JAPAN DIARY

JAPAN DIARY Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from JAPAN DIARY, Digital creator, .

Sunset in Tyoko city, Japan 🇯🇵
27/05/2024

Sunset in Tyoko city, Japan 🇯🇵

The most popular cities in Japan 🇯🇵
15/05/2024

The most popular cities in Japan 🇯🇵

Himeji Castle in Hyogo, Japan 🇯🇵castle 🏯 view
08/04/2024

Himeji Castle in Hyogo, Japan 🇯🇵
castle 🏯 view

Beautiful View
05/04/2024

Beautiful View



The cherry blossom, or sakura, is the flower of trees in Prunus subgenus Cerasus. "Sakura" usually refers to flowers of ...
05/04/2024

The cherry blossom, or sakura, is the flower of trees in Prunus subgenus Cerasus. "Sakura" usually refers to flowers of ornamental cherry trees, such as cultivars of Prunus serrulata, not trees grown for their fruit (although these also have blossoms). Cherry blossoms have been described as having a vanilla-like smell, which is mainly attributed to coumarin.

اوساڪا جاپان
17/03/2024

اوساڪا جاپان

جاپان ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو.جاپان ۾ اڄ رمضان...
10/03/2024

جاپان ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو.
جاپان ۾ اڄ رمضان جو چنڊ نظر نه آيو جاپان ۾ پهريون روزو اڱارو 12 مارچ تي انشاالله ٿيندو. پهرين تراويح سومر تي ٿيندي . چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين سليم الرحمان

اڄ جاپاني پھنجي گھرن ۾ ڇوڪرين جو ڏينھن ملھائي رھي آھن جنھن کي ھنا ماتسري سڏجي ٿو.  اڄوڪي ڏينھن تي جاپان ۾ عام موڪل ھوندي...
03/03/2024

اڄ جاپاني پھنجي گھرن ۾ ڇوڪرين جو ڏينھن ملھائي رھي آھن جنھن کي ھنا ماتسري سڏجي ٿو. اڄوڪي ڏينھن تي جاپان ۾ عام موڪل ھوندي آھي. ھي جاپان جي پنج اھم موسمي تھوارن مان ھڪ آھي ۽ بھار جي آمد تي ملھايو وڃي ٿو، جنھن ۾ گھرن ۾ مخصوص گڏيون ھڪ وڏي پليٽ فارم تي مخصوص ترتيب سان ڳاڙھي رنگ جي ڪارپيٽ مٿان سجايون وينديون آھن. ھن فيسٽول ۾ چانورن جا رنگ برنگي ڦلا ٺاھيا ويندا آھن. ھن فيسٽول ۾ استعمال ٿيندڙ گڏين مان ھر ھڪ کي نانگيو ڪوٺبو آھي ۽ گڏين جي پوري سيٽ کي ھنا ڪازاري سڏبو آھي. ٻن اھم گڏين مان ھر ھڪ ھزار کان ھزار پنج سو ڊالرز جي ھوندي اھي. سرندي وارا ماء پي پهنجي ننڍڙين ڌيئرن کي ھڪ دفعو اھي گڏيون وٺي ڏيندا آھن جيڪي اڪثر ڪري گھر جي اسٽور ۾ سنڀالي رکبيون آھن تھوارن کان ڪجھ ڏينھن اڳ آھي گڏيون روايتي ترتيب سان پليٽفارم تي سجائبيون آھن. نانگيو لاء ھڪ خاص چوڻي مشھور تي جيڪي گڏيون تھوارن کانپوء وڌيڪ ڏينھن لاء پليٽفارم تي سجائبيون ته ڇوڪرين جي شادين ۾ دير ٿيندي.
جاپان جي ھر تھوارن جي حساب سان گانا ھوندا آھن جيڪي تھوارن دوران ڏپارٽمينٽل اسٽورز تي ھلندا آھن.

22/02/2024
پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جي تون چوندين ماءُ. توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي!-شيخ اياز 21 فيبروري مادري ٻولين جو عالمي ڏي...
21/02/2024

پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جي تون چوندين ماءُ.
توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي!

-شيخ اياز

21 فيبروري مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن.

