Sindhi.Leaks

Sindhi.Leaks SindhiLeaks is discloed news about Human

20/06/2020

اللّٰه تعالٰی واپدا کے ھر جوان کو ڈیوٹی کے دوران رشوت خوری اور حرام سے بچائے، اللّٰه تعالٰی ھم سب کی عزتیں سلامت رکھے (آمین)

26/02/2017

A king, a minister and a sweeper were standing on the bank of a river with their wives and they have to cross the river on a boat, the boat was having a capacity of 2 persons. you please help them how they can cross the river safely because if any male left his wife on the other bank of river, the other male on that bank will run away with the female of other. You have to give the solution for safe crossing of river.
Note: no female can stand with any other male if her husband is not there, she will ran away with him.
no female can stand with any other male if her husband is not there, she will ran away with the other male who is already there where she reached or left behind with other male please

07/09/2016

Sindhi - سنڌي

07/09/2016

Sindhi - سنڌي

ڀان سيدآباد: سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ۾ پهلوان حريف کي ڦرائي ڦرائي دسي رهيو آهي

19/06/2016
Hyder Junejo

Hyder Junejo

Layout of The City - Mohenjo-Daro - History || Extramarks

06/02/2015

Sindhi - سنڌي

ڇا هوشو جي هٿن مان وڃائجي ويل تلوار واپس ملي سگهندي..؟؟

سنڌيّت
www.fb.com/Sindhiyat

06/02/2015

Hyder Junejo

Sindhi College of Arts & Science
Chennai, Tamil Nadu, India

14/10/2014

Sindhi - سنڌي

ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.fb.com/Sindhiyat

14/10/2014

Sindhi - سنڌي

سنڌ جي قومي راند ملهه ختم ٿيڻ لڳي، ملهه پهلوان غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور، احتجاج
حيدرآباد: سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي راند ملهه بي ڌياني سبب ختم ٿيڻ لڳي، ملهه پهلوان غربت ۽ مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور، تفصيل موجب ملهه پهلوانن پاران سرڪاري کاتن ۾ کين ۽ اولاد کي نوڪريون نه ملڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ ملهه ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري پهلوان علي نواز پنهور، محمد خان ملاح ۽ ٻين چيو ته اختيارين پاران سنڌ جي تقافتي ۽ قومي راند ملهه جي سرپرستي نه ڪرڻ سبب ملهه پهلوان سخت مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ڪيترائي نالي وارا ملهه پهلوان راند دوران معذور ٿيڻ ڪري بک ۽ بدحالي واري حالت ۾ فوت ٿي ويا آهن، جنهن ڪري نوجوان ملهه واري راند طرف اچڻ کان لنوائي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ خدشو آهي ته هي عظيم سنڌي راند ختم ٿي ويندي. هنن چيو ته سنڌ ۾ 20 هزار ملهه پهلوان آهن، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ جي مختلف ميلن ۽ ملاکڙن ۾ راند کيڏي هن ملاکڙي کي زنده رکيو پيا اچن. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت ڪروڙين رپين جو بجيٽ رکڻ باوجود سنڌ جي قومي راند ملهه جي سرپرستي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. هنن الزام هنيو ته جاري ڪيل فنڊن ۾ آفيسرن لکين رپين جو گھوٻيون هڻي پنهنجا گھر ڀري رهيا آهن. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي صدين کان سڃاڻپ بڻيل ملهه راند کي بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا کڻي ملهه پهلوانن جي سار لڌي وڃي.

14/10/2014

Sindhi - سنڌي

مظلوم ڀوري ڀيل کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي رد ڪرڻ لاءِ
سنڌيت جو سڏ
18 آڪٽوبر؛ شام 6 وڳي
هاءِ اسڪول گرائونڊ پنگريو
سيڪيولر سنڌ فورم
ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.fb.com/Sindhiyat

28/09/2014

Sindhi - سنڌي

وچن
اسان شاهه لطيف جي سنڌ جا
سڀ سنڌي مرد ۽ ناريون
پنهنجي خدا
۽ پنهنجي ضمير کي
شاهد بڻائي وچن ٿا ڪريون
ته سنڌ ڌرتي
اسان جي ماءُ آهي.
هن ڌرتيءَ لاءِ اسان
پنهنجي ٻچن سميت
قربان ٿينداسين.
سڀ وسيلا قربان ڪنداسين
پر سنڌ جيجل جو ورهاڱو
هرگز قبول نه ڪنداسين.
اسان وچن ٿا ڪريون ته
اسان مان هر هڪ سنڌي
ٻئي سنڌيءَ کي ڀاءُ سمجهندو
۽ سنڌ جي حفاظت لاءِ
هڪٻئي جي ڀائرن وانگر
مدد ۽ سهڪار ڪندو.
هي اسان جو رضاڪاراڻو قسم آهي.
هي اسان سڀني سنڌين جو وچن آهي.

