Johi
رپورٽ عرفان علي ٿهيم
جوهي: جماعت اهلتشيعت تعلقه جوهي جي اڳواڻن پاران ضلعي ۽ تعلقي جوهي انتظاميا خلاف نٽھڻ اس تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو
سيد علي رضا شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مرڪزي امام بارگاه اڳيان جوهي دادو روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي سيد علي رضا شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات جماعت اهلشيعت جي ذاڪر البيت کي هٿياربندن حاجي خان روڊ تي يرغمال ڪري موبائل فون روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن جوهي پوليس اڃان تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو هن چيو ته اڄ اٺين محرم الحرام آھي ميونسپل عملو شھر ۽ محلن جي صفائي نه ڪرائي سگهيو آھي نه پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري سگهيو, هن چيو ته ماتمي جلوسن جي حوالي سان سيڪورٽي ڏيڻ ۾ جوهي پوليس مڪمل ناڪام وئي آھي ھن مطالبو ڪيو ته البيت جي علماء کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ۽ شھر اندر صفائي سٿرائي سان گڏ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هي ڌرڻو جاري رهندو
Johi
انسانيت جي موڪلاڻي!
مٺياڻي ويجهو نئون جتوئي واسي فوت ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور شهاب الدين پنهور جو لاش بااثر شخص قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو
وڊيو وائرل ۾ ڏسي سگهجي ٿو تہ فوتي جي وارثن طرفان اباڻي قبرستان صابر شاه ۾ لاش جي تدفين لاءِ کوٽيل سامي ۾ بوٽن سميت لٿل علائقي جو بااثر محمد عمر جتوئي کين روڪيندي موبائل فون تي ڳالهائي رهيو آهي، لاش دفنائڻ کان روڪڻ خلاف وارثن طرفان مٺياڻي - نوان جتوئي روڊ تي لاش رکي سخت احتجاج ڪيو ويو آهي..
Johi
ھي ٻڌي پاڻ فيصلو ڪريو ته پي پي وارن ايم ڪيو ايم سان سنڌ جو سودو ڪيو يا نه ؟
#FreeSindhFromPPP #SindhRejectsPPP #PPPdestroyedKarachi #PPPExposed #MQMBazariParty #PPPSindhDushman #PPPDestroyedSindh #sindhrejectspppmqm #KarachiRejectsMQM #SindhWillAlwaysbeOne #SindhIsOne
Johi
عدم اعتماد تحريڪ جون تياريون عروج تي
وڏڙا چوندا آهن جنهن جي گُندي ۾ داڻا تن جا چريا ب سياڻا
انويسٽر شريف ۽ زرداري صاحب پئسن سان پکي ت ورتا آهن تن مان گهڻا هنئر تائين داڻو چڳي اصل مالڪ ڏانهن اڏري پيا آهن. مولانا صاحب رڳو ڪوڙا ووچر ٺاھڻ ۾ پورو آهي موجود صورتحال ۾ پئسو گهٽ موچڙو وڌيڪ ڪارآمد ۽ اثرائتو ثابت ٿيڻ جا چٽا امڪان نظر پيا اچن. آخري اطلاع آهن ت سپريم ڪورٽ ۽ اسپيڪر جو ڪردار اهم آهن وڌيڪ اهم ڪردار جن جو آهي اهو گهڻن کي خبر آهي
عرفان علي ٿهيم
سٽون
JOHI
توهان ڀلي بي اعتمادي رٿ لا جهموريت جي نالي تي لوٽا خريد ڪيو يا ڪرسي لا 12 مئي ۽ آڪٽومبر تي قتلام ڪندڙن کي بابو چئي پيرين پوئو ۽ جشن ڪيو. پر اطلاع آهن ت وڏن بوٽن وارا اچي سڀني جو ميلو ڦٽائڻ وارا آهن...
Johi
جوهي: HBL ڪونيڪٽ زونل مئنيجر خلاف رٽيلرس پاران ڊيوائز ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو