Pak Tv News

Pak Tv News Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Pak Tv News, TV Channel, .

A pair of Oriental darters got into a fierce fight as they compete for the best fishing spot at Keoladeo National Park, ...
31/03/2023

A pair of Oriental darters got into a fierce fight as they compete for the best fishing spot at Keoladeo National Park, India.

ڳجهه ۾ هٿ وجهڻ جا نتيجا، فلوريڊا کان پاسو ڪيو! فلوريڊا ۾ سال 2000 کان هاڻي تائين 17000کان وڌيڪ وڏا نانگ (ازدها) پڪڙيا وي...
29/03/2023

ڳجهه ۾ هٿ وجهڻ جا نتيجا، فلوريڊا کان پاسو ڪيو!


فلوريڊا ۾ سال 2000 کان هاڻي تائين 17000کان وڌيڪ وڏا نانگ (ازدها) پڪڙيا ويا آهن، پر اڃان هزارين فلوريڊا جي وارياسن علائقن ۾ ڦري رهيا آهن. اها ڳڻتي ڏيڻ واري حقيقت آهي، ڇو ته هي رينگڻ وارو ساهوارو جيوت هن علائقي جي لاءِ نئون هيو. اڃان به هتان جو ڪونه ٿي سگهيو آهي. ڳالهه اها آهي ته اهي هتان جا مڪاني جاندار ناهن ۽ ڏورانهين ملڪن کان هتي آندا وياهيا. ٿئي ائين پيو ته اهي هاڻي هتان جي جانورن جي جنسن جي خوراڪ کائي رهيا آهن.

آرلينڊو جي جهنگلي حيات جي تحفظ جي هڪ پارڪ، ’گيٽ لينڊ پارڪ’ جي ڊائريڪٽر، مائيڪ هيلمن چيو آهي ته انهن ’اروڙن’ (ازدهن) جي ڪري اسان جي علائقي جي سڀ کان وڏي شڪاري جانور يعني مانگر مڇ ۽ واڳن ائين ٿو لڳي ته ڪنن کي هٿ لائي هتان کان لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته هتان جي ڪيترن ئي جانورن جي لاءِ پاڻ کي بچائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، جيئن ته ٿڃ پياڪ ننڊا جانور، ڪوئا، سهڙ وغيره جيڪي اڳ ۾ ئي ٻين جانورن جي خوراڪ جو حصو بڻبا آهن.
ايورگليڊز دنيا جي سڀ کان نرالي ۽ نازڪ ’ايڪو سسٽمز’ منجهان هڪ مڃيل هنڌ آهي، جتي ڪي سال اڳ هر قسم جي جاندارن کي وڌڻ لاءِ ڇڏيو ويو هو. هن ڇهه ملين چورس ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ هاڻي ازدها ڦري رهيا آهن، جن علائقي جي جانورن جي توازن کي بگاڙي ڇڏيو آهي، جتي دنيا جا بي شمار ناياب نسل جيئن ته چيتا ۽ آمريڪي مانگرمڇ ڪڏهن موج ۾ هيا.

مائيڪ هيلمن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هڪ ڀيرو ڪنهن نئين جانور جو نسل ٻچا ڏيڻ شروع ڪندو آهي ۽ ان کي سازگار ماحول ملندو آهي ته پوءِ عام طرح سان اهو نسل وڌندو ويجهندو رهندو آهي، ۽ ان کي ختم ڪرڻ ايترو سولو ڪونه هوندو آهي.
هن ٻڌايو ته هتان جا مڪاني جانور مقابلو ڪن ٿا، پر جيئن ته اهي وڏا نانگ تمام سگهارا آهن، هنن تي هتان جي هلڪن جانورن جو زور نه ٿو هلي.

هن وقت آمريڪي کنڊ ۾ فلوريڊا غير مقامي جهنگلي جانورن جي جنسار جو غير معمولي ڏيک ڏئي ٿو، جتي جانورن جو تعداد گهڻو وڌي چڪو آهي، جنهن جي ڪري ماحول بحران مان گزري رهيو آهي.

هن وقت رياست ۾ 500 کان وڌيڪ ڌاريا ٻوٽا، پکي پکڻ ۽ جهنگلي جانورن جا بيشمار قسم هلي ڦري ۽ چري پري رهيا آهن، جن منجهان ڪجهه جيئن ته ازدها هتان جي جانورن جي رهڻ جي ٻرن تي زوريءَ قبضو ڪري رهيا آهن،
جڏهن ته اهي جان بچائڻ جي لاءِ نون ڏيهن ڏسڻ تي مجبور ٿا لڳن.

هتان جي وڏن وڻن جا جهڳٽا ۽ جالارا خالي هنڌ ڏسي اوڙي پاڙي جا پکي، پکڻ ۽ گرڙپک سڀ هتي پهتل آهن، سندن آکيرا هتي وڻن جي چوٽ تي آهن ۽ آنا ڏئي پنهنجو نسل وڌائي رهيا آهن.

سينٽ آگسٽين ۾ فورٽ متانزاز نيشنل مونيومينٽ ۾ نيشنل پارڪ سروس جي هڪ رينجر ۽ نيچرل رسورسز مينيجمينٽ جي هڪ ماهر، ڪرٽ فوٽ چيو آهي ته فطرت کي نواڻ کپي ۽ جڏهن ڪا نئين جنس ايندي آهي ته ٽڪراءَ ۽ تباهيءَ قدرتي ڳالهه آهي جڪا پاڻ سان خطرا به کڻي ايندي آهي.

فلوريڊا ۾ رينگڻ وارن پالتو جانورن جي تجارت چوٽ تي رهي چڪي آهي.

سال 1992 ۾ سامونڊي طوفان ’اينڊريو’ جي ڪري برمي ازدهن جي جنس جي افزائش جو مرڪز تباه ٿي ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ جانور آزاد ٿي ويا جن پنهنجي مرضيءَ سان جاڏي وڻين تيڏانهن رخ ڪيو هو.

بس ايترو فرق ضرور پيو ته هاڻي فلوريڊا جي رهواسين کي ازدها پالڻ جي اجازت ڪانهي، جنهن جو ڪنهن زماني ۾ کين ڏاڍو شوق هوندو هو.

سينٽ ڪلاوڊ ۾ هڪ نفعي نقصان بنا ڪم ڪندڙ تنظيم، ’ايميزنگ اينيملز’ ماڻهن جي پاران ڇڏي ڏنل جانورن جي حفاظت ڪندي آهي. ان جي نائب اڳواڻ، ڪائيل رهنالڊز ٻڌايو آهي ته جانورن کي پالڻ کان اڳ انهن جي باري ۾ اسان جي لاءِ ڪيترين ئي ڳالهين کي سمجهڻ ضروري آهي. مثال جي طور تي طوطا لڳ ڀڳ 80 سال جيرا رهندا آهن ۽ ڪڇون 100 سال تائين زنده رهي سگهن ٿا. ان ڪري انهن کي پالڻ هڪ وڏي ذمي داريءَ جو ڪم آهي.

ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي اسپين مان ايندڙ سياح جيڪي 1500 جهنگلي مرن کي فلوريڊا کڻي آيا هئا سي هاڻي هر سال لکين ڊالرن جا فصل تباه ڪري رهيا آهن. اهي سڄيءَ رياست ۾ ڦهلجي چڪا آهن. اهي جانور هڪڙو ئي ڪم چڱو ڪندا آهن، بس زمين کي کوٽيندا وتندا آهن. ائين به ٿيندو آهي ته کوٽيل جاءِ تي ڪي نوان قدرتي ٻوٽا ۽ وڻ ڦٽڻ شروع ڪن.