Mount Fuji San 🇯🇵جاپان جي وڏي ۽ خوبصورت پھاڙ فيوجي پھاڙ جو دلفريب منظر
11/02/2024

Mount Fuji San 🇯🇵
جاپان جي وڏي ۽ خوبصورت پھاڙ
فيوجي پھاڙ
جو دلفريب منظر

پيارا حاجي الطافاميد ته خيريت سان ھوندين.پيارا سوچيو ھو تہ ملڪ کان ٻاھر نڪري اچڻ بعد سڪون جو وڃي ڪو ساھ کڻبو، ٽي چار مھي...
07/02/2024

پيارا حاجي الطاف
اميد ته خيريت سان ھوندين.
پيارا سوچيو ھو تہ ملڪ کان ٻاھر نڪري اچڻ بعد سڪون جو وڃي ڪو ساھ کڻبو، ٽي چار مھينا جاپان جي خوبصورتي ۽ شاھوڪار ترقي کي ڏسندي وڏو مزو پئي آيو، نه ڄاڻان اڄ جاپان جي نيوز چينل جي ھئڊلائين نگاه اڳيان گذري جنھن ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي اھم خدشات بابت تبصرو ھو،
جڏھن جاپان جي ٽيليويزن تي ھي خبر اڳيان آئي جنھن تي ڪنھن جاپاني دوست پڇيو تہ اصل ماجرہ ڇا آھي؟ ھاڻي ادا اوھان ھي ٻڌايو ته آئون انھن کي ڪيئن ٻڌايان تہ 75 سالن ۾ ڇا بدليو آھي؟ اسان جي ملڪ ۾ ھڪ ووٽ جي حيثيت ڇا وڃي بچي آھي ؟ اسان جي ماروئڙن جي موروثي سياست مان ڪڏھن جند ڇٽندي ؟ ڪرپشن جو خاتمو ڪئين ايندو ؟ ڌانڌلي ڪندڙن کي سزا ڪير ڏيندو ؟ ملڪ جو ٻيڙو ڪٿي ڦاٿل بيٺو آھي ؟ مھانگائي جي شرح ڪٿي وڃي چڪي آھي ؟ ڪنھن کي به ملڪ جي پرواه ڪونہ آھي سڀئي سياسيدان ذاتي مفادن خاطر ھڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ مصروف آھن . قانون پنھنجي مفادن لاءِ روزانو مٽجن ٿا پيا ھڪ جيل ۾ تہ ٻيو ڪرسي تي بس ھڪ اچ وڃ لڳي پئي آھي، جاڏي ڏس ساڳيا ھي ماڻھو خبر نه آھي تہ ڪڏھن ڪا نئين منڍي، ڪو نئون چھرو مسيحا ٿي ايندو جيڪو ساري نظام کي بدلائي پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي ھڪ پرامن ۽ سلامتي وارو ملڪ ثابت ڪندو.
انھي ڏينھن جو انتظار رهندو باقي دوست کي جواب ڏيڻ منھنجي وس ۾ ڪونه ھو انڪري معذرت ڪري جان ڇڏائي.
وري ملون ٿا ھڪ نئين چٽيءَ ۾ تيستائين اجازت پيارا

اوھان جو خيرخواه
اوڳاھي اختر
اوساڪا جاپان

جاپاني بهار جي انتظار ۾
05/02/2024

جاپاني بهار جي انتظار ۾

اڄوڪي ڏھاڙي کان جاپان جي شھر اوساڪا ، ٽوڪيو  ۽ ھوڪائيدو جي ڀرسان مختلف علائقن ۾ سخت برفباري جي  اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي.جنھنڪر...
05/02/2024

اڄوڪي ڏھاڙي کان جاپان جي شھر اوساڪا ، ٽوڪيو ۽ ھوڪائيدو جي ڀرسان مختلف علائقن ۾ سخت برفباري جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي.جنھنڪري ٽرين جون خدمتون ۽ پروازون متاثر ٿي سگهن ٿيون.

To make sure you're well-prepared for your trip to Japan, let's dive into this week's weather forecast for Tokyo, Kyoto, Osaka, and other parts of Japan. We'll provide a variety of tips to help you pack wisely for the season and plan your itinerary. (Forecast information displayed is as of 5 AM JST....

پيارا ڀاءُ، حاجي الطاف اوڳاهي اميد ته خير خيريت سان هوندين، پيارا سمورو ھفتو ڪم ڪار ۾ مصروف گذريو اڄوڪي ڏھاڙي موڪل ھجڻ ج...
03/02/2024

