻو عبدالمالڪ چانڊيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ لاڙڪاڻو محمد طيب ڪوريجو، سينيئر پروفيسر الطاف شيخ، خليل الرحمان ڀٽو، ڪاليج جي پروفيسر ڪليم الله ابڙو، جهانگير عباسي، شفيق الرحمان ٻگهيو، لال بخش ڪلهوڙو ۽ ٻين گڏجي ربن ڪاٽي ڪيو. نمائش ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽ ۽ مئٿ جي موضوع تي فزڪس، بائيولاجي، باٽني، زولاجي، مئٿميٽڪس، آرٽ ۽ ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ 200 ماڊلس ۽ پراجيڪٽس نمائش لاءِ رکيا ويا. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو غلام مصطفيٰ ڦل ۽ ٻين سائنسي نمائش جو دورو ڪيو جتي شاگردن کين پنهنجي ماڊلس ۽ پراجيڪٽس بابت کين آگاهي ڏني. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪمشنر لاڙڪاڻو غلام مصطفيٰ ڦل ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪاليج ايجوڪيشن طرفان اسٽيم ايگزيبيشن جي سلسلي ۾ پوري جي ڪاليجن ۾ سائنسي نمائش وارا پروگرام ڪرايا پيا وڃن، ان حوالي سان اڄ گورنمينٽ بوائز ڊ
لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ منڌو جي رهواسي پورهيت ڳوٺاڻي پاران پنهنجي مائٽ سان گڏجي بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو..!!
لاڑکانہ :
پ پ پ کی 57واں یومِ تاسیس جوش و جذبہ کے ساتھ میونسپل اسٹیڈیم میں منانے کے حوالے سے بہرپور شرکت کرنے کے لیے مشاورت کی گئی..!!