sindhi Naat TV

  • Home
  • sindhi Naat TV

sindhi Naat TV sindhi naat

14/03/2024

time

سنڌ ڌرتيء جو سدا حيات شاعر عاشقي رسول ڪريم ص فقير الحاج غلام نبي مهيسر حاجي عبدالخالق جي گهر ۾ 1938 ڌاري ميهڙ لڳ ڳوٺ باغ...
13/12/2023

سنڌ ڌرتيء جو سدا حيات شاعر عاشقي رسول ڪريم ص فقير الحاج غلام نبي مهيسر حاجي عبدالخالق جي گهر ۾ 1938 ڌاري ميهڙ لڳ ڳوٺ باغو تيوڻو ۾ جنم ورتو پاڻ نبي اڪرم حضور پر نور آقاءنامدار اڙين جي آڌار يتيمن جي يار سان بيحد تمام گهڻي محبت ڪندا هئا اهو ئي سبب آ جو پاڻ ننڍي هوندي پيرين پنڌ ڪري ٻه سال چوڏهن ڏيهن جبلن جا پنڌ ڪري پهريون حج اڪبري اد ڪين سفر بيت الله ۽ تڪليفون ۽ اهنج مهيسر صاحب رح 1954 ڌاري پهنجي هڪ مينهن وڪرو ڪري پهنجي چاچي حاجي ميهر ۽ پهنجي رفيقن حاجي حبيب الله مهيسر ۽ ڪجه تيوڻا برادري جي اٽڪل 10 ٻارهن ماڻھن تي مشتمل ڪافلي جي صورت ۾ گهر کان روانو ٿيو سندس والدين کيس اجازت نه پيا ڏين ته ٻچا تهنجي عمر سفا ننڍي آهي ۽ جبلن جا پنڌ تمام ڏکيا ۽ وڏا آهن پر سندس دل مديني واري گهوٽ جي زيارت لاء خوب تڙپي رهي هئي ان لاء والدين کان دعائون وٺڻ کان پوء الله تي توڪل رکي گهران روانو ٿيو سندس چواڻي مطابق ته راڌڻ اسٽيشن کان ريل گاڏي ۾ ويٺا سين ۽ ڪجه ڪلاڪن جو سفر ڪري ڪراچي پهتاسين مهنجي کيسي ۾ ان وقت 14 روپيا يا 16 روپيا هيا سي مون ڪراچي ۾ کپائي ڇڏيا ڪجه ڏينهن ڪراچي ۾ اسانکي لانچ جو انتظار ڪندي گزريا آخر 10 ڏينهن کان بعد لانچ ملي ۽ سڀ ان تي ويٺاسين تڏھن پاسپورٽ وغيره پيادل سفر ڪرڻ وارن لاء لازم نه هئو هر هڪ ملڪ جون سرحدون حاجين لاء کُليل هيون جڏھن لانچ ڀرجي وئي ته لانچ جي مالڪ ڪرايو وٺڻ شروع ڪيو جڏهن مون وٽ پهتو ته مون وٽ پئسا ئي نه بچيا هئا هڪ دم مونکي چيائين يا ڪرايو ڏي يا لهي وڃ ان وقت مون وٽ مديني واري سائين کي سڏڻ کان سوا ڪو به چارو نه هيو لانچ واري مونکي ٻانهن مان وٺي هڪ دم پتڻ تي لاهي ڇڏيو مون پهنجي سائينء کي سڏ ڪري روئي نعت پڙھڻ شروع ڪئي ته سڀني لانچ ۾ ويٺلن چيو ته اسان سڀ هن جو ڪرايو ڏيون ٿا هن جو عشق اور آ ايئن نه ٿئي جو لانچ سمنڊ ۾ ٻُڏي وڃي بحر حال مونکي لانچ ۾ جاء ملي ۽ ڪجه پئسا به مونکي مليا ڪراچي کان روانا ٿي ڪري وڃي عدن ملڪ جي سرحد تي پُڳا سين جٿان کان با ضابطه اسانجو پياد سفر شروع ٿيو ۽ سڄو