We love Indus Valley Civilization

  • Home
  • We love Indus Valley Civilization

We love Indus Valley Civilization Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from We love Indus Valley Civilization, Digital creator, .

unicorn seal of ancient indus valley civilizationهيءَ سنڌوءَ ماٿريءَ جي unicorn مهر 1927ع ۽ 1931ع جي وچ ۾ سنڌو ماٿريءَ ت...
14/12/2023

unicorn seal of ancient indus valley civilization

هيءَ سنڌوءَ ماٿريءَ جي unicorn مهر 1927ع ۽ 1931ع جي وچ ۾ سنڌو ماٿريءَ تهذيب جي مرڪزي شهر موهن جي دڙي ۾ ابتدائي کوٽائي دوران ملي هئي. اھڙي ئي قسم جون ٻيون مهرون جيڪي ھڪ ھزار کان وڌيڪ تعداد ۾ سنڌو ماٿري جي تھذيب جي ٻئي نمبر اھم شهر ھڙاپا مان به درفات ٿيون آهن، ھڪ سڱ واري ڍڳي جي ھي مهر موهن جو دڙو، مان برطانوي آثار قديمه جي ماهر ارنيسٽ ميڪي دريافت ڪئي ھئي، اھي مهرون اندروني ۽ بيروني واپار لاءِ استعمال ٿينديون هيون. قديم ميسوپوٽيميا ۾ سنڌوءَ ماٿريءَ جون تقريبن 35 مختلف مُھرون دريافت ٿيون آھن، مهرن جا نقش سيلنگ سيرامڪس تي ٺاهيون وينديون ھيون، ۽ ٽيگ واپار جي سامان جي بنڊلن کي مهر ڪرڻ لاء استعمال ڪيا ويندا هئا. آرڪيالاجي جي ماھرن ھڪ تاثر قائم ڪيو ويو آهي ته اھي مهرون شايد ڪاروباري سرگرمين ۾ سامان جي ملڪيت کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وينديون ھيون.

مهر جي چورس شڪل سنڌوءَ ماٿريءَ جون مهرن جي سڀ کان عام روپ آهي، جيتوڻيڪ انهن جي سائيز ۽ شڪلين ۾ وڏي قسم جو فرق آهي. مهر جي پٺيءَ ۾ سوراخ هڪ ڪنڊ جيڪو هينڊل طور ظاهر ڪيل آهي.

صوفي رحمٰن علي

𓋴𓅱 𓆑𓇋 𓂋𓄿𓎛𓅓𓄿𓈖 𓄿𓃭𓇋


❤️

سيوهڻقديم سلطنتن ۽ بادشاهتن جو شاهد تاريخي شهرآصف رضاموريوسيوهڻ شهر  جي جوڙجڪ سيوهڻ شهر ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻي ويندڙ اهم شاهر...
14/12/2023

سيوهڻ
قديم سلطنتن ۽ بادشاهتن جو شاهد تاريخي شهر
آصف رضاموريو

سيوهڻ شهر جي جوڙجڪ
سيوهڻ شهر ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻي ويندڙ اهم شاهراه تي 135 ڪلو ميٽر پري اتر اولهه ۾ ميل اتر اولهه پاسي ۽ سنڌو ندي کان تقريبن 5 ڪلو ميٽر پري، منڇرڍنڍ کان سنڌوءَ پاسي وهندڙ اڙل واهه جي ڪناري وسيل آهي. هي شهر به سکر، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪراچي جيان درياهه جي ڪناري آباد آهي جنهن بابت چيو ويندو آهي ته ڪنهن دور ۾ اهو شهر سنڌوندي لڳ وهندو هيو.

سيوهڻ سمنڊ جي سطح کان 54 ميٽرن جي اوچائي تي آباد آهي جنهن کان ڪجهه ڪلوميٽر پرڀرو لڪي جبل جو پهاڙي سلسلو آهي. هڪ پاسي کان پهاڙن ۽ ٻئي پاسي کان پاڻي ۾ گهريل هي شهر هر دور ۾ حمله آورن لاءِ آسان شڪار رهيو آهي. جڏهن ته پهاڙي سلسلن ۾ گهريل هئڻ سبب هتان جي موسم تمام گرم رهندي آهي ۽ گرمين جو مدو به سنڌ جي ٻين علائقن جي نسبت ڊگهو هوندو آهي. سيوهڻ جي ويجهو اوڀر ۾ سنڌوندي کان ٿورو مٿي ڪنداهه نالي هڪ گهاٽو جهنگ موجود آهي جڏهن ته سنڌ جي مشهور ڍنڍ منڇر به سيوهڻ ۽ جوهي جي وچ تي بوبڪ شهر وٽ آهي.

سيوهڻ شهر جا مختلف نالا
تاريخي ڪتابن جو ان پسمنظر ۾ جائزو ورتو وڃي ته سيوهڻ جا بيشمار نالا سامهون ايندا جن ۾ سيوستان، سهوان، سدوسان، سيوان، شوستان، سدوستان، سندوستان وغيره شامل آهن. يوناني مورخن ان کي سندو، سنڊيما يا سنڊيمانا به لکيو آهي. عربي مورخن ان کي شادوسان لکيو آهي ۽ البيروني ان شهر جو نالو سدوسان لکيو آهي. ڪجهه ڪتابن ۾ ان شهر جو نالو شوآسٿان يا شيوواهن به ملي ٿو ٻنهي جو مطلب ““شيو جي رهندڙ جي جڳهه”” آهي.