نور احمد ميمڻ ٽي تلوار تي آيل مظاهرين کان وچن وٺندي.
ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.fb.com/Sindhiyat

28/09/2014

Sindhi - سنڌي

ٽي تلوار تي سنڌي رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم جي سڏ تي هزارين سنڌي گڏ ٿا ويا، سوين عورتون به شامل،
سنڌ ورهائندين پادر کائيندين
مرسون مرسون ، سنڌ نه ڏيسون
جا جذباتي نعرا به شامل هئا
Sindhi - سنڌي
ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.fb.com/Sindhiyat

28/09/2014

Sindhi - سنڌي

جسقم آمريڪا پاران نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي آفيس اڳيان سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ، قومي ڪارڪنن جي عدالت کان مٿانهن قتلن خلاف ۽ سنڌ جي آزادي لاءِ مظاهرو ڪري گڏيل قومن کي يادداشتنامو پيش ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري وقت پاڪستان جو وزيراعظم نواز شريف ۽ هندستان جي نريندر مودي سميت مختلف ملڪن جا سربراهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ هئا.
ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.fb.com/Sindhiyat

11/08/2014

Sindhi - سنڌي

مذهب کان انسان وڏو آهـ ......!!
ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.facebook.com/Sindhiyat

11/08/2014
Sindhi - سنڌي

Sindhi - سنڌي

La La La La La La La
Shakira
FIFA World Cup 2014
Closing Ceremony
www.fb.com/Sindhiyat
Keep Sharing on Your Friends
[̲̅L̲̅][̲̅I̲̅][̲̅K̲̅][̲̅E̲̅] [̲̅T̲̅][̲̅H̲̅][̲̅E̲̅] [̲̅P̲̅][̲̅A̲̅][̲̅G̲̅][̲̅E̲̅]
◆ Like ◆ Tag ◆ Share ◆ Comment
╚═► Sindhi - سنڌي

11/08/2014

Sindhi - سنڌي

جڏهن به سنڌ ڌرتيءَ جي آزادي لاءِ شهيد ٿيندڙن جي تاريخ لکي ويندي ته شهيد وڏي بشير خان جو نالو سڀني کان مٿانهون لکيو ويندو.
سائين جي ايم سيد سنڌ کي هڪ فڪر ڏئي ويو، پر ان فڪر کي جهر جهنگ کڻي تبليغ ڪندڙ ڪير ٻيو نه پر صرف شهيد بشير قريشي آهي.
هن وقت ميدان عمل ۾ سموريون پارٽيون شهيد جي ڪيل جدوجهد سان ئي ڳنڍيل آهن ڇاڪاڻ ته هڪ عام سنڌي کي اها سوچ شهيد بشير خان ڏئي ويو آهي.
سيد هڪ سنڌ جو خواب ڏنو بشير خان اهو خواب کڻي ماڻهن وچ ۾ لهي پيو.
سلام وڏا
ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.facebook.com/Sindhiyat

11/08/2014

Sindhi - سنڌي

Happy Raksha Bandhan to All Sisters & Brothers
Keep Sharing on Your Friends
[̲̅L̲̅][̲̅I̲̅][̲̅K̲̅][̲̅E̲̅] [̲̅T̲̅][̲̅H̲̅][̲̅E̲̅] [̲̅P̲̅][̲̅A̲̅][̲̅G̲̅][̲̅E̲̅]
◆ Like ◆ Tag ◆ Share ◆ Comment
╚═► Sindhi - سنڌي

29/06/2014

Sindhi - سنڌي

Thatto: Actor Naseeruddin Shah at tomb of Shaheed Commander Dooleh Daryah Khan.
Keep Sharing on Your Friends
◆ Like ◆ Tag ◆ Share ◆ Comment
╚═► www.fb.com/Sindhiyat

29/06/2014

Sindhi - سنڌي

اڄ پاڪستان جي 72 سيڪڙو آمدني سنڌ ڀري ٿي. ان کان علاوه پاڪستان کي 90 سيڪڙو تيل ۽ 70 سيڪڙو گئس پڻ سنڌ ڏي ٿي. جڏهن ته پاڪستان جون 90 سيڪڙو نوڪريون فقط هڪ صوبي کي حاصل آهن. پاڪستان جي سڀني وفاقي وزارتن، واپڊا، پاڪستان ريلوي، پي آءِ اي، پلاننگ ڪميشن، پاڪستان ٽيليويزن، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ۽ ٻين سوين سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ سنڌي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا.
66 سالن جي ڦرلٽ کانپوءِ اڄ سنڌي قوم حق گهرڻ يا وڃايل حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد بدران آهسته آهسته هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ هرحال تي راضي رهڻ ۾ سلامتي سمجهي ٿي. هن کان اڳ جيڪي ڌريون سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪنديون هيون، انهن مان ڪيترائي هاڻ فيڊريشن ۾ رهڻ جي تبليغ ڪن ٿا. اُهي سنڌ جي حقن بابت ڏاڍي خوف ۽ محتاط انداز ۾ ڳالهائين ٿا. فيڊريشن ۾ رهڻ سٺي ڳالهه آهي. مگر هنن مسئلن جو ڪير جواب ڏيندو ته سنڌي قوم تمام تيزيءَ سان ”اقليت“ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ جي اڪانامي سنڌين کان ڦري ڌارين جي حوالي ڪئي ويئي آهي. سنڌ جا پيداواري وسيلا، ۽ روزگار جا حق مجموعي طور ڌارين جي قبضي هيٺ آهن. ڪڏهن ڪڏهن قومون ڊگهي عرصي تائين ناانصافيون برداشت ڪرڻ ۽ جبر سهڻ جون عادي ٿي وينديون آهن. هن وقت سنڌي قوم وٽ فقط هڪ مطالبو وڃي بچيو آهي ته .نوڪريون ڏيو.“ افسوس آهي ته سنڌي قوم دنيا ۾ ٿيندڙ تيز انقلابي تبديلين کان پاڻ کي آگاهه رکڻ لاءِ تيار ناهي. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ کان ويندي اڄ تائين دنيا جون ڏيڍ سئو کان وڌيڪ غلام قومون آزاد ٿي چڪيون آهن. وڏيون وڏيون بادشاهتون، جيڪي دهشتگردي ذريعي قائم ڪيون ويون، اهي لڳاتار ڀورا ڀورا ٿي رهيون آهن. هن وقت دنيا ۾ آزاد ملڪن جو تعداد 200 کان به وڌي ويو آهي. اهي آزاد ٿيل قومون صدين کان پوءِ پنهنجون مادري ٻوليون، مذهبي عقيدا ۽ تهذيبون بحال ڪري سگهيون آهن. صدين کانپوءِ هو پنهنجي مالي ۽ پيداواري وسيلن جا مالڪ ٿيا آهن.
يوسف شاهين
ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.facebook.com/Sindhiyat — at Karachi, Sindh

