Abdul Qayoom Haideri

  • Home
  • Abdul Qayoom Haideri

Abdul Qayoom Haideri Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Abdul Qayoom Haideri, TV Channel, .

17/06/2021

بئيرسٽر ٽيم لاڙڪاڻو طرفان ھيٽ اسٽروڪ ڪئمپ جا انتظام جاري

29/07/2020
30/06/2020

يو سي 16 ۾ گندگي ۽ بجلي جو آزار
انتظاميہ ننڊ ستل
عوام پريشان
بئريسٽر ٽيم لاڙڪاڻو يوسي 16
جو جنرل سيڪريٽري شيخ مرتضي
جي ڳالھ ٻولھ

30/06/2020

رپورٽ مھتاب شيخ

‏امن پرست سنڌ کي وڏي نقصان کان بچائيندڙ سنڌ پوليس جا جوان  رفیق سومرو ۽ خليل جتوئي پنھنجي جان جي پرواھ نہ ڪندي، ڪراچي اس...
29/06/2020

‏امن پرست سنڌ کي وڏي نقصان کان بچائيندڙ سنڌ پوليس جا جوان
رفیق سومرو ۽ خليل جتوئي پنھنجي جان جي پرواھ نہ ڪندي، ڪراچي اسٽاڪ ایڪسچینج ۾ ٿيندڙ وڏي دھشتگرد حملي کي ناڪام بڻايو. سلام سنڌ پوليس🙏
‎ ُٽن_کي_قومي_سلام

29/06/2020

پريزيڊنٽ بئريسٽر ٽيم سٽي لاڙڪاڻو سرفراز شيخ يوسي 16 ۽يوسي 18 جي باڊي کي نوٽيفڪيشن ڏيندي۔

29/06/2020

يوسي 16 ۾ بجليء جو وڏو آزار رھواسي پريشان بئريسٽر ٽيم لاڙڪاڻو جا نوجوان واپڊا جا مسئلا ٻڌائيندي

28/06/2020

رپورٽ نويد احمد شيخ گھوٽڪي

إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ. اسان جي  MTV ڪراچي  جي رپورٽر عمران علي شيخ جو  ڀائيٽيو مرتضا اڄ هن فاني جها...
26/06/2020

إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ. اسان جي MTV ڪراچي جي رپورٽر عمران علي شيخ جو ڀائيٽيو مرتضا اڄ هن فاني جهان کي ڇڏي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو
اسان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون
۽ دعا گو آهيون ته رب پاڪ مرتضا ڀاءُ کي جنت ۾ اعلي مقام عطا فرمائي

26/06/2020

ترجمان بئريسٽر ٽيم لاڙڪاڻو سان مختلف برادرين جا رابطا

26/06/2020

ترجمان بئريسٽر ٽيم لاڙڪاڻو ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر شيراز علي شيخ جن جي بئريسٽر اختر حسين جبار جن سان ڪراچي۾ ملاقات لاڙڪاڻي جي اھم مسئلن تي غور ويچار

اعلان مقرري
25/06/2020

اعلان مقرري

مقرري جو اعلاننويد احمد شيخ جن کي گھوٽڪي جو رپورٽر مقرر ڪيو ويو آھي
25/06/2020

مقرري جو اعلان
نويد احمد شيخ جن کي گھوٽڪي جو رپورٽر مقرر ڪيو ويو آھي

رپورٽ نويد شيخ گھوٽڪي ويجھو شيلٽن لڳ نيشنل ھاء وي تي ٻن موٽر سائيڪلن جو آمھون سامھون ٽڪر نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو سخت زخمي اسپتال ...
25/06/2020

رپورٽ نويد شيخ

گھوٽڪي ويجھو شيلٽن لڳ نيشنل ھاء وي تي ٻن موٽر سائيڪلن جو آمھون سامھون ٽڪر نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو سخت زخمي اسپتال منتقل

24/06/2020

وفاقي حڪومت پاران 15جولا کان يونيورسٽيون کولڻ جو فيصلو .

23/06/2020

بريڪنگ نيوز
صنم ماروي جي راڳ ڇڏڻ جو فيصلو
اوھان جي ڇا راء آھي

23/06/2020

رپورٽ مھتاب علي

رپورٽ شيراز علي شيخ آل شاگرد اتحاد سنڌ طرفانآن لائين ڪلاس ھلائڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن ۾ شاگردن چيو تہ اسان وٽ ن...
22/06/2020

رپورٽ شيراز علي شيخ

آل شاگرد اتحاد سنڌ طرفان
آن لائين ڪلاس ھلائڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

جنھن ۾ شاگردن چيو تہ اسان وٽ نہ بجلي آھي نہ وري انٽرنيٽ جا پئڪيج آھن مٿان وري لاڪ ڊائون بيروزگاري ۾ بہ اظافو ڪري ڇڏيو آھي
اسان وٽ تہ ٽچ موبائل بہ ناھن تہ اسان ڪٿان آن لائين ڪلاس وٺون؟
وڌيڪ شاگردن ۾
ياسر عباس مگسي، گلزار احمد چانڊيو، عامر نواز ۽ ساگر چيو اسان اعلي قيادت کي گذارش ٿا ڪريون ته خدرا جيئن ٻيا ادارا ايس او پيز تحت کوليا ويا آھن تيئن ئي اسان جا تعليمي ادارا بہ ايس او پيز تحت ھلائي اسان جي تعليم پچائي وڃي باقي آن لائين ڪلاس اسان کي نہ کپن

غوثپور روڊ حادثي 4 ڄڻا فوت غوثپور انڊس هائوي تي ڪال ٽيڪس ڀرسان سامهون ايندڙ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل   سان زوردار ٽڪ...
21/06/2020

