Comrade TV

Comrade TV Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Comrade TV, Media, .

03/03/2024

جي ناههِ ڏياٽي وڄ سھي، ڪا جوت ته ٻاري ٿي سگھجي
اونداھ ته آ درياهه جيئان، ڪا لھر اجاري ٿي سگھجي
مايوس نه ٿي تاريخ ڪنا، جو ٿيڻو ئي ھو سو ٿي ويو
ھي ھٿ