21/01/2024
سنڌ جي نگران حڪومت صنعتي مزدورن کي پگهارون آن لائين ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، صوبائي اسٽيرنگ ڪميٽي فار بزنس اينڊ هيومن رائيٽس جو اجلاس انساني حقن جي وزير عمر سومرو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 28 کاتن جي سيڪريٽرين ۽ صنعتڪارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ عمر سومرو ڳالهائيندي چيو ته پورهيتن جي حقن، ماحولياتي تحفظ ۽ سٺي حڪمراني تي عمل نه ٿيو ته جي ايس پلس اسٽيٽس واپس ورتو ويندو، هن چيو ته جبري پورهئي کي ختم ڪرڻو پوندو، انساني حقن جي وزير چيو ته آن لائين پگهارون ادا ڪرڻ سان خبر پوندي ته پورهيتن کي ماهوار 32 هزار رپيا اجورو ملي ٿو يا نه؟.