29/06/2014

Sindhi - سنڌي

سنڌ جي موجوده ساڍا اٺ ڪروڙ آباديءَ ۾ چار ڪروڙ ڌاريان ماڻهو آهن. چون ٿا ته پاڪستان جي آئين مطابق سڀني کي حق آهي ته هو ڪنهن به صوبي ۾ آباد ٿي سگهن. مگر پاڪستان جي آئين ۾ اهو ڪٿي لکيل آهي ته چار ڪروڙ ڌاريان فقط سنڌ ۾ آڻي سنڌين کي ”اقليت“ ۾ تبديل ڪيو وڃي. سنڌين لاءِ اهو عمل ته فوجي ڪاهه کان به خطرناڪ ثابت ٿيندو. پاڪستان جي آئين ۾ اهو ڪٿي لکيل آهي ته سنڌ جي لکين ڪارخانن جا سمورا مالڪ فقط ڌاريان هجن. سنڌ جو سمورو ڪاروبار، سموري اڪانامي ڌارين جي حوالي هجي. پاڪستان جي آئين ۾ ڪٿي اهو لکيل آهي ته سنڌ جون اڌو اڌ زرعي زمينون ڌارين کي ڀڳڙن مٺ تي ڏنيو وڃن هن وقت سنڌ ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه لک افغاني آهن ۽ اوترائي پشتون فاٽا ۽ صوبي پختونخواهه کان سنڌ ۾ آيل آهن. موجوده حڪومت گهٽ ۾ گهٽ افغانين کي سنڌ مان ڪڍڻ جو سکڻو نعرو هنيو آهي. مگر هڪ به افغانيءَ کي ڪڍي نٿا سگهن. انهن وٽ سنڌ پوليس کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ جديد هٿيار آهن. هاڻ ته اتر وزيرستان ۾ ٿيندڙ فوجي آپريشن سبب اتي جا لکين ماڻهو سنڌ پهچڻ وارا آهن. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته انهن ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ نه ڏنو ويندو. مگر اها محض خام خيالي آهي. انهن ماڻهن جا لکيل مٽ مائٽ اڳ ۾ ئي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ موجود آهن جيڪي وڏا وڏا ڪاروبار ڪن ٿا. اهي سڀ جا سڀ بنا رنڊڪ سنڌ ۾ آباد ٿي ويندا.
ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت سنڌ مان سٺ لک بنگالي ۽ بهاري ڪڍڻ لاءِ مهم هلائي هئي مگر هڪڙو به بنگالي يا بهاري سنڌ مان نه نڪتو. انهن کي هڪ سياسي پارٽيءَ گاڏيون ڀرائي سنڌ جا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏنا.
اڄ حالت اها آهي ته سنڌ جي اڌواڌ اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي. اهي سنئون سڌو ڏاڍ مڙسيءَ سان چون ٿا ته هو پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائيندا. سنڌ حڪومت پورو زور لڳائڻ جي باوجود ڪجهه به نه ڪري سگهي.
آخر ۾ اهو ئي سوال پيدا ٿئي ٿو سنڌ جي حقن تي لڳل ڌاڙن بابت ٻيا ڪيترا مرثيه لکڻا پوندا. ڪڏهن اهي مرثيه رنگ لائيندا، ڪڏهن سنڌ جو ماڻهو سجاڳ ٿيندو، اسان ڪڏهن ماٺ جي اعتڪاف مان نڪرنداسين.
اچو اچو ته اوريون، سڀئي گڏجي سورَ
ڪن گهڻا، ڪن ٿورا، ميڙي ٿيون مخمور
ان پر ڪري اسورَ، رات کٽايون روڄَ جي
يوسف شاهين
ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.facebook.com/Sindhiyat