سيوهڻ جي قدامت ۽ اهميت
سيوهڻ هڪ قديم شهر آهي جيڪو صدين کان مختلف سلطنتن ۽ بادشاهتن جي لاءِ اهم ترين علائقو ۽ مسڪن رهيو آهي. علم الاآثار جي ماهرن جو خيال آهي ته قديم سنڌي تهذيب جو مرڪزپڻ سيوهڻ شهر يا ان جي پسگردائي ۾ ڪٿي هوندو هيو. سنڌ وادي جي اهم تهذيبي شاخ جهانگارا تهذيب جا آثار به سيوهڻ کان 10 ميل پري جهانگارا باجارا واري علائقي ۾ موجود آهن.
هن شهر جو تذڪرو يونانين، عربن، ايرانين ۽ هندستان جي سمورن قديم تاريخي تذڪرن ۽ سفرنامن ۾ ملي ٿو. قديم دستاويزن جي انوسار پراڻي دور ۾ هن شهر ۾ ڪو تمام وڏو مندر پڻ هوندو هيو. ان دور ۾ سنڌ ۾ 3 اهم مندر هوندا هيا هڪ سومناٿ، ٻيو جگن ناٿ پوري ۽ ٽيون هن شهر سيوهڻ ۾ هيو.
هندستان جي ديو مالائي بادشاهه جئدرٿ (12-13 قبل مسيح) جي کٿائي دورکانپوءِ سو سال تائين سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ خال موجود آهي. 6 هين صدي عيسوي ۾ سنڌ گوتم ٻڌ جي پيروڪارن جي زير اثر رهي. اهڙي دور ۾ ايران جي داريس (پهرين) 515-520 قبل مسيح) سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو جنهن سنڌ کي فتح ڪرڻ کانپوءِ ايراني سلطنت جو ويهون صوبو بڻائي ڇڏيو. 25-324 قبل مسيح دوران اليگزينڊر مقدوني جا قدم سنڌ طرف وڌندا ڏٺا ويا.
سيوهڻ جو ذڪر اليگزينڊر مقدوني سان به منسوب ملي ٿو. جڏهن هو سنڌ ۾ آيو ته هڪ شهر سينڊيما جو بادشاهه سمباس بغير حيل حجت سندس سامهون پيش ٿيو هيو. مورخن جو خيال آهي ته اهو سنڊيما دراصل سيوهڻ شهرهيو. ڪجهه ڪتابن ۾ هي پڻ لکيل آهي ته ““اليگزينڊر”” جي دور ۾ ان شهر کي سوِستان چيو ويندو هو ۽ ان وقت هتي راجا ماتيءَ جو راج هوندو هو. مهاڀارت واري دور ۾ برهمڻ جڏهن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پنهنجي عقيدن جي تبليخ ڪارڻ پکڙجندي آباد ٿيڻ لڳا ته هنن سنڌو ندي جي ڪناري جيڪي شهر آباد ڏٺا هئا انهن ۾ سيوهڻ به هڪ هيو.
هڪ مستند روايت مطابق سيوهڻ ۽ ان جي پسگردائي ۾ سوا لک بزرگن، رشين، منين ۽ درويشن جون آخري آرامگاهون آهن جن مختلف دورن ۾ پنهنجي تعليم، تبليخ ۽ فڪر سان ان علائقي ۾پرچار ڪري ماڻهن ۾ سماجي شعور اجاگر ڪيو. پنهنجي خوشحالي سبب هي شهر 7 صدي عيسوي ۾ به هندو سلطنت جي 5 صوبن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي. ديبل فتح ڪرڻ کانپوءِ 712ع ۾ جڏهن محمد بن قاسم هتي پهتو ته هن شهر واسين طرفان کيس ٿورڙي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو پر جلد ئي هو هتي به قابض ٿي ويو. ان وقت هتان جو حاڪم باجي راءِ هو. قديمي آثارن ۽ تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿي ته ڪنهن دور ۾ سيوهڻ جي پهاڙي سلسلن ۾ سون جون کاڻون به هونديون هيون جيڪي محمود غزنوي جي زماني ۾ زلزلو اچڻ سبب ختم ٿي ويون. واضع رهي ته محمود غزنوي 11 هين صدي جي شروعات ۾ هن شهر تي حملو ڪيو هيو.
هن شهر جي اهميت ان وقت اڃان وڌي وئي جڏهن سنڌوندي اروڙ جي رستي کان پنهنجو رخ تبديل سيوهڻ ويجهو وهڻ شروع ڪيو هيو. 13 هين صدي عيسوي ۾ هي اهميت ٻيهر گهٽجي وئي هئي جيڪا ڪجهه عرصي بعد عثمان مروندي المعروف قلندر شهباز جي آمد کانپوءِ وري بحال ٿيندي وئي. تاريخي ڪتاب ٻڌائين ٿا ته “سيوهڻ 17 صدي ۾ نيرجي پيدائش جو اهم مرڪز هوندو هيو”. سيوهڻ متعلق ادريسي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ““شادوسان پنهنجي وسعت، پيدوار ۽ وڌندڙ واپار ڪري مشهور آهي””.
دلوراءِ جي ڀاءُ ڇٽي پنهنجي ڀاءُ سان ناراضگي کانپوءِ بغداد ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي هئي پر ڪجهه عرصي کانپوءِ سامره کان سيد علي موسوي کي ۽ هڪ سو جي لڳ ڀڳ ٻين عربن کي پاڻ سان گڏ وٺي سنڌ آيو ۽ سيوهڻ جي ويجهو سيد لکعلوي ۾ رهڻ لڳو جنهن کي هاڻي لکي شاهه صدر چيو وڃي ٿو. اتي آباد سيد ان سيد علي موسوي جو اولاد چيا وڃن ٿا. لکيءَ جو هي علائقو به سيوهڻ ۾ اچي ٿو. ڇٽي عمراڻي جي مزار نواب ديندار خان 1042 هجري ۾ جوڙائي هئي.
سيوهڻ جي جديد تاريخ جون ڪجهه حقيقتون هن طرح آهن ته مرزا شاهه بيگ هي شهر ڄام فيروز کان زبردستي کسي ورتو هيو ۽ مرزا شاهه حسن انتظامي طور تي ان کي ٺٽي ۾ شامل ڪيو هو. همايون به 17 رجب 1541ع ۾ عمرڪوٽ ويندي سيوهڻ جي قلعي ۾ داخل ٿيو پر ان جي پهچڻ کان پهريان شاهه حسن جي مقامي ڪمانڊرن عمرڪوٽ جي چوطرف موجود خوبصورت عمارتن ۽ باغن کي ساڙي ڊاهي ويران بڻائي ڇڏيو هيو. هي گهيراءَ 7 مهينا جاري رهيو. انهي دوران همايون جي 2 لک شاهي فوج بک مرڻ لڳي ته انهن سڄي سنڌ ۾ پکڙجي هر طرف خونريزي ۽ لٽ مار شروع ڪري ڏني. حيرت جي ڳالهه هي آهي ته ان دوران سهتا ۽ ڌاريجا قبيلا به همايون جا مطيع ٿيا جن پهريان ارغونن خلاف زبردست محاڏو اٽڪايو هيو. همايون جي پٽ اڪبر به پنهنجي دور ۾ 7 -8 مهينن جي گهيري کانپوءِ سيوهڻ جي قلعي کي فتح ڪيو. ڪجهه عرصي تائين هي شهر حاڪمن جي رهڻ جي جڳهه پڻ رهيو.

سيوهڻ جا قديم آثار
سيوهڻ جي پسگردائي ۾ قديم دور جي وسندين جا آثار ميلن تائين خشڪ ميدانن ۽ پهاڙن جي هنج ۾ پکڙيل آهن پر موجوده سيوهڻ شهر جي اتر ۾ هڪ وڏي قلعي جهڙا (جنهن کي ڪافر ڪوٽ چيو وڃي ٿو) ڊٿل آثار پڻ موجود آهن. اتي ٺڪر ۽ چيني جا ٿانو وغيره ڪافي عرصي تائين ڏٺا ويا پر هاڻي انهن جو ڪو نالو نشان ڪونه ٿو ملي. هتان يونان جا ڪجهه سڪا به هٿ آيا هئا جن کي اليگزينڊر مقدوني سان منسوب ڪيووڃي ٿو ڇو ته هن هتان جي بادشاهه سمباس جي قلعي ۾ پڙاءُ ڪيو هو جيڪو بعد ۾ هندو راجائن جي دور ۾ به سنڌ جي ڪجهه قلعن مان هڪ هوندو هيو. اسلامي مورخ ۽ مقامي مسلمان آباديون ان قلعي کي جيڪو مسلمانن نه ٺهرايو هجي ان کي ڪافر قلعو (ڪوٽ) لکندا ۽ چوندا آهن.
هنري ڪزنس پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ““هي ٽٽل سرون، ٺڪرن، چيني جا ٽٽل ٿانون، هڏين، ڪوئلن ۽ جنن ڀوتن سان ڀريو پيو آهي. جيڪي بچيل ديوارون هيون اهي يقيني طور تي سرن سان ٺهيل هيون جن کي يقينن چوماسي جي برساتن زمين اندر ڌڪي ڇڏيو هوندو. قلعي جو پراڻو دروازو ايترو ٽٽي چڪو آهي جوهاڻي انجي سڃاڻپ به مشڪل ٿي پئي آهي. هتان ڪاشي جي چورس سرن کان علاوه هندڪي دور جون وڏي ماپ واريون سرون به مليون آهن جيڪي شايد عيسوي سن کان به پهريان جون آهن””.