ٻئي پاسي، هتي ڪنهن جانور کي ڪو ماري نه ٿو سگهي، نه ته قانون مطابق کيس سزا ملندي. جانور هڪ ٻئي کي پورو ڪن ته اها ٻي ڳالهه آهي!

’هن ڏينهن جي لاءِ تيار نه هياسين، جيڪو اسان کي ڏسڻو پيو’ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي وڌائڻ ...
29/03/2023

’هن ڏينهن جي لاءِ تيار نه هياسين، جيڪو اسان کي ڏسڻو پيو’


اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي وڌائڻ جي معاملي تي تنقيدي خط لکڻ ۽ ٻين فوجي جرنيلن کي موڪلڻ جي ڏوهه ۾ پنج سال ٽيپ ملڻ تي حسن عسڪريءَ جي پيءَ ماءُ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.

حسن عسڪريءَ جي پيءُ ميجر جنرل (ر) ظفر مهدي ۽ سندس گهر واريءَ پنهنجي وڪيلن سان گڏ اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ اخباري ڪانفرنس ڪئي.

ڪورٽ مارشل ذريعي سزا ملڻ واري حسن عسڪريءَ جي پيءُ ماءُ چيو ته ’’اسان جو دل ٽٽي چڪو آهي. اڍائي سالن تائين خاموشيءَ سان عدالتي جنگ لڙڻ جي باوجود اسان جي ڪا شنوائي نه ٿي ۽ اسان کي معلوم ناهي ته اسان انصاف ۽ مدد جي لاءِ ڪنهن کي پڪاريئون’’.

ميجر جنرل (ر) ظفر مهدي عسڪريءَ افسوس ظاهر ڪيو ته سندس پٽ کي، سندس لفظن ۾، ’’فيئر ٽرائيل جو حق نه ڏنو ويو’’.

پاڪستاني فوج جي پاران ان معاملي تي هينئر تائين ڪو جواب نه ڏنو ويو آهي. ليڪن ماضيءَ ۾ ان ڪيس جي حوالي سان پاڪستاني فوج جي ترجمان اداري، انٽر سروسز انٽيلي جينس (آئي ايس پي آر) چيو هو ته عدالتون ملڪي قانون جي مطابق هن ڪيس جو فيصلو ڪنديون.

پاڪستاني فوج جا ذريعا هن ڪيس ۾ آئين ۽ قانون جون گهرجون پوري ڪرڻ جي دعوا ڪندا رهيا آهن. فوج جو موقف اهو رهيو آهي ته فوج ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ان ڪري، قومي سلامتيءَ جي معاملن تي ڪو سمجهوتو به ٿو ٿي سگهي.
’نه فيصلي جي ڪاپي ملي نه الزامن جي چارج شيٽ’

ميجر جنرل (ر) ظفر مهدي عڪسريءَ چيو آهي ته هن فوج جي آرٽلري ۽ ايويشن ڊويزن ۾ 33 ورهه خدمت ڪئي، ۽ ’’ان سخت ملازمت کان پوءِ هن اذيت جي لاءِ تيار نه هيس’’.

هن ٻڌايو ته سندس سويلين پٽ، حسن عسڪريءَ کي بي آڪٽوبر 2020 تي سندس گهران حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ فوجي اختياريءَ وارن جي حوالي ڪيو ويو ۽ ڪورٽ مارشل کان پوءِ پنج سالن جي سزا ٻڌائي وئي.

سندس چواڻي، ’’گرفتاريءَ کان وٺي اڄ تائين ڪيترا ڀيرا درخواست ڪرڻ جي باوجود سندس گهر ڀاتين کي نه ته فيصلي جي ڪا ڪاپي ملي نه ئي وري الزامن جي چارج شيٽ ڏني وئي’’.

هن چيو ته حسن عسڪريءَ پنهنجي خط ۾ ملازمت جي مدي ۾ واڌ ۽ پاڪستاني فوج تي مرتب ٿيندڙ ڪجهه فيصلن جي اثر جي ڪري پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي طور متاثر ٿيڻ جي باري ۾ انديشو ظاهر ڪيو هيو.

ظفر مهديءَ چيو ته حسن عڪسريءَ جي خلاف ڪيس ته اسلام آباد جي ٿاڻي، شاليمار ۾ داخل ڪيو ويو، پر ان ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جا قلم هيا، ليڪن ’آرمي ايڪٽ’ جو ڪاٿي به ڪو حوالو نه ڏنل هيو.

نياڻين جي تعليم جي لاءِ جاکوڙ ڪندڙ سماجي ڪارڪن ڪابل مان گرفتار افغانستان ۾ اقتدار ۾ آيل طالبان افغان نياڻين جي تعليم جي ...
29/03/2023

نياڻين جي تعليم جي لاءِ جاکوڙ ڪندڙ سماجي ڪارڪن ڪابل مان گرفتار


افغانستان ۾ اقتدار ۾ آيل طالبان افغان نياڻين جي تعليم جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪندڙ سماجي ڪارڪن مطيع الله ويسا کي گرفتار ڪيو آهي.

گڏيل قومن جي اداري ۽ يورپي يونين افغان طالبان جي هن قدم جي مذمت ڪندي سندس تڪڙي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو آهي.

مطيع الله ويسا جي ڀاءُ، عطاالله ويسا وائس آف آمريڪا جي افغان سروس سان گفتگو ڪندي چيو آهي ته سندس ڀاءُ کي طالبان سومر تي ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن هو ڪابل جي پسگردائيءَ ۾ خوشحال خان مينه جي علائقي ۾ مسجد ۾ سج لٿي جي نماز پڙهڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو.
هو نياڻين جي تعليم ۽ سکيا جي لاءِ ڄاتل سڃاتل سماجي ڪارڪن رهيو آهي. ان حوالي سان هن هڪ غير سرڪاري تنظيم ’پين پاٿ’ به قائم ڪئي هئي.

افعانستان ۾ انساني حقن جي لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي، رچرڊ بينيٽ چيو آهي ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مطيع الله ويسا جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.
هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ هن چيو ته مطيع الله جي سمورن قانوني حقن جو احترام ڪيو وڃي.

گڏيل قومن جي اداري افغانستان ۾ مدد ڪندڙ مشن (يوناما) به مطالبو ڪيو آهي ته مطيع الله کي سندس قانوني صلاح ڪارن ۽ ڪٽمب جي ڀاتين سان ملاقات جي سهولت ڏني وڃي ۽ اهو به واضح ڪيو وڃي ته کيس ڪاٿي رکيو ويو آهي.

يوناما ويسا جي گرفتاريءَ جو سبب ٻڌائڻ جي به گهر ڪئي آهي.

آمريڪا جي افغانستان جي لاءِ خصوصي ايلچي، ٽامس ويسٽ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مطيع الله ويسا جي گرفتاريءَ تي کيس سخت تشويش آهي.

هن چيو ته مطيع الله ويسا 2009 کان وٺي افغانستان ۾ نياڻين ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق ۾ آواز اٿاريندو رهيو آهي.

پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن مطيع الله ويسا جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪئي آهي ۽ طالبان کان سندس آزاديءَ تي زور ڏنو آهي.

واضح رهي ته آگسٽ 2021 ۾ افغانستان منجهان ڌاري فوج جي اوچتي نڪري وڃڻ کان پوءِ طالبان اقتدار ۾ آيا هيا ۽ هنن پنهنجي عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کي هينئر تائين ڪنهن به ملڪ تسليم نه ڪيو آهي.

اقتدار ۾ اچڻ شرط طالبان افغان سماج ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آنديون، جن ۾ عورتن تي پابندي وجهڻ به شامل آهي.

افغانستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳل آهي ۽ اهي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم پرائڻ جي لاءِ نٿيون وڃي سگهن.