02/06/2014

جمهوريت آمريت کان بهتر هجڻ گهرجي.
از: ايم بي عرساڻي
پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن کان ئي فوج جي سربراهن ۽ سياستدان هڪ ٻئي جي ويجهو اچي هڪ ٻئي سان دغا ڪندا رهيا آهن، جڏهن فوج کي اهو ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ته سياستدان ئي سندس حمايت ڪندا آهن، پر جڏهن سياستدانن کي اهو ڪم ڪرڻو هوندو آهي ته عوامي ڀلائي جا نعرا هڻي ماڻهن کي استعمال ڪري پاڻ تي مهربان رهندڙ فوجين کي آمر ۽ ملڪ دشمن سڏي سندن لاهه پٽيندا آهن، پر مزي جي ڳالهه اِها آهي ته ٻئي ڌريون جيڪي ڪجهه ڪنديون آهن ان کي عوام جي ڀلائيءَ جو نالو ڏينديون آهن ۽ پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ جمهوريت جو چيمپين سڏرائيندڙ به فوج جا ساٿاري رهيا. ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي ڪچن ڪيبينيٽ جو حصو ۽ محترمه فاطمه جناح جي مخالف ۾ مهم هلائيندڙ ۾ شامل هو، جڏهن ان سان اختلاف تي پيس ته پاڪستان پپلز پارٽي ٺاهي جمهوري بڻجي ويو، اليڪشن نه کٽي سگهيو ته موجوده پاڪستان جو سولين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻيو، جڏهن ته مجيب الرحمان بنگال ۾ ائين نه ڪيو جيتوڻيڪ اُتي به آئين اڃا نه ٺهيو هو، بعد ۾ ڀٽو صاحب جمهوريت جو چيمپين بڻجي ويو پهريائين صدر ۽ پوءِ وزير اعظم بڻيو. فوج کان بچڻ ۽ حڪومت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ 1973ع جو آئين ٺاهيائين ، پر ان سان نه فوج ڪمزور ٿي ۽ نه عوام طاقتور بڻيو پر طاقتور بڻي ته صرف حڪومت جنهن ڪري سون جي تعداد ۾ وڏيرن جا پٽ ڊي ايس پي ۽ ايس ڊي ايم بڻيا جن حڪومتي نظام جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، نه صرف سول سروس ۾ پر فوج ۾ به جونيئر ماڻهوءَ کي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو ويو، جنهن اهڙي بي عيب آئين جي هوندي مارشل لا لڳائي ڇڏي ۽ ڀٽو صاحب ڦاهيءَ چڙهي ويو ان دوران نواز شريف پنجاب جو وزيرِ خزانه رهيو 1985ع ۾ ضياءَ الحق طرفان غير پارٽي بنيادن تي ٿيل چونڊن بعد کيس پنجاب جو وزير اعليٰ بڻايو ويو ۽ ٻين سان گڏ ان جي حمايت سان قومي اسيمبليءَ کان آئين ۾ سب آرٽيڪل (2-B) 58 وجهرائي صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جا اختيار ڏياريا، جنهن لاءِ اهو چيو ويو ته ان آرٽيڪل پوڻ سان هڪ ته حڪومت کي چيڪ ۽ بئلنس رهندو ۽ ٻيو ته فوج جي سڌي مداخلت جا امڪان گهٽبا، جيڪو سچ ثابت ٿيو ڇو ته ان آرٽيڪل جي موجودگيءَ دؤران ڪا به مارشل لا نه لڳي. بهر حال جڏهن وقت جو صدر ان وقت جي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي سان ڪاوڙيو ۽ ٻين سان ٺاهه ٿيس ته اها اسيمبلي ٽوڙي پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرايائين، جن جي نتيجي ۾ محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه وزير اعظم بڻي ۽ جيڪڏهن ضياءَ الحق جيئرو هجي ها ته ان کان حلف کڻي ها، پر اتفاق سان هو مهينو ڏيڊ اڳ جهاز حادثي ۾ مري ويو تنهن ڪري کيس ان جي سياسي ۽ روحاني جاءِ نشين غلام اسحاق خان حلف کڻايو، جيڪو ان وقت سينيٽ جو چيئرمن هجڻ ڪري وقتي صدر هو ۽ پوءِ ٺاهه تحت محترمه جي مهربانيءِ سان صدر چونڊيو ۽ نواز شريف وري غلام اسحاق خان جي مهرباني سان ٻيهر وزير اعليٰ بڻيو. اُن ئي صدر 1990ع ۾ بينظير جي حڪومت برطرف ڪري نواز شريف کي آندو، وري 1993ع ۾ ڪاڪڙ فارمولي تحت نواز شريف ۽ غلام اسحاق خان ٻئي هليا ويا ۽ ٻيهر بينظير صاحبه آئي ۽ وري به پنهنجي طاقت کي استعمال ڪندي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان وٺڻ بغير وڏيرن ۽ جيالن کي اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي ۽ اي ٽي او بڻائي ڇڏيائين. اِن حڪومت کي وري پ پ پ جي پُراڻي جيالي ۽ سندس حمايت سان چونديل صدر فاروق احمد لغاريءَ برطرف ڪيو ۽ نواز شريف آيو، جيڪو آيو ته 58 ٽو بيءَ ڪري پر وزير اعظم ٿيڻ بعد ان جو مخالف ٿي ويو ۽ اسيمبليءَ مان اُن کي ختم ڪرائي ڇڏيائين. ان آرٽيڪل جي هجڻ سان وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ پنهنجي حڪومت جي برطرفيءَ جي خوف سبب غلط ڪمن کان لهرائيندا هئا. طاقت جي نشي جي ڪري اُن به ڀٽي صاحب وانگر سينيئر جنرلن کي باءِ پاس ڪري جنرل پرويز مشرف کي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو، جنهن ئي سندس ترا ڪڍيا ۽ نواز شريف مجبور ٿي اُن سان ٺاهه ڪري سعودي عرب هليو ويو.