سيوهڻ ۽ تاريخ جا دريچا
راءِ گهراڻي جي راجائن جي حڪومت ۾ جڏهن اروڙ سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ هوندوهيو تڏهن سنڌ کي انتظامي طور تي چئن حصن ۾ ورهايو ويو هيو. انهن چئن حصن ۾ چار قلعا به موجود هئا جن مان هڪ حصو ۽ قلعو سيوستان به هو، جنهن جي حاڪم جي انتظام هيٺ ڏکڻ وارا علائقا يعني روجهاڻ ۽ مڪران به اچي وڃن پيا. ان وقت سڄي علائقي کي سيوستان ۽ ان قلعي کي سيوهڻ چيو ويندو هو. راجا راءِ سهاسي جي دورِ حڪومت ۾ سيوهڻ هڪ صوبو هو جنهن ۾ موجوده لاڙڪاڻو، ضلع دادو، اورلسٻيلي جا ڪجهه علائقا به شامل هوندا هئا جن کي سنڌ جو راجا پنهنجي حڪومت جي ٻن صوبن جيان پنهنجي گادي واري هنڌ اروڙ ۾ ويهي ضابطي هيٺ رکندو هيو. تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته ““راءِ سهاسي پنهنجي رعايا جا سڀ محصول ان شرط تي معاف ڪيا هئا ته هو اچ، ماتيلا، سيئوراءِ، اروڙ ۽ سيوستان جي قلعن جي مرمت ڪري ڏيندا””. برهمڻ راجا چچ جي دور ۾ هتان جو حاڪم متي هو جيڪو چچ جي مرڻ کانپوءِ ““قنوج”” ان نيت سان ويو ته چچ جي ڀاءُ چندر کان سڄو علائقو هٿ ڪري ان تي قبضو ڪري. مهاراجا ڏاهر هرسال جا چار مهينا واري واري سان هر هڪ قلعي ۾ گذاريندو هيو. ائين ئي هو برهمڻ آباد کان سيوستان ۽ اتان کان پوءِ اروڙ ۾ رهندو هيو.
محمد بن قاسم نيرن ڪوٽ کانپوءِ 711ع ۾ سيوستان پهتو جتي راجا ڏاهر جو چاچو چندر جو پٽ باجي راءِ حاڪم هو هن قلعه بند ٿي مقابلو ڪيو پر عربي لشڪر ڪلن سان ڀتيون ٽوڙي اتي قبضو ڪري ورتو. باجي راءِ اتي چندررام کي منتظم مقرر ڪري پاڻ اڳتي نڪري ويو پر ڪجهه عرصي کانپوءِ سيوهڻ جي مقامي ماڻهن عربن خلاف بغاوت ڪري انهن کي ڀڄائي ڪڍيو. محمد بن قاسم ٻيهر انهن کي طابع ڪرڻ لاءِ مصعب بن نمير کي موڪليو. گهمسان جي جنگ ۾ چندررام مارجي ويو ۽ فتح کن پوءِ عربن اتي هڪ نئون منتظم رکيو. ان کانپوءِ محمود غزنوي جي حملي سنه 1025ع تائين سيوهڻ جي تخت کي عربن جي خليفن جا نائب سنڀاليندا رهيا.
ســـــــــــــــن 1251ع ۾ ناصرالدين محمود دهليءَ کان هڪ وڏو لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ سڀ کان پهريان هن سيوهڻ تي قبضو ڪري اتي قليچ خان کي حاڪم مقرر ڪيو. سن 1297ع جلال الدين خلجي جي دور ۾ سيوهڻ مغلن جي هٿ هيٺ آيو پر هو انجي فتح مان صحيح طور تي فائدونه وٺي سگهيا هيا ته جلد ئي نصرت خان ملتان کان سيوهڻ پهچي اتان مغلن کي ڀڄائي ڪڍيو. سن 1321ع ۾ دهليءَ جي سلطان غياث الدين تغلق؛ ملڪ علي شير کي سيوهڻ جو حاڪم بڻائي موڪليو. سن 1351ع ۾ جڏهن دلي جي بادشاهه طرفان ملڪ رتن ترڪ حاڪم هو تڏهن ڄام انڙ جي اڳواڻي ۾سمن هتي حملو ڪري حاڪم کي ماري قلعي تي قبضو ڪيو ۽ هي شهر سمن جي هٿ ۾ اچي ويو. 1372ع ۾ سلطان علاء الدين خلجي ڄام تماچي جي دور ۾حملو ڪيو ۽ سما سردارن کي وڏي انگ ۾گرفتار ڪري دهلي کڻي ويو. سيوهڻ جي فتح کانپوءِ ڄام انڙ کي ماڻهن ملڪ فيروز جو لقب ڏنو جنهن کانپوءِ سن 1519ع ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون جڏهن سنڌ ۾ آيو ته هن ميرعليڪ کي سيوهڻ ۾ ڇڏيو ۽ پاڻ ٺٽي ۾ وڃي رهڻ لڳو. جتان جلد ئي ان کي ڄام صلاح الدين ڀڄائي ڪڍيو ته هن واپس سيوهڻ اچي شاهه حسن وٽ پناهه ورتي.
سن 1541ع ۾ مفرور مغل بادشاهه همايون جڏهن سنڌي شهرن کي تاراج ڪندو سيوهڻ پهتو ته مرزا شاهه حسن جيڪو وڙهڻ لاءِ تيار هو، پنهنجي پوري تياري سان گڏ قلعي بند ٿي ويهي رهيو. ڇو ته ان وٽ راشن جي ڪا ڪمي ڪونه هئي. همايون 7 مهينا قلعي جو گهيرو ڪري ويٺو رهيو پر ڪجهه نه وريس ته مايوس ٿي بکر لوهري هليو ويو. هو پنهنجي 2 اڍائي لک شڪست کاڌل فوج سان گڏ سنڌ ۾ ڪٿي به امن ۽ سڪون سان نه رهيو. هن شاهه حسن کان شڪست جي پلاند ۾ سنڌ جون ٻنيون ٻارا ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا. جنهن سبب سنڌ ۾ سخت ڏڪار، بيمارين ۽ خراب حالتن جنم ورتو. همايون جي فوج پنهنجي گذرگاهن ۾ ايندڙ سنڌي آبادين ۾ لٽ مار شروع ڪري ڇڏي ۽ اها صورتحال 25-20 سال تائين جاري رهي.
شاهه حسن جي مرڻ کانپوءِ ان جي ٻن پٽن مرزا عيسيٰ کي ٺٽو ۽ محمود خان کي بکر جو علائقو مليو. خانا جنگن کانپوءِ سن 1562ع ۾ مرزا عيسيٰ جي ٻن پٽن ۾ تڪرار جي نتيجي ۾انهن مان هڪ مرزا صالح مارجي ويو جڏهن ته مرزاباقي کي سيوهڻ جي جاگير ملي جنهن ڪجهه عرصي کانپوءِ پنهنجي وڏي پٽ مرزا پائينده کي سيوهڻ جو حاڪم مقررڪيو.
سن 1589ع ۾ مغل شهنشاهه اڪبر جي هڪ سالار عبدالرحيم خان خانان سيوهڻ تي حملو ڪيو. مرزا جاني بيگ به ٺٽي کان لشڪر وٺي آيو. لکي جي ويجهو گهمسان جي جنگ لڳي پر مرزا کي شڪست ٿي جيڪو وڏي مشڪل سان پنهنجي جان بچائي ڀڄي ويو. ائين سيوهڻ مغلن جي ور چڙهي ويو. سن 1605ع ۾ جهانگير سيوهڻ ۽ ٺٽو جي لاءِ نواب عبدالرزاق کي حاڪم بڻائي موڪليو. سن 1649ع ۾ شاهه جهان پنهنجي پٽ اورنگزيب کي سيوهڻ، ٺٽو ۽ بکر جي جاگير عطا ڪئي جڏهن ته ملتان پهريان کان ئي سندس جاگير هيو.
سن 1737ع ميان نور محمد ڪلهوڙو سيوهڻ، ٺٽو ۽ بکر جو حاڪم بڻيو پر ڪلهوڙا حڪمرانن پنهنجي گادي جو هنڌ 32 ڪلو ميٽر پري اتر ۾ موجود شهر خدا آباد ۾ قائم ڪيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ وري گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد منتقل ڪيو. برطانوي فتح وقت هتي ٽالپرن جي حڪومت هئي. سن 1843ع ۾ دٻيءَ جي جنگ ۾ مير شير محمد خان چارلس نيپيئر هٿان شڪست کائي پنجاب ڀڃي ويو ۽ اتان کان سيوهڻ واپس اچي سنڌودرياهه ويجهو چوطرف خندق کوٽائي ويهي رهيو. ان وقت ڪرنل رائٽ سيوهڻ ۾ هيو جنهن وڏي فوجي طاقت سان مير تي حملو ڪيو. جنگ دوران مير شير محمد جو ڀاءُ شاهه محمد پڪڙجي پيو جڏهن ته مير شير محمد ۽ ان جا ساٿي ڀڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ مير پنجاب وڃي راجا شيرسنگهه وٽ پناهه ورتي.

