Public Voice Khp

  • Home
  • Public Voice Khp

Public Voice Khp Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Public Voice Khp, TV Network, .

18/06/2021
16/06/2021
15/06/2021

خيرپور(رپورٽ فهيم احمد ميتلو) سماجي اڳواڻ صحافي محمد وسيم ميتلو ۽ صحافي فهيم احمد ميتلو جي ميزباني ۾ ميتلا برادري جي گڏجاڻي، گڏجاڻي ٻن بيراجن جي وچ ۾ ٺهيل مقامي هوٽل سجاد ريسٽورنٽ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ اڳوڻو سيشن جج لاڙڪاڻو، موجود چيرمين ڊرگس ڪورٽ سنڌ سردار اقبال ميتلو صاحب ۽ سندس فرزند جي مهمان خاص طور شرڪت، ۽ سماجي اڳواڻ صحافي محمد وسيم، صحافي فهيم احمد ميتلو ،صحافي فرحان ميتلو ، جو چاچو تازو خيرپور جي بار اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ سينئر ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ميتلو ۽ ميتلا برادري جي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ميتلا برادري جي سردار اقبال ميتلو برادري جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن برادري جي مهمانن کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو پنهنجي ٻارن، کي نياڻين توڙي پٽن کي حر حال ۾ تعليم جي زيور سان نوازين ڇو جو تعليم سان ئي نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪري سگهجي ٿو تعليم ئي ٻارن جي بهترين تربيت ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي ۽ سردار پنهنجي برادري جي وڪيل سماجي اڳواڻ محمد وسيم ميتلو جي چاچي عبدالرزاق ميتلو، کي خيرپور بار جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، ان موقعي تي محمد وسيم ميتلو پاران پنهنجي برادري جي سردار کي پنهنجي قيمتي ٽائيم مان ٽائيم ڪڌي اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ سردار کي سنڌ جي سونهن اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو پيش ڪندي سردار جا ٿورا مڃان، سردار جي فرزند کي پڻ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته اسان وڏا خش نصيب آهيون جو اسان کي سلجهيل، پڙهيل لکيل، فيملي سان واسطو رکندڙ سردار مليو آهي جنهن برادري کي جهيڙن کان روڪيو ۽ برادري کي تعليم ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو جنهن جي ڪري اڄ اسان جي ميتلا برادري کي پڙهيل لکيل، سلجهيل برادري تسليم ڪيو وڃي ٿو، جيڪو اسان جي لاءِ هڪ تمام وڏو اعزاز آهي. ۽ اهو اسان جي سردار محترم اقبال ميتلو صاحب جي ڪوششن سان ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي.

خيرپور (ڊسٽرڪٽ رپورٽر فهيم احمد ميتلو 03044481287) سينئر صحافي سراج الدين شھواڻي تي آفيس ۾ حملو ، زخمي، ملوث جوابدارن کي...
21/05/2021

خيرپور (ڊسٽرڪٽ رپورٽر فهيم احمد ميتلو 03044481287) سينئر صحافي سراج الدين شھواڻي تي آفيس ۾ حملو ، زخمي، ملوث جوابدارن کي پوليس فوري طور گرفتار ڪري ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو. صحافين جو مطالبو

03/05/2021

ڏوڪري. رپورٽ مختيار علي انڙ ڏوڪري ڀرسان ڪچي جي علائقي فتح پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير خان گبول جو رهواسي نوجوان گلزار گبول جو گوليون لڳل لاش هٿ

ڏوڪري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ڏوڪري اسپتال پهچايو

ڏوڪري:جتي وارث عورتن پاران پوليس خلاف احتجاج ڪندي سخت نعري بازي ڪئي وئي ان دانهيندي چيو ته اسان جي گبول برادري سان دشمني آهي ڪيترا ڀيرا پوليس کي تحفظ جي اپيل ڪئي پر پوليس ڪابه مدد نه ڪئي جوابدار اسان جو نوجوان گوليو هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي

01/05/2021

خیرپور مزدور ڈی کے عالمی دن کے موقع پر رکن قومی اسمبلی ڈاکٹر نفیسہ شاہ کا پیغام

خیرپور مزدوروں کے دن پر آج ان کو خراج تحسین پیش کرتے ہیں نفیسہ شاہ

خیرپور مزدورں کے بنا یے ملک ترقی نہیں کرسکتا نفیسہ شاہ

خیرپور اس نااہل اور نالائق حکومت نے مزدوروں کے لئے کچھ نہیں کیا ہے ۔نفیسہ شاہ

خیرپور جو مزدوروں کو ایک کروڑ گہر دینے کی نالائق حکومت نے بات کی تہی وہ بہی پوری نہیں ہوئی نفیسہ شاہ