غوثپور روڊ حادثي 4 ڄڻا فوت
غوثپور انڊس هائوي تي ڪال ٽيڪس ڀرسان سامهون ايندڙ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار غوثپور جي قاضي محلي جا رهواسي ۽ هڪ ئي گهر جي فيملي جا هڪ عورت ۽ ٻن ٻارڙن سميت چار ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا۔ ان موقعي تي شهرين چئني فوتين جا مڙهه کڻائي شهر جي سول اسپتال ۾ آندا ويا۔
جتي مقتولن جي لاشن جو ضروري پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد چئني فوتين جا لاش وارثن هوالي ڪيا ويا جڏهن ته هڪ ئي گهر جي فيملي جا چار لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقو سڳوار بڻجي ويو
فوت ٿيلن ۾ جلال پٽ خدا بخش۔ فوتي جلال جي گهر واري زينب۔ ۽ انهن جا ٻه ٻارڙا سليم پٽ جلال لالان ڌي جلال فوتين شامل آهن۔
جڏهن ته فوتي غوثپور شهر جي قاضي محلي جا رهواسي آهن ۽ جيڪي غوثپور کان ڪنڌڪوٽ مائٽن ڏانهن شادي جي تقريب تي ويل هئا ۽ شادي تقريب کان واپسي غوثپور طرف اچي رهيا هئا ته کين حادثو پيش آيو۔
ٻئي پاسي اطلاع ملڻ بعد حد جي پوليس ڪاروائي ڪري ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڪار تحويل ۾ وٺي واقعي جي اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي
رپورٽر مھران شيخ MTV نيوز غوثپور

شڪارپور ( رپورٽ راحب علي شيخ) شڪارپور ويجهو لکي غلام شاهه ۾ صحافين سان زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو روڊ بلاڪ ، پوليس...
21/06/2020

شڪارپور ( رپورٽ راحب علي شيخ) شڪارپور ويجهو لکي غلام شاهه ۾ صحافين سان زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو روڊ بلاڪ ، پوليس خلاف سخت نعريبازي،

تفصيل موجب لکي غلام شاهه ۾ صحافين طرفان چڪ جي صحافي گلزار سيٺار جي معصوم پٽ ۽ ڀائٽيي عارف ۽ ابرار سيٺار جي بازيابي سميت صحافي جميل مهر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ نجي ٽي وي چئنل جي نيوزڪاسٽر فرح اورنگزيب مٿان ٿيل حملي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو ۔ احتجاج ۾ زخمي رشيد مهر ، اعجاز منگي ، عبدالرزاق بروهي ، ياسين مهر ، ساحل مهر ، پ ٽ الف اڳواڻ غلام رسول مهر ۔ هدايت الله مهر ، فهيم منگي گوگي رام ۔ نثار منگي ۔ عامل مهر ۔ سيف الله ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور پوليس مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ضلعي ۾ ڏينهون ڏينهن اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن ۽ صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي هنن آء جي مشتاق مهر ۔ ڊي آء جي عرفان بلوچ ايس ايس پي ڪامران نواز پنجوتا کان مطالبو ڪيو ته صحافي گلزار سيٺار جي معصومن کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي ۽ جميل مهر مٿان حملي ۾ ملوث جوابدرن کي گرفتار ڪيو وڃي

ڪجهه ڏينهن پھريان بئرسٽر  اختر حسين جبار صاحب ڳوٺ ننڍا سيلرا جي وزٽ دوران ادي خالدا ڳوٺ ننڍا سيلرا اڳواڻ   جن عرض ڪيو ت...
20/06/2020

ڪجهه ڏينهن پھريان بئرسٽر اختر حسين جبار صاحب ڳوٺ ننڍا سيلرا جي وزٽ دوران ادي خالدا ڳوٺ ننڍا سيلرا اڳواڻ جن عرض ڪيو ته ڳوٺ ۾ مٺي پاڻي جي قلت آهي جنهن جي شڪائي 2000 فٽ کان مٿي آهي جنهن جي ذميواري بئرسٽر اختر حسين جبار کڻڻ کان پوء ڪم شروع ڪرايو ۽ ڪم ھاڻي آخري مرحلن ۾ آهي سڀاڻي کان انشاالله پاڻي شروع ٿي ويندو
سلام انسان دوست بئرسٽر اختر حسين جبار 🙏
ياد رھي ته خلق خدا جي خدمت سان خدا ملندو آهي 🙏

لاڙڪاڻو( رپورٽ شيراز علي شيخ) لاڙڪاڻي شهر جي يونين ڪميٽي 07 جو چيئرمين گذريل ڏينهن شگر وگهي فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ شهر جي ي...
19/06/2020

لاڙڪاڻو( رپورٽ شيراز علي شيخ) لاڙڪاڻي شهر جي يونين ڪميٽي 07 جو چيئرمين گذريل ڏينهن شگر وگهي فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ شهر جي يوسي 07 جو چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ خميسو خان بروهي گذريل ڏينهن شگر وگهي لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني ڀرسان ڳوٺ شاهو ٻوراهو ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته نماز جنازه ۾ پ پ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سميت سندس مٽن مائٽن ۽ شهر واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد مرحوم خميسو خان بروهي کي سوين آلين اکين سان لاڙڪاڻي شهر جي ابوبڪر قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ۽ سندس تڏو شاهو ٻوراهو واري رهائشگاھ تي وڇايو ويو، جتي سندس پونئرن سان تعزيت جو سلسلو هندڙ آهي.

لاڙڪاڻو(رپورٽ شيراز علي شيخ) لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس جي پاس ٿيل شاگردن طرفان پاڪستان انجني...
19/06/2020

لاڙڪاڻو(رپورٽ شيراز علي شيخ) لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس جي پاس ٿيل شاگردن طرفان پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي رجسٽريشن نه ملڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ شاگردن امجد علي رونگهو، اظهار جهتيال، ڪامران ڦلپوٽو، سيف الله جوڻيجو، عبدالخالق سومرو، راجا خان مهر، عبدالقادر مهر ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 2010ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاھ جي ڪئمپس قائم ڪئي وئي ته جيئن هن علائقي جا غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن، هنن چيو ته قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاھ ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس انتظاميه جي ڪوتاهين سبب 2018ع کان هلندڙ سال 2020ع ۾ سول انجنيئرنگ، مڪينيڪل انجنيئرنگ ۽ اليڪٽيڪل انجنيئرنگ جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن، پر اڃان تائين کين پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل طرفان سندن ڊگري جي رجسٽريشن نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري اسان جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، اسان دربڌري واري زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان جي والدين طرفان پڙهائي تي ڪيل لکين روپيا خرچ ۽ اسان جي ڏينهن