ڏينهن سفر ڪندا هئاسين ۽ ڪوشش ڪندا هئاسين ته مغرب نماز ڪنهن وسنديء ۾ پڙھئو ۽ پوء ائين ٿيندو هيو رات ڪنهن ڳوٺ ۾ گزاريندا هئاسين ۽ رات جي ماني اسان ان ڳوٺ مان ماڻهن کان وٺي کائيندا هئاسين ۽ فجر پڙھي سفر شروع ڪندا هياسين ايئن اسان عدن کان گزري جيزان پهتاسين اتان کان پوء مقلا جڏهن سخت گرمي ٿي ته جبل هڪ باه جو کُورو بڻجي ويا پر ان هوندي به الله مدد ڪئي سفر جاري رکيم پر ڪجه ڏينهن سفر ڪندي طبيعت ناساز ٿي پئي ۽ پنڌ ڪرڻ کان لاچار ٿي پيم مهنجي رفيقن مهنجو ٻھ ڏينهن مهنجي ٺيڪ ٿيڻ جو انتظار ڪيو پر مهنجي طبيعت انتهائي خراب رهي جهنتي هُنن مونکي چيو ته اسان توکي ڪجه کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي ڏيون ٿا وڃون جي بچي وڃي ته ڪهن ڪافلي سان رليو اچجائن نه ته خدا حافظ ان ڏينهن مونکي مهنجي امڙ ۽ بابا ڏاڍا ياد پيا رات ٿي مون جڏهن ڪجه چانور رنڌڻ ڪاڻ باه ٻاري ته چوڌاري ڀولڙا گڏ ٿي ويا مون جلدي ۾ باه وسائي ورتي ۽ ڀولڙا مونکي نقسان پهچائڻ کان سواء واپس هليا ويا بحرحال مهنجي طبيعت ڪجه بهتر ٿي ۽ ڏٺم ته ٻيو ڪافلو اتان لانگاهو ٿيو جن سان رلجي سفر ڪيم پر يمن ملڪ ۾ جهڏهن پهتاسين ته مهنجي پيرن ۾ زخم ٿي پيا ۽ اکين جو نورُ پڻ ختم ٿي ويو انهن ڪافلي وارن به مونکان الوداع ڪئي هڪ وڻ جي هيٺان ويهي رهيم شام جو وقت ٿيو ۽ ڏينهن ٿڌو ٿيو ته الله ۽ ان جي حبيب جي مهرباني سان جيئن چوندا آهن رب هڪڙي ته ٻي پٽي هڪ ٻڪرارُ مونکي ڪلهي تي کڻي پهنجي گهر وٺي آيو ۽ مهنجو حال ڏسي احساس ٿيس يا مهنجي الله پاڪ مهنجي مدد لاء موڪليس بحر حال ٻه مهينا اتي ان مهنجو علاج ڪيو علاج ۾ مونکي ڍڳيء جو يا ٻڪريء جو مکڻ مهنجي پيرن کي هڻدو هيو ۽ ليمين ۾ سرائي اندر وجهي پوء اها سرائي مونکي سُرمي وانگر پارائيندو هيو جهنکان پوء مهنجي اکين مان پاڻي وهندو هيو وڏو نيڪ ۽ خير خواه انسان هيو يمني هو الله پاڪ سندس درجات بلند فرمائي آمين مهنجي طبيعت جڏهن بلڪل درست ٿي ته مون هن کي اشارن چيو ته مونکي مديني وڃڻو جهنتي هُن وراڻيو ته تون ننڍو آهين هاڻي تون مونسان گڏ ھُجُ ۽ اشارو ڪري چيائين ته تون مهنجي نياڻيء سان شادي ڪر پر مونکي اُڪير هئي عربيء گھوٽ جي ۽ ان عشق ۾ مهنجون اکيون نير وهائڻ لڳيون جهنتي هن مونکي آٿتُ ڏئي چيو ته ٺيڪ آ مان توکي ڪنهن ڪافلي سان موڪليان ٿو اهڙي طرح مان ڪنهن