Sudh News

Sudh News Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sudh News, Media/News Company, .

15/05/2022
20/04/2022

لاڙڪاڻي ۾ سانوڻ جو پھريو وسڪارو.!

06/04/2022

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ انتظامي لاپرواھي جا ھاڃا.........!!!

منھنجو مسئلو ڊي سي ڪيو آ.!؟
ميونسپل ملازم اسد پٺاڻ ڊي آفيس لاڙڪاڻو جا چڪر ڪاٽڻ کانپوءِ بہ مسئلو حل نہ ٿيڻ بعد تنگ ٿي نيٺ پاڻ کي باھ ڏئي ڇڏي.؟

28/03/2022

لاڑکانہ کی شیخ زید ہسپتال میں مبینا انتظامی نااہلی کے باعث فوت ہونے والی عورت کے ورثا کی آہ و پکار۔۔۔۔!

27/03/2022

ٻيو انور پيرزادو ميلو

اسان جا تعليمي ادارا ۽ انتظاميہ. اڪبر آزاد ھيسباڻيھڪ ڏينھن اڳ لاڙڪاڻي ۾ ”آئوٽ آف چلڊرين اسڪول“ جي موضوع تي ڪمشنر لاڙڪاڻو...
19/03/2022

اسان جا تعليمي ادارا ۽ انتظاميہ.

اڪبر آزاد ھيسباڻي

ھڪ ڏينھن اڳ لاڙڪاڻي ۾ ”آئوٽ آف چلڊرين اسڪول“ جي موضوع تي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي صدارت ھيٺ ھڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿيڻ جو ھينڊ آئوٽ جاري ٿيو آھي. اجلاس ۾ ڪمشنر چيو آھي تہ استاد والدين، شاگرد، سول سوسائٽي ۽ لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گھرجن، ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن، ان سان گڏو گڏ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون هئڻ گھرجن، ته جيئن ٻارن کي ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ جو منھن ڏسڻو نه پوي،اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ بنيادي سهولتون جن ۾ صفائي سٿرائي ٿڌي پاڻيءَ جون مشينون ۽ واشروم يقيني هئڻ گھرجن، ٻي صورت ۾ ٻار صحي نموني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دلچسپيءَ جو مظاهرو نه ڪندا، ان سان گڏو گڏ هر پرائمري اسڪول ۾ ڪمپيوٽر پڻ هئڻ گھرجي، ته جيئن ٻارن جو مڪمل رڪارڊ محفوظ ٿي سگھي جهڙوڪ داخلا ۽ ساليانو امتحان ۽ لاڳاپيل سمورو رڪارڊ محفوظ ٿي سگھي. ان سلسلي ۾ اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر پڻ هئڻ گھرجن، جيئن سمورو رڪارڊ محفوظ ٿي سگھي. ڪمشنر ھي بہ چيو تہ حڪومت اسڪولن کي سهولتون مهيا ڪري ڏنيون آهن.......! پر ان جي باوجود نتيجو نٿو ملي. ان لاءِ ضروري آهي ته تعليمي عملدار ۽ استاد پنهنجو سمورو ڌيان ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ صرف ڪن ۽ ان سان گڏو گڏ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ اسڪولن ۾ پکا ۽ سولر پليٽون لڳايون وڃن