حضرت عثمان مروندي عرف قلندر شهباز رحمته الله عليه
لعل شهباز قلندر جو اصل نالو سيد محمد عثمان ولد سيد محمد ابراهيم هو، جنهن جي پيدائش شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي وفات کان 235 سال پوءِ 538 هجري ۾ ٿي جڏهن ته سندن وفات 21 شعبان 637 هجري مطابق 1274ع ۾ 112 سالن جي عمر ۾ ٿي. مقبري جي قبي تي ابجد جي حساب ۾ هڪ شعر لکيل آهي، جنهن موجب سندن پئدائش 538 هجري ۾ ۽ وفات 21 شعبان سن 650 ۾ ٿي. سندن وڏا 224 هجري ۾ ايران جي شهرمروند کان ملتان هجرت ڪري آيا، جتي سلطان محمد، مخدوم جلال جهانيان (اچ شريف واري بزرگ) شيخ فريدالدين شڪرگنج، شيخ بهاوالدين ذڪريا ملتاني وغيره سان قرابت داري رهي. امير حسن دهلوي، بوعلي شرف الدين ۽ امير خسرو به سندن صحتبي رهيا. 1235ع ۾ پاڻ ملتان کان سيوهڻ آيا جتي پنهنجي انتقال تائين هنن علم۽ محبت فيض عام ڪيو. هو فارسي زبان جا قادرالڪلام شاعر، شريعت، طريقت، ۽ معرفت جا عالم ۽ استاد هئا. حضرت لعل شهباز قلندرهن خطي ۾ رهندڙ هندو ۽ مسلمانن وچ ۾ پيار،محبت، ۽ امن جي تبليغ ڪئي.

قلندر شهباز جو مقبرو.
موجوده دور ۾ سيوهڻ جي شهرت جو مکيه سبب حضرت لعل قلندر شهباز جي درگاهه ۽ مزار مقدس آهي. هن مقبري جي شروعاتي تعمير ۽ وڏو گنبذ فيروز شاهه تغلق جي حڪم سان تڏهن ٺهرايو ويو جڏهن هن ٺٽي ۾ پنهنجي حڪومت مستحڪم ڪرڻ کانپوءِ سيوهڻ ۾ سندن دربار تي حاضري ڏني هئي. جڏهن ته مقبري جي باضابطه تعمير 1352ع يا 1340ع ۾ ملڪ اختيارالدين ڪرائي هئي. ان کانپوءِ مزار جو قبو مرزا جاني بيگ ترخان جي دور ۾ ٺهيو. جنهن جي پٽ مرزا غازي بيگ به پنهنجي دور ۾ ان مقبري کي وسيع ڪري بڻايو هو. 1239ع ۾ نواب ديندار خان عرف سيد بڊهي آڳر ۾ ڪاشي ۽ مقبري جي مهڙ تي شيشي جي جڙائي ڪرائي ۽ ڀر ۾ 2 مسجدون پڻ تعمير ڪرايون. ڪجهه عرصي کانپوءِ مير ڪرم علي خان مقبري جي چوگرد ڪٽهڙا تيار ڪرايا ۽ چاندي جو نيلون به لڳرايون جيڪي اڄ ڪلهه غائب آهن. مقبري جي سامهون وارو گنبذ ميان غلام شاه ڪلهوڙي پنهنجي دورِ حڪومت ۾ تعميرڪرايو هو جڏهن ته جامع مسجد سن 938 هجري ۾ مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ جوڙائي وئي هئي.
حضرت قلندر شهباز جي مزار تي هر مذهب ۽ عقيدي جا ماڻهو حاضري ڏيندا آهن. ايستائين جو سڄي دنيا جا هندو به ان سان عقيدت رکندا آهن جن جي هڪ حلقي جو خيال آهي ته ““جنهن کي اسان قلندر شهباز جي مزار چوندا آهيون اها دراصل وڪرماجيت جي ڀاءَ راجا ڀرتري جي آرامگاهه آهي جيڪو تارڪ دنيا ۽ صوفي منش انسان هوندو هيو””. هندن جي ان ڳالهه جو تعلق هڪ تاريخي نقطي سان به آهي ته قلندر شهباز جو موجوده مقبرو ان مندر جي آثارن جي مٿان جوڙيو ويو آهي جتي ڪنهن دور ۾ رام چندر جي پيءُ راجا ڀرتري جي سماڌي هوندي هئي. اڪثر هندن جو هي به خيال آهي ته ان مقبري واري جڳهه تي راجا ڀرتري جو ڀاءُ بادشاهه وڪرماجيت شيو ڀگوان جي پوڄا ڪندو رهندو هيو. قطع نظر ان ڳالهه جي ڏٺو وڃي ته موجوده سيوهڻ شهر ۾ صنعت ۽ تجارت وغيره جهڙي ڪابه شئي موجود نه آهي نه ئي اتي عوامي دلچسپي جو ٻيو ڪوئي وسيلو آهي سو اتي قلندر لعل شهباز جي مزار ۽ ان سان ماڻهن جي عقيدت ئي آهي جنهن ڪري هن شهر تيزيءَ سان ترقي ۽ پکيڙ حاصل ڪئي آهي.
سيوهڻ جي ڀرپاسي ۾ تاريخي آثار:
سيوهڻ نه صرف پاڻ هڪ قديم شهر آهي بلڪه ان جي چوطرف ميلن تائين سنڌو ماٿري جي تهذيب جا قديم آثار وکريا پيا آهن. سيوهڻ جي اولهه ۾ پهاڙن تائين زمين باراني آهي جيڪا برساتي نالن تي آباد ٿيندي آهي جنهن کي قديم دور ۾ دشتِ باران يا دشتِ ريل به چيو ويندو هيو پر هاڻي ان علائقي کي ““ڪاڇي”” جو نالو ڏنو ويو آهي. ڪاڇي جي اولهه پاسي جيڪا جبلن جي قطار سمنڊ تائين هلي وڃي ٿي ان کي ڪوهستان سڏيو وڃي ٿو جنهن جي هڪ الڳ تاريخ آهي. اتي قديم وسندين جي آثارن کان علاوه ولين ۽ بزرگن جا آستان به موجود آهن جتي صدين تائين انهن فقيرن رياضتون ۽ عبادتون ڪيون.
انهيءَ پهاڙي سلسلي تي رني ڪوٽ جي شاندار عمارت جي قلعبندي موجود آهي. ان جابلو سلسلي جي مهر جبل تي هڪ پهاڙي ٽڪري موجود آهي جنهن جي هيٺان ڇت مان پاڻي بوند بوند ڪري هيٺ موجود ننڍي کڏ ۾ صدين کان ڪرندو رهي ٿو جنهن مان پاڻي ڪڏهن به ختم نه ٿو ٿئي حالانڪه هتي ايندڙ زيارتي، سياح، مقامي باشندا، مالوند ۽ انهن جا جانور به اهو پاڻي پيئندا رهن ٿا. پاڻي ڪرڻ واري ان جڳهه کان ٿورو پري هڪ غار جي هيٺاهين ڇت تي ديڳ جهڙو هڪ پٿر لڙڪيل آهي جنهن تائين پهچڻ مشڪل آهي ان متعلق هڪ روايت مشهور آهي ته: ““هيءَ ديڳ هتي ڪنهن دور ۾ ڪو ديو رکي ويو هئو ۽ ان ۾ خزانو موجود آهي””.
انهي پهاڙ تي ٿورو پرڀرو پاڻي جو ننڍڙو چشمو وهندو وڃي هڪ ندي ۾ جمع ٿيندو آهي جيڪو پهاڙ اندر ٺلهن واري هڪ مخصوص جڳهه تي پهچي ختم ٿئي ٿو. جتي صدين کان ٽي چار فٽ پاڻي بيٺو رهندو آهي. ان بابت اهو به خيال ڪيو وڃي ٿو ته ““هي جڳهه ديون ٺاهي هئي ۽ هي به ڪڏهن انهن جي رهڻ جو آستانو هوندو هيو””. انهي پهاري سلسلي ۾ لکي جي سامهون پهاڙ جي اڱڻ ۾ هندن جو ““دهارتيرٿ اسٿان”” به موجود آهي جنهن کي اسان گرم پاڻي جو چشمو چوندا آهيون. هي چشمو هندن لاءِ متبرڪ سمجهيو ويندو آهي جتي اهي اشنان ڪرڻ ايندا رهندا آهن.