سڄي دنيا دلچسپ ۽ عجيب شين سان ڀري پئي آهي، اهڙا اهڙا جانور ۽ پکي آهن جيڪي حيران ڪري ڇڏيندا آهن.اهڙين پکين جون وڊيوز ۽ تص...
28/03/2023

سڄي دنيا دلچسپ ۽ عجيب شين سان ڀري پئي آهي، اهڙا اهڙا جانور ۽ پکي آهن جيڪي حيران ڪري ڇڏيندا آهن.

اهڙين پکين جون وڊيوز ۽ تصويرون اڪثر توهان جي نظرن مان گذريون هونديون جن کي ڏسي حيراني ٿيندي آهي پر هاڻي هڪ عجيب مخلوق جي تصوير سڀني جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.

ڪيترائي انسان جهڙا ٻوٽا به ڏٺا ويا آهن پر هي انسان جهڙو جاندار سڀني کي تجسس ۾ وجهي رهيو آهي.

سوشل ميڊيا تي سامهون آيل هن تصوير بابت دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هي اصل ۾ ڪنهن جي گهر آيو ۽ جڏهن هن کي پڪڙيو ويو ته هي انسان جي شڪل وارو نڪتو.

اوهان به ضرور هي تصوير ڏسي حيران ٿيندا
هي جيت پوپٽ جيان لڳي ٿو پر هن جا پر کولجن اندران هوبهو انداني ڍانچي جهڙو لڳي ٿو.

سندس چهري تي اکيون ۽ وات به نظر اچي ٿو، هي واقعو ڪنهن ٻئي هنڌ جو نه پر ڪراچي جو ئي ٻڌايو پيو وڃي ۽ هن شهر ۾ اهڙي قسم جي مخلوق اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺي وئي.

آمريڪا ۾ ’جمهوريت ڪانفرنس’، پاڪستان سميت 120 ملڪن کي سڏآمريڪا ۾ هلندڙ هفتي جمهوريت جي عنوان تي ٻي سربراهي ڪانفرنس ٿي رهي...
28/03/2023

آمريڪا ۾ ’جمهوريت ڪانفرنس’، پاڪستان سميت 120 ملڪن کي سڏ

آمريڪا ۾ هلندڙ هفتي جمهوريت جي عنوان تي ٻي سربراهي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستان سميت 120 کان وڌيڪ ملڪن جي اڳواڻن کي شرڪت جو سڏ ڏنو ويو آهي، ليڪن پاڪستان پاران ان ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ اڃان ڪو واضح بيان سامهون نه آيو آهي.

ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان سان گڏ سندس پاڙيسري ملڪ ڀارت جا اڳواڻ به شرڪت ڪندا. اطلاعن مطابق، پاڪستان جي ٽن ويجهن دوست ملڪن چين، ترڪي ۽ سعودي عرب کي سڏ نه ڏنو ويو آهي، جڏهن ته تائيوان کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

’گلوبل ڊڪليريشن آف ميئرز فار ڊيموڪريسي’ جي عنوان سان ورچوئل اجلاس آمريڪا جي پرڏيهي محڪمي ۽ بين الاقوامي ترقيءَ جي آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي سهڪار سان ٿي رهيو آهن، جنهن ۾ جمهوري قدرن، شهرن ۽ مڪاني حڪومتن جي ڪردار سان گڏ عالمي سطح تي جمهوريت جا معاملا ويچار هيٺ ايندا.

پاڪستان هيليتائين ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي باري ۾ ڪجهه نه چيو آهي. ڪانفرنس اڱاري کان شروع ٿيندي. هوڏانهن پاڪستان ڊسمبر 2021 ۾ ان سلسلي جي پهرين ڪانفرنس ۾ به ڪنهن سبب ٻڌائڻ بنا شرڪت نه ڪئي هئي.

ان وقت تاثر اهو هو ته پاڪستان شايد چين جي چوڻ تي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي.

پاڪستان کي ڪانفرنس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شريڪ ٿيڻ جو سڏ هڪ اهڙي موقعي تي ڏنو ويو آهي جڏهن پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ مختلف سطح تي رابطن ۽ لاڳاپن ۾ گرم جوشي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٻئي پاسي، اسلام آباد هڪ مشڪل اقتصادي صورت حال ۾ آهي.

هڪ طرف پاڪستان عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) جي ’بيل آئوٽ پيڪيج’ جي بحاليءَ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان پنهنجي دوست ملڪن کان به مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

آمريڪا چين جي بجاءِ تائيوان کي هن اجلاس ۾ سڏايو آهي جنهن جي ڪري، ڪن مبصرن جي نظر ۾، پاڪستان جي لاءِ هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ مشڪل معاملو ٿي ويو آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ڪانفرنس ۾ شرڪت جي حوالي سان وائس آف آمريڪا جي درخواست جي باوجود هينئر تائين پنهنجو ڪو موقف نه ڏنو آهي.

’پاڪستان جي لاءِ صورت حال ڏکي ٿي وئي آهي’

ڏهه ڏينهن اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان، ممتاز زهرا بلوچ کان جڏهن نيوز بريفنگ جي دوران پڇيو ويو هو ته پاڪستان آمريڪا ۾ ٿيڻ واري جمهوريت جي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو يا نه؟ تنهن تي هن چيو هو ته هن مرحلي تي اڃان ڪو فيصلو نه ٿيو آهي.

بين الاقوامي ناتن جي تجزيه نگار حسن عسڪريءَ چيو آهي ته اهو چوڻ ڏکيو آهي ته پاڪستان هن اجلاس ۾ شرڪت ڪندو يا نه.، ليڪن چين جي بجاءِ ڪانفرنس ۾ تائيوان کي سڏ ڏيڻ جي ڪري پاڪستان جي لاءِ صورت حال مشڪل ٿي وئي آهي.

’چيف جسٽس جي تمام گهڻن اختيارن جي ڪري عدالت تي تنقيد ٿئي ٿي’ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ ججن وچ ۾ رائي جي اختلاف جو معاملو ا...
28/03/2023

’چيف جسٽس جي تمام گهڻن اختيارن جي ڪري عدالت تي تنقيد ٿئي ٿي’


پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ ججن وچ ۾ رائي جي اختلاف جو معاملو اڃان وڌي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ڏنل فيصلي سان اختلاف ڪندي اليڪشن ڪميشن جي ’از خود نوٽيس’ ڪيس ۾ اختلافي فيصلو ڏنو آهي.

ٻن ججن چيو آهي ته ان بينچ مان هٽيل ٻن ججن کي فيصلي مان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. نون رڪني بينچ مان ٻه جج پاڻ مرادو الڳ ٿيا، جڏهن ته ست رڪني بينچ جي فيصلي کي انهن ٻن ججن تسليم ڪيو جنهن کان پوءِ بظاهر چئن جي ڀيٽ ۾ ٽن ججن جو فيصلو مسترد ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن منصور علي شاه ۽ جسٽس جمال مندوخيل جو چونڊن جي ڪيس جي فيصلي تي اختلافي نوٽ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ججن چيو آهي ته چيف جسٽس جي تمام گهڻن اختيارن جي ڪري عدالت تي تنقيد ٿيندي آهي. هيءُ ٺيڪ وقت آهي جڏهن چيف جسٽس جي تمام گهڻي اختيار تي نظر ثاني ڪئي وڃي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي معاملي تي از خود نوٽيس ورتو هو.

ان ڪيس ۾ نون رڪني لارجر بينچ ٺاهيو ويو هو. ليڪن بعد ۾ ٻن ججن جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي حڪومتي پارٽين جي اعتراض وارڻ تي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي هئي.

انهن ٻن ججن کان سواءِ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس يحييٰ آفريديءَ از خود نوٽيس جي اختيار جي دائري تي ڳالهه ڪئي هئي.