ان تي سياستدانن سوچيو ته اهي فوج تي ڀاڙڻ بجاءِ پاڻ ۾ حصو پتي ڪن، جنهن جي نتيجي ۾ ميثاق جمهوريت جنم ورتو، پر اقتدار جي آس ۽ بي اعتباري ڪٿي ٿي رهڻ ڏئي؟! ان ڪري ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪندڙ سڀ کان وڏي جمهوري پارٽيءَ اين آراو جاري ڪرايو. اها ڳالهه توجه طلب آهي ته جڏهن پرويز مشرف اقتدار ۾ هئو ته ٻنهن وڏين پارٽين ان سان تعلقات رکي پنهنجي پنهنجي لاءِ ٽي اين آر اوز جاري ڪارايا، هڪ اين آر او نواز شريف جاري ڪرائي سعودي عرب هليو ويو، ٻئي اين آر او تحت آصف علي زرداري جيل مان آزاد ٿي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ۽ ٽيون اين آر او بينظير صاحبه جاري ڪرائي الزامن هيٺ آيل هزارين سياستدانن کي عام معافي ڏياري، پر جڏهن سندن ڪم جو نه رهيو ته ٻئي پارٽيون ان کي آئين ٽوڙيندڙ سڏيندي انتهائي سزا ڏيڻ لاءِ سرگرم بڻجي ويون. بلڪل ائين جيئن ايوب خان کي پنهنجو وڏو سڏيندڙن ۽ يحيٰ خان سان دؤرانِ جنگ شڪار ڪندڙن ڪيو. بهر حال نواز شريف پرويز مشرف دشمني ۾ ان ماڻهوءَ سان به ٺاهه ڪيو جنهن تي ڪئي ڪيس داخلا ڪرايا هيائين پرويز مشرف جي وڃڻ ۽ زرداري صاحب جي صدر ٿيڻ بعد نواز شريف زرداري حڪومت کان ڌار ٿي ويو، جنهن ڪري زرداري صاحب قائد اعظم ليگ کي قاتل ليگ سڏڻ بند ڪيو ۽ ڪجهه عرصي بعد ان کي حڪومت ۾ شامل ڪيو، ان باهه ۾ نواز ليگ وارن پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، پ پ پ جوابي ڪاروائي ڪندي سندس پنجاب حڪومت ختم ڪري گورنر راڄ لڳائي ڇڏيو، پر ڪورٽن سندس حڪومت بحال ڪري ڇڏي. انهن جي ڇڪتاڻ ايتري ته وڌي وئي جو شهباز شريف صدر زرداري صاحب کي گلي کان وٺي گهلڻ جون ڳالهيون ڪندي جوش ۾ اچي مائيڪون پٽي ڇڏيندو هو، پر جيئن ته زردار صاحب کي اُن ڊرامي جي حقيقت جي خبر هئي، اُن ڪري بي خوف وخطر پارٽي مشن جاري رکيو. نتيجي طور روزانه 8
(2)
ارب روپين جي ڪرپشن ٿيڻ لڳي، بجلي نه صرف ٻيڻ تي مهانگي ٿي پر لوڊشيدنگ به 2 ڪلاڪن مان وڌي 10 ڪلاڪن تي پهتي، 60 روپيه ليٽر وارو پئٽرول 110 روپين جو ٿي ويو ۽ 60 روپين وارو ڊالر 108 روپين ۾ وڪامڻ لڳو، ايزي لوڊ تي ٽيڪس 10سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، 18 روپيا ڪلو وارو اٽو 30 روپين جو، 30 روپيه ڪلو واري کنڊ 60 روپين ۾ وڪامڻ لڳي يوريا ڀاڻ لڪائي ٻيڻو ڪري کپايو ويو، 05 سالن ۾ ايترو قرض کنيو ويو جيترو 62 سالن ۾ کنيو ويو هو ڊيپوٽيشن، غلط اپائنمينٽ ۽ آئوٽ
آف ٽرن پورموشن عام ٿي ويا. ان دؤران نواز ليگ ۽ پپلز پارٽيءَ ۾ ڪافي اختلاف ٿي ويا پر خبر ناهي الائي ڪهڙا ظالم وچ ۾ پيا جن “اُدھر تم، اِدھر ہم “ کان به وڏو ٺاهه ڪرايو۔ ان ٺاهه ۾ نه صرف هر ڌر جي حڪومت جو مدو ۽ صوبن جي حڪمرانيءَ جو به فيصلو ڪيو ويو، پر اهو به طع ڪيو ويو ته هر ڪنهن کي ڦُر لُٽ جي ڇوٽ هوندي. جنهن جو ذڪر تحريڪِ انصاف جو چيئرمن عمران خان ڪندو پيو اچي، اهو ٺاهه اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي جوڙجڪ کان پوءِ وڌيڪ بي نقاب ٿيو، پر غوث علي شاهه، ممتاز علي ڀٽو، لياقت علي جتوئي،غلام مرتضيٰ جتوئي، اسماعيل راهو، امداد چولياڻي ۽ شيرازين کي پتو ئي نه پيو. ان ٺاهه ۾ "کھودا پہاڑ اور نکلا چوہا" وارا فيصلا ڪندڙ ۽ سگار جا وڏا وڏا سوٽا هڻندڙ به مُلوث هئا، جنهن ڪري اليڪشن صرف خانا پوري بڻجي وئي ۽ مرڪز ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ حڪومت ٺاهي جڏهن ته سنڌ پ پ پ حوالي ڪئي وئي. ان ٺاهه مطابق هر ڪنهن کي اجازت آهي ته جيڪو وڻيس سو ڪري، ڪا به مخالف ڌر ڪونهي، هر ڪنهن کي صرف نام نهاد جمهوريت بچائڻي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آصف علي زرداري ڪراچيءَ ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ امُن امان بابت ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن دؤران ائين لڳي رهيو هو ته هو ڪنهن پارٽيءَ جو سربراهه نه پر وزيرِ داخلا هجي ان ڪري اهو به عين ممڪن آهي ته جمهوريت خاطر ٻئي پارٽيون ضم ڪري پاڪستان پپلز مسلم ليگ ٺاهي ڇڏين. ٿي سگهي ٿو ته پ پ پ وارا ان همراه واري حڪمت عملي اختيار ڪندا هجن جنهن جو پيءُ ڪفن لاهڻ جي حواليءَ سان بدنام هئو ۽ هن سوچيو ته هو اهڙا ڪم ڪري جنهن سان پيءُ جي گلا گهٽ ٿئي ، ڇو ته پ پ پ وارن کان چڱو ڪم پُڄي ڪونه ٿو اُن ڪري چون ٿا ته نواز شريف کي ڍر ڏين ته جيئن هو اهڙا ڪم ڪري جو سندن گذريل حڪومت گهٽ خراب لڳي. اهو ئي سبب آهي جو عمران خان پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته نواز شريف جا ڪم ڏسي زرداريءَ جي تعريف ڪرڻ تي دل چئي رهي آهي.