ته جيئن ٻار گرميءَ کان بچي سگھن ۽ ان سان گڏو گڏ تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ تعلقه ڪميٽيون ۽ ڊسٽرڪٽ ڪاميٽيون پڻ ٺاهيون وڃن ته جيئن تعليم جو ريشو پڻ وڌي سگھي. هن وڌيڪ چيو ته ڳوٺن جي ٻارن ۽ سندن والدين ۾ تعليمي شوق ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ تفريحي پروگرام منعقد ڪيا وڃن جن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ پيغام هئڻ گھرجي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هن وقت اسڪولن جي عمارتن جو مسئلو در پيش آهي ان لاءِ ضروري آهي ته اسڪولن جا هيڊ ماستر انهن عمارتن کي جن ۾اسڪول قائم ٿيل آهن انهن کي پنهنجو سمجھي انهن جي بهتريءَ لاءِ ڪوششون وٺن ته جيئن تعليم جو سرشتو بهتر ٿي سگھي ڇو ته بهتر کان بهتر تعليم ٻارن کي ڏيڻ لاءِ ڪششون وٺڻ گھرجن.
اصل ۾ ھن قسم جا اجلاس سٺو عمل آھي مان ان خيال جو آھيان تہ نہ رڳو ھن قسم جا اجلاس ٿيڻ گھرجن پر اھڙن گڏجاڻين ۾ مخصوص آفيسرن بجاءِ متاثر ڌرين يعني سھولتن کان وانجھيل استادن، پبلڪ ۽ شاگردن کي بہ شامل ڪيو وڃي. موجودہ معاشري ۾ ھن قسم جا اجلاس روز جو معمول آھن ڏٺو وڃي تہ اھڙن اجلاسن ۾ ٻن قسمن جا حال احوال ٿين ٿا ھڪڙا لفاظي ٻيا عملي لفاظي جو نتيجو زيرو جڏھن تہ عملي ڳالھين مان اميد ڪري سگھجي ٿي، مون جڏھن گڏجاڻي بابت ھينڊ آئوٽ پئي پڙھيو تڏھن مونکي حيرت ٿي ۽ پنھنجي علائقي جي آس پاس جا اسڪول ياد آيا جن ۾ محمد خان گاڏھي، سونو خان، نور اللہ ھيسباڻي، خان جو ڳوٺ، سکي جو ڳوٺ، نورپور ۽ ٻيا اسڪول اچي وڃن ٿا ھنن اسڪولن ۾ انتظامي بي ڌياني، لاپرواھي، ڪرپشن ۽ انتظامي عياشي سبب مسئلا سٿيل آھن نہ بلڊنگ سُر جي، نہ ٻار، نہ بنيادي سھولتون ويرانو ئي ويرانو.....!!! ھينڊ آئوٽ ۾ بار بار گھرجن، گھرجي جھڙن جملن جي ڀرمار آھي يعني مٺو پاڻي، بجلي، سولر سسٽم ھجڻ گھرجي! انھن سميت بنيادي سھولتون ھجڻ گھُرجن! ٻارڙن ۽ والدين ۾ تعليمي شوق ۽ جذبو پيدا ڪرڻ گھُرجي! پرائمري اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر ھئڻ گھُرجن.....!!! اسڪولن جي بلڊنگس بابت ھيڊ ماسترن کي ڪوششون وٺڻ گھرجن.!
او سائين اھو تہ عوام بہ چاھي ٿو ۽ چوي ٿو بلڪہ دانھي ٿو.... ٻاڪاري ٿو، پڪاري ٿو، ٻاڪاري ٻاڪاري ايترو تہ دانھيو آ جو ھاڻي سندس توھان ۽ توھان جي ڳالھين مٿان ڄڻ تہ ڀروسو ئي موڪلائڻ لڳو آ، ۽ ھتي وري توھان بہ ساڳي ڳالھ پيا ڪيو تہ ٿيڻ گھُرجي جان مال جو حفظ و امان گھرندي سوال آھي تہ توھان سميت انتظاميہ کان سواءِ ٻيو ڪير آ جيڪو ڪندو ٻڌايو تہ ڀلا ان در دانھجي......؟

