ڪنڌڪوٽ 25 ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رمضان لاڙي وٽان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل سرن جي بٽي جي چوڪيدار احمدان جعفري کي ڌاڙيلن قرآن پاڪ جي صدقي پاڻ آزاد ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ملھير ويجهو روڊ حادثو 2 ڄڻا فوت ھڪ عورت زخمي
ڪنڌڪوٽ: شھيد پوليس اھلڪار عبدالعزيز برھماڻي جي جنازي نماز ايس ايس پي آفيس ۾ ادا ڪئي وئي ـ ڊي سي ـ ايس ايس پي ـ رينجرز ۽ پوليس آفيسرن مختلف سياسي تنظيمن جي اڳواڻن جي جنازي ۾ شرڪت
ڪشمور گيھلپور ٿاڻي جي حدي ڊومڪي پوليس پڪٽ تي ھٿياربندن جو حملو ھڪ پوليس اھلڪار شھيد 2 اھلڪار زخمي
ضلعي پوليس T.M. خان
پريس رليز
ايس ايس پي عابد علي بلوچ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ايس ايس پي طور ڪمان سنڀالي ورتي آهي
ايس ايس پي عابد علي بلوچ جو ايس ايس پي آفيس پهچڻ تي پوليس آفيسرن ۽ آفيس جي اسٽاف پاران استقبال ڪيو ويو، اسپيشل پوليس جي اسڪواڊ کيس سلامي ڏني، جنهن بعد ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ٻين پوليس آفيسرن سان پڻ سندس تعارف ڪرايو ويو ـ ھن موقعي تي ايس ايس پي عابد بلوچ پوليس آفيسرن سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي امن امان جي بحالي منهنجي اولين ترجيح آهي ۽ ايس ايڇ اوز پنهنجي حدن ۾ امن کي برقرار رکڻ لاء قدم کڻن ڪنهن غريب سان ناانصافي نه ڪن ۽ ڏوھارين خلاف سخت ڪاروايون ڪري ڏوھن تي ضابطو آندو وڃي ۽ ضلعي جي رھواسين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي جئين شھرين کي ڪا شڪايت نه ملي
ترجمان ٽنڊو محمد خان پوليس
ڪنڌڪوٽ مختلف سياسي پارٽين طرفان بدامني خلاف ـ مغوي معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت ڌاڙيلن وٽ ڪچي ۾ باندي بڻيل مغوين جي بازيابي لاء صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ صحافي جان محمد مھر جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء غلام مصطفي ميراڻي ـ دلمراد ڏاھاڻي ـ اڪرم باجڪاڻي ـ حافظ نصر الله چنا ـ ظريت بجاراڻي ـ شعيب ڊومڪي ـ عزيز سومرو ـ فدا محمداڻي ـ شاھنواز مرھيٽو جي اڳواڻي ڪارڪنن طرفان گھنٽاگھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڪري سنڌحڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بدامني ختم ڪرائي ڪچي ۾ قيد بڻيل مغوين کي بازياب ڪرائي صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ـ
ڪنڌڪوٽ: شبير آباد ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ ڏوھاري کي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعوا
ڪنڌڪوٽ : يارھن ڏينھن اڳ مانجھي پل وٽان ھٿياربندن ھٿان اغوا ڪيل ڪنڌڪوٽ جي رھواسي نلڪن جي مستري ظھير ملڪ کي پوليس ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري بازياب ڪرائي ورتو آهي مغوي جي بازيابي بعد سندس جي گھر ڀاتين ۾ خوشي واري لھر پکڙجي وئي
ڪنڌڪوٽ : بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو فائرنگ چار ڄڻا قتل
ڪنڌڪوٽ: بي سيڪشن ٿاڻي جي لوھي پل پوليس پڪٽ تي ھٿياربندن جو حملو پوليس علي رضا لغاري اغوا ھڪ اھلڪار آزاد سنجراڻي زخمي