احتجاج ڪرڻو آهي ته عوام پاڻ ڪري، هي پارٽيون ٺاهه اڳيان مجبور آهن. جنهن ڪري مرڪزي حڪومت اچڻ سان ئي موبائيل فون تي ايزي لوڊ ڪرائڻ تي لڳل ٽيڪس تي 5 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو، 20 روپيا في ڪلو وارا پٽاٽا 60 روپين ۾ وڪامڻ لڳا. سنڌ ۾ ته صفا بليڪ آئوٽ لڳي پئي آ ڄڻ ته انڊپينڊنٽ پاورپلانٽ وارن کي 5 کرب روپيا بجلي پيدا نه پر بند ڪرڻ لاءِ ڏنا هين. اُن جي باوجود به بجلي مهانگي ٿيڻ جي ڪري بل اڳ کان به وڌيڪ ٿو اچي ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي وتي ٿو سنڌين کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو، ڪو به اهو چوڻ لاءِ تيار نه آهي ته ماڻهن کي بل پيارڻ جيهڙو ڇڏيو ڪٿي اٿو؟! سنڌ حڪومت اهو به چوڻ لاءِ تيار نه آهي ته جيئن ته گهڻي بقايه مڪاني ادارن تي آهي جيڪي 1999 کان اڳ آڪٽراءِ ۽ ضلع ٽيڪس مان آمدني حاصل ڪندا هئا، جن ۾ هر سال پندرهن سيڪڙو اضافو ٿيندو هو، پر اُن جي عيوض ملندڙ او زي ٽي شيئر ۾ ڪو به اضافو نه ٿو ڪيو وڃي، سو يا ته ان ۾ هر سال اضافو ڪريو يا اُهي ٽيڪس وصول ڪرڻ جا اختيار واپس ڪريو ته جيئن مڪاني ادارا هر سال وڌندڙ پگهار ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ بجليءَ جي اگهن کي منهن ڏئي سگهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي جو حڪمران صوبن ۽ مڪاني ادارن جا حق ڦٻائڻ باوجود وتن ٿا پندا ۽ روپئي جي قيمت کي سهارو ڏيڻ ۽ ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ بشنين وارا ڪم ڪري سعوديءَ کان ڏيڊ ارب ڊالر ورتا اٿن، جنهن جي عيوض طالبان پيا آزاد ٿين، پر يوسف رضا گيلاني ۽ سلمان تاثير جا پٽ نه نواز شريف کي ياد آهن ۽ نه زرداريءَ کي. هڪڙي حڪيم سعيد جي مرڻ تي اسيمبلي برطرف ڪندڙ نواز شريف روزانو ڏهه ماڻهو مرڻ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ حيدرآباد تائين پهچڻ تي گونگو ٻوڙو لڳو پيو آهي، سرڪاري ملازمن تي ته باهه اٿن، جنهن ڪري پگهارن وڌائڻ جي ڳالهه تي منهن ٺڪر ٿي ٿو وڃين. اڳين حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم کي حزبِ اختلاف ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪندڙن کي عشرت العباد جهڙو گورنر نه ٿو ملي، اتي ميثاقِ جمهوريت جو اهو نقطو به وسري وين ته ڪا به پارٽي ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل نه ڪندي، اها به تعجب جي ڳالهه آهي ته ماڻهو صدر ايوب جي انتظامي صلاحيتن ۽ ان جي دؤر جي امُن امان جي بهتري جي ڳالهيون به ڪن ٿا پر کيس آمر به سڏين ٿا، ضياءَ الحق جي دؤر ۾ ميرٽ جي بنياد تي ٿيندڙ مقررين جي نتيجي ۾ غريب ماڻهن مثالطور نظر حيسن مهر، مير محمد پرهياڙ وغيره جي اسسٽنٽ ڪمشنر بڻجڻ جون ڳالهيون به ڪن ٿا، پر کيس گهٽ وڌ به ڳالهائين ٿا، مشرف جي وقت ۾ آيل خوشحالي ۽ اُن دؤر جي بهتر حڪمرانيءَ باوجود کيس ڪو چڱو چوڻ لاءِ تيار نه آهي، پر ايوب جي ساٿارين جي قبرن تي حاضريون ڀريون وڃن ٿيون، ضياءَالحق جي پيداوار بادشاهيون پئي ڪري، وڌيڪ عجب جي ته اِها ڳالهه آهي ته اُن جي حامي اُها پارٽي به آهي جنهن جي بانيءَ کي ضياءَالحق ڦاهيءَ ڇاڙهيو هئو. اُن سان گڏوگڏ مشرف جا حامي ۽ بينظير صاحبه جا قاتل سڏجندڙ به سندس ئي پارٽيءَ سان گڏ ٽي چار سال حڪومت ڪري چُڪا آهن. سندس ڪجهه ساٿين کي ته تازو ئي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پ پ پ جي مجرمانا خاموشيءَ عيوض نه صرف سندس اڳواڻن جا پراڻا ڪيس بند ڪيا ويا آهن، پر گذريل حڪومت ۾ ڪيل ڪلورن جي پرده پوشي ڪئي وئي آهي. اهو نواز شريف جيڪو پنهنجي وزير اعليٰ لياقت علي جتوئيءَ کي
(3)
استعفا جي ڌمڪيءَ بغير سعيد مهدي ۽ زبير قدوائيءَ کي هٽائي مرضيءَ جو چيف سيڪريٽري ۽ راڻا مقبول کي هٽائي مرضيءَ جو آءِ جي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، سو قائم علي شاهه جون فرمائشون پوريون ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن ڪري پ پ پ آزاديءَ سان پنهنجو مشن اڳتي وڌائي رهي آهي. 24 ارب روپيا پئڪيج ڏئي ڀٽي جي شهر لاڙڪاڻي کي ٻيو موهن جو دڙو بڻايو ويو آهي، ڪميشن بند ٿي وئي آ ترقياتي ڪمن لاءِ جاري ٿيندڙ رقم مڪمل طور هڙپ ڪئي ٿي وڃي. امن مان جي حالت وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي خدا ڪري ته وري پرو چانڊيو، نادر جسڪاڻي، علي گوهر چانڊيو، مُحب شيدي، عمر مغيري، بقادار شاهه، لائق چانڊيو، قادو سرگاڻي ۽ گلاب جيسڪاڻيءَ وارو دؤر نه موٽي. ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ جو به اهو حال آ جو مختلف گروپن سان ٺاهه ڪرڻ با وجود ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڪمي نه ٿي اچي، هاڻي ته حيدرآباد ۾ به شروعات ٿي چڪي آهي، پر حڪمران رڳو ڏند ڪڍڻ، هڪ ٻئي کي دعوتون کارائڻ، قرض کڻڻ ۽ پرائيويٽائيزيشن جي نالي جوارين وانگر گهر جا ٽپڙ کپائڻ ۾ پورا آهن. سول سروس جو به وڃي ٿو ٻيڙو ٻُڏندو، لوڪل گورنمينٽ ۾ ته انهن ماڻهن کي به بطور آفيسر مقرر ڪيو ويو جن جو نالو ان لسٽ ۾ ئي شامل نه هو، جيڪا هاءِ ڪورٽ ۾ داخلا ڪيل پٽيشن جي جواب ۾ جمع ڪرائي وئي هئي. پ پ پ جو ٽريڪ رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته ڪائونٽر ٽيرورزم ڊپارٽمينٽ ۾ به جيالا ڀرتي ڪيا ويندا، اُن ڪري اُن جو به جيڪو حال ٿيندو سو دنيا ڏسندي.