19/06/2020

خدا آباد محلا لاڙڪاڻو
۾ لودشتنگ
ودي وئي ايڪس پريس لائن هجڻ باوجود 2ڪلاڪ بجلي موجود 3ڪلاڪ گم انتظاميا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي🙏🙏🙏🙏

رپورٽ مھتاب شيخ ڏھرڪياڄ صبع جو ڏھرڪي جي ملسم ڪالوني ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن ٽئڪسي ڊرائيور امان اللہ سميجو جي گھر ۾ گھڙي فائرن...
19/06/2020

رپورٽ مھتاب شيخ ڏھرڪي

اڄ صبع جو ڏھرڪي جي ملسم ڪالوني ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن ٽئڪسي ڊرائيور امان اللہ سميجو جي گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ ٽئڪسي ڊرائيور امان اللہ سميجو مارجي ويو جڏھن تہ سندس پيرسن پيُ واحد بخش سميجو ۽ پيرسن ماءُ مائي مريم سخت زخمي ٿي پيا. ھٿياربند اھڙي واردات ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع تي ڏھرڪي پوليس پھچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ڏھرڪي پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آھي مقتول ڌر جو مائٽن سان جھيڙو ھلندڙ ھو. پوليس موجب واقعي جو ڪيس درج ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو ويندو.

ڀرياسٽي (( دانيال شـيخ  )) ڀرياسٽي روهڙي ڪئنال پل ڀرسان باگڙي ڪالوني ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب ڇهن پورهيتن جا گھر سڙي رک. اطل...
18/06/2020

ڀرياسٽي (( دانيال شـيخ )) ڀرياسٽي روهڙي ڪئنال پل ڀرسان باگڙي ڪالوني ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب ڇهن پورهيتن جا گھر سڙي رک. اطلاع تي ڀرياسٽي فائر برگيڊ عملي شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان باھ تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش تيز هوائن سبب باھ تي ظابطو آڻڻ ۾ سخت مشڪلاتون. تفصيل موجب ڀرياسٽي جي باگڙي ڪالوني روهڙي ڪئنال پل ڀرسان سولنگي برادري جي گل بهار سولنگي، ايوب سولنگي، ديدار سولنگي، محرم سولنگي، محمد حسين سولنگي سميت ٻين جي گھرن کي اوچتو تيز هوا سان گڏ باھ لڳڻ سبب گھرن اندر پيل لکين ماليت جو سامان سڙي رک ٿي ويو. اطلاع تي ڀرياسٽي فائر برگيڊ عملي شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان باھ تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش. جڏهن ته تيز هوائن سبب باھ جي شعلن تي ظابطو آڻڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. جڏهن ته واقعي واري هنڌ سوين شهري ۽ ڳوٺاڻن پهچي باھ متاثرين جي گھرن مان سامان ۽ چوپايو مال بچائڻ ۾ مدد ڪئي. ٻئي پاسي متاثر کليل آسمان ويٺل. ان سلسلي ۾ متاثرين ميڊيا کي ٻڌايو ته اوچتو گھر جي لوڙهي کي باھ لڳي جيڪا هڪ دم تيز هوائن جي ڪري شعلن جي صورت اختيار ڪري وئي جنهن سبب اسان پنهنجن معصوم ٻچڙن ۽ گھر وارن کي بچائي ٻاهر ڪڍيو. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته باھ ايتري تيز آهي جو باھ تي ظابظو آڻڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين باھ تي ظابطو نه اچي سگھيوآهي.
ڀرياسٽي رپورٽر دانـيـال شـيخ

18/06/2020

رپورٽ طاھر علي

جيڪب آباد پ پ شھيد ڀٽو پاران بجلي جي لوڊشيدنگ خلاف احتجاجي ۾ مير احمد علي بروھي خطاب ڪندي

18/06/2020

نوشهروفيروز:
پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۽ وٽرنري ڊاڪٽر ايڪشن ڪاميٽيءَ طرفان رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪيل ٽنڊو باگو جي وٽرنري ڊاڪٽر آيت لله جروار جي بازيابي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ جانورن جي اسپتال کان پريس ڪلب نوشهروفيروز تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڏيٿو، ڊاڪٽر علي اصغر اڄڻ، ڊاڪٽر راڻو خان ابڙو، ڊاڪٽر معشوق حسين انڙ، ڊاڪٽر لياقت وسطڙو، ڊاڪٽر جي ايم ابڙو، ڊاڪٽر وسيم علي رند ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته رياستي ادارن هٿان ٽنڊوباگو جي وٽرنري ڊاڪٽر آيت الله جروار کي پنهنجي ڪلينڪ تان زبردستي کنڀي گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. دهشتگردن وانگر ڪنهن باعزت شهري کي کنڀڻ ڪٿان جو انصاف آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وٽرنري ڊاڪٽرن کي روزگار ڏيڻ سان گڏ ڊاڪٽرن کي پروموشن ۽ هارڊشپ الائونس ڏنو وڃي. هنن سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر آيت الله جروار کي باعزت آزاد ڪري اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ جا وٽرنري ڊاڪٽر سراپا احتجاج بڻجي ويندا. رپوٽ دانيال رضا شـيخ

پڊعيدن ٽائون اسٽيشن جي مختلف دوڪادارن تي اسسٽنٽ مختيار ڪار نوشھروفيروز قادر داد مري جا ڇاپا ريٽ لسٽ ماسڪ سينيٽائيزر نه ه...
18/06/2020