15/03/2022

لاھور کے شاپنگ مال میں آگ بھڑک اٹھی!

14/03/2022

ڪانپين ٽانگين گي واري جملي تي ٽوڪڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري بہ سوشل ميڊيا تي عمران خان جي اردو ۽ غلطين جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي. 😀

13/03/2022

ھتي دوائن جون ڪمپنيون، انڊسٽريز نہ پئي لڳي سگھيون؟ اھو سڀ تير بجا تير وارن کي ڪرڻو آھي.

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ وڪيل ظفر لاڙ جي ورسي جو جلسه عام  کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ...
12/03/2022

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ وڪيل ظفر لاڙ جي ورسي جو جلسه عام کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته ظفر چنا ڪالاباغ ڊيم، پاڻي تي ڌاڙن، ڪرپشن، مھاجر صوبي ۽ سنڌ دشمن سازشن خلاف جدوجھد ۾ اڳيان اڳيان رھيو، ظفر لاڙ پارٽي، قوم ۽ وطن سان آخري وقت تائين سچو رھيو، سنڌ کي ظفر لاڙ جھڙن بھادر، انقلابي سچن ڪارڪنن جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته گذريل 15 سالن کان ملڪ کي غير يقيني واري صورتحال ۾ رکي نقصان پھچايو پيو وڃي، وفاقي حڪمران سنڌ کي ڏکئي وقت ۾ ئي ياد ايندي ڪندا آهن، لاڙڪاڻي ۾ ماڻهو بيروزگار آهن، تعليم، صحت، پاڻي جي کوٽ ۽ ڊرينيج تباہ آهي. هن چيو ته سنڌ مان چونڊيل سمورين پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي، اھي پاڻ پنھنجو احتساب ڪن، وزيراعظم کي سوچڻ گهرجي ته چئن سالن ۾ سنڌ ۽ ملڪ ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو؟ اياز لطيف پليجي چيو ته تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر جي ايجنڊا مان عورتون، هاري، اقليتون ۽ مزدور غائب آهن، دشمن مسجدن ۽ امام بارگاهن کي نشانو بڻائي ملڪ ۾ فرقيواريت پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، لاڙڪاڻي ۾ شاگردياڻين ۽ پورهيت عورتن کي سخت پريشانيون آهن. پارليامينٽ واضح ڪري ته ان وٽ سنڌ لاءِ ڪهڙي ايجنڊا آهي؟ اسان جو تعليمي نصاب جديد ۽ سائنسي هجڻ گهرجي پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون شاگردن ۽ عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام رھيون آهن پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. جاگيرداري، سرداري ۽ ڪرپشن خلاف ڀرپور جدوجھد ڪنداسين. ڏوهارين ۽ وڏيرن ماڻهن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. سنڌ سميت سڄي ملڪ مان غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هاڻي مفاد پرستن جي لالچ ۾ نه ايندا. ملڪ ۾ گورننس ۽ ميرٽ تباھ ٿي چڪي آهي. اسان کي ڪنھن ٻي جو يا نئون نه جناح وارو انسان دوست پاڪستان گهرجي، وفاق سنڌ سان بجلي، گيس ۽ پاڻي ۾ زيادتي بند ڪري وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کي اڃا تائين ڪو به پيڪيج نه ڏنو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رھيو آھي. ماضي جا حڪمران عالمي سامراجي ڊڪٽيشن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن ھا تہ اڄ ملڪ پنھنجي پيرن تي بيٺل ھجي ھا ۽ ادارا وڌيڪ مستحڪم ھجن ها. خراب معاشي پاليسين جي ڪري غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي آھي، معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن ايتري مھانگائي مشرف ۽ ضيا جي دور ۾ نه ٿي، مھانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت کي عورتن تي تشدد ۽ حراسمينٽ کي روڪڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو ته عورتون، هاري، اقليت ۽ مزدور حڪمران پارٽين جي ايجنڊا تي ناھن. دهشتگردي ۽ جهالت ايشيا جي معاشي ۽ سماجي قدرن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان غربت، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن. پاڪستان کي شفاف ۽ سخت احتساب جي ضرورت آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ صحت، زراعت ۽ تعليم تباهه ٿي چڪي آهي. ملڪ ۾ ڌماڪن جي پويان جيڪي طاقتون آھن، انھن کي روڪڻو پوندو. شاهه لطيف، بلي شاهه ۽ بابا فريد جي پيغام تي عمل ڪرڻو پوندو. سنڌ مان غير قانوني پرڏيھي واپس ڪيا وڃن. پاڪستان جو عوام مرڪزيت، ڪرپشن ۽ انتهاپسندي جي ڪري عدم تحفظ جو شڪار آهي. سنڌ جي اقتداري پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي، اھي پنهنجو احتساب ڪن. اياز لطيف پليجي چيو ته اقتصاديات روزگار تباهه ٿي ويو آھي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي منزل اقتدار وٺڻ آهي، نه عمران خان جو سنڌ سان تعلق آهي، نه ئي پ پ کي پر فرق آھي ته عمران خان کي سنڌ جي ماڻهن ووٽ ڪونه ڏنا آهن. ووٽ پيپلزپارٽي کي ڏنا، جنھن وٽ 80 سيڪڙو اختيار به آهن. ارڙهين ترميم کانپوءِ اھي ڪجھ ڪو نه ٿا ڪن. سنڌ جي نياڻين، اقليتن، ھارين، مزدورن، شاگردياڻين سان ظلم آهي. سنڌ ۾ انتھائي خطرناڪ صورتحال آهي، حڪمران نالي ڪا به شئي ناهي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ماڻھن کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، ڪرپٽ ماڻھن ۽ غلط معاشي پاليسين جي سزا غريب عوام کي ملي رھي آهي.