نواب ولي محمد پريس فورم جي صدر سينئر صحافي, محبتي ماڻهو ۽ پياري شخص يوسف رند کي شھید بینظیر آباد یونین آف جرنلسٹس جي الیڪشن ۾ پریس سیکریٽری منتخب ٿيڻ ۽ ڪامياب ٿيل سٿ کي واڌايون پيش ڪيان ٿو...
13/03/2025
نواب ولي محمد :نواب ولي محمد شهر جي سونهري بئنڪ سامهون شهر جي مختلف ڪالونين سميت ڳوٺ خدا بخش ماڇي ۽ متعدد ڳوٺ ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ تي قبضا مافيا قبضو ڪري مٽي لاهڻ بعد سيمنٽ جو پلستر ڪرڻ لڳو. انتظاميه خاموشي. ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ تڪ جي ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ جي ڪوٽا مان ٺهندڙ روڊ تي بااثر پاران جڳھ ڀرسان مٽي لاهي قبضي ڪرڻ بعد سيمنٽ جو پلستر ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو. انتظاميا خاموش واضح رهي ته ان سلسلي م يوسي چيئرمين خميسو خان ڀنڊ ،ضلعي ڪائونسلر پنهل خان سولنگي ، شهري ايڪشن ڪاميٽي نواب ولي محمد جي صدر صحافي يوسف رند ٻين اسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد چوڌري ارسلان کي قبضي بابت اطلاع ڪري لکت م درخواست ڏني هئي پر ڪو به تدارڪ ڪون ٿيو . شهرين ڊي سي شھيد بينظير آباد کان نوٽيس وٺي قبضو ڪندڙ بااثر خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي
Be the first to know and let us send you an email when Press club nawab wali muhammad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.