پڊعيدن ٽائون اسٽيشن جي مختلف دوڪادارن تي اسسٽنٽ مختيار ڪار نوشھروفيروز قادر داد مري جا ڇاپا ريٽ لسٽ ماسڪ سينيٽائيزر نه هجڻ جي ڪري ڪيترن ئي دوڪارندارن تي ڏنڊ ان موقعي اسسٽنٽ مختيار ڪار قادرداد مري ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان تعلقي نوشھروفيروز جي مختلف شھرن ۾ دوڪاندارن کي چيو آھي ته ڪرونا وائرس هڪ خطرناڪ بيماري آھي ان جي ڪري اوهان دوڪاندار پنهنجو ۽ جيڪي دوڪانن تي ڪسٽمر اچن ٿا انهن جو خاص خيال رکو ماسڪ سينٽائيزر ۽ دوڪانن تي رش نه ڪيو اڄ اسان پڊعيدن جي مختلف دوڪانن ڪريانه ميڊيڪل اسٽور جنرل فروٽ سبزي اليڪٽرونڪ زرعي دوائن جي دوڪانن تي ڏنڊ به هنيان آھن ۽ وارنگ به ڏني آھي اگر دوڪاندار Sops تي عمل نه ڪندا ته انهن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي آءُ وري به پڊعيدن جي عوام دوڪاندارن سميت ضلعي نوشھروفيروز جي مختلف شھرن جي ماڻھن کي اپيل ٿو ڪيان ته ڪرونا وائرس ڏيهون ڏينهن وڌندي پيٿي وڃي ڪرونا کان بچڻ جي لاء گهرن مان ڪم ڪار کان سواء نه نڪرو وڌ کان وڌ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو خيال رکو
پڊعيدن رپوٽ دانيال رضا شيخ

18/06/2020

رپورٽ عمران شيخ

ڪراچي ٽول پلازو تي بحريا دستر خوان تي واڏي رش ڪورونا وئيرس پهلجڻ جو وڏو خدشو هزارن ۾ ماڻهون گڏ ڪوئي ماسڪ نه ڪو ايس اوپيس تي عمل

اعلان مقرريمظلوم ٽي وي ويب چئنل طرفان شيراز علي شيخ جن کي لاڙڪاڻي جوبيورو چيف مقرر ڪيو ويو آھي
17/06/2020

اعلان مقرري
مظلوم ٽي وي ويب چئنل طرفان
شيراز علي شيخ جن کي لاڙڪاڻي جو
بيورو چيف مقرر ڪيو
ويو آھي

اعلان مقرريمظلوم ٽي وي ويب چئنل طرفان سرمد علي شيخ جن کي سٽي لاڙڪاڻو جونمائندو مقرر ڪيو ويو آھي
17/06/2020

اعلان مقرري
مظلوم ٽي وي ويب چئنل طرفان
سرمد علي شيخ جن کي سٽي لاڙڪاڻو جو
نمائندو مقرر ڪيو
ويو آھي

اعلان مقرريمظلوم ٽي وي ويب چئنل طرفان مھتاب حسين شيخ جن کي گھوٽڪي جوبيورو چيف مقرر ڪيو ويو آھي
17/06/2020

اعلان مقرري
مظلوم ٽي وي ويب چئنل طرفان
مھتاب حسين شيخ جن کي گھوٽڪي جو
بيورو چيف مقرر ڪيو
ويو آھي

اعلان مقرريمظلوم ٽي وي ويب چئنل طرفان ممتاز علي شيخ جن کي ڪراچي جونمائندو مقرر ڪيو ويو آھي
17/06/2020

اعلان مقرري
مظلوم ٽي وي ويب چئنل طرفان
ممتاز علي شيخ جن کي ڪراچي جو
نمائندو مقرر ڪيو
ويو آھي

17/06/2020

{ڪراچي ملير رپورٽ عمران علي شيخ }ڊائو يونيورسٽي ۾ بي ايس سي نرسنگ آخري سال جي ٻن شاگردياڻين سورج ۽نازيه سان ٿيل بدتميزي جووزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ پاران ڊائو يونيورسٽي معاملي تي نوٽيس وٺندي اسٽنٽ ڪمشنر محمد علي گوپانگ جي اڳواڻي ۾ جانچ ڪاميٽي مقرر ڪري ڇڏي۔ وي سي پاران نياڻين کان معافي وٺندي ٻن گارڊن کي معطل ڪري جانچ ڪاميٽي جوڙي ورتي، نياڻين پاران سنڌ جي روايت کي برقرار رکندي وي سي کي معاف ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب، ڪراچي جي ڊائو يونيورسٽي ۾ بي ايس سي نرسنگ آخري سال جي ٻن شاگردياڻين سورج ۽نازيه وارو معاملو، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ پاران ڊائو يونيورسٽي معاملي تي نوٽيس وٺندي اسٽنٽ ڪمشنر محمد علي گوپانگ جي اڳواڻي ۾ جانچ ڪاميٽي مقرر ڪري ڇڏي جيڪا اڄ ڊائو يونيورسٹي پھچي يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪرتار ۽ نرسنگ جي شاگردياڻين سورج ۽ نازيه کان معاملي جي معلومات ورتي ۽ نياڻين کي ھر ممڪن مدد فراھم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جڏھن تہ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪرتار معاملي جي انڪوائري ڪري ٻنھي شاگردياڻين کان معافي وٺندي ٻنھي گارڊن کي معطل ڪندي جانچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي ۽ نياڻين کي يونيورسٹي اندر ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي، ان موقعي تي نرسنگ جي شاگردياڻين سورج ۽ نازيه ٻڌايو تہ سنڌ جي حلالي پٽن جا اسين شڪر گزار آھيون جن اسان جو ساٿ ڏنو وي سي چانسلر ڊاڪٽر ڪرتار اسان سان بدتميزي ڪندڙ گارڊن کي برطرف ڪري ڇڏيو آھي ۽ نرسنگ ڊپارٽمينٽ جو انچارج ڪلارڪ سعيد احمد جنھن اسان کي ڪوڙا وائوچر ٺاھي ڏنا ھيا ان خلاف ايڪشن کڻندي اسان کي اھا جمع ٿيل فيس واپس ڪرائي ڏني آھي ۽ اسان کان ھن معافي گھري آھي اسين سنڌ جي روايت موجب کين مان ڏيندي معاف ڪري ڇڏيو آھي