شڪر ٿيو جو عمران خان ان ڳٺ جوڙ ۾ شامل نه آهي، جنهن ڪري خيبر پختون خواهه ۾ قائم ڪيل سندن حڪومت نسبتن بهتر ڪم ڪري رهي آهي. پوسٽ گريجوئيٽ ماڻهن لاءِ ماهوار وضيفو مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ پهگارون به 15% وڌايون هين. ڪرپشن به الاهي گهٽ آهي، ايتري قدر جو جن وزيرن تي ڪرپشن جا الزام لڳا انهن کي هٽايو ويو آهي. پوءِ به بلاول
زرداريءَ ۾ ٿوري گهڻي اميد هئي ۽ سندس تقرير دؤران ائين لڳندو هو ته ڄاڻ لائوڊ ڦاٽو، پر وڏن جي ٺاهه ان کي به اهڙو ته مجبور ڪيو جو ٿر ۾ نواز شريف پٺيان ائين گهمي رهيو هجي ڄڻ بلاول نه پر حمزه شريف هجي!. بس سنڌ ۾ اگر خوش آهن ته ايم پي اي، جيڪي حلف کڻڻ کان هڪ دم پوءِ ڊفينس، ڪلفٽن ۽ گزريءَ ۾ غريباڻا گهر وٺي ڇڏيندا آهن ۽ سندن لاءِ ٺاهيل هاسٽل ۾ سندن ڊرائيور ۽ نوڪر چاڪر رهندا آهن، هو نه صرف ايم پي اي، پر اڻ سڌي طرح تعلقه ناظم به بڻيل آهن، پر ايم پي ايز به اُهي جيڪي گورنمينٽ ڌر جا آهن، باقي ن ليگ ۽ فنڪشنل وارا ته وتن ٿا نواز شريف کي پٽيندا. سندس افعالن مان لڳي ٿو ته سنڌ جي ليڳي اڳواڻن سان ٿيندڙ ملاقات به نتيجا خيز ثابت ڪونه ٿيندي، وڌ ۾ وڌ ملين ته ترقياتي فند ملندن، باقي معاملن ۾ کين زرداريءَ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، مسلم ليگ مان جان ڇڏائڻ جو ارادو رکندڙ وري نواز شريف ۽ زرداريءَ جي گيم جا فٽ بال بڻجي ويا آهن. بلوچستان وارا به چون ٿا ته سندن ٺهيل ٺڪيل حڪومت ٻين حوالي ڪئي وئي اُن ڪري اهڙي اڳواڻ مان ڪهڙو فائدو، خيبر پختون خواهه جو به ساڳيو حال آهي، شايد ان ڪري جو هو ان غلط فهمي ۾ مبتلا آهي ته پنجاب ۾ ٽنهي صوبن کان وڌيڪ ووٽ آهن، ان ڪري ان تي ڌيان ڏئي ته جيئن اتي حاصل ٿيندڙ اڪثريت جي زور تي حڪومت ٺاهندو رهيو، کيس اهو به پتو نه ٿو پوي ته پنجاب جو ووٽ به تحريڪ انصاف، ق ليگ ۽ پ پ پ ۾ ورهائجي چڪو آهي.
اُن ڪري ماڻهن جمهوريت جي پُراڻي وصف رد ڪري نئين وصف ڏئي ڇڏي آهي ته ”موقعي پرستي، وعدي خلافي، بي انصافي ۽ اقربا پروريءَ جو نالو جمهوريت آهي“ پر مراعتيافته ماڻهو اُن جي خلاف آهن، اُهي وري چون ٿا ته جمهوريت کي هلڻ ڏنو وڃي، اُها آهستي آهستي بهتر ٿيندي ويندي، پر اُن کي تڏهن دُرست مڃجي ها جڏهن گذريل حڪومت کان هاڻي ڪا بهتري نظر اچي ها، پر اصل سوال ته اهو آهي ته موجوده حڪومت جمهوري آهي يا جمهوري ئي نه آهي، ڇو ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر ابراهيم لنڪن مطابق “ It is the Government which is by the people, of the people & for the people”مطلب ته جمهوري حڪومت اها آهي جيڪا ماڻهن جي ووٽ سان قائم ٿئي، ماڻهن جي هجي ۽ ماڻهن لاءِ هجي، جڏهن ته پاڪستان جي ڪا به حڪومت Of the people ۽ for the people نه رهي آهي، موجوده حڪومت ته وري By the people به نه آهي ڇو ته اها بدترين ڌانڌليءَ وسيلي وجود ۾ آئي آهي، جنهن ڪري زرداريءَ جي دؤر ۾ ماڻهو حڪومت مان بيزار هئا، پر هاڻي ته جمهوريت کان بيزار آهن، نگران حڪومت جي قانون تي نظر وجهڻ سان به خبر پوندي ته جمهوريت جي دعويدارن جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏي آهي ڇو جو ان قانون موجب نگران حڪومتون اقتدار واري پارٽي ۽ مخالف ڌُر جي صلاح سان ٺهڻيون آهن، تنهن ڪري پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کانسواءِ ڪا به پارٽي اقتدار ۾ اچي ئي نه ٿي سگهي، تنهن ڪري تمام ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن جيڪي چون ٿا ته چونڊيل حڪومت جي ظلمن تي ڳالهائڻ جمهوريت ۽ ملڪ خلاف سازش آهي، جڏهن ته حضرت امام حسين عليه السلام جن فرمايو آهي ته ” ظلم تي خاموش رهڻ ظلم ڪرڻ جي برابر آهي“، حضرت علي عليه السلام وري فرمايو آهي ته ”ظلم جي حڪومت کان ڪفر جي حڪومت بهتر آهي“. استاد بخاريءَ چيو آهي ته.
حقيقت بياني گلا ٿي پوي ٿي، حقيقت پسندي ثنا ٿي پوي ٿي،
ڪجي ڇا ڪريان ڪيئن ڪاڏي وڃان، حقيقت لڪائڻ خطا ٿي پوي ٿي.