خیرپور مزدور آج بہی محنت کرکے اپنے پسینے سے بچوں کا پیٹ پال رہے ہیں نفیسہ شاہ

خیرپور اس مہنگائی کی وجھ سے مزدور طبقہ دو وقت کی روٹے کے لئے پریشان ہیں نفیسہ شاہ

خیرپور پیپلزپارٹی نے مزدور کی اجرت بڑہائی اور ان کو حقوق دلائے نفیسہ شاہ

20/04/2021

ڏوڪري.. رپورٽ مختيار علي انڙ
ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ بخش جتوئي ۾ نامعلوم ماڻهن غريب هاري جي ٻن جريبن جي ڪڻڪ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي. غريب هاري سڙيل ڪڻڪ کي ڏسي روئندو رهيو واهر جي اپيل
تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ بخش جتوئي ۾ غريب هاري ستار سومرو جي ٻنيء ۾ پيل ٻن جريبن جي ڪڻڪ جي ٻار کي نامعلوم ماڻهن باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ان موقعي تي غريب هاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءُ غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهيان ۽ هارپو ڪري ٻچڙن جو پيٽ پاليندو آهيان مون سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي منهنجي ڇهن مهينن جي محنت کانپوءِ تيار ٿيل ڪڻڪ کي ظالمن ساڙي ڇڏيو آهي هن اکين مان لڙڪ لاڙيندي چيو ته هي رمضان شريف جو ڀلارو مهينو آهي مٿان وري عيد آهي هاڻي اسان ڪيئن عيد ڪنداسين ۽ ڪيئن پنهنجي ٻچڙن کي عيد جا ڪپڙا وٺي ڏيندس خدا جي واسطي مون سان ظلم ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ مون مسڪين ٻچڙيوال جي مدد ڪئي وڃي.

17/04/2021

خيرپور(رپورٽ فهيم احمد ميتلو) خيرپور ۾ جاري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ايڊيشنل سيشن جج گھوٽڪي غلام مرتضا ميتلو ،ايڊووڪيٽ عامر ميتلو جي خصوصي شرڪت.
علي سائين آباد ڀرسان فقير غلام نبي سائين ميتلو جي آستاني تي هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي. ان ڪيمپ ۾ ايڊيشنل سيشن جج گھوٽڪي غلام مرتضا ميتلو صاحب خصوصي طور شموليت ڪري ڪيمپ آيل مريضن جو معائنو ڪري معلومات حاصل ڪئي ۽ مريضن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو. ميڊيڪل ڪيمپ ۾ بيمارين ڪاري ڪامڻ شگر اکين دل دماغ جگر مادي ٻارڙن ۽ عورتن جي بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون شامل ٿيا جن ۾ ڊاڪٽر پاڪيزه ميتلو ,ڊاڪٽر رتن ڪمار, ڊاڪٽر نويد سومرو, ڊاڪٽر صفدر ڏهوٽ ,ڊاڪٽر عبدالقيوم ميمڻ, ڊاڪٽر مجيب الرحمان, ڊاڪٽر شهباز ميتلو, ڊاڪٽر ڪرم عباس سولنگي, ڊاڪٽر مهجبين, ڊاڪٽر روزينه لاکو ,ڊاڪٽر جميلا شيخ, ڊاڪٽر ديا ٻائي ,۽ ٻيا ڊاڪٽر ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻيون پاران ڪيمپ ۾ شرڪت ڪري مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويون. ۽ عورتن جا الٽرا سائونڊ پڻ ڪيا ويا هي مفت ڪيمپ مشال اسپتال ۽ ڪي ڊي او خيرپور طرفان لڳائي وئي ڪيمپ ۾ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال خيرپور ۽ پي پي ايڇ آء خيرپور بي ايٽ گمبٽ جو سهڪار پڻ شامل آهي