17/06/2020

ملير ( رپورٽ عمران شيخ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران مالي سال 21-2020ع لاءِ کوٽ واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي۔ سنڌ بجيٽ 21-2020ع جي لاڳت 1241.13 بلين رپيا آھي۔ سنڌ بجيٽ 21-2020ع جي گڏيل کوٽ 18.38 بلين رپيا آھي۔ غيرترقياتي خرچن جو ڪاٿو 9868.99 بلين رپيا آھي۔ ترقياتي خرچن جي ڪاٿو 2232.94 ارب رپيا آھي: وڏو وزير سيد مراد علي شاھ سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي چيو ت گاديءَ واري ھنڌ جي خرچن جي ڪاٿو 39.19 بلين آھي: وڏو وزير سيد مراد علي شاھ بجيٽ پيش ڪندي وڌيڪ چيو ت ڪُل ٽيڪس اوڳاڙين جي لاڳت 1222.75 ارب رپيا آھي۔ جنھن ۾ وفاقي ٽيڪس اوڳاڙي 760.30 بلين رپيا يعني 65 سيڪڙو آھي۔ صوبائي ٽيڪس اوڳاڙي 313.39 بلين يعني 26.8 سيڪڙو آھي۔ دارالحڪومت جي ٽيڪس اوڳاڙي 25.00 ارب رپيا يعني 2.1 سيڪڙو آھي۔ ٻئي ٽيڪس اوڳاڙي 67.05 (FPA & PSDP) بلين يعني 5.9 سيڪڙو آھي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ت 21-2020 ۾ ڪوب نئون ٽيڪس ناھي لڳايو ويو۔غيرترقياتي خرچن ۾ واڌ رڳو 7 سيڪڙو تائين محدود ڪئي آھي۔ بنيادي طور تي غيرترقياتي خرچن ۾ واڌ ڪورونا وائرس سبب آھي جنھن جي ماليت 4.2 بلين رپيا آھي۔ بجيٽ ۾ صحت واري شعبي لاءِ 19 ارب مختص ڪيا آھن۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ت تعليمي شعبي لاءِ 22.9 ارب رپين جو اضافو ھلندڙ سال ڪيو آھي۔ غيرترقياتي بجيٽ جي اپائن سبب ترقياتي بجيٽ لاءِ جڳھ پيدا ڪئي آھي۔ ھلندڙ سال وفاقي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 71.72 ارب رپيا يعني 9 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آھي۔ گڏيل طور تي صوبائي ٽيڪس اوڳاڙين جو ڪاٿو 313.4 بلين رپيا آھي جيڪي ھلندڙ مالي سال کان 9 سيڪڙو وڌيڪ آھي۔ عالمي وباءَ کي منھن ڏين جي باوجود معاشي نقصان ۽ گھٽ آمدني ھدفن جي سنڌ حڪومت بجيٽ 21-2020 ۾ 3 ڪروڙ 47 لک رپيا جي ڪورونا سان لاڳاپيل غريب سماجي تحفظ ۽ معاشي استحڪام جي اپائن لاءِ متعارف ڪرايا آھن جنھن ۾ اھم شعبا سوشل ويلفيئر، زراعت، صنعت ۽ سيڙپڪاريءَ جا آھن شھري علائقن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ پروگرام براءِ ننڍي ڪاروبار لاءِ 300 ارب رپيا رکيا ويا آھن: وڏو وزير سيد مراد علي شاھ مالي سال 2020.21 جي بجيٽ پيش ڪرڻ وقت چيو ت ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ ننڍن ڪارڪنن/ برادرين لاءِ غربت جي خاتمي جي پروگرام لاءِ 200 ارب رپين جي تجويز آھي۔ سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام تحت ڪيش ٽرانسفر لاءِ 2000 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي۔ ننڍن آبادگارن کي معياري ٻج لاءِ بطور رعائت ھڪ ارب رپيا مختص ڪيا ويا آھن۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران ننڍن آبادگارن کي کاڌ تي رعائت لاءِ 100 رپيا مختص ڪيا ويا آھن ۽ 100 ارب رپيا ننڍن آبادگارن کي جيت مار دوا لاءِ سبسڊي طور تي مختص ڪيا ويا آھن۔ بئنڪارن سان ننڍن ۽ وچين درجي جي ڪاروباري ادارن لاءِ سافٽ لون پروگرام لاءِ 500 ارب رپيا مختص ڪيا آھن۔ آءِ ٽي ٽيڪنالاجي انٽرومينشن ۽ اينووينشن سوليوشن لاءِ 700 ملين رپين جي تجويز آھي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ خطاب ۾ چيو ت سپورٽنگ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اسٽار ٽپس انڪيوبيٽرز ۽ ايڪسلريٽرز لاءِ 500 ملين رپيا رکيا ويا آھن۔ زراعت کاتي جي بجيٽ ۾ 40 سيڪڙو اضافي سان 15.84 بلين رپيا رکيا ويا آھن۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ت جنھن جو بنيادي سبب ننڍن آبادگارن ۽ ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ سبسڊي پيڪج آھي۔ سنڌ حڪومت ماڪڙ تي ضابطي لاءِ 440 ملين رپيا مختص ڪيا آھن۔ ڪووڊ-19 وبائي مرض ۽ ٻين ڪيترن ئي بيمارين کي منھن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي جي بجيٽ ۾ 16.1 سيڪڙو واڌ سان 1939.18 ارب رپين جي واڌ ڪئي وئي آھي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ بجيٽ پيش ڪندي وڌيڪ چيو ت ھڪ بنيادي پگھار ھيلٿ رسڪ الائونس مارچ 2020 کان لاڳو ڪووڊ-19 ڪيسز ۾ ڪم ڪندڙ پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ھائوس جاب آفيسرن سميت سمورن ھيلٿ ورڪرن کي فراھم ڪيو ويندو۔ معياري تعليم لاءِ ۽ وبائي مامرن کانپوءِ تعليم کاتي جي بجيٽ ۾ 10.2 سيڪڙو واڌ سان 2245.14 ارب رپيا واڌ ڪئي وئي آھي۔ لوڪل ڪونسلن کي ڏني ويندڙ گرانٽ ۾ 5 سيڪڙو واڌ سان 78 ارب رپين تائين واڌ ڪئي وئي آھي۔ صوبائي اي ڊي پي لاڳت 155 ارب رپيا آھي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ت ضلعي اي ڊي پي لاڳت 15 ارب رپيا آھي۔ وفاقي مالي سھڪار سان ھلندڙ رٿائن جي لاڳت 8.30 ارب رپيا آھي۔ پرڏيھي سھڪار سان ھلندڙ رٿائن جي لاڳت 54.64 بلين رپيا آھي۔ انفرااسٽريڪچر ڊولپمينٽ لاءِ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ رٿائن جي لاڳت 117 ارب رپيا آھي۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ت 2500 نوجوانن کي خانگي ۽ سرڪاري شعبي جي سھڪار سان مختلف تجارتي روزگار لاءِ سکيا ڏني ويندي۔ ڪووڊ-19 لاءِ 70000 نوجوانن کي تربيت جا موقعا فراھم ڪيا ويندا۔