دنيا جي جهوني تهذيب سنڌو سڀيتا  سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم ترين شهري تمدنن مان هڪ آهي، سنڌو سڀيتا جون ھمسفر تهذي...
17/11/2023

دنيا جي جهوني تهذيب سنڌو سڀيتا

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم ترين شهري تمدنن مان هڪ آهي، سنڌو سڀيتا جون ھمسفر تهذيبن جن مصرين اہرام، مقبرا، خزانا، هيروگليفس ڇڏي ويا، ميسوپوٽيميا ( عراق ) ڪينيفام ٽيبليٽ تختيون، تاريخ ۽ عظيم محلات، وڏيون وڏيون عبادت گاھن زيگگرات پويان ڇڏيا ، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ماڻهو ٽائون پلاننگ جي حوالي سان جڳ ۾ ھڪ منفرد سڃاڻڻ رکندڙ آهن، ھنن وٽ ھڪ مڪمل ٻولي هئي، پر ان کي ڪير به ھن وقت تائين سمجھي نه سگهيو آهي، جيڪا سنڌو سڀيتا جا رھواسي واپاري سرگرمين ۾ مٽيءَ جون ٽيبليٽ، مهر ٺاھي استعمال ڪندا ھئا، جنهن ۾ مختلف جانور جون تصويرون ٺھيل آھن، سنڌو سڀيتا ھٿيارن کان پاڪ معاشرو قائم ڪيو ھو، سنڌ جي عظيم تهذيب ۾ ھن وقت تائين ڪوبه عبادت گاھن مندر محلات دريافت نه ٿيا آهن، جيستائين سنڌو سڀيتا جي ٻولي کي پڙھيو يان سمجھيو نه ويندو تيستائين سنڌو سڀيتا دنيا جي لاءِ هڪ پراسرار تهذيب ئي رھندي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ميسوپوٽيميا ۽ مصر جي تهذيبن جي ٻولين کي ڊيڪوڊ ڪري انهن جي سموري ڪلچر ، مذهب ۽ تاريخ بابت گهڻو ڪجهه ظاهر ٿئي چڪو آهي تهذيب جي حوالي سان سندن نمايان تعاون لاءِ تسليم ڪيو ويو آهي، عظيم سنڌو سڀيتا کي اڪثر نظر انداز ڪيو ويو آهي جيتوڻيڪ ان جي تاريخ ۽ ثقافت دنيا ۾ قديم ۽ امير آهي.

❤️

دنيا جي قديم ترين تهذيب سنڌو سڀيتا مورٽيمر ويلر  سنڌو ماٿري جي تهذيب انساني تاريخ جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي، سنڌو س...
16/11/2023

دنيا جي قديم ترين تهذيب سنڌو سڀيتا
مورٽيمر ويلر

سنڌو ماٿري جي تهذيب انساني تاريخ جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي، سنڌو سڀيتا برصغير ​​​​۾ تقريبن 5,000 سال اڳ پيدا ٿي، تقريبن ساڳئي وقت قديم مصر جي ظاهر ٿيڻ ۽ تقريبا 1,000 سالن کان پوء ميسوپوٽيميا جي ابتدائي سميري تهذيب جي شهرن جا بنياد رکيا ويا، سنڌو ماٿري جي تهذيب، پنهنجي پختگي واري مرحلي ۾، اٽڪل 700 سالن تائين، 2600 قبل مسيح کان 1900 قبل مسيح تائين پنهنجي عروج تي هئي، سنڌو سڀيتا پهريون ڀيرو 1921-22 ۾ سر جان هوبرٽ مارشل جي اڳواڻي ۾ هڪ کوٽائي مهم دوران پنجاب ۾ سنڌو سڀيتا جي شھر هڙپا جي دريافت کانپوءِ دنيا ۾ وري ٻيهر نروار ٿي، ھڙاپا جا آثار مارشل، راءِ بهادر ديا رام ساهني ۽ ماڌو سروپ واتس دريافت ڪيا،
1921ع ۾ پنجاب جي هڪ ننڍڙي شهر هڙپا ۾ ۽ 1922ع ۾ سنڌ ۾ موهن جو دڙو موجود هندستان ۽ پاڪستان برصغير ​​جي ڪنهن به اڳوڻي شهري ثقافت کان اٽڪل ٻه هزار سال پراڻي ترقي يافته شهري ثقافت جا ثبوت مليا، پهرين دريافت ڪيل ماڳن جي ورڇ کان، ثقافت کي سنڌو ماٿري جي تهذيب جو نالو ڏنو ويو، اهو نالو اڄ ڏينهن تائين برقرار رکيو ويو آهي، جيتوڻيڪ بعد ۾ ڪيل تحقيق مان پڌرو ٿيو ته تهذيب جا عنصر هڪ طرف اولهه طرف مڪران جي ساحل ۽ سوراشٽر ڏانهن ۽ ٻئي طرف اوڀر طرف يمنا (جمنا) جي وادي ۾. اهڙيءَ طرح وسيع ٿي، تهذيب عراق ۽ مصر ۾ پنهنجي همعصرن کان وڏي آهي 1968ع جي ٽئين ايڊيشن جي هن ڊجيٽل ريپرنٽ ۾، سر مورٽيمر ويلر سنڌو سڀيتا جي مطالعي ۾ ٻين تعاونن جو اختصار ڪيو، ۽ آبهوا ۽ تاريخن تي بحث شامل ڪيو، هن ڪتاب ۾ 50 کان وڌيڪ تصويرون شامل آهن، جنهن ۾ مٽيءَ جي برتنن، مهرن، مجسمن ۽ ماڳن جون تصويرون شامل آھن.