ڪافلي سان رلجي اچي سعوديه جي سرحدن ۾ داخل ٿي رب جو شڪر ڪيم انهن ڏينهن ۾ سعوديه جي روڊن رستن جو ڪم تيزيء سان هلندڙ ھيو ۽ خالي گاڏين وارا حاجين کي ڏسي گاڏي جهلي کين کڻن پيا جيستائين هو وڃن پيا يعني جتي ڇڏن پيا اتن پنڌ ڪيون پيا وري ڪا گاڏي ملي پئي مطلب سعوديه اندي اسانکي تڪليف وارو پنڌ نه ڪرڻو پيو شام جو سج لهڻ تي هيو مان الله جي بيت جي حرم ۾ داخل ٿيس شڪر جا سجدا ادا ڪيم تواف ڪري پاڻي پي ۽ پاسي سان سمهي رهيس ۽ اهڙي طرح مونکي اتي مزدوري به ملي ۽ رهائش به پر اٺ ڏينهن گزريا ته مونکي مهنجي ڪافلي وارن مان هڪ به رفيق منهن نه چڙھيو جهنجي ڪري پريشان هئس ته چاچو چاچي ۽ ٻيا رفيق مديني ته نه هليا ويا جو مدنيء جي سڪ مونکي سمهڻ نه پئي ڏئي ان زماني ۾ حرم پاڪ ايترو وڏو نه هئو يعني جي هڪ دروازي تي ڪو ويٺل هوندو هئي ته ٻئي دروازي کان داخل ٿيندڙ شخص چٽو ظاهر ٿيندو هيو مان روز مزوري ڪري زُهر جي نماز پڙھي ڪعبت الله ۾ ئي هوندو هيم نماز سان گڏ تواف ابي امڙ لاء دعائون ۽ پهنجي رفيقن جي ملڻ جون دعائون گهرندو هئس 20 ڏينهن گزريا ته عصر جي نماز پڙھي ويٺس ته پهنجن رفيقن کي ڏٺم کين سامان ڪلهن تي هيو ۽ حرم ۾ داخل ٿيا ته مان ڊوڙ پائي کين وڃي مليم جهنتي هنن مونکي ڏسي حيرانگيء مان چيو ته تون ڪڏهن آيو آهين اسان ته سمجهيو هيو سين ته تون هن دنيا مان رخصت ڪري وئين جهنتي مون کين چيو مونتي الله ۽ ان جي رسول ڪريم جي مهرباني ٿي جو مان اچي هتي پهتم اوهان ايڏي دير ڪئي مان ته ٻه مهينا بيمار به هئس ته هنن چيو اسان رستو ڀلجي وياسين تڏهن اسانکي ايڏي دير لڳي مون چيو خير سان اچي ويئو الحمد لله , پاڻ ان کانپوء به هڪ حج ۽ ٽي ڀيرا عمري ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيائون حاجي صاحب جي احترام جو هي مقام هيو جو پاڻ مديني پاڪ ۾ جُتي نه پائيندا هيا هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهوء کين پيرين اگهاڙو ڏٺو ته کين جوتو وٺي ڏنائو پاڻ کيس چينس ته ادا مان مديني پاڪ ۾ جُتي نه پائيندو آهيان ادا الله اوهانکي جزاء خير ادا ڪندو, پاڻ ڳاله ڪندا هيا ته هڪ ڀيري مديني پاڪ ۾ رهيل هيس ۽ حرم پاڪ مان نماز عصر ادا ڪري باب الاوالي واري پاسي ڏانهن ٿورو ٻاهر ويس ته اچانڪ پوليس جي گاڏي اچي وئي ۽ مونکي پڪڙي ٻين اجنبن سان ويهارين مونکي ڏاڍو ڏکُ ٿيو