[6:11 PM, 6/17/2020] +92 312 2986300مالي سال 2020.21 جي بجيٽ ۾ تعليم هميشه سنڌ حڪومت جي اوليتن ۾ شامل رهي آهي۔ اسان سڀني شهرين لاءِ مساوي جامع ۽ معياري تعليم لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا۔ وزير اعلي وڌيڪ چيو ت صلاحيتون استعمال ڪندي معاشرتي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور استعمال ڪرڻ سان گڏ شهرين ۾ هڪ قوم هئڻ جو احساس پيدا ٿئي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ت برداشت، سماجي انصاف ۽ جمهوريت جهڙن لاڙن ۽ قدرن کي هٿي ملي سگھي۔ تعليمي ۽ تدريسي انتظامن کي موثر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ، تعليم جو معيار وڌائڻ، تعليمي ادارن ۾ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي کي 2016 ۾ ٻن کاتن ۾ ورهايو ويو۔ جن ۾ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ( ايس اي ايل ڊي) ۽ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ( سي اي ڊي) شامل آهن۔ ان ورهاست سان اسان کي لاڳاپيل ڌرين جي ضرورتن ۽ خواهشن جي بهتر سمجھ ۽ انتظامي معاملن کي ننڍي سطح تي سمجھڻ جو موقعو مليو۔ ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ تعليمي شعبي جي بجيٽ کي 244.5 ارب رپين تائين وڌايو ويو آهي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ت جيڪو مالي سال 20-2019 دوران 212.4 ارب رپيا هو۔ مالي ڏکيائين باوجود اسان موجوده روينيو بجيٽ ۾ 25.2 سيڪڙو واڌارو آندو آهي۔ ايندڙ مالي سال 21-2020 جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 21.1 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي۔ جنهن مان 397 جاري ۽ 11 نئين پر غير منظور اسڪيمون شامل آهن۔ 3.1 ارب رپيا پرڏيهي سهڪار تحت صوبائي ترقياتي بجيٽ کان الڳ رکيا ويا آهن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ خطاب ۾ چيو ت اسڪول ايجوڪيشن ۽ خواندگي کاتي لاءِ کاتي جي 265 جاري ۽ چئن نئين اسڪيمن لاءِ 13.2 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔ انهن مان اڪثر اسڪيمون پرائمري کان سيڪنڊري تائين سرڪاري اسڪولن جي اپگريڊيشن، اسڪولن جي بحالي ۽ سڌاري، فرنيچر سميت بنيادي ۽ کٽل سهولتن جي فراهمي، خطرناڪ قرار ڏنل اسڪول جي عمارتن جي ٻيهر تعمير شامل آهن۔ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سالياني ترقياتي پروگرام 21-2020 ۾ 67 جاري ۽ ٻن نئين اسڪيمن لاءِ 3.71 ارب روپيا تجويز ڪيا ويا آهن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته يونيورسٽيز ۽ بورڊز لاءِ 3.3 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪا رقم سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي بنيادي تعليمي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ نئين تعليمي سهولتن جي تعمير تي خرچ ڪئي ويندي۔ تعليم جي شعبي جي ٽن سطحن جي درجابندي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن، ڪاليج ايجوڪيشن ۽ هائير ايجوڪيشن يونيورسٽي ۽ پيشيوراڻه تعليم شامل آهن۔
اسڪل ڊولپمينٽ ۽ روزگار پيدا ڪرڻ آهي۔ سنڌ حڪومت 09-2008 ۾ بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ جي نالي سان هڪ ميگا هنرمند سکيا جو پروگرام شروع ڪيو۔ بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي ڪاميابي ۽ هنر حاصل ڪرڻ لاءِ تربيت جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پروگرام کي بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ بورڊ ايڪٽ 2013 طور مستقل شڪل ڏني وئي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ
وڌيڪ چيو ته ٻارنهن سالن جي تجربي دوران ان بورڊ لڳ ڀڳ 404,235 نوجوانن کي سکيا ڏني۔ جنهن ۾ 2 لک 26 هزار 372 مرد ۽ هڪ لک 77 هزار 863 عورتن کي سرڪاري ۽ خانگي شعبي ذريعي روزگار لائق هنرن جي سکيا ڏني وئي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو تسيڪڙو تربيت وٺندڙ عورتن مان 13 سيڪڙو نوڪري حاصل ڪئي ۽ ان مان وڏو انگ خود روزگار سان پڻ لڳو۔ جڏهن ته هنري سکيا حاصل ڪندڙن جو وڏو انگ پاڻ مرادو روزگار سان لڳي ويو آهي۔ ايندڙ مالي سال 21-2020 دوران سرڪاري ۽ خانگي شعبي ذريعي 25,000 نوجوانن کي روزگار لائق مختلف هنرن ۾ سکيا ڏني ويندي۔ جن ۾ مصنوعي ذهانت، ڊرپ ايريگيشن، واٽر ٽريٽمنٽ اينڊ پيوريفڪيشن شامل آهن۔ سنڌ حڪومت پاران تربيت مفت فراهم ڪئي وڃي ٿي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته سمورا خرچ سنڌ حڪومت پڻ برداشت ڪرڻ سان گڏ هر تربيت حاصل ڪندڙ کي 2500 رپيا مهينو وظيفو پڻ ڏنو وڃي ٿو۔ هلندڙ مالي سال 20-2019 دوران سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) سنڌ ۾ 26 ادارن کي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ اختيار ڏنا آهن۔ اٿارٽي ٻيا اُپاءَ پڻ ورتا جنهن ۾ 600 عورتن کي مالي طور خودمختيار بڻائڻ لاءِ تربيت فراهم ڪرڻ، 33 استادن جي ڪاروباري تربيت، آئي بي اي ڪراچي جي سهڪار سان 1600 نوجوانن جي تربيت ۽ 50 ادارن ۾ چٽا ڀيٽي جي بنياد تي تربيت فراهم ڪرڻ کي متعارف ڪرائڻ شامل آهن: وڏو وزير سيد مراد علي شاھ چيو ت مالي سال 21-2020 دوران اسٽيوٽا لاءِ مختلف ٽارگيٽ مقرر ڪيا ويا آهن جن مان ڪجھ هن ريت آهن، ڪووڊ- 19 (ڪورونا) صورتحال جي حوالي سان 70 هزار نوجوانن کي تربيت ڏيڻ، اين اي وي ٽي ٽي سي جي سهڪار سان 24 ادارن ۾ ڪامياب جوان هنرمند پاڪستان پروگرام تي عملدرآمد ۽ سکيا جي جديد نظام تي عملدرآمد ڪرائڻ شامل آهن
۔وڏي وزير سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان عالمي وبا جي خلاف سگھ ۽ جذبي سان وڙھياسين۔ اسان جي ان ڏس ۾ موٽ مناسب ۽ وقتائتي ھئي۔ سنڌ پھريون صوبو ھيو جنھن عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ وقت سر اُپاءَ ورتا۔ عوام اسان جا ھٿ مضبوط ڪيا ۽ اسان جي ڪوششن جي حمايت ڪئي۔ اسان ايندڙ مالي سال 21-2020 لاءِ پنھنجا وسيلا مختص ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ت محتاط طور تي جن جو مقصد ايندڙ مالي سال جي دوران ڪووڊ19(ڪورونا) سان جنگ جوٽڻ آھي ان وبا جا اسان جي مقصدن ۽ ھدفن تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا پر يقيني طور حوصلن کي پست نٿي ڪري سگهي۔ اسان کي ھن معزز ايوان، سياسي پارٽين، خانگي شعبي ۽ سنڌ صوبي جي ٻين ماڻھن جي مدد ۽ رھنمائي جي ضرورت آهي۔ اسان حڪومت پاڪستان کي پڻ ننيڍ ڏيون ٿا ته اڳتي اچي۔ ھڪ مضبوط وفاق ئي جمھوريت، سياسي ادارن، سماجي، معاشي ترقي، معاشي خوشحالي ۽ ملڪ جي عوام جي ڀلائي جو ضامن آھي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ خطاب ۾ چيو ت اسان جي شھيد قائد ۽ مسلم دنيا جي پھرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو چواڻي ته پاڪستان جو شاندار مستقبل، استحڪام ۽ حفاظت ان جي عوام کي طاقتور بڻائڻ ۽ سياسي ادارا ٺاھڻ تي دارو مدار رکي ٿو، منھنجو مقصد صرف اھو ثابت ڪرڻ آھي ته ڪنھن به نسل جي دلين ۽ ذھنن کي کٽڻ جي بنيادي جنگ صرف جمھوريت جي تحت ئي کٽي سگهجي ٿي۔ عوام جي خدمت اسان جو عزم آھي۔ اسان ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيو آھي۔ ھن ڌرتي سان وفاداري ڪنھن به شڪ کان مٿڀري آھي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ
چيوته اسان جي قيادت امن جي عظيم مقصد ۽ جمھوري ادارن جي مضبوطي ۽ مربوطيءَ لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪيون۔ پاڪستان پيپلز پارٽي استحصال، اقربا پروري ۽ غير جمھوري طور طريقن جي خلاف شيھي جي ديوار مثل آھي۔ اسان پڪو پھ ڪيون ٿا ته اللھ تعاليٰ طرفان رهنمائي ۽ مدد سان ۽ سنڌ جي عوام جي حمايت سان اسان ھر چئلينج کي منھن ڏيڻ ۾ سوڀارا ٿينداسين۔
مڪاني ادارا۔ اسان مضبوط سياسي ۽ جمھوري ادارن تي يقين رکون ٿا۔ اسان جي حڪومت ھڪ آمر طرفان متعارف ڪرايل مڪاني حڪومتن واري نظام جو خاتمو آندو۔ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي مان سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 منظور ڪرايو۔ پيپلز پارٽي حڪومت عوام جا مسئلا سندن در جي چانئٺ تي ئي حل ڪرڻ لاءِ مڪاني ادارن سان ويجھڙائپ سان گڏ ڪم ڪري رھي آھي۔ سنڌ حڪومت مختلف وقتن تي سمورين يونين ڪائونسلن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ۽ ڪم ڪار جي دائري کي وسيع بڻائڻ لاءِ لوڪل ڪائونسلن جو حصو وڌايو آھي۔ سنڌ جي مڪاني ادارن جي گرانٽ مالي سال 20-2019 ۾ 74.5 ارب روپيا مختص ڪيا۔ 30 مئي 2020ع تائين سمورين لوڪل ڪائونسلز کي 67.5 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا آھن۔ سنڌ حڪومت صوبي جي مڪاني ادارن جي مالي سال 20-2019 جي گرانٽ 74.5 ارب رپين مان وڌائي مالي سال 21-2020ع ۾ 78.0 ارب روپيا ڪئي آھي جيڪا 5 سيڪڙو واڌ هوندي۔ سنڌ حڪومت ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي مالي دٻاءُ ۾ پڻ پنھنجو حصو ونڊي رھي آھي۔ ريگيولر او زيڊ ٽي شيئر، ريگيولر پينشن ۽ ريگيولر گرانٽ ان ايڊ جي مد ۾ ترتيبوار 160.0 ملين رپيا. 430.0 ملين رپيا ۽ 215.4 ملين رپيا ماھوار جاري ڪيا آھن۔ ان حساب سان ڪي ايم سي لي ڪُل رقم 805.5 ملين روپيا ۽ سالياني رقم 10.0 ارب بڻجي ٿا۔ انھن انگن اکرن ۾ 293.2 ملين روپيا ھڪ ڀيرو خصوصي گرانٽ ان ايڊ پڻ شامل آھي۔ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ريگيولر گرانٽ ان ايڊ 204.0 ملين روپيا ماھوار بنيادن تي جاري ڪيا ويا ته جيئن پگھارن، پينشن ۽ ٻين غير ترقياتي خرچن کي منھن ڏنو وڃي۔ ھلندڙ مالي سال دوران ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ترتيبوار 2.4 ارب روپيا ۽ 470.7 ملين روپيا گرانٽ ان ايڊ ۽ ھڪ دفعو خصوصي گرانٽ ان ايڊ جي مد ۾ جاري ڪيا ويا آھن۔ سنڌ حڪومت 2016 کان وٺي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جا بجلي جا بل پڻ ماھوار ادا ڪري رھي آھي۔ 20-2019ع ۾ ان مد ۾ 6.0 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آھن۔ھلندڙ مالي سال 20-2019 ۾ 315 جاري ۽ 93 نين رٿائن لاءِ 34.7 ارب روپيا مختص ڪيا ويا۔ انھن رٿائن ۾ گريٽر ڪراچي واٽر سيوريج پروجيڪٽ (S-III) ۽ گريٽر واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ (K.IV) شامل آھن جن تي 15 مئي 2020 تائين 11.4 ارب روپيا خرچ ٿيو آھي. جڏھن ته جاري رٿائون جيڪي عملدرآمد جي ويجھو ھيون انھن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو ويو ۽ ان حوالي سان وفاقي حڪومت سان شيئر جاري ڪرڻ لاءِ ڳالھايو پيو وڃي۔ سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019 ۾ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي واٽرسپلاءِ ۽ سينيٽيشن جي 398 رٿائن لاءِ 39.0 ارب روپيا مختص ڪيا ويا۔ ڪجھ اھم رٿائن ۾ تازي پاڻي جي تلائن ۾ گندو پاڻي داخل ٿيڻ جي خاتمي ۽ واسا حيدرآباد جي 494 غير فعال واٽرسپلاءِ ۽ سيوريج اسڪيمن جي ٻيھر بحالي شامل آھي۔ انھن رٿائن تي مجموعي طور 5 جون 2020 تائين 11.0 ارب روپيا خرچ آيو آھي جيڪو جون مھيني جي پڄاڻي تائين وڌي به سگھي ٿو۔ مڪاني ادارن ۽ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ جي 300 کان وڌيڪ واٽرسپلاءِ ۽ سينيٽيشن جي رٿائن لاءِ 19.3 ارب روپيا مختص ڪيا ويا۔ عالمي بينڪ جي مالي مدد تحت 3.4 ارب روپين جي لاڳت سان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ لاءِ ھڪ ميگا پروجيڪٽ، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) منظور ڪيو ويو آھي۔ وڏي۔ وزير سيد مراد علي شاھ چيو ت سنڌ انٽر سيڪٽوريل نيوٽريشن پروگرام (NSP) سان گڏوگڏ صاف سٿرو سنڌ (SSS) پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آھي۔ انھن ٻنھي پروگرامن جو مقصد آهي ته صفائي سٿرائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي وسيلي سنڌ خصوصي طور ٻھراڙي جي ڪميونٽيز ۾ غذائيت کي بھتر بڻايو وڃي۔ ھن پروگرام جو مقصد 2025 تائين سنڌ کي اوپن ڊفيڪش فري (ODF) قرار ڏيڻ آھي۔ صاف سٿرو سنڌ عالمي بينڪ جي مدد سان سنڌ جي 13 ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو آھي۔ جنھن ذريعي ٻھراڙي جي 50 سيڪڙو آبادي يا 2 ملين ماڻھن تائين رسائي حاصل ڪئي ويندي جڏھن ته صاف سٿرو سنڌ مان فائدو حاصل ڪندڙن جي اڌ شرح عورتون ھونديون۔ ھن پروگرام لاءِ عالمي بينڪ سھڪار ڪري رھي آھي، جنھن جي ڪل لاڳت 3.4 ارب روپيا آھي جنھن ۾ سنڌ حڪومت جو حصو 900.0 ملين روپيا ۽ عالمي بينڪ جو حصو 2.5 بلين روپيا آھي ۔وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چي ت ڪووِڊ-19 (ڪورونا) سبب ھن پروگرام جون ڪجھ سرگرميون تبديل ڪيون ويون آھن جنھن ۾ انھن ڳوٺن ۾ صاف پاڻي ۽ سينيٽيشن جون بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ جتي پاڻي اڻلڀ آھي، سماجي تحرڪ کي سگھارو بنائڻ، صحت جي معاملن بابت روين جي تبديلي، اسڪولن ۾ صحت ۽ صفائي بابت آگاھي ۽ ھٿ ڌوڻ وارين جاين سان بيت الخلا جي اڏاوت شامل آھن۔ سنڌ حڪومت عالمي بينڪ جي مدد سان ڪامپيٽيٽو اينڊ لوايبل سٽي آف ڪراچي (CLICK) پروجيڪٽ 33.600 ارب روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو آھي۔ جنھن جو مقصد ڪراچي جي بنيادي ڍانچي جي بھتري ۽ ميٽرو پوليٽن سٽي جي سمورين ڪائونسلز جون صلاحيتون وڌائڻ آھي جيڪو پروجيڪٽ 2025 ۾ مڪمل ٿيندو

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Abdul Qayoom Haideri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share