05/09/2021
#لاڙڪاڻو
قومي عوامي تحريڪ لاڙڪاڻو طرفان ضلعي آرگنائيزر وڪيل غلام شبير جتوئي ، رضا بلوچ, وڪيل جميل ميمڻ, اسلم سومرو, جميل احمد لاڙ, ڪي بي گاڏھي, شان سبزوئي ,ڪامريڊ ممتاز سومرو ۽ ذيشان کوکر، جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب لاڙڪاڻو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته، سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاء 20لک غير قانوني طور رهيل پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن ته، ٻي طرف افغانستان جو حالتون خراب ٿيندي ئي هزارين افغانين کي سنڌ ۾ رهائڻ لاء سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومتون سرگرم آهن، جيڪي سازشون سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هتي هڪڙو نئون اسرائيل قائم ڪرڻ جون آهن، قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ ۾ وڌيڪ پناهگيرن تي بندش لڳائي وڃي، لکين پناهگيرن سڄي سنڌ ۾ ملڪيتون ۽ غيرقانوني طور قبضا ڪيا آهن، سنڌ حڪومت فوري جوڳا اپاءُ وٺي ۽ پناهگيرن کي ڪئمپن تائين محدود ڪيو وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي 16000 ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ، دراصل سورنهن هزار خاندانن جو معاشي طور قتل عام ڪرڻ آهي، قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جا ماڻهو چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪن ته بيروزگار ٿيل هزارين ماڻهن کي نوڪرين مان برطرفين واري فيصلي کي مسترد ڪيو وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارسا سنڌ کي حصي جو پاڻي فراهم نٿو ڪري، سنڌ کي برپٽ ۽ بيابان بڻائڻ لاء ڊيمن کي تعمير ڪرائڻ جو سازشون سٽيون پيون وڃن، ٻئي طرف سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو ان تي سنڌ حڪومت جا وزير ۽ حڪومتي وڏيرا ۽ جاگيردار زبردستي چوري ڪن ٿا نتيجي ۾ سنڌ جي عام آبادگار ۽ شهرين کي پيئن لاء ڍڪ پاڻي به نصيب نٿو ٿئي،
قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪن ۽ سنڌ کي ٻين صوبن وانگر تعليم، روزگار، پاڻي ۽ بنيادي سهوليتون ميرٽ جي بنياد تي بنا ڪنهن تفريق جي ڏنيون وڃن ـ
قومي عوامي تحريڪ لاڙڪاڻو