16/04/2021

ڏوڪري. رپورٽ مختيار علي انڙ ڏوڪري
ايشيا جو ٻيو نمبر وڏو ادارو رائس رسرچ سينٽر ڏوڪري تباهي ڪناري پهچي ويو. ڊائريڪٽر. 12 ڊي ڊي او. هيڊ ڪلارڪ ۽ اڪائونٽنٽ ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري اداري کي تباهه ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب ايشيا جو ٻيو نمبر وڏو ادارو رائس رسرچ سينٽر ڏوڪري تباهي ڪناري پهچي ويو ان حوالي سان اداري جي تنظيم سارنگيا جي عهديدارن غلام شبیر جتوئي. سرفراز جتوئي. احمد جوڻيجو. الهجياريو جوڻيجو. سيد مدد علي شاهه ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته جنهن ڏينهن کان نان گزيٽيڊ ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ هن اداري ۾ بدلي ٿي آيو آهي ان ڏينهن کان ادارو زوال پذير ٿيندو ويو آهي هنن چيو ته انگريزن جي دور جا لکين رپين جا قيمتي وڻ ٽالهي. هريڙ. سرنهن. نم ۽ ٻيا کپائي ڇڏيا آهن جن جي قيمت لکين روپيا ٻڌائي پئي وڃي هنن اهو به چيو ته اداري جي بجلي به پرائيويٽ ماڻهن کي وڪرو ڪري هر مهيني لکين روپيا اوڳاڙي ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪري ادارو واپڊا جو لکين رپين جو باقيدار ٿي ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته گذريل مهيني اداري جي زمين لاءِ رکيل 3000 هزار مڻ ٻج به پرائيويٽ ماڻهن کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي هنن وزير زراعت. وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم پاڪستان عمران خان کي اپيل ڪندي چيو هن نااهل ۽ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهه ولي محمد بلوچ خلاف ڪميشن جوڙي انڪوائري ڪرائي ڪروڙين رپين جي ڪيل ڪرپشن واپس ڪرائي کيس نوڪري مان برطرف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي مليل معلومات موجب ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ. اڪائونٽنٽ ارشاد احمد جوڻيجو. هيڊ ڪلارڪ انور علي پنهور ۽ 12 ڊي ڊي او ملي ڀڳت ڪري اداري کي ٻنهي هٿن سان لٽي ڦري رهيا آهن جن کي ڪجهه ٽائيم اڳ سائيڪل به نه هئي اهي اڄ ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن ڊائريڪٽر سان گڏ انهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.

13/04/2021

خيرپور ،گمبٽ تعلقي جي بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جهنڊو خان ناريجو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ت ڏيڍ مهينو اڳ علائقي جي پوليس هڪ ڏوهاري مهراب عرف گهلو ناريجو کي ساڻ ڪري نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ منهنجي پٽ اعجازعلي ۽ سئوٽ خان محمد کي کنڀي کڻي ويا ۔ ۽ ٽن ڏينهن بعد خان محمد کي آزاد ڪري ڇڏيو ۔ باقي منهنجي پٽ کي گم ڪري ڇڏيو ۔ جيڪو اڃان تائين گم آھي ۔ جڏنهن ت هڪ هفتو اڳ منهنجي پٽ جي آزادي لاء ڌاڙيلن چٺي موڪلي آھي ت ويه لک ڀنگ ڏئي پنهنجي پٽ کي آزاد ڪرايو ۔ هن چيو ت جڏنهن منهنجي پٽ کي پوليس کڻي وئي ت هو ڌاڙيلن وٽ ڪيئن پهتو آھي ۔ هن آء جي سنڌ ۔ ڊي آء جي سکر کي اپيل ڪئي ت منهنجي پٽ کي بازياب ڪرائي انصاف ڏنو وڃي

12/04/2021

خيرپور ( ڊر) سوڀوديرو تعلقي جي ٿاڻي ٽيپاڻي بهليم حد ڳوٺ مينهل خان ڪلهوڙو جي رهواسڻ حميرا ڌيء علي هوت ڪلهوڙو ۽ نديم علي ولد احمد بخش ڪلهوڙو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ت ٽي مهينااڳ اسان خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هيو ۔ جنهن بعد هوت علي ۔ وزيرعلي ۔ جبار ۔غفار ۔ تسليم ۔ سعيد ۔ وحيدعلي ڪلهوڙو اسان جي گهرن مٿان حملا ڪيا ۔ فصل لڻي ويا جنهن بعد اسان ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ۽ هاء ڪورٽ سکر ۾ تحفظ لاء درخواست داخل ڪرائي ڪرائي پر پوليس اسان کي ڪو تحفظ ن ڏنو ۔ ۽ رهندو سردارن اسان جي قتل جي فتوا جاري ڪري ڇڏي ۔ جنهن بعد اسان درپدري واري زندگي گزاري رهياآهيون ۔ هنن چيو ت خيرپور پوليس سردارن جي ونگار وهندي خيرپور جي سي سيڪشن ٿاڻي تي پرڻوڪندڙ نديم جي پيء احمدبخش ڪلهوڙو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو ۔ هنن آء جي سنڌ ۔ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ت اسان جي زندگين کي تحفظ ڏئي ۔ قتل جي فتوا ڏيندڙ سردارن ۽ قتل لاء اسان جي تلاش ۾ هٿيار کڻي اسان مارڻ لاء ڦرندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