جسٽس يحييٰ آفريديءَ اختلافي نوٽ ۾ ان پيٽيشن کي رد ڪيو هو، جڏهن ته جسٽس اطهر من الله پاڻ کي بينچ ۾ رکڻ يا نه رکڻ جو فيصلو چيف جسٽس تي ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ کيس بينچ کان الڳ ڪيو ويو هو.

ان معاملي کان پوءِ پنج رڪني بينچ اهو ڪيس ٻڌو ۽ ڪيترين ئي سماعتن کان پوءِ چيف جسٽس جي اڳواڻيءَ ۾ لارجر بينچ پهرين مارچ تي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

ان وقت جي لارجر بينچ ۾ ٻن ججن جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاه فيصلي ۽ از خود نوٽيس تي اختلاف ڪيو هو جنهن جو لکت ۾ فيصلو سومر ڏينهن سامهون آيو آهي.

چيف جسٽس جو پاڻ مرادي نوٽيس جو اختيار

جسٽس منصور علي شاه ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن متعلق لکت ۾ ڏنل فيصلي سان اختلاف ڪندي چيو هو ته چيف جسٽس وٽ از خود نوٽيس وٺڻ ۽ اسپيشل بينچ ٺاهڻ جا وڏا اختيار آهن، جنهن جي ڪري سپريم ڪورٽ تي تنقيد ٿيندي آهي ۽ ان جي عزت ۽ احترام ۾ گهٽتائي ايندي آهي.ٻنهي جي مطابق، هيءُ ٺيڪ وقت آهي جڏهن هڪ شخص جي وڏي اختيارن تي ٻيهر نظر وڌي وڃي.

سعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي جلد ملاقات جو امڪانسعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن رمضان دوران ئي ملاقات ڪرڻ تي ر...
28/03/2023

سعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي جلد ملاقات جو امڪان
سعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن رمضان دوران ئي ملاقات ڪرڻ تي راضپو ظاھر ڪيو آهي. هيءَ ملاقات ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي سلسلي ۾ هڪ اھم قدم ثابت ٿيندي.

خبرن جي اداري ’رائٽرز’ موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان السعود پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالله کي فون ڪيو جنھن بعد ٻنهي اڳواڻن سگھوئي ملاقات ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي.

ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻٽن ڏينھن اندر ٻه ڀيرا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

سعودي عرب جي سرڪاري خبرن جي ايجنسيءَ اطلاع ڏنو آهي ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڳالهين دوران چِين جي ٽياڪڙيءَ ۾ ٿيندڙ معاهدي جي روشني ۾ ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ھنن رمضان جي مهيني منجھ ئي ٻه طرفيون ڳالهيون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.واضح رهي ته سعودي عرب ۽ ايران 11 مارچ تي چِين جي ٽياڪڙي ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي ھڪ معاهدي تي صحيون ڪيون هيون.

ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي شامخاني ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتيءَ واري صلاحڪار مساعد بن محمد العيبان چِين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي موجودگي ۾ معاهدي تي صحيون ڪيون ھيون.

سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ستن سالن کان ڪٽيل سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي فيصلي تي مختلف ملڪن پاران گڏيل ردعمل سامهون آيو آهي.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته لاڳاپا بحال ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن کي ضرور فائدو رسندو.سعودي عرب معاشي ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ گھري ٿو، جڏهن ته ايران خطي ۾ اڪيلو رھجي وڃڻ جي تاثر کي دور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آھي.

نيشويل ايليمينٽري اسڪول ۾ شوٽنگ جو واقعو، ٽن ٻارن سميت ڇهه ڄڻا مري ويا آمريڪا جي ٽينيسي رياست جي شهر نيشويل ۾ اختياريءَ ...
28/03/2023

نيشويل ايليمينٽري اسڪول ۾ شوٽنگ جو واقعو، ٽن ٻارن سميت ڇهه ڄڻا مري ويا


آمريڪا جي ٽينيسي رياست جي شهر نيشويل ۾ اختياريءَ وارن ٻڌايو آهي ته هڪ خانگي ’ڪرسچين اسڪول’ ۾ شوٽنگ جي واقعي جي نتيجي ۾ ٽي ٻار ۽ ٽي وڏا مري ويا جڏهن ته ڪيترا زخمي ٿيا آهن.

خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، مشتبه حملو ڪندڙ عورت هئي جيڪا پوليس سان مقابلي ۾ مارجي وئي آهي. مري ويل ٽنهين ٻارن کي گوليءَ جا زخم رسيا.

شوٽنگ جو هيءُ واقعو سومر جي ڏينهن ’دي ڪونوينٽ اسڪول’ ۾ پيش آيو.

نيشويل ميٽرو پوليس ٽوئٽر پوسٽ ۾ چيو آهي حملي ڪندڙ عورت پوليس سان ويڙهه ڪئي. پوليس چيو آهي ته حملي ڪندڙ کي گولي هنئين وئي.

پوليس ٻڌايو ته بظاهر حملو ڪندڙ هڪ عورت هئي جنهن وٽ ٻه ’اسالٽ’ رائيفلون ۽ هڪ پستول هيو. هن فائرنگ ڪري ٽن ٻارن ۽ ٽن وڏن کي ماريو.

شهر جي فائر ڊپارٽمينٽ ٻڌايو آهي ته ڪيترا ئي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ليڪن سندن حالت جي باري ۾ تفصيل نه ملي سگهي آهي. هن اسڪول ۾ ’پري اسڪول’ کان ڇهين درجي تائين لڳ ڀڳ 200 شاگرد تعليم حاصل ڪندا آهن. اسڪول جي ويب سائيٽ جي مطابق، اتي 33 استاد ڪم ڪندا آهن.

’ڊبليو ٽي وي ايف’ ٽي ويءَ جي رپورٽر هنا ميڪڊونلڊ چيو آهي ته سندس سس اسڪول جي ’فرنٽ ڊيسڪ’ تي ڪم ڪندي آهي. ميڪڊونلڊ براه راست نشريات جي دوران ٻڌايو ته سندس سس سومر جي ڏينهن صبح جي وقفي ۾ ٻاهر نڪتي هئي ۽ واپس اچي رهي هئي جڏهن هن گولين هلڻ جا آواز ٻڌا. پر ان کان پوءِ هن سان رابطو نه ٿي سگهيو آهي.

ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ سان تعلق رکڻ واري رياستي اسيمبليءَ جي ميمبر، باب فريمين سومر جي ڏينهن ٿيل ان شوٽنگ کي ’’سوچ کان چڙهيل’’ سانحو قرار ڏنو آهي. ڪونوينٽ اسڪول سندس حلقي ۾ آهي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته مان اسڪول جي ويجهو ئي رهندو آهيان ۽ اڪثر ان جي آڏو لنگهندو آهيان.

هن چيو ته مان ان چرچ ۾ به ڪيترا ئي ڀيرا وڃي چڪو آهيان. ان سانحي تي مون کي سخت دلي صدمو پهتو آهي.

ڪابل ۾ خودڪش بم ڌماڪو، گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڄڻا فوت، ڪيترا زخميفغانستان جي پرڏيهي وزارت جي ٻاهران خود ڪش بم ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇ...
28/03/2023

ڪابل ۾ خودڪش بم ڌماڪو، گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڄڻا فوت، ڪيترا زخمي

فغانستان جي پرڏيهي وزارت جي ٻاهران خود ڪش بم ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿيا آهن.

اکين ڏٺي شاهدن ۽ ڊاڪٽرن جي اطلاعن مطابق ۽ اٽليءَ جي پاران قائم ڪيل بين الاقوامي انساني همدريءَ جي تنظيم، امرجينسي ءَان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ان جي اسپتال ۾ زخمين کي آندو ويو آهي، جن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي.

