11/06/2024
غزل۔
ڪنول مُرڪون لتاڙيون ويون غزل احساس ماريا ويا!
اسان جي پيار جي پُٺ مان نوان خنجر گُذاريا ويا!
پرين هِي حادثو ناهي روايت آ ڪميڻپ جي،
دغا سان دلبريون ڇاڻي وفا جا شھر ٻاريا ويا!
خبر ناهي ڪٿان آئي مزاجن ۾ مُئل موسم،
ڪنڊن جي آجيان ٿِي وئي ٽِڙيل موتيا، ڌِڪاريا ويا!
ٽِڙي ڪو ٽھڪ ڇا هاڻي ٻري پيو روح نگريءَ جو،
روهيڙا جسم گولين سان هِتي آهن سُمھاريا ويا.
بُڌايو هو غلامي کي ڏيون نالو نئون ڪھڙو؟
اسان جا انگ چونڪين تي سدا آهن نھاريا ويا!
جڏهن فرصت ملي ٿوري تڏهن تاريخ هِي لِکجان،
گُلابي پير ٽانڊن تان هِتي اڪثر گُذاريا ويا!
پڙهي ڏِس ڌُوڙ ڌرتي جي حقيقت ٻي نه ڪا آهي،
وريا طوفان ٿي آهن وچن جيڪي وِساريا ويا!
”ايوب “