08/04/2021

ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن ٽيم سکر سوسائٽي ۾ وحشي جانور نما انسان ھٿان 7 سالن جي معصوم نياڻي زينب جي مدد جي لاء پھچي ھر قانوني مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي, رپورٽ موجب سکر ۾ جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻيل معصوم نياڻي زينب وٽ سول اسپتال سکر ۾ ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن آف پاڪستان جي ٽيم مرڪزي چيئرمن ايڊووڪيٽ الاھي بخش ميتلو سينئر وائس چيئرپرسن آپا زبيده گھانگھرو آفيس سيڪريٽري عبدالغفار سومرو سينئر نائب صدر ليڊيز ونگ صوبه سنڌ شھناز منگي ڊويزن سکر جي نائب صدر ايڊووڪيٽ حميرا ۔ ايڊووڪيٽ غلام مطفا ڪٽپر سڳنڌ منگي
سکر سول اسپتال پھتا ته سول اسپتال انتظاميه مريضن جي رش سبب بيڊ خالي ڪرائي معصوم نياڻي زينب کي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو ھو جنھن کي وڏي جدوجھد بعد ٻيھر داخل ڪرائي انتظاميه سان ملي کيس ميڊيڪل سرٽيفڪٽ ڏياريو ويو ان موقع تي ايڊووڪيٽ الاھي بخش ميتلو آپا زبيده گھانگھرو نياڻي زينب کي مٿي تي چادر پارائي ۽ چيو ته اسان ٽي رڪني وڪيلن جو پينل ايڊووڪيٽ حميرا منگي جي اڳواڻي ۾ جوڙيو آھي جيڪو جلد جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پھچآئڻ سزا ڏارڻ تائين فري ڪيس لڙندو نينگري جي وارثن ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن جي اڳواڻن جا ٿورا مڇيا

07/04/2021

پروفيسر سھيل سليمان روڊ حادثي ۾ زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل جڏھن ته گھرواري موقعي تي ئي فوت ٿي وئي گورنمينٽ ڪاليج آف فزيڪل ايجوڪيشن سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر سھيل سليمان پنھجي فيملي ساڻ گڏ خانيوال کان سکر واپسي تي ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ گھرواري موقعي تي دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏھن ته پاڻ شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي سندس پٽ ۽ سوٽ کي معمولي زخمي پڻ ٿيا آھن

06/04/2021

خیرپور، سول ھاسپیٹل خیرپور کے ینگ ڈاکٹرز نے دوسرے دن بھی ایک گھنٹہ او پی ڈی بند کر کے احتجاج کیا
احتجاج دس ماہ سے ینگ ڈاکٹروں کو حکومت کی جانب سے معاوضہ نہ ملنے کی وجہ سے کیا گیا
اس موقع پر ینگ ڈاکٹرز ایسوسیئیشن کے پریذیڈنٹ صفدر علی ڈہوٹ،وائيس پریذیڈنٹ آصف بھٹی، جنرل سیکرٹری منصور علی، ڈاکٹر ختیجہ، ڈاکٹر راہول، ڈاکٹر فاروق، ڈاکٹر حکیم جاگرانی صدر پیرامیڈیکل کا کہنا تھا کہ ینگ ڈاکٹرز کسی بھی ہسپتال کی جان ہوتی ہیں ینگ ڈاکٹرز ہی پوری ہسپتال اور مریضوں کا خیال رکھتے ہیں ابھی تو ہم صرف ایک گھنٹہ او پی ڈی بند کر کے احتجاج کر رہے ہیں اگر ینگ ڈاکٹرز نے ہڑتال پورا دن کیا تو ہسپتال نہیں چل سکتا، ہم نے اپنے مسائل کے حل کیلئے میڈیا کے سميت اپنے ایڈمنسٹریشن،اپنے ایم،ایس، اپنے پرنسپال، اور اعليٰ حکام کو بار بار بتا چکے ہیں اور اپنے مسائل کے حل کیلئے ہر کوشش کر رہے ہیں، ہم نے اپنا کام پوری ایمانداری کے ساتھ کیا ہے چاہے وہ کرونا وائرس کے دوران ہی کرنا پڑا تھا تو ہم نے اپنا فرض سمجھتے ہوئے کام کیا. اگر ہمارے تنخواہوں سمیت دیگر مسائل حل نا کیے گئے تو دوسری صورت میں پورا ہاسپٹل بند کر کے سخت احتجاج کیا جائے گا اس موقع پر ڈاکٹر ثقلین شاہ، ڈاکٹر محمد اعظم جونیجو، ڈاکٹر وقار منظور تنيو، ڈاکٹر کرشن، ڈاکٹر ساجد علی آرائین، ڈاکٹر نصیرالدین تنیو، ڈاکٹر حکیم جاگرانی صدر پیرامیڈیکل، اور پی ایم ای والے بھی ساتھ تھے

