Sindhi Media

Sindhi Media نيوز ريويو آرٽيڪل ايڊيٽوريل ڪارٽون

10/05/2024

Translate text with your camera
ڇا استاد شاگردن جو ڪورس مڪمل ڪري چڪو آهي؟ ڇا استاد سڄي سال جي ڪورس دوران ڪلاس ۾ شرڪت ڪندا آهن؟ ان معاملي تي ايڪشن ڇو نه ٿو ورتو وڃي، صرف ڪاپي ڪلچر ڇو؟

10/05/2024

"پڊعيدن" شهر وسڻ جي تاريخ
ڀنڀاڻي جو وڏو ڏاڏو ديوان نارائڻداس ميرن جي صاحبيؑ ۾ هنڱوررجن ۾ زميندار هو، ۽ ديوان عيدن مل هنڱوراڻيؑ جي نياڻي پرڻيو هو ڪنهن وقت ديوان نارائڻداس جو پنهنجي ڀائرن سان ملڪيت تان تڪرار ٿيو،
تہ پنهنجي سهري ديوان عيدن مل کي چيائين تہ اهڙي ڪنهن هنڌ هلي رهجي جتي نہ ڀائر ڏسن نہ کٽ پٽ ٻڌجي ديوان عيدن مل وڏي پدراٿ وارو هو، تنهن سندس مرضي رکڻ لاء نوشهري فيروز تعلقي ۾ ڳوٺ چيهي کان ڏيڍ ڪوھ کن پري هڪ ويران پٽ وڃي وسايو هو،
ان وقت ڳوٺ چيهي ۾ وڏيرو فتح خان ذات جو راڄپر رهندو هو جو جبرو زميندار ۽ وڏي هلندي وارو هو هڪ لک کن راڄپر هٿ ۾ هئس لائق انسان بہ اهڙو هو جو جيڪو سندس اجهو وٺندو هو،
تنهن تي پهرو ڏيندو هو ديوان عيدن مل انهيء وڏيري جي ڏاڍ تي اجها پٽي پنهنجو الڳ ڳوٺ ٻڌرايو (02) ڪيترن هندن کي همٿائي اتي اندائين ۽ کين جايون بہ پنهنجي خرچ تي جوڙائي ڏنائين جنهن ڪري اهو،
نئو ٻڌل ڳوٺ، سندس نالي پٺيان "پٽ عيدن" پوء وقت جي وهڪرن ان کي پڊعيدن بڻائي ڇڏيو هو، پڊ، معني ويران ڦٽل "پڊعيدن" معني اهو ويران پٽ جو ديوان عيدن مل وسايو هو،
ديوان عيدن مل اتي نہ رڳو جايون جوڙايون پر ان جي آسپاس ايتري ساوڪ ۽ سرسبزي ڪيائين جو اهو ڳوٺ جنسي باغي ٿي ويو هو، اڄ بہ ڪن ڳالهين مان سمجهي سگهجي ٿو، تہ "پڊعيدن" اڳي چڱو وسيل ويو هو پڊعيدن ڳوٺ جي ٻاهرين پاسي هڪ نشان نظر اچي ٿو،
جنهن مان سمجهي سگهي جي ٿو تہ اڳي اتان ڪو واھ وهندو هو ٿورا ورهيہ ٿيا تہ زمين کوٽيندي اتان واھ جو پيچرو نظر آيو هڪ نمبر ۾ اتي جي ڪنهن زميندار زمين کوٽائي تہ کوھ اهڙو تيار ٿيل نڪتو جو هن کوھ جو پيٽ واري مٽي ڪڍائي کوھ جي رڳي پڪ ٻڌائي ۽ اهڙي طرح اٺ نو کوھ ٻيا لڌا هئا،
1896ع تاري ۾ جڏهن حيدرآباد کان روهڙي تائين ريل جو رستو جاري ٿيو تہ هن ڳوٺ کان اڌ ڪوھ کن جي مفاصلي تي ريلوي اسٽيشن ٺهي جا "پڊعيدن" اسٽيشن سڏجي ٿي 1922ع کان وٺي اها جنڪشن ٿي آهي
ديوان عيدن مل پنهنجي ناٺي کي پڊعيدن ۾ سکي ڪري پاڻ موٽي هنڱورجن ۾ وڃي ساڳي جاء تي رهيو هو، تنهن جي ڪري پڊعيدن ۾ سندس ڪو بہ اولاد ڪونهي سندس ناٺي ديوان نارائڻداس هنڱورجن مان لڏي هتي اچي رهيو ۽ اتي سندس اولاد ۾ پنج پٽ ٿيا،
01 ڪرن مل 02 موٽو مل 03 رائمل 04 گهريو مل
05 کنياتومل ٿيا هئا
( تاريخ جا ورق سٽون ۽تربيت: نظام ڪاڪا )

10/05/2024

سنڌ پوليس حيدرآباد جو بيان

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Media posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share