ذريعن وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته ڌماڪي ۾ هڪ سيڪيورٽي چوواٽي کي ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن وزارت جا ملازم واپس وڃي رهيا هيا.

فوتگين جي ان کان وڏي انگ جا اطلاع به مليا آهن.ليڪن طالبان اختياريءَ وارن فوري طور تي ان واقعي تي ڪو تبصرو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڌماڪي جي نوعيت جي باري ۾ معلوم ٿي سگهيو آهي.اڃان ڪنهن گروپ ان هاڃيڪار بم ڌماڪي جي ذمي داري قبول نه ڪئي آهي. افغانستان ۾ پوئين هفتي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ان وقت حملو ٿيو جڏهن روزو رکيو پئي ويو.

ان کان اڳ دهشت گرد گروه، اسلامڪ اسٽيٽ خراسان يا داعش خراسان دهشت گرد حملن جي ذمي داري قبول ڪندو رهيو آهي.

سومر جي ئي ڏينهن طالبان اعلان ڪيو هو ته هنن بلخ ۾ ڪاروائيءَ دوران داعش خراسان جي ٽن اهم ميمبرن کي هلاڪ ڪيو آهي، جن منجهان هڪ جي سڃاڻپ مولوي ضياالدين جي نالي سان ڪئي وئي آهي. ۽ دعوا ڪئي وئي هئي ته هو نالي ڪوٺيو گورنر ۽ گروپ جو ٻيو اهم ترين عمل دار هو.افغانستان جي لاءِ آمريڪا جي اڳوڻي خصوصي ايلچي، زلمي خليل زاد پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ان ڳالهه جي تصديق ٿي وڃي ٿي ته اها ڳالهه اتر افغانستان ۾ داعش خراسان جي لاءِ تمام وڏو لوڏو ثابت ٿيندي.

گزريل مهيني گڏيل قومن جي اداري جي هڪ رپورٽ جي لاءِ رڪن ملڪن جي پاران شيئر ڪيل انٽيلي جينس خبردار ڪيو هو ته داعش خراسان وٽ 1000 کان 3000 تائين ويڙهاڪ آهن جن ڪابل ۽ افغان صوبن ڪنڙ، ننگرهار ۽ نورستان ۾ پنهنجا سيل قائم ڪيا آهن. اهي سمورا علائقا پاڪستان جي سرحد سان لاڳاپيل آهن.

’مون کي 2024 جي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي’ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام مڙهيو آهي ته جو بائيڊن جي ا...
28/03/2023

’مون کي 2024 جي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي’


آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام مڙهيو آهي ته جو بائيڊن جي انتظاميا کيس 2024 جي صدارتي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي لاءِ هر قسم جا اپاءَ ڪري رهي آهي. هو 2024 ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ پاران صدارتي نامزدگي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

ٽيڪساس جي رياست جي شهر وائيڪو ۾ ڇنڇر ڏينهن پنهنجي انتخابي مهم جي پهرينءَ ريليءَ کي خطاب ڪندي، اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انصاف جي نظام تي تنقيد ڪندي چيو ته چونڊن کان پري رکڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون، ڇو ته هو ملڪ جي مفاد کي اولين ترجيح ڏيندو آهي.

هن پنهنجي تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا جو عوام ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن کان نه رڳو آگاه آهي پر کيس پنهنجو پسنديده متبادل اميدوار سمجهندو آهي.

ٽرمپ چيو ته کيس هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ الجهائي ۽ سزا ڏياري رستي کان هٽايو پيو وڃي. ان جي لاءِ هن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ تي سازش رچائڻ جو الزام به لڳايو. هن چيو ته ملڪ ڪي ’’بنانا ري پبلڪ’’ ٺاهڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون.

اڳوڻي صدر جي خلاف اڄ ڪلهه نيويارڪ جي مين هيٽن علائقي جي گرانڊ جيوريءَ جي آڏو ڪيس هلي رهيو آهي جنهن ۾ سندس خلاف الزام عائد ٿي سگهن ٿا.اها گرانڊ جيوري جلد ئي فيصلو ڪندي ته اڳوڻي صدر جي خلاف الزام لڳايا وڃن جنهن جو تعلق 2016 جي صدارتي چونڊن جي مهم دوران ٽرمپ جي اڳوڻي وڪيل مائيڪل ڪوهن پاران هڪ ’پورن اسٽار’ کي هڪ لک 30 هزار ڊالر جي لڪل ادائگيءَ سان آهي.

اها رقم ’پورن اسٽار’ کي پوشيده طور تي ادا ڪئي وئي هئي ته جيئن 2016 جي صدارتي چونڊن جي مهم جي دوران هوءَ پنهنجي زبان بند رکي.

ٽرمپ جي حامي ريپبلڪنز ان ڪيس تي تنقيد ڪندي ان کي اڳوڻي صدر جي خلاف سياسي ڪاروائي قرار ڏنو آهي.ان ڪيس ۾ جيڪڏهن صدر ٽرمپ تي الزامن جو پروانو عائد ڪيو وڃي ٿو ته آمريڪا جي تاريخ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ پهريون اڳوڻو صدر هوندو جنهن تي ڪنهن فوجداري ڪيس ۾ فرد جرم داخل ڪيو ويندو.

اڳوڻي صدر سوشل ميڊيا تي پنهنجي حامين کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن کيس حراست ۾ ورتو وڃي ٿو ته اهي ڀرپور احتجاج ڪن.

وائيڪو ۾ ريليءَ کي خطاب ڪندي، ٽرمپ پنهنجي ڪنهن نئينءَ حڪمت عمليءَ جو اعلان نه ڪيو. ميڙ ۾ سندس حق ۾ نعرا لڳايا ويا. جلسي جي ڪاروائيءَ جي شروعات تي اڳوڻي صدر قومي تراني سان گڏ ’وفاداريءَ جي عهد’ جا لفظ ورجايا.

پراڻي دور جي شادين جي خوبصورتي ۽ سادگيڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پراڻين شادين جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته ان دور ۾ موبائيل ف...
27/03/2023

پراڻي دور جي شادين جي خوبصورتي ۽ سادگي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پراڻين شادين جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته ان دور ۾ موبائيل فون جهڙو فتنو ئي نه هوندو هو جيڪو هاڻي ماڻهن کي هڪ ٻئي کان پري ڪري رهيو آهي.

شادي جي مختلف رسمن کي ماڻهو ڪيمرا ۾ نه پر اکين ۾ قيد ڪندا هئا ۽ فوٽو گرافري يا وڊيوگرافي بدران پاڻ به خوشين ۾ برابر شريڪ هوندا هئا.
ڪيتريون ئي اهڙيون رسمون به آهن جيڪي هاڻي نٿيون ملهايون وڃن.

اڄوڪا ٻار موبائيل ۾ گيم کيڏڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ ۾ رڌل رهندا آهن، جڏهن ته اڳ نه موبائيل هوندي هئي نه ڪو انتظار ۽ ٻار رانديون ڪندا رهندا هئا.

گهڻيون شيون آهن جن کي پراڻو فيشن قرار ڏئي ختم ڪيو ويو آهي پر 80 کان 90 جي ڏهاڪي وارو دور پنهنجو مٽ پاڻ آهي

هاڻي شادين تي وڏا وڏا هال بڪ ڪيا وڃن ٿا ۽ وڏا وڏا خرچ ڪيا وڃن ٿا پر پوءِ ائين لڳندو آهي ته ڪجهه ماڻهن جو ڌيان مانيءَ تي ۽ ڪجهه جو وري پنهنجي موبائيل فون تي هوندو آهي.