05/04/2021

خيرپور) رپورٽ فهيم احمد ميتلو) خيرپور ۾ ينگ ڊاڪٽرس پاران سول اسپتال جي سامهون او پي ڊي بند ڪري ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو
تفصيل موجب خيرپور ۾ هڪ سال کان سول اسپتال خيرپور ۾ هائوس جاب ڪندڙ 100 ڊاڪٽرن کي سنڌ حڪومت پاران وظيفا جاري نه ڪرڻ سبب ان سلسلي ۾ خيرپور ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر صفدر علي ڏهوٽ ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مير منصور ٽالپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندي ينگ ڊاڪٽرس دانهيو ته اسپتال ۾ 10مهينن کان هائوس جاب ڪندڙ هڪ سو نوجوان ڊاڪٽرن کي ڏهن مهينن کان وظيفا نه ڏنا ويا آهن جنهن ڪري اهي مالي طور سخت پريشان آهن هنن جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ڪري انتظاميا کي ڪم ڇڏ هڙتال جو چتاءُ ڏنو هو پر انهن اسان جي هڪ نہ ٻڌي ان جي لاءِ اهو اعلان ڪري رهيا آھيون ته اڄ کان وٺي احتجاج جو سلسلو شروع ڪري رهيا آھيون احتجاج جي پهرين مرحلي ۾ ٽن ڏينهن جي لاءِ ڪلاڪ او پي ڊي بند ڪري ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري رھيا آھيون. جيڪڏهن اسان جا مسئلا جلد حل نه ڪيا ويا تہ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سموري اسپتال بند ڪئي ويندي. سڄي سنڌ جي هائوس جاب ڊاڪٽرن کي وظيفو ڏيڻ ۽ خيرپور ضلعي جي ڊاڪٽرن کي وظيفن لاءِ ستائڻ نامناسب عمل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته خيرپور اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ هائوس جاب ڪندڙ 100 ڊاڪٽرن جا وظيفا بنان دير جاري ڪري انهن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
ان موقعي تي ڊاڪٽر ثقلين شاھ، ڊاڪٽر محمد اعظم جوڻيجو، ڊاڪٽر وقار منظور تنيو ڊاڪٽر ڪرشن، ڊاڪٽر ساجد علي آرائين، ڊاڪٽر نصير الدين تنيو پڻ موجود هئا

04/04/2021

خیرپور (رپورٽ فهيم احمد ميتلو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي جيلاني هائوس ۾ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو
قرآن خواني ۾ اڳوڻي صوبائي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خصوصي شرڪت. ۽ قرآن خواني ۾ ايم اين اي سيده ڊاڪٽر نفيسه شاهه سميت ساجد ڀانڀڻ، نعيم کرل، خيرپور ضلعي جو انفارميشن سيڪريٽري علي شير مڪول ،حاجي محمد سليمان، سيد علي مدد شاھ، سيد حسين شاه، عطيق الرحمن ڦلپوٽو ،غلام حسين مغل، تعلقي خيرپور جو انفارميشن سيڪريٽري زاهد علي گمبھیر، ٻين تعلقن ۽ ضلعي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پاران وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي وئي

03/04/2021

خيرپور(رپورٽ فهيم احمد ميتلو) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاه جيلاني ۽ ايم اين اي سيده نفيسه شاه جيلاني سان انهن جي پنهنجن جي انتقال ٿيڻ تي خيرپور پهچي جيلاني ھائوس تي تعزيت ڪئي. ۽ انهن جي درجات بلند ڪرڻ لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون. ان موقعي تي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ قمر زمان ڪائرا، صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر شاهه، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاھ، صوبائي مشير ۽ پارٽي جو صوبائي صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير سهيل انور سيال، اعجاز جکراڻي، نعمان اسلام شيخ، سيد فرخ احمد شاهه، ارسلان اسلام شيخ، عاجز ڌامرا، نواب خان وساڻ، ساجد ڀانڀڻ، نعيم کرل، منور وساڻ، محمد وسيم ميتلو PYO ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ضلع خيرپور، صحافي فهيم احمد ميتلو،صحافي فرحان ميتلو ۽ ٻيا موجود هئا

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Public Voice Khp posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share