پاڪستان کان گھٽ وسيلن وارا ملڪ به بھتر معاشي پاليسين جي ڪري ترقي ڪري رھيا آھن، اسان وٽ قدرتي نعمتن باوجود ڪروڙين عوام بدحال ۽ بيروزگار آهن. چند ماڻھن کي دولتمند بنائڻ لاء ڪروڙين عوام کي غربت جي حوالي ڪيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي. زراعت سنڌ ۽ ملڪ جي معيشت آھي، زراعت کي نقصان دراصل ان سان جڙيل ڪروڙين آبادگارن کان وٺي ھارين ۽ مزدورن کي نقصان آھي، انڪري معاشي تباھي بند ڪئي وڃي. سنڌ جي زرعي بحالي لاء خصوصي اپاء ورتا وڃن. جيڪي به فرد، تنظيمون ۽ گروهه، سماجي مسئلن ۽ انساني حقن سان گڏ ڪرپشن، ڦرلٽ، وسيلن تي ڌاڙي ۽ بيڊ گورننس جو ذڪر ۽ کليل مخالفت نٿا ڪن، يا ڏھاڪن کان وساريل ۽ لاوارث بڻيل، ميڊيا ڪوريج ۽ پبلسٽي کان محروم رکيل، عام ماڻھن جي پيڙائن ۽ دردن تي ڄمي اسٽيڊ نٿا وٺن، سي حقيقت ۾ سنڌ لٽيندڙ ٽولي تي ڪک رکي انھن جو دفاع ڪري ڪرپٽ حڪمرانن جا اڻسڌا سھولتڪار آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته پنھنجي پسند جي ۽ بظاھر مقبول اشوز سان گڏ سنڌ جي تباھ ڪيل ڪمند، سارين، ڦٽين ۽ ڪڻڪ جي آبادگارن، بکن ۾ پاھ ٿيندڙ ھارين ۽ مزدورن، نوڪريون وڪامجڻ سبب دربدر ٿيندڙ لکين بيروزگار نوجوانن، اغوا ٿيل ٻارن ۽ اقليتي نياڻين، شيرين جوکيو، ڊاڪٽر نمرتا ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي، پروين رند، فضيلا، عمران، موھن، ساحل ڪوريجو، رنڪل، لتا، آشا، رويتا، راج ڪماري، مونيڪا جي وارثن، عابدا، نائلا، تانيا، سجاد جوکيو، احد عباسي، رمشا جي مائرن، امِ رباب ۽ فرزانہ جي حقن لاءِ، ويران ۽ تباھ ٿيل سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن ۽ روڊن، گٽرن جو زھريلو گندو پاڻي پيئڻ ۽ غير معياري علاج جي ڪري ھيپاٽائيٽس، ٽائيفائيڊ، مليريا، پوليو، ايڊز، ڊائريا ۽ ڪالرا ۾ ھر روز تڙپي تڙپي مرندڙ، غربت، بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ماريل ڪروڙين مسڪين سنڌين لاءِ ھڪ ڀيرو نه پر مسلسل، ثابت قدمي، دليري ۽ دانائي سان آواز اٿاريون. اياز لطيف پليجي چيو ته مسئلا، زيادتيون، ظلم، ناانصافيون ۽ اشوز رڳو اھي نه کڻجن، جن جي سنڌ جا حڪمران اجازت يا ايجنڊا ڏين يا جن ۾ وزير ۽ مشير سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڏيکاءُ لاءِ مددگار ٿين يا جن اشوز دوران سنڌ جو ڪرپٽ حڪمران ٽولو وقتي ڊرامو ڪري سندس ساراھون ڪرائي، 14 سالن جي ڦرلٽ، ظلم ۽ ڪرپشن جي ڳالھ کائي پوءِ سندن سھولتڪارن، مخفي ماڻھن، بي ٽيمن ۽ ايجنٽن ھٿان پاڻ کي ھيرو طور پيش ڪري، وري اسان جي کربين روپين جا وسيلا، بجيٽون، کاتا، زمينون، نوڪريون، فصل، تعليم، صحت ۽ دولت مسلسل لٽيندو رھي. سنڌ جو عوام حڪمرانن جي ڪوڙن واعدن جي پويان لڳڻ بدران پنھنجن حقن ۽ مسئلن جي حل لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچي. معمولي نوڪرين لاء حڪمرانن جي بنگلن جا چڪر ھڻڻ بدران لائبريرين ۾ وڃي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياري ڪئي وڃي. نوجوان ۽ ڇوڪريون ٻاھرين ملڪن ۾ اعلي تعليم لاء اسڪالرشپ جي ڪوشش ڪن. سنڌ جي نوجوانن ۽ نياڻين جو بھتر مستقبل حڪمرانن جي ايجنڊا تي ناهي. هن چيو ته دنيا ۾ وڏيون تبديليون ۽ اھم مقام ھارين ۽ مزدورن جي اولاد ماڻيو آھي. مشڪل حالتن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ ممڪن آھي. احساس محرومي شڪست آھي. پئسو سڀ ڪجھ ناهي. اٽل ارادا ناممڪن کي ممڪن بنائي ڇڏين ٿا. انڪري نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اعلي تعليم ۽ روشن مسقبل لاء اڳتي اچن. حڪمرانن جو آسرو نه ڪن. حڪمران چاھين ھا ته اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون ھجن ها. استادن جي کوٽ نه ھجي ھا ۽ سنڌ جو تعليمي نظام عالمي معيار جو ھجي ھا پر حڪمران چاھين ٿا ته سنڌ جا ماڻھو انھن جي ڪوڙن نعرن ذريعي انھن جا غلام ۽ محتاج رهن. انھي انسان دشمن ۽ سنڌ دشمن سازش کي ناڪام ڪرڻ جي ضرورت آهي.