جو مهنجي ويزا جو ٽائيم ختم ٿي ويو هيو مگر مديني پاڪ ۽ پهنجي آقا ص جي پاڙي کي ڇڏي نه پيو سگهان جيئن گاڏي ٿورو اڳتي هلي ته مان روئي پهنجي آقا کي عرض ڪيم ته پهنجي در تي سڏي پهنجا قرب ڪري هاڻي هيئن ڇنندين ماڻهون ڇا چوندا روئڻ کان بس نه پيو ڪيان عرب مهنجي سنڌي نه پيا سمجهن پر ٿورو ئي پنڌ اڳتي هليا سين ته پوليس جو اڳواڻ گاڏي روڪي پٺيان آيو ۽ چيائين تون ڇوپيو ايڏو روئين مون نبي پاڪ جي نيلن ڏانهن اشارو ڪيو پاڻ چيائين پاسپورٽ مهنجي حوالي ڪر مون کيس پاسپورٽ ڏنو پاسپورٽ وٺي اڳيان وڃين گاڏي ڦيرائي مونکي حرم شريف تي لاٿن ۽ چيائون ته سڀاڻي ظهر جي نماز تي هتي توکي پاسپورٽ ڏينداسين ۽ هڪ ننڍڙو ڪاغذ صحيح ڪري ڏنائون چين ته هي پاڻ وٽ رکُ جيسيتائين توکي پاسپورٽ ڏيئون مان ڏاڍو خوش ٿيس جو يار جي پاڙي ۾ وڌيڪ ڪجه گهڙيون رهڻ جو موقعو ملي ويو ٻئي ڏينهن اهي عملدار مونکي هڪ هفتي جو ٽائيم وڌرائي ڏئي ويا پاڻ سڄي زندگي نعت شريف پڙهندي ۽ لکندي گزاري سبحان الله پاڻ پهنجي زندگيء ۾ به ڏاڍا سادا ۽ سٻاجهڙا هيا جو جيتري الله پاڪ محبوبن ڪريمن جي صدقي عزت عطا ڪئي هئي اوتري وڏائي نه ڪندا هيا مهيسر صاحب سان وقت جا ڪامورا نواب وڏيرا دعا وٺڻ واسطي ايندا رهندا هئا هڪ ڀيري بلوچستان جي ڪجه امير مانڻهون هڪ پيجارو تي سندس ڳوٺ آيا ۽ پڇا ڪين ته فقير صاحب سان ملڻو آ پاڻ گهر ۾ موجود نه هيا ۽ ڀر ۾ هڪ زمين هئي ان ۾ پاڻ چڻن جو ساڳُ پٽي رهيا هيا ڪي ڇوڪرا ويا ۽ کيس وٺي آيا مگر مهمان مڃڻ لاء تيار نه هئا ته هي فقير صاحب آهي پاڻ کين شعر ٺاهي ٻڌايُن ته ڀل مهيسر ميرڙو مندڙو گندو گرڙو هُجي ايئن سُٺا آهيون سلامت عشق جو زرڙو هجي مهمانن چيو سائين اوهان ته واقعي درويش صفت انسان آهيو پاڻ مشاهدو ڪندا هيا ۽ معاشري جي هر اوڻائيء تي بي خوف ٿي ڪري شاعري ڪئي اٿن جيئن رُڇ ۽ بڇ جي مذمت ڪندي شعر لکين افسوس اي مسلمان رنج ڪيئي الله کي بيٺو ڪُتا بڇائين رُڇ بيگناه کي يا وري جيئن لکين وقت جي چيئر مينن تي جن غريبن کي زڪوات ڏيڻ جي بجاء پاڻ کاڌي چين ته آهيون آسرن ۾ اڃا تائين اسن تون کائي چيئر مين ويا زوريء زڪواتون يا وري لکين ڪهڙي طرح ڪيئن به پئسو اچي, اچي ڀلي ايمان بچي نه بچي هارينُ جي پيڙا کي بيانُ ڪندي لکين قرضُ نه کڻُ اي ڪُڙمين يار قرضُ اسانتان لهندو ڪون, ٻار تي توڙين رکين ٻه قرآن چور جو