پهريان محبت، خلوص ۽ سچائي چهرن ۾ واضح هوندي هئي، هر ماڻهو کي پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا ويندا هئا ڪٿي فلاڻو ناراض نه ٿي وڃي.

اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو 90 جي ڏهاڪي وارو دور وساري نه سگهيا آهن ۽ اهڙيون وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪري پنهنجي خوبصورت دور بابت آگاهي ڏيندا رهندا آهن.

رشتن ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ جا مکيا سبب ڄاڻيو ۽ خوشگوار زندگي گزاريوڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خوشگوار رشتا انسان جي ضرورت هوندا آهن ...
27/03/2023

رشتن ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ جا مکيا سبب ڄاڻيو ۽ خوشگوار زندگي گزاريو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خوشگوار رشتا انسان جي ضرورت هوندا آهن پر انهن سان ڪڏهن نه ڪڏهن ڪٿي ڪنهن موڙ تي ويڇا ٿيڻ ۾ به دير ناهي لڳندي.

ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا ڇو ته غلطيون هر ڪنهن کان ٿي سگهن ٿيون جن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا ڳالهه برداشت کان ٻاهر هلي ويندي پر ان کان بچڻ به ممڪن آهي.

اهڙي صورت ۾ ٻنهي پاسن لاءِ ڪي سڌارا ضروري آهن پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي اندر ۾ نظر ڊوڙائيندا تڏهن به پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ معاملو ڪنٽرول ۾ اچي ويندو.

عام طور تي ڪنهن سان رنج جو سبب ڪا ڳالهه، عمل يا وري غلط فهمي به ٿي سگهي ٿي.

ڪنهن سان دل ۾ رنج رکڻ جي حوالي سان تحقيق ٻڌائي ٿي ته ان جو همراهه پاڻ بي چين رهندو آهي، وري ڳالهه ذهني دٻاءَ تائين ويندي ۽ ڪيترائي ڀيرا خوبصورت رشتا ٽٽڻ تي ختم ٿيندي آهي.

جيڪڏهن معاملو رنج تائين پهچي ويو آهي ته بجاءِ ان کي دل ۾ رکڻ جي ان تي ڳالهائڻ گهرجي.

ٻين کي خبرهجڻ گهرجي ته مسئلو ڇا آهي، ان کي پنهنجي جذبات سان آگاهه ڪرڻ گهرجي جڏهن ته صبر رکجي ۽ کليل دل سان درگزر وارو رستو وٺجي.

اوهان جا بنيادي قدر اوهان کي ٻڌائين ٿا ته فيصلا ڪيئن ڪرڻا آهن، اهو اوهان جي ڪردار جو بنياد ٻڌائين ٿا ۽ اوهان کي بهتر احساس ڏيارين ٿا.

بنيادي قدرن ۾ سخاوت، ديانت داري، روشن خيالي، لچڪ، عزت نفس ۽ مستقل مزاجي وغيره شامل آهن.

جڏهن به اوهان انهن بنيادي شن کي ڇڏيندا آهيو يا وري ڪنهن به قسم جي دٻاءَ سبب انهن کي پنهنجي حساب سان ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ته اوهان جي زندگي ۾ ڏکيائيون وڌڻ شروع ٿي وينديون آهن، ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته انهن تي قائم رهجي.

ڏکين معاملن تي ڳالهيون نه ڪرڻ به وڌيڪ مسئلن کي جنم ڏئي ٿو ۽ ان شخص لاءِ به تڪليف جو سبب بڻجي ٿو جيڪو ان تي ڳالهائڻ چاهي ٿو، ان لاءِ تڪليف ڏيندڙ معاملن جو حل ان ۾ ناهي ته ان کان ڀڄندا رهو يا وري ٽاريندا رهو، معاملو وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هجي يا گهٽ ان جو حل رڳو ان کي منهن ڏيڻ، ان تي ڳالهائڻ، پنهنجي ٻڌائڻ ۽ ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ ۾ آهي.

هر شخص جون ڪجهه ضرورتون هونديون آهن جيڪي کيس محفوظ ۽ مطمئن ٿيڻ جو احساس ڏيارين ٿيون، هر ڪو پنهنجين ضرورتن کي پورو ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن اوهان جي پرورش دوران اوهان جي ضرورتن کي نظرناداز ڪيو ويو ته وڏا ٿي اوهان اهو سمجهندا ته انهن کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو.

جيڪڏهن اوهان کي پنهنجين ضرورتن جو اظهار ڪندي رد عمل کي منهن ڏيڻو پيو هجي ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان پاڻ کي اهو چئي انهن جو مقابلو ڪيو ته اوهان جي ضرورت ايتري اهم ناهي، جيتوڻيڪ اها اهم هوندي آهي، اهڙي ريت اوهان سان رشتي ۾ شامل ٻئي شخص جي ضرورتن کي به سمجهڻ ضروري آهي.

ڪنهن تي پنهنجو ڪنٽرول رکڻ لاءِ خراب ورتاءُ نقصانڪار روين کي جنم ڏيندو آهي، ان لاءِ ان کان بچڻ گهرجي.

خاص ماڻهو وڌيڪ رنگ ڏسندا آهن، انسانن بابت 6 اهم رازڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سائنس جي وڏي ترقي باوجود جسم جا ڪجهه حصا اهڙا آه...
27/03/2023

خاص ماڻهو وڌيڪ رنگ ڏسندا آهن، انسانن بابت 6 اهم راز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سائنس جي وڏي ترقي باوجود جسم جا ڪجهه حصا اهڙا آهن جن کي اڃا دريافت ڪرڻو آهي، جيئن ٿڪ پيدا ڪندڙ عضوا، جن تي ويجهڙ ۾ غور ڪيو ويو هو، انسان جسم ۾ انيڪ خاصيتون آهن پر ڪجهه ماڻهو انهن سمورين خاصيتن کان وڌيڪ خاصيتون رکن ٿا، ان ڳالهه ثابت ٿئي ٿو ته اسان جو جسم بي مثال آهي.

اسان جي ڳلي ۾ موجود گوشت جو ٽڪڙو جنهن کي ڪاڪڙو به چيو وڃي ٿو جڏهن ته انگريزي ۾ هن کي يو ويولا چئجي ٿو.

ڪاڪڙو کائڻ پيئڻ ۾ اسان جي مدد ڪرڻ کان سواءِ اهم ڪم سرانجام ڏئي ٿو جڏهن ته دنيا ۾ رڳو 2 سيڪڙو اهڙا ماڻهو آهن جي نڙيءَ ۾ 2 ڪاڪرا هوندا آهن، اها هڪ ناياب طبي حالت آهي جيڪا خانداني هوندي آهي، هن طبي حالت جي نتيجي ۾ ڳالهائن ۽ کاڌو ڳڙڪائڻ ۾ ڏکيائي به ٿي سگهي ٿي جڏهن ته تڪليف وڌيڪ هجڻ تي آپريشن ڪرڻو پوندو آهي.

دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذائقا چکڻ جي حس رکن ٿا انهن کي سپر ٽيسٽرز جو نالو ڏنو ويو آهي.

اهڙي صلاحيت سان پيدا ٿيندڙ ماڻهو ڪافي، چاڪليٽ ۽ ٻين شين کانسواءِ کاڌن ۾ ڪوڙاڻ ۽ ٻين ذائقن جي حوالي سان وڏا حساس هوندا آهن.

25 سيڪڙو آباد اها صلاحيت رکي ٿي ۽ عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد سپر ٽيسٽرز وڌيڪ هجڻ جو امڪان هوندو آهي.