24/05/2014

پنکي جي دنيا ۾ انقلاب
ٽوڪيو پنکا ته توهان کوڙ ٺا هوندا پر اهڙو نه جيڪو توهان جي ڦرن سان گڏ ڦري،۽ جيڪڏهن توهان ڪمري مان ٻاهر هليا وڃو ته پنهنجو پاڻ بند به ٿي ويندو!!!
جاپان اهڙو اسمارٽ پنکو تيار ڪري ورتو آهي. جيڪو پنهنجي ويجهڙ ۾ رهندڙ انسانن جي موجودگي محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجو پاڻ هلڻ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ هوا ڏي ٿو انفرا ريڊ ٽيڪنالاجي جي مدد سان ان پنکي جي اها ئي خاصيت آهي ته هوا صرف انسانن ڏانهن اڇلي ڪنهن به خالي جاءِ تي نه پر انسانن جي مٿان هوا اڇلائي. 176 ڊالرن جو اهو پنکو 85 ڊگري تائين ڦري ماڻهن ڏانهن هوا موڪلي سگهي ٿو جيڪڏهن ڪو به ماڻهو هڪ منٽ کان وڌيڪ ٽائم پنکي کان پري رهندو ته پنکو پنهنجو پاڻ بند ٿي ويندو.
هي پنکو هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي موجودگي محصوص ڪري سگهي ٿو ۽ انهن صورت ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ڪوشش ڪري ٿو ته سڀني کي هڪ جيتري هوا پهچايان
سنڌي ليڪس

23/05/2014

حڪومت لوڊ شيڊنگ تي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

سنڌي ليڪس

05/04/2014

Sindhi - سنڌي

Stop Killing Sindhi Nationalists
Keep Sharing on Your Friends
◆ Like ◆ Tag ◆ Share ◆ Comment
╚═► Sindhi - سنڌي

05/04/2014

Sindhi - سنڌي

”بلوچي پڙهو بلوچي لکو بلوچي ڳالهايو “
هن قسم جي پوسٽ ٽيگ ڪئي آهي مون سان، ”بلوچ قومي موومينٽ“.
اوهان کي بلوچ ٿيڻ جو شوق آهي، اکين تي، جيترو جلد ٿي سگهي پاڙيسري وطن لڏي وڃو. هيڏي وڏي ايراضيءَ ۾ 50 لک بلوچ تمام گهڻا ٿورا آهن، رياستي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ.
اوهان بلوچستان وڃو يا نه!، پر اسان بلوچستان جي بلوچن جي قومي تحريڪ جا حامي آهيون ۽ حامي رهنداسين، اوهان جن اهڙن افعالن باوجود.
پر جيڪڏهن اوهان سنڌ ۾ ڪنهن ”بلوچ قومي موومينٽ“ جي نالي ۾ ڪو ڊرامو ڪرڻ چاهيو ٿا ته، يقينن، اوهان بلوچستان ۾ موجود ”بي گروپ“ جيان ئي سنڌ ۾ وجود رکو ٿا. بلوچ دشمن رياستي گروپ جيان،
سنڌ دشمن گروپ.
اسد چانڊيو
Sindhi - سنڌي
ڄاڻ؛ سماچار؛ شاعري سميت سنڌيّت لاءِ پيج پسند ڪندا.
www.facebook.com/Sindhiyat

05/04/2014
Sindhi - سنڌي

Sindhi - سنڌي

HIK TEHZEB HIK IKHLAQ, If this video clip hit ur Heart you like this then must share it with your Friends to Get this Information
Sarwech Odho
Keep Sharing on Your Friends
◆ Like ◆ Tag ◆ Share ◆ Comment
╚═► Sindhi - سنڌي

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi.Leaks posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share