1920ع ۾ لنڊن يونيورسٽي مان ۽ پوءِ ويلز (1921-27) ۽ هارٽفورڊ شائر (1930-33) ۾ کوٽائي ڪئي، موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي سنڌو ماٿري جي ماڳن جي شروعاتي معائني تي، هن هڪ تمام مختصر کوٽائي جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي شھري آبادين جي چوڌاري قلعا ظاهر ٿيا، هن بعد ۾ هڙپا ۾ هڪ وڌيڪ تفصيلي کوٽائي جي اڳواڻي ڪئي، جتي هن وڌيڪ قلعي کي پڌرو ڪيو ۽ آبادي لاءِ هڪ اسٽريٽگرافي قائم ڪئي.

❤️
❤️

قدیم سنڌو ماٿريءَ جي ڪاروباري مرڪز جي پيپر فولڪس ڊرائنگ، پينٽنگس  عڪسن، جنھن ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روزمره ...
16/11/2023

قدیم سنڌو ماٿريءَ جي ڪاروباري مرڪز جي پيپر فولڪس ڊرائنگ، پينٽنگس عڪسن، جنھن ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روزمره جي زندگيءَ کي صحيح نموني سان بيان ڪيو ويو آهي.

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ  ھندو ڀائرن کي ڏيارِي جون لکين واڌايون هجن.  🎉🪔🎈
11/11/2023

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ ھندو ڀائرن کي ڏيارِي جون لکين واڌايون هجن.

🎉🪔🎈

سنڌ جي قديم ماڳ گورک هل اسٽيشن کيرٿر جابلو سلسلي جي 5688 فوٽ جي اوچائي تي زيرو پوائنٽ وٽ  ڏھ لک سال قديم آبي جيوت جا پنڊ...
21/10/2023

سنڌ جي قديم ماڳ گورک هل اسٽيشن کيرٿر جابلو سلسلي جي 5688 فوٽ جي اوچائي تي زيرو پوائنٽ وٽ ڏھ لک سال قديم آبي جيوت جا پنڊپھڻ باقيات.


The Great wall of sindh Rani kot fort سنڌ جي عظيم ديوار رني ڪوٽ جو قلعوسائنس، ادب، آرٽ، ميگزين جلد 01 شمارو 06  پھرين سي...
18/09/2023

The Great wall of sindh Rani kot fort

سنڌ جي عظيم ديوار رني ڪوٽ جو قلعو

سائنس، ادب، آرٽ، ميگزين جلد 01 شمارو 06 پھرين سيپٽمبر 2023ع

صوفي رحمٰن علي

سنڌ دنيا جو اھو خطو آهي، جٿي تهذيب ۽ تمدن جي شروعات ٿي، سنڌ ھر دوْر ۾ تاريخي لحاظ کان شاهوڪار رھي آهي ( سائين يوسف شاهين چوي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن بغير جنگين جي 2 ھزار سال سروائبل ڪيو انهن ھٿيارن کان پاڪ معاشري جو بنياد رکيو، قديم سنڌو سڀيتا جي ماروئڙن بادشاھي ۽ بيوروڪريسي جي نظام کي رد ڪندي برابري ۽ پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ماھرن جيڪي زراعت، آبپاشي، آرٽسٽ ماھر انجنئيرن ڪاريگرن آرڪيٽيڪچرل جي بنياد تي دنيا ۾ پھرين سيڪيولر سوشلسٽ رياست جو بنياد رکيو ھو) بدقسمتيءَ سان آرين مهاجرن جي لڳاتار حملن جي نتيجي ۾ 1500 قبل مسيح ۾ قديم سنڌو ماٿر جي عظيم فلاحي رياست جو زوال ٿيڻ شروع ٿيو، سنڌو ماٿريءَ جي شھري رياستن جي خاتمي کانپوءِ سنڌو ماٿريءَ جون باقين بچيل وسندين تي ڪيترين رولو قبيلن ۽ جنگجو قومن طرفان لڳاتار حملا فرلٽ قتل، غارت جو سلسلو جاري رھيو، سنڌ جا ماڻهو امن جا علمدار سوين ڌارين قومن جي ڪاھن کان تنگ ۽ مجبور ٿي ويڙھ جو فن سکيو ۽ مختلف علائقن ۾ ڪوٽ، قلعا، خندڪون تعمير ڪيون، آرڪيالاجي جا نالي وارا ملڪي توڙي غير ملڪي ماهر، محقق، جن ۾ سبط حسن، عطا محمد ڀنڀرو، يوسف شاهين، گريگوري ايل پوسيل ، پيٽر ھنٽر، آسڪو پرپولا، ڊاڪٽر فرينڪل، سر جان مارشل، قديم سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي وجود ۽ بي مثال مھارتن جي گواهي ڏئين ٿا ته سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جا ماڻھو جيڪي زراعت آبپاشي ۽ شھري منصوبابندي، مختلف فن تعمير ۾ وڏا ماهر هئا، جنهن جو جيرو جاڳندو مثال سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جي گاديءَ واري شهر موھن جو دڙو آهي، جيڪو مڪمل طور تي ٽائون پلينگ سان آباد ڪيو ويو ھو، رني ڪوٽ جو قلعو پوسٽ آئيرن ايج جي هڪ تاريخي فوجي نظام جي بهترين اڏاوت آهي.