روحُ آ رهندو ڪون پاڻ هڪڙي وڏيري وٽ ڪنهن ڪم سانگي ويا جڏ اُتي کين محسوس ٿيو ته پاڻ لکين چمچن مُلڪ کي ماري ڇڏ يو آ چانس چمچا گيريء ۾ ,پر اسان نه ڪنداسين پيريء ۾ پاڻ هر درگاه سان عقيدت مندي رکندا هيا ۽ هر درگاه کان مليل دعوت قبول ڪري ان ۾ شرڪت ڪري شعر ٺاهي پيش ڪندا هيا ته ٻڌندڙن تي جذبو تاري ٿي ويندو هيو پاڻ ڪيئي منقبتون لکيون اٿن پيرن جي پير سهڻي دستگير جا به ديوانا هيا ۽ لکين ته طالب مان مهنجو مرشد تون آن دنيا جا رهبر دم دسگير
قسم خدا جو قيامت تائين فيض پيا وٺندا پير فقير درگاه عاليه پير جو ڳوٺ سان به سندن بيح محبت هئي سائين شاه مردان شاه سائين هر سال 27رجب المجرب تي جن خاص مانڻهن سان ملاقات ڪندا هئا انهن ۾ سندس نالو سر فهرست هوندو هيو سائين مشورن واري سائين بادشاه سان به کين گهڻو پيار هيو ايتري قدر جو کين هڪ ئي فرزند آ جهنجو نالو سائين جن کان رکراين (نالي مٺو) سائين قمبر وارن جي به خاص عنايت هين سائين خالد سلطان به سندن مٿان مهربان هيا ۽ لک عزتون ڏيندا هين ڪرامات پاڻ ته پهنجي واتان پاڻ ڪجه نه ٻڌاين مگر سندس وصال کان پوء ڪيترا مانڻون آيا ۽ انهن ٻڌايو ته حاجي صاحب کان جن جن مقصدن لاء دعا گهرائي سين سي سڀ جا سڀ سڀ ڪم آساني سان ٿي ويا هڪ مانڻهون ميھڙ شھر جو آ ۽ مين شاهي بازار ۾ عطر جا ٻُڙا وڪڻدو هيو ان کي پُٽ جو اولاد ڪون هيو ان حاجي صاحب کي چيو سائين دعا ڪر ته جهولي سائي ٿئي جهنتي کيس چين بابا مان گنهگار مانڻهو آهيا سنڌ جي اولياء ڪرامن وٽ دعائون گهُر الله سڻائي ڪندئي کيس چيئين حاجي صا حب گهڻيون دعائو ڪيو اٿم ڪرايون اٿم پر اڃا مهرباني نٿي ٿئي گهڻيون منٿون ڪرڻ تي کيس چيائو ابا الله پُٽُ ڏيندئي نالو محمد رکجانس ۽ ڪا نشاني هجيس ته سمجهجائن هي مهنجي دعا اٿئي ان کي پٽ ڄائو ته جيئن حاجي صاحب کي هڪ هٿ ۾ هڪ آڱُر وڌيڪ هئي اهڙي طرح ان ڇوڪري کي ٻنهين هٿن ۾ هڪ هڪ آڱر وڌيڪ آهي جو اڄ تائين ميهڙ شهر ۾ موجود آ پاڻ فقيري طبيعت رکندڙ درويش صفت انسان هيا پاڻ ھرو ڀرو ڪهن سان ناراض نه ٿيندا هيا مگر دنيا وارا کيس سڃاڻي نه سگهيا جن به سندن دل ڏکائي انهن جي مٿان تڪليفون آيون هڪ ڀيري مشهور قصو آ ته هڪ مدُو جانوري نالي واپاري فقير صاحب کان مينهن وٺي ويو پئسا ڪجه ڏنائين ڪجه رهائي ويو فقير صاحب کائنس بقايا پئسا گهرندو رهيو پر هن واپس نه ڏنس