پيارا ڀاءُ،
حاجي الطاف اوڳاهي
اميد ته خير خيريت سان هوندين،
پيارا سمورو ھفتو ڪم ڪار ۾ مصروف گذريو اڄوڪي ڏھاڙي موڪل ھجڻ جي ڪري شيڊيول مطابق جاپاني دوست سان رات جي ماني گڏجي کائڻ جو پروگرام طئي ٿيل ھو.جڏھن بہ بابر خان ، قمرالدين ۽ مونکي فرصت ملندي آھي تہ سوچندا آھيان ڪنھن نہ ڪنھن من گهرئي دوست سان ڪا ڪچهري ڪري وٺون.
جاپان واسي اسان سان پيار ڪندڙ محسن ۽ املهه انسان سائين تاڪيشي ياماواڪي صاحب کي دعوت عرض رکيل ھئي، شام جو پهر مناسب لڳو سو کيس وقت سر پهچڻ جي درخواست ڪيل ھئي، هونئن به جاپاني وقت جي پابندي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سو ٺيڪ ٽائيم تي پهچي درکڙڪايائين، دروزاو کوليم، ته سائين به ٻاهران هٿ ۾ سامان جي ڇلي کنيو بيٺو هيو، مسڪرائيندي مليو ته مان به کيس جھڪي سلام ڪيم (جاپاني سلام)، ٻئي اندر آياسين، هن ڇلي منهنجي حوالي ڪئي، کولي ڏٺم ته اندر خور و نوش جو سامان جنهن ۾ ڪيڪ ، چاڪليٽ ، جوس ۽ ڪولڊ ڊرنڪس ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه شامل هو، کيس ناراضگي واري انداز ۾ پڇيم ته قبلا! هي ڇا؟
چيائين ته پيارا اهو اسان جاپانين جو رواج آهي ته ڪنهن جي گهر هٿين خالي ناهيون ويندا، اها سندن فراخ دلي هئي، جيتوڻيڪ ميزبان اسان هئاسين پر سامان آڻي هن اسان کان ميزباني وارا فرائض تقريبا ڇني ورتا. بهرحال، اندر اچي ويٺاسين، ڪچهري جا دور هليا، هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون، جاپان جي ترقي جا راز ۽ هتان جي عوام جي محنت و مشقت جا قصا، سندس ڳالهيون ٻڌڻ سان اسان جو دماغ چڪرائجي ويو، هو ڳالهائيندو رهيو، اسان ٻڌندا رهياسين، ڪافي دير گفت و شنيد ٿي، سندس ڪچهري خوب مزو ڏنو، ايئن ڪچهري جو دور هلندي رات جا 9 ٿي ويا، جنهن بعد رات جي ماني جو انتظام ڪيوسين، کائڻ دوران اسان هن اڳيان روايتي سنڌي ۽ پاڪستاني کاڌا جن ۾ چڪن برياني تريل مڇي رکي ، کائڻ دوران هن پاڪستاني کاڌي جي سٺي تعريف ڪئي، جيتوڻيڪ جاپان واسي مرچ مصالحن کان ڪوهين ڏور رهن، جيئن ته پاڻ طرفان پيش ڪيل آئٽمن ۾ مرچ ۽ مصالحا ڪثير تعداد ۾ موجود هئا، سو شوڪارا به ڀريندو رهيو ۽ خوب انجواءِ به پئي ڪيائين، قصو ڪوتاھ، کائڻ کان واندا ٿياسين ته هن چانهن جي فرمائش ڪئي، جاپاني ماڻهو جي اهڙي فرمائش ٻڌي ٽهڪڙا مچي ويا، بهرحال کيس دودهه پتي چانهن پيش ڪئي وئي، چانهن جي چسڪين مان مزو وٺي، رکي رکي تعريف پئي ڪيائين، دير تائين حال احوال اورياسون، جاپان ۾ مقيم اسان جهڙن پاڪستانين جي حال ۽ مستقبل بابت رهنمائي حاصل ڪئي سون، نون دوستن جي اچڻ ۽ انهن کي هر موڙ تي گائيڊ ڪرڻ جهڙن موضوعن تي گفتگو ڪئي سون، وقت ڪافي گذري چڪو هو، سو کيس واپس وڃڻو هو،
آخرڪار اٿيو، کلندو، مسڪرائيندو، خوش اخلاقي واري انداز مان موڪلائيندو پنهنجي گهر روانو ٿيو، اسان به سمهڻ جا سانباها ڪياسين، اميد ته اوهان ڏانهن به خير گذريو هوندو.
خيرانديش
اختر اوڳاھي
اوساڪا جاپان

03/02/2024

جاپان ڊائري
ھن فيسبوڪ پيج تان اوھان کي جاپان جي باري ۾ اھم معلومات مهيا ڪندا رهنداسين.
تازي ۽ معياري معلومات
ڏسڻ لاءِ اسان جي
پيج کي لائيڪ
۽ شيئر ڪريو.
مھرباني


Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when JAPAN DIARY posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share