رني ڪوٽ جو قلعو کير ٿر نيشنل پارڪ جي جابلو ٽڪرين تي ٺهيل آهي. ان کي عام طور ڪوه ڪوھستان جو حصو سمجهيو ويندو آهي، رني ڪوٽ جو قلعو ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو قلعو آهي، ھن قلعي جون ديوارون 24 ڪلوميٽر ڊگھيون آهن، ان لحاظ کان ھي سنڌ جو انتهائي اهم ۽ منفرد ماڳ آهي، 24 ڪلوميٽر ڊگھي ديوارن وارو هي قلعو فن تعمير جي لحاظ کان دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، رني ڪوٽ جو قلعو سن شهر ۽ 30 ڪلوميٽرن اولهه ڏکڻ ۾ واقع آهي، ماھرن جو اندازو آهي ته هي قلعو تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ تعمير ڪيو ويو ھو، قلعي جون سڀئي ديوارون انساني هٿن سان نه جوڙيل آهن، ھن قلعي ۾ ھٿرادو ديوارن سان گڏ ڪن هنڌن تي ديوارون جبلن جي قدرتي چاڙھين ۽ لڪن کي ڪٽي ٺاھيون ويون آهن، جيڪي ھڪ قسم جون قدرتي ڊفينس لائين آهن، ھن قلعي جون ديوارون کير ٿر جبل جي چوٽيءَ مٿان نانگ جيان وڪڙ کائيندڙ نظارو پيش ڪن ٿيون، ڊرون ڪيمرا جي اک سان ڏسندڙن کي اهي ديوارون جابلو ٽڪرين تي مارچ ڪندي ڪوھستان جي وادين ۾ لهندي نظر اينديون آهن، اهڙيءَ ريت، دنيا ۾ شايد اها پنهنجي نوعيت جي واحد عمارت آهي، جتي جابلو لڪن ۽ ٽڪرين کي ان جو حصو بڻايو ويو آهي، ڪوھستان جي ويران رِڻ پٽ جي علائقي ۾ رني ڪوٽ جي اڏاوت جو ڪم سنڌ جي ماھر هنرمند ڪاريگرن ۽ انجنيئرن ايتري خوبصورتي سان ڪيو آهي جو پهرين نظر ۾ ھن عظيم اڏاوت جي خوبصورتي ۽ آرڪيٽيڪچرل، انجنيئرنگ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، رني ڪوٽ جو قلعو مختلف اڏاوت جي لحاظ سان دنيا ۾ قدامت واري اعتبار سان گهٽ صحيح پر منفرد جوڙجڪ ۽ اسٽريٽجڪ جي لحاظ کان، سموري دنيا ۾ موجود قلعن ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، ڇاڪان ته ان قلعي جي اڏاوت حيرت انگيز ترين آهن، قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ چار مختلف دروازا آهن جيڪي انجنيئرنگ ۽ اسٽريٽجڪ جو بهترين مثال آهن، قلعي جا دروازا ڳجھي انداز ۾ تعمير ڪيا ويا آهن جيئن ڌارين حملي آور انهن تائين صولي ترقي سان پهچي نه سگهن، قلعي جي ڀتين جي تعمير چُن جي پٿرن ڪن ھنڌن تي پٿر بلاڪن جي اوساري ۾ تارڪول جو به استعمال ڪيو ويو آهي، ھن جي ديوارن تي گهٽ ۾ گهٽ مفاصلي تي گول وڏا برج به تعمير ڪيا ويا آهن، ته جيئن دوران جنگ انهن برجن تي توپون ۽ تير انداز قلعي کان ٻاهر بيٺل لشڪرن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا.

رني ڪوٽ جي اڏاوت ھڪ ڳجهارت

رني ڪوٽ جي قلعي جو اصل مقصد ۽ معيار معلوم نه ٿي سگهيو آھي، ڪجھ آرڪيالاجسٽ ۽ محقق ھن قلعي کي تاريخ کان اڳ واري زماني جو قرار ڏين ٿا، ھيٺ بيان ڪيل حملي آور قومن مان ڪنهن هڪ قوم ھي قلعو تعمير ڪرايو ھوندو، جن مان ڪجهه جو تعارف، ساساني، 600 ق م ،مقدوني يوناني 327 ق م، موريا خاندان 322 ق م ، بازنطيني يوناني، پارٿين يان پهلوي ، گپت خاندان، سٿين 450ع تائين سنڌ ۾ حڪومت ڪئي، جيڪڏهن انهن سمورين حملي آور قومن منجهان ڪنهن هڪ به ھي قلعو تعمير ڪيو ھوندو ته ڪنهن ڌاري قوم جي ڪلچر، آرٽ جا اھڃاڻ ضرور ملن ھان، دارا اعظم جي دؤر ۾ اڏيل ھجي ھا ته انهن جو تعميراتي آرٽ ۾ اھڙا مجسما ھجن ھا جن جو ڌڙ گهوڙي ۽ منڍي انساني چھري جھڙي آهي، جنهن کي پرن جا نشان به آھن، اھڙا کوڙ آرٽ ۽ ڪلچر جا مثال آھن، جيڪي اوھان قديم پرشا جي راڄڌاني سوسا ۾ ڏسي سگهو ٿا، ھي قلعو جيڪڏهن چندر گپت موريا جي دور تعمير ٿيل ھجي ھا ته شايد اوھان کي اتي ويھ فٽ وڏا پلر ستون جن مٿان ٽن منڍين واري شينھن جا مجسما ھجن، ھان، اھو نشان موجود دور ۾ ھندستان جو قومي نشان آھي، قلعي جي تعميراتي ڍانچي جي ڳجهارت کي ڀڃڻ لاءِ ريڊيو ڪاربن ڊيٽنگ ٽيڪنالاجي کان به ڪم ورتو ويو پر افسوس ان جا نتيجا به رني ڪوٽ کي تاريخ کان اڳ واري دؤر جو ثابت نه ڪري سگهيا، ان جا ڪجهه سبب آهن، ڪاربن ڊيٽنگ تجربي جي لاءِ فقط قلعي جي اڀرندي دروازي سن گيٽ جي هڪ ٽٽل برج جي پٿرن جي اوساري جي ھڪ بار ۾ لڳل تارڪول جا سيمپل ورتا، انهن تجربن مان ان ڳالهه جي تصديق ٿي آهي ته هن دروازي کي غالباً سترھين صديءَ جي شروعات کان وٺي ارڙهين صديءَ جي اوائلي حصي جي وچ ۾ تعمير ٿيل آهي، 24 ڪلوميٽر ڊگهي قلعي جي ديوار مان صرف سيپل ھڪ جاءِ سن واري دروازي تان ورتا ويا، ھي ھڪڙي قسم جي فارملٽي پوري ڪئي وئي، ڪجھه تاريخ جي ڪتابن ۾ قلعي جي تعميرات جا حوالا ميرن جي دور حڪومت جا ڏنا ويا آهن شايد ان ڪري آثار قديمه جا ماهر 1700هين صديءَ عيسويءَ کي ان جي اڏاوت جو وقت قرار ڏين ٿا، ڪوھستان جي بچاءُ لاءِ ميرن ڪرم علي خان رني ڪوٽ قلعي جو تعيراتي ڪم شروع ڪرايو، جيڪو مير مراد علي خان 12 لکن جي لاڳت سان تعميراتي ڪم پورو ڪرايو، ( جنت السنڌ 608) وري ھڪ ٻئي تاريخ جي ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهي ته رني ڪوٽ نواب ولي محمد لغاري جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو، جيڪو ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جو وزير اعظم ھو (سنڌ گزيٽيئر، 677) قلعي اندر مري ڪوٽ ۽ شهر ڳڙهه نالي وڌيڪ ٻہ ننڍا قلعا به موجود موجود آهن، رني ڪوٽ ميرن جي آخري راڄڌاني بڻيون، جڏهن ته ان کي پوءِ برطانوي سلطنت جي نوآبادياتي راڄ هيٺ آندو ويو، رني ڪوٽ ڪوھستان جي جابلو سلسلي واري علائقي ۾ تي ٺهيل آهي ۽ ان کي چار وڏا دروازا آهن. ھر ھڪ دروازي تي برج بہ تعمير ٿيل آهن ھن قلعي جي الهندي طرف موهن جو دروازو، اتر ،اولهه طرف آمري دروازو، ڏکڻ ۾ شاهپر دروازو آهي. جڏهن ته سن شهر واري پاسي کان قلعي ۾ داخل ٿيڻ واري دروازي کي سن گيٽ سڏيو وڃي ٿو، اهي دروازا صرف ديوار ۾ داخل ٿيڻ جي صورت ۾ محفوظ آهن ۽ اصل دروازو هاڻي موجود نه آهي، قلعي جي ڀتين ۾ انهن نشان يا خال موجود آهن، اھي نشان درن جي ٻنهي پاسن تي جيڪي دروازي جي حدبندي کي ظاهر ڪن ٿا.