هڪ جانورن جي وڏيري وٽ دانهن کڻي ويو مگر شعر ٺاهي ان ۾ سڄو قصو بيان ڪيائين ته مار پوندئي اي مدُو شل جان ڳرندئي جانوري جيڏي مهل اهو شعر فقير سائين اڌ پڙھيو ته ان وڏيري وٽ سڃاڻپ هئي ۽ اٿي اچي فقير سائين کي چيائين ته فقير چپ ڪر مدُوء کي ڪهي ڇڏيئي ۽ ايئن ئي ٿيو هڪ ٻن ڏينهن کان پو ء ميهڙ شھر ۾ هن همراه جي مٿان اهڙو حملو ٿيو جو جيئن فقير سائين قلم سان لکيو ايئن ٿيو پر زندگي بچي ويس پاڻ شاعري ۾ جنهن کي به جيڪا دعا ڪين اها مقبول ٿي سندن وٽ هڪ بزرگ جي امانت هڪُ مرگهيء جي بيماري جو تعويز هيو جهن مان سوين ماڻهون صحت ياب ٿي ويا جو تعويز حاجي صاحب پهنجي اولاد حوالي ڪري ويو جيڪي اهو تعويز لکي مريضن کي ڏيندا رهن ٿا سندس وصال کان پوء سندس فرزند چواڻي مطابق ته بابا جي مقبري جو ڪم پيو ڪرايان قبرستان جي نذديڪ زخيز زمين هئي ان ۾ پاڻي بيٺل هيو ڪالمن لاء کڌا کوٽياسين ٻيا سڀ کڏا پاڻي سان ڀرجي ويا پر بابا جي سيراندي ۽ پيراندي واري کڏي۾ هڪ ڍڪُ به پاڻيء جو نه هيو استاد موسن ڏيپر رهندڙڳوٺ گاهي مهيسر ان ڳاله جي پڻ تصديق ڪئي سبحان الله حضور ص جو سچو عاشق هيو پاڻ گهڻي شاعري حمد نعت قصيدا مناجات جي ڪئي اٿن اڄ به سندس ڪلام هنڌ ۽ سنڌ ۾ بيحد مقبول آ اها هر محفل نعت يا خطاب دوران نعت خوان يا علماء ڪرام سندس ڪلام کي پڙھندا رهن ٿا
پاڻ نعتيا شاعري کان علاوه قومي شاعري نصيحت ڀري شاعري ۽ قصيده گوئي ب پڻ ڪئي اٿن سندس شاعري جو اهو ڪمال هيو جو ويٺي ويٺي شعر ٺاهي ويندا هيا سندس شاعري کي سنڌ جي سريلن راڳين ڳايو آھي ۽ڳائيندا رهن ٿا سندس شاعري ۾ خيال جو پرواز تمام مٿ ڀرو ملي ٿو سندس ڪلام کي مرحوم جلال چانڊيو سرمد سنڌي چاڪر چانڊيو روبينا حيدري روزينا حيدري ماسٽر منظور ماسٽر منظور جو والد مکڻو فقير عبدالطيف عباسي محمد قاسم اوٺو مٺو ڪڇي غلام حسين ميراثي سڄڻ سنڌي محمد عرس چانڊيو ربنواز مهيسر صنم ماروي ممتاز علي لاشاري ساجد علي ساجد علي مراد جتوئي نجف علي نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ ڳايو آھي ۽ سريلا راڳي سندس ڪلام آلاپيندا رهن ٿا سندس ڇپيل شاعري ۾ ثناء سروري ڪائنات جا 44 ڀاڱا جيڪي 1968 کان1984 تائين ڇپيا ان کان بعد سندس ڪتاب عقيدت جا گل,حق مدينا,پنج خدا جا گنج ,سونهن۽ ساراه,محفل ميلاد,ثناء مصطفا شامل آھن ۽ ڪجه اڻڇپيل مواد پڻ موجود آھي