11/03/2022

آپ کے پاس وارنٹ ہے؟

09/03/2022

وزیر اعظم عمران خان کراجی میں خطاب کر رہے ہیں۔

08/03/2022

Shahbz shareef, asif zardari and fazulurahman press conference

07/03/2022

لاڙڪاڻي ۾ آن فارم واٽر مئنيجمينٽ جا ڪچا ملازم نہ پڪا ٿي سگھيا نہ وري پگھارون ماڻي سگھيا بي روزگاري سبب بچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور....!!!

06/03/2022

Lahor chairman ppp bilawel bhutto zardari and nadeem afzal chan press conference

26/02/2022

لاڑکانہ کے قریب گائوں پکھو میں کار اور موٹر سائیکل میں تصادم کے مناظر...!

25/02/2022

يوڪرين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن جي دانھن.!

ھي لاڙڪاڻي جي مُک شاھراہ بندر روڊ مان نڪرندڙ ھڪ بازار جو ڏيک آھي، ھن بازار جي مُنڍ ۾ ھي بيٺل گندو پاڻي ڪو ھڪ اڌ ڏينھن کا...
17/02/2022

ھي لاڙڪاڻي جي مُک شاھراہ بندر روڊ مان نڪرندڙ ھڪ بازار جو ڏيک آھي، ھن بازار جي مُنڍ ۾ ھي بيٺل گندو پاڻي ڪو ھڪ اڌ ڏينھن کان نہ بلڪہ سالن کان آھي ۽ وڌيڪ عجب جي ڳالھ ھي آھي جو ھاڻي جڏھن شھر جي صفائي سٿرائي جو ڪم چائنا جي ھڪ ڪمپني حوالي ٿيو آھي تڏھن بہ ھي مسئلو اُتي جو اتي نظر اچي پيو بازار ۾ بيٺل گندي پاڻي سبب پاسن کان دڪاندارن لاءِ تہ ڏچو آھي ئي پر ايندڙ ويندڙن جو بہ خير ڪونھي سمجھي سگھجي ٿو تہ ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميہ بہ بي خبر نہ ھوندي تہ پوءِ ڪارڻ ڪھڙا بہ ھجن پر مسئلي جي حل لاءِ عوام جي دانھن کي مانَ ڇو نہ ملڻ گھرجي....؟

14/02/2022

نواب ولي محمد ڌرڻي کي قومي عوامي تحريڪ جو سربراہ اياز لطيف پليجو خطاب ڪري رھيو آھي.

27/01/2022

پبلڪ ھيلٿ جا ڪچا ملازم ناانصافين خلاف دانھيندي.!

نيون تڪ بنديون لاڙڪاڻي ۾ تبديلي.
12/01/2022

نيون تڪ بنديون لاڙڪاڻي ۾ تبديلي.

11/01/2022

آن فارم واٽر مئنيجمينٽ جا ڪچا ملازم پگھارن کان محروم.

09/01/2022

سخت ٿڌ ۾ مڇيءَ جو شڪار

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sudh News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share