رني ڪوٽ قلعي جي نالي حقيقت بابت ڪجھہ تبصرو

رني ڪوٽ قلعي جي نالي سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به مشهور آهن، سنڌ جي جابلو سلسلن ۾ وهندڙ ننڍين ۽ وڏين ندين جا نالا به علائقائي ٻولين جي حساب سان رکيا ويندا رهيا آهن، موجوده رني ڪوٽ جي قلعي جي اندر اڄ به ” سن“ يا ” رني“ جي نالي سان هڪ ننڍڙي نئين وهي ٿي، جيڪا قلعي جي ٺهڻ کان اڳ پڻ اتي موجود هئي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته قلعي جو نالو به رني ڪوٽ رکيو هجي، يا وقت گذرڻ سان گڏو گڏ مقامي آباديءَ اهڙو نالو ڏنو هجي ڇاڪاڻ ته گهڻن علائقن ۾ نالن جي عوامي حيثيت الڳ هوندي آهي جيڪا حاڪمي روايت کان وڌيڪ عام آبادي جي زبان ۽ تهذيب جي ماتحت هوندي آهي، هن نالي سان لاڳاپيل هڪ ٻي روايت مقامي ماڻهن ۾ مشهور آهي، ته ٽالپرن جي دور ۾ ڪجهه غدارن جي ڪري هي قلعو انگريزن جي قبضي ۾ اچي ويو، تنهنڪري ماڻهن ان جو نالو ”رن ڪوٽ“ رکيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ رن لفظ زال ان عورت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مڙس قتل طبيعي موت ٿيو ھجي ( ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، ٽہ ماھي مھراڻ، شمارو 3، 1984ع ۾ رني ڪوٽ جي نالي جي معني ۽ مفهوم سمجھائيندي لکي ٿو ته رني ڪوٽ جي نالي جي اصل بڻ بڻياد کي سنڌي ٻوليءَ ۾ تلاش ڪرڻ گھرجي، جئين مثال روڻي، رني جن جي معني به ساڳي آهي, پاڻي جو اھو لنگھ وھڪري جيڪو نيچرل ترقي وھندڙ واھيون ھجن، روڻي ۽ روڻا جنهن جو مطلب اھو عارضي وهڪرو جيڪو ميهن يا ٻوڏ جي نتيجي ۾ وھندڙ نئين جا عارضي وهڪرا جيڪي ندي يا درياهه کان گھٽ ھجن رني يان روڻي نالي موسمي نئين جيڪا رني ڪوٽ جي قلعي جي وچان ڪجھ حصو ظاهر ۽ ڪجھه حصو اندر گرائونڊ روڻ ھڻي نئين کير ٿر جبل جو برساتي پاڻي کڻي سن شھر جي ويجھو سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، روڻ، روڻي، رني لفظ آڄ به سنڌي ٻوليءَ استعمال ٿيندا آهن، ھن قلعي جون زميني ۽ سنڌي ٻوليءَ جون برساتي ندين، نئين جون حقيقتون سامهون رکندي رني ڪوٽ جي لفظي معني، اھو قلعو جيڪو برساتي پاڻي جي نئين تي اڏيل قلعو )

سنڌ گورنمينٽ، ثقافتي کاتي ۽ اطالوي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ سان 2015 ۾ ٿيل معاهدي تي عمل درآمد ڪرائي ته جئين رني ڪوٽ جي قلعي ۽ ڀنڀور جي ماڳن جون کوٽائي ڪرائي ته جئين صحيح تاريخ ۽ حقيقتون سامهون اچن، سنڌ حڪومت ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن کي گھرجي ته قلعي تي گھمڻ ايندڙ سياحن جا مسئلا حل ڪري سهولتون ميسر ڪن، رستو، سڪيورٽي، ريسٽورنٽ، پيئڻ جو پاڻي اھي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن سنڌ جي ھي منفرد قلعو سنڌ جي ٻين سياحتي مرڪز جيان رونقون بحال ٿي سگهن.



Sufi Rehman Ali

Happy Egyptian New Year!
11/09/2023

Happy Egyptian New Year!

ميسوپوٽيميا تهذيبن جو ھندورو ميسوپوٽيميا جي تهذيب سمير،  عظيم سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ھم سفر تهذيب ھئي سنڌو ماٿريءَ جا ...
06/09/2023

ميسوپوٽيميا تهذيبن جو ھندورو

ميسوپوٽيميا جي تهذيب سمير، عظيم سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ھم سفر تهذيب ھئي سنڌو ماٿريءَ جا سمير سان مظبوط ڪاروباري لاڳاپا ھئا، 2200 قبل مسيح سارگن جي زماني ۾ پنهنجي اروج تي ھئا، جيڪي 1500 قبل مسيح ۾ وحشي آرين قبائلين جي حملن سبب سنڌو سڀيتا جا ميٽروپوليٽن ستح جا شھر تباه ٿي مڪمل طور ختم ٿي ويا.

ميسوپوٽيميا جو مطلب ٻن دريائن جي وچ واري زرخيز زمين، يونان جا رهواسي دجلا ۽ فرات ندين جي وچ زرخيز علائقي کي ميسوپوٽيميا سڏيندا هئا، ميسوپوٽيميا جو علائقو ايشيا ۽ فارس نار جي وچ ۾ واقع آهي، اهو علائقو زرخيز چنڊ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ زرخيز زمين آھي، ميسوپوٽيميا ۾ دنيا جون چار قديم تهذيبون اسريون ۽ نسريون، انھن چار عظيم تهذيبن ۾ سمير، اڪاد، آشور، ۽ بابل جي تهذيب شامل آهي، ميسوپوٽيميا جي قديم تهذيب سمير جا رهواسي پنهنجن گهرن ۾ فرنيچر جو استعمال ڪندا هئا، چڱيءَ طبقي جا ماڻهو بستري تي سمهندا هئا، جڏهن ته وچولي طبقي جا ماڻهو چٽن ۽ قالين تي سمهندا هئا، ۽ سمير سماج جي اوچي طبقي جا رهواسي کجيءَ جي ڪاٺ مان ٺهيل ڪرسين جو استعمال ڪندا هئا ۽ ڊائننگ ٽيبل جيڪي تقريبن هاڻوڪي دؤر جي فرنيچر وانگر آهن، عام ماڻهو مٽيءَ جي دڪين تي ويهندا هئا ڊائننگ ٽيبل جن جا پاوا ڍڳن جي خُرن مان ٺھيل آھن.



سلطان ڄام نظام الدين جو مقبرو ڄام نظام الدين يا ڄام ننڍو 1461ع کان 1508ع جي وچ ۾ سما خاندان جو 15 هون سلطان هو، نظام الد...
06/09/2023

سلطان ڄام نظام الدين جو مقبرو

ڄام نظام الدين يا ڄام ننڍو 1461ع کان 1508ع جي وچ ۾ سما خاندان جو 15 هون سلطان هو، نظام الدين جي قبر مڪلي ٽڪريءَ تي واقع آهي ۽ گڏيل قومن جي عالمي ورثي واري ماڳ مڪلي ۾ تاريخي يادگار جو حصو آهي، مقبرو هڪ شاندار پٿر جي اڏاوت آهي، جنهن ۾ 15هين صديءَ جي گجراتي طرز جي سٺي آرائشي نقاشي ٿيل آهي، ان کي نئين سر بحال ڪيو ويو آهي، پر ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري عمارت جي ڍانچي ۾ خرابي جي ڏار ۽ ڀت خرابين جو شڪار آهي، سنڌ جو 15 هون سلطان سما خاندان کان 1461 ۽ 1508 عيسوي جي وچ ۾ حڪومت ڪندو هو سندس گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو، جيڪو اڄوڪي جي ڏاکڻي سنڌ ۾ آهي.
🏺⚱️

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when We love Indus Valley Civilization posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share