پاڻ هڪ اندازي مطابق 500 آ ڊيو ڪيسيٽون پهنجي ساٿين حاجي جان محمد,حاجي ليمون فقير ,حاجي عبدالحق,عبدالمجيد مڱڻھار,احمد علي جتوئي ۽ ٻين سان گڏ رڪارڊ ڪرايون جيڪو مواد هن مهل يو ٽيب انٽرنيٽ الحاج غلام نبي مهيسر نالي ٺھيل پيج تي پڻ موجود آھي جهنکي لکن جي تعداد ۾ ٻڌندڙ ٻڌي رهيا آھن سندس شعرن جو تعداد هزارن ۾ آھي ۽ هر شعر نعت مولود يا ڪافي ايتري ت محبت ۽ عقيدت سان لکيل آ ھي جو ٻڌندڙ کي پهجي منزل ڏانهن کڻي وڃي ٿي ۽ دل جي تارن کي ڇيڙي اکين مان لڙڪ هارڻ تي پڻ مجبور ڪري ٿي پاڻ فقيري حال ۾ پهنجي زندگي گزارين کيس اولاد ۾ هڪ پٽ ۽ ٻ نياڻيون آھن سندس پٽ چواڻي ت با با جڏهن بيمار ٿي پيا ت ڊاڪٽن کيس صلاح ڏني ت اوهان بد پرهيزي نڪيو ۽ دوائون ٽائيم تي کائو بد پرهيزي ڪرڻ تي مون چيو بابا سائين ڊاڪٽر منع ڪئي آ ۽ چيو اٿن ت فالج جو حملو ب ٿي سگهي ٿو پاڻ چين پٽ دستاويز کڻي آ ت توکي لکي ڏيان مان مري ويندس مرڻ حق آ مگر مهنجو چهرو قيامت تائين تبديل ن ٿيندو مونکي پهنجي سڄڻ ۾ پڪ آ جڏهن وصال ڪين ت هڪ نيڪ انسان خواب ڏٺو ت مسجد نبوي ۾ هڪ جنازو آيو ۽ اعلان ٿيو ت عاشقي رسول ڪريم ص حاجي غلام نبي مهيسر جو جنازو آ نماز پڙهي وڃي سبحان الله سندس نماز جنازه ۾ وڏي تعداد ۾ عوان الناس شرڪت ڪئي ايتري قدر جو ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ ايتري جاء ن هئي ۽ سندس جنازو ميھڙ تائين سندس دوست مائ ٽ کڻي آيا ۽ ميهڙ جي قديمي عيد گاه ۾ سائين مفتي ڪيم بخش سندس وصيعت مطابق جنازي جي نماز پڙھائي سندس جنازي پڙهڻ کانپوء تدفين تائين حاجي جان محمد حاجي عبدالحق نعتون پڙهندا رهيا سبحان الله پاڻ 29 شعبان المعظم 26 نويمبر سال 2000 ۾ وصال فرمائي پهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا سندس آخري آرام گاه ڳوٺ گاهي مهيسر لڳ سندس اباڻي قبرستان ۾ آھي اڄ ب سندس مزار تي اچڻ وارا سوين ماڻھون کيس قل شريف پڙهي بخشي وڃن ٿا الله سائين سندس جنت الفردوس ۾ درجات بلند ڪري آمين سندس رمضان مبارڪ سان اها نسبت آهي جو پهرين رمضان کين الحد ۾ آئي سبحان الله
طالب دعا محمد نصير عرف نالي مٺو مهيسر ولد الحاج غلام نبي مهيسر

25/10/2023

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when sindhi Naat TV posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share