انسان جي هٿن پيرن ۾ ننهن هوندا آهن ۽ ننهن کانسواءِ تصور به عجيب لڳي ٿو پر دنيا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو موجد آهن جيڪي بغير ننهن جي پيدا ٿين ٿا.

اها به هڪ طبي حالت آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪنهن شخص جي آڱرين ۽ پيرن جا ننهن ناهن هوندا

اها حالت انهن جي صحت تي ڪنهن به قسم سان اثرانداز ناهي ٿيندي.

انساني جسم جي هڪ ٻي وڏي خاصيت آهي عام انسانن کان وڌيڪ مضبوط هڏيون.

دنيا ۾ تمام گهٽ ماڻهو اهڙا آهن جن جون هڏيون اهڙيون آهن جن کي ان بريڪ ايبل بونز يعنيٰ نه ٽٽڻ واريون هڏيون چئجي ٿو.

هن جينياتي تبديلي کي ايل آر پي 5 چيو وڃي ٿو، 1994 ۾ هڪ شخص ڪار حادثي ۾ بنا ڪنهن زخم جي جيئرو بچيو ته انهن هڏين جي قسم جي دريافت ڪيو ويو هو، اهڙي حالت ۾ مبتلا ماڻهن جون هڏيون سولائي سان ناهن ٽٽنديون يا کڻي ائين چئجي ته عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط هونديون آهن.

انسان جي ڪنن جي ڳالهه ڪجي ته ڪجهه ماڻهن جي ڪنن ويجهو ننڍڙو سوراخ هوندو آهي، هن سوراخ کي پريريڪيولر پٽ چئجي ٿو ماهر چون ٿا ته هن سوراخ جو هيل تائين ڪو خاص مقصد سامهون ناهي آيو.

ان کانسواءِ سڀ کان حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ٽيٽرا ڪروميسي، اها هڪ اهڙي طبي حالت آهي جنهن ۾ مبتلا ماڻهو واڌو رنگ ڏسڻ جي نادر صلاحيت رکن ٿا.

اسان سڀني جي اکين ۾ فوٽو ريسيپٽرز هوندا آهن جيڪي روشني ۽ رنگ ڏسڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا، عام ماڻهو رڳو 3 فوٽو ريسيپٽرز ذريعي رنگ ڏسندو آهي يعنيٰ نيري، سائي ۽ ڳاڙهي پر ٽيٽرا ڪروميسي واري حالت ۾ مبتلا ماڻهو چئن فوٽو ريسيپٽرز ذريعي رنگ ڏسي گهن ٿا.

عورتن ۾ هن طبي حالت جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي ۽ اهي اسان کان وڌيڪ رنگين دنيا ڏسي سگهن ٿيون

ڀارتي توشا خانو: تحفا ڪيئن حاصل ڪيا ويندا آهن؟ پرتيڀا پاٽيل ڀارت جي پهرين عورت هئي جيڪا ملڪ جي صدر رهي. هن کي 2007 ۾ ڪان...
27/03/2023

ڀارتي توشا خانو: تحفا ڪيئن حاصل ڪيا ويندا آهن؟


پرتيڀا پاٽيل ڀارت جي پهرين عورت هئي جيڪا ملڪ جي صدر رهي. هن کي 2007 ۾ ڪانگريس جي اڳواڻيءَ ۾ هلڻ واري ’يونائيٽيڊ پروگريسو الائنس’ (يو پي اي) جي حڪومت صدر جي لاءِ منتخب ڪيو هو، جيڪا 25 جولاءِ 2007 کان 25جولاءِ 2012 تائين صدر جي عهدي تي فائز رهي.

صدارت جو سندس مدو ڪيترن ئي تنازعن جو شڪار رهيو جن ۾ ضرورت کان وڌيڪ غير ملڪي دورا، دورن ۾ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي وٺي وڃڻ، غير ملڪي دورن ۾ تمام گهڻو خرچ ڪرڻ، سرڪاري پيسي منجهان 24000 چورس ميٽرن تي گهر اڏڻ، عهدو ڇڏڻ کان پوءِ ٻه سرڪاري موٽر گاڏيون حاصل ڪرڻ ۽ هڪ خانگي ڪار جي لاءِ حڪومت کان ٻارڻ جي گهر ڪرڻ شامل هيا.

ليڪن صدر جي حيثيت ۾ سڀ کان وڏو تنازعو ملڻ وارن 155 تحفن کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ هو، جڏهن ته قانون مطابق صدر، نائب صدر، وزير اعظم، وزيرن ۽ ٻين اعليٰ عمل دارن کي ملڻ وارا تحفا سندن ملڪيت هوندا آهن، بلڪه اهي پرڏيهي وزارت جي تحت هلندڙ خزاني يا توشا خاني جي ملڪيت هوندا آهن.

پرتيڀا پاٽيل ڪجهه تحفا مهاراشٽرا جي ام’راوتي’ ۾ پنهنجي ڪٽمب جي پاران هلندڙ هڪ تعليمي اداري کي قرض جي طور تي ڏنا هيا.

جڏهن اها ڳالهه ڦهلي۽ ان تي ڏڦيڙ پيدا ٿيو ته کيس راشٽرپتي ڀون جا تحفا واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ آخر هن 22 مئي 2013 ۾ سمورا تحفا راشترپتي ڀون کي واپس ڪيا.

هن واقعي ملڪ جي پهرين خاتون صدر جي شهرت کي داغدار ڪيو، حالانڪه هن کان اڳ ڊاڪٽر اي پي جي عبدالڪلام صدر کي ملڻ وارن تحفن جي لاءِ وقار واري روايت وڌي هئي.

هن پنهنجي منصب خالي ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ يعني 19 جولاءِ 2007 تي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته هو رڳو ٻه ننڍا سوٽ ڪيس کڻي راشٽرپتي ڀون مان ويندو ۽ ائين ئي ٿيو. هو رڳو سوٽ ڪيس سان ئي راشٽرپتي ڀون ۾ داخل ٿيو هو.

هن ڪتابن جو وڏو ذخيرو ڪٺو ڪيو هو جيڪو سندس پنهنجي ملڪيت هو ۽ جنهن کي هو پاڻ سان گڏ کڻي ويو. هو ڪتاب پڙهڻ جو شوقين هو، جڏهن ته صدر جي حيثيت ملڻ وارا سمورا تحفا اتي ئي ڇڏي ويو.

پنهنجي الوداعي تقرير ۾هن عوام کي هڪ نصيحت ڪئي هئي ته اهي ڪنهن کان ڪو تحفو وصول نه ڪن، ڇو ته اهو نانگ کي هٿ وجهڻ ۽ زهر لڳڻ جهڙو آهي. تحفي جو هميشه ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي. ڪلهه ئي هڪ شخص مون کي ٻه قلم تحفي ۾ ڏنا ليڪن مان کيس واپس ڪري ڇڏيا.

صدر عبدالڪلام جي نصيحت پنهنجيءُ جاءِ تي، پر عام طور تي هر تحفي کي واپس ڪرڻ بداخلاقي سمجهي ويندي آهي. عام رائي اها آهي ته تحفن جي ڏي وٺ پاڻ ۾ محبت وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿي ۽ ان سان مٽي مائٽيءَ جا ناتا پختا ٿين ٿا. ليڪن ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو زمانو ڪڏهوڪو هليو ويو. هاڻي ڪنهن کي تحفو پيش ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته ان جي بدلي ۾ ان کي به ڪجهه گهرجي.

اڄ جي دور ۾ ملڪن وچ ۾ سفارت ڪاريءَ جي مدد سان رشتا مضبوط ڪيا ويندا آهن ۽ سفارت ڪاريءَ ۾ تحفن جي ڏي وٺ به شامل آهي. اگر ملڪ جو ڪو سربراه پنهنجي ميزبان ملڪ جي پاران پيش ڪيل تحفو واپس ڪري ته ناتن ۾ ڇڪتاڻ جو خطرو پيدا ٿي پوي ٿو.