ڪنڌڪوٽ جي صحافين طرفان شھيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتار لاء احتجاج
اسين ڪنهن کي به ڏوراپو نٿا ڏيڻ چاھيون
اسين پنهنجي اکين سان ورھين کان ڏسندا پيا اچون
ڪلھي ڪانڌي ٿيندي رستي ويندڙ ڏٺا
جنازي ۾ شريڪ ٿيندي
پنهنجي عزيزن قريبن ثواب خاطر حفيظ پاڙيسرين واٽ ويندڙن کي ڏٺو
سنڌ جي ساڃاھ وندن شعور مندن کي
جس ٿو ڏيان جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪھي اچي ڪري ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ قبول گڏاڻي ۾ شھيد نصر الله گڏاڻي جي جنازي ۾ ھزارن جي تعداد ۾ پھچي ڪري ھڪ صحافي جنازي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي تنهن تي ساڃاھ وندن شعور مندن سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن کي ٻنهي ھٿن سان سلام پيش ڪيان ٿو ـ سنڌ جي مختلف شھرن مان جنازي ۾ شامل ٿي واپس موٽي ويندڙن کي به ڏوراپو نٿو ڏيان رڳو ميرپورماٿيلو جي شھرين صحافين ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي مزاج کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ته اسين مردا پرست آھيون
شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل جي ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء سندس جي امڙ حد جي ٿاڻي تي پھتي پوليس شھيد نصر الله گڏاڻي جي قتل جو ڪيس سندس جي امڙ پاران جوابدارن جا نالا جڏهن ڏنا ته پوليس ڪيس داخل نه ڪيو جنهن عمل خلاف احتجاجن امڙ ٿاڻي ٻاھران ڌرڻو ڏي ويھي رھي چند ماڻهن سان تصوير پنهنجو پاڻ ڳالھائين ٿيون ٻئي شعور مندن کي ساڃاھ وندن کي پھرين جنازي واري تصوير بدران ٻئي احتجاج واري تصوير تي پنهنجو پاڻ سوچڻ گھ
ملڪ برادري طرفان بيان جاري اسان جو شھيد نصرالله ڀاءَ ھيو ۽ رھندو اسين ناحق جو بيان نہ ڏيندس پوليس اسان مٿان دٻاءٔ وجهي ٿي
ڪنڌڪوٽ: شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين طرفان احتجاجي مظاهرو
ميرپور ماٿيلو جي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي آخري ديدار ڪرڻ لاء ھزارين ماڻهو پھتا
مير پور ماٿيلي جي بيباڪ صحافي نصرالله گڏاڻي جي جنازي نماز سندس جي اباڻي ڳوٺ قبول گڏاڻي ۾ ادا ـ ھزارين ماڻهو شريڪ
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ
ميرپورماٿيلي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو هزارين ماڻهن جو ڌرڻو ـ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو
شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي مڙھ مٿان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ساڃاھ وندن طرفان گلاب جي گلن جي ورکا
ڪنڌڪوٽ: 5 ڏھاڙا اڳ تنگواڻي ٿاڻي جي حد مانجھي پل واري علائقي مان ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل ڪنڌڪوٽ جي رھواسي نلڪن جي مستري پورھيت ظھير ملڪ جي بازيابي لاء سندس جي معذور ڀاء رفيق احمد ملڪ پاڪ ڪتاب کڻي ڀاء جي بازيابي لاء ڏوھارين کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏئي رھيو آھي ۽ چئي رھيو آھي مان پاڻ معذور آھيان ڪمائڻ وارو اڪيلو فرد آهيان خدارا منھنجي ڀاءٔ ظھير ملڪ کي پاڪ ڪتاب جي صدقي آزاد ڪيو وڃي
ڪنڌڪوٽ: اقبال ميموريل لائبريري ۾ سھولت جي کوٽ خلاف شاگردن جو احتجاج مسئلن جي حل ۽ سھولتون ڏيڻ جو مطالبو