ليڪن ڀارت جي وزير اعظم نريندي موديءَ هڪ ميزبان ملڪ جي طرفان پيش ڪيل هڪ تحفو واپس ڪيو هو ۽ ناتن تي ڪو به اثر نه پيو.

هن 2015 ۾ منگوليا جو دورو ڪيو هو. منگوليا جي وزير اعظم کيس هڪ اعليٰ نسل جو گهوڙو تحفي ۾ پيش ڪيو. ليڪن ڇو ته ماحوليات ۽ جهنگ جي وزارت 2005 ۾ اهو قانون ٺاهيو هو ته سفارتي تحفي جي طور تي ڪنهن جانور جي ڏي وٺ نه ٿي ٿي سگهي. ان ڪري هن اهو گهوڙو اتي ئي ڇڏي ڏنو.

قانون جي مطابق، سياسي شخصيات يا سفارت ڪار تحفي ۾ جانور قبول ته ڪري سگهن ٿا، ليڪن اهي ڀارت نه ٿا کڻي اچي سگهن.

بصر جا ست قسم، استعمال ڪيئن ڪجن؟ هڙني جا فائدا هڪٻئي کان وڌيڪاسان وٽ بنا بصرن جي کاڌا پچائڻ جو تصور گهٽ ئي ڪري سگهجي ٿو،...
26/03/2023

بصر جا ست قسم، استعمال ڪيئن ڪجن؟ هڙني جا فائدا هڪٻئي کان وڌيڪ

اسان وٽ بنا بصرن جي کاڌا پچائڻ جو تصور گهٽ ئي ڪري سگهجي ٿو، بصر ڀلي سستا ملن يا مهانگا پر ٿورا گهڻا هر حال ۾ هر کاڌي ۾ ضرور وڌا ويندا آهن. ڇو ته بصر کاڌي جو اهم جز بڻجي ويندا آهن ۽ انهن جا پنهنجا ڪيترائي فائدا پڻ آهن. بصرن کي مختلف طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي جهڙوڪ ٻوڙ ۾ سلاد ۾ ۽ پڪوڙن وغيره ۾.

بصرن جي استعمال بابت ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي آهي ته اهي چانور چاڙهڻ کان اڳ داڳ ڪرڻ لاءِ به انتهائي ضروري هوندا آهن پر اها گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته بصرن جا ست قسم آهن. جڏهن ته هر ڊش ۾ بصرن جو استعمال انهن جي قسم جي حوالي سان ڪجي ته ذائقو ۽ فائدا بهترين ملندا آهن.

بنا دير ڪرڻ جي اسان اچون ٿا بصرن جي قسمن تي جن بابت توهان کي خبر هئڻ ضروري آهي.

ڦِڪا بصر

بصرن جو اهو قسم سڀني کان عام قسم آهي جيڪو هر هنڌ سولائي سان ملي وڃي ٿو. ان جي ٻاهرين خشڪ کَل ڀوري رنگ جي هوندي آهي جڏهن ته اندريون حصو هلڪي اڇي رنگ جو ۽ آلو هوندو آهي. جنهن جي تيز ۽ اکين ۾ چڀندڙ خوشبو هوندي آهي. بصرن جي ان قسم ۾ نشاستو ججهي مقدار ۾ هوندو آهي جنهن جي ڪري اهو پچائڻ ۽ گڏجڻ ۾ دير ڪندو آهي. انڪري عام طور تي انکي فراءِ ڪرڻ واري حالت ۾ استعمال ڪرڻ سولو هجي ٿو انکانسواءِ ان جو پلاءَ ۾ استعمال تمام بهترين هوندو آهي، جڏهن ته حليم وغيره ۾ ان جو استعمال به بهترين فائدن واري هجي ٿو.

ڳاڙها بصر

اهي بصر پنهنجي ڳاڙهاڻ ۽ گلابي رنگ جي ڪري صحيح نموني سڃاتا ويندا آهن. پنهنجي رنگ ۽ مٺاڻ جي ڪري عام طور تي انهن بصرن جو استعمال سلاد، برگرد وغيره ۾ گهڻو بهتر هوندو آهي. انکانسواءِ انهن بصرن جي کٽاڻ به تمام سُٺي ٿيندي آهي ۽ عام طور تي ان بصرن کي کاڌي سان گڏ کائڻ بدران ڪچو کائڻ سان گهڻا فائدا ماڻي سگهجن ٿا.

اڇا بصر

انهن بصرن جي کَل اڇي رنگ جي هوندي آهي جنهن جي مٿان اڇا دڙڳ به هوندا آهن اهي بصر ذائقي جي حساب سان تمام سُٺا هوندا آهن، انهن کي مختلف قسمن جي ساسز ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي اهي سولائي سان گڏجي ويندڙ بصر هوندا آهن انهن کي جيڪڏهن بصرن ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اهي جلدي گڏجي ته ويندا آهن پر انهن جو مٺاڻ ٻوڙ جي ذائقي کي مٺو ڪري ڇڏيندو آهي جيڪو ٻين ٻوڙن جي ڀيٽ ۾ ذائقيدارن ناهي لڳندو. انکانسواءِ ان جو استعمال فرنچ سوپ ۾ به ڪيو ويندو آهي.

مٺا بصر

انهن جو ڇِلڪو وڻندڙ سونهري رنگن جو هوندو آهي اهي سائيز جي حوالي سان وڏا ۽ وزن ۾ وري هلڪا هوندا آهن انهن جي خاصيت انهن جو مٺو ذائقو هوندي آهي. انهن جون رنگز ٺاهي فرائي ڪري کاڌيون وينديون آهن، مٺا هجڻ جي ڪري انهن کي ڪچو به استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته انهن بصرن جا پڪوڙا تمام سُٺا ٿيندا آهن.

ساوا بصر

انهن بصرن کي ڪچا بصر به چيو ويندو آهي جيڪي سائي ٻونڊين يا پڇن سان گڏ هوندا آهي اهي به تمام تيز ذائقي سان گڏ تِکي ذائقي وارا هوندا آهن. انهن کي عام طور تي آمليٽ ۽ سينڊوچ وغيره ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي انکانسواءِ انهن جو استعمال اٻاريل چانورن وغيره ۾ به ٿئي ٿو. ٻهراڙي جي علائقن ۾ موسم اچڻ جي ڪري انهن کي هر ٻوڙ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪي بهترين ذائقي سان گڏ فائدن وارا هوندا آهن.

گندنا(ليڪس)

اهي وري پنن وارا سائي رنگ جا بصر ۽ ڏانڊيون هونديون آهن جن جون منڍيون اڇيون ۽ پَن ساوا هوندا آهن، انهن بصرن کي هر سبزي سان خاص ڪري پڪل سبزين سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، اهي ڪبابن ۽ ٻين شين ۾ استعمال ۾ به تمام وڻندڙ ۽ فائدن وارا هوندا آهن.

اتلي (شيلوٽ)

اهي لمبوتري صورت جا بصر هوندا آهن جن جي کَل ڀوري ۽ اندران گلابي رنگ جا ٿين ٿا گڏ ڳنڍيل ڪيترين ئي بونڊين وارا هوندا آهن. انهن جي خوشبو گهڻي تيز ۽ ذائقو به گهڻو تيز هوندو آهي. انڪري انهن جو استعمال تمام گهٽ ٿيندو آهي، تنهن هوندي به فرائيڊ چڪن جي ڊشز ۾ ان جو استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ انهن کي گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي.

Address


Opening Hours

09:00 - 17:00

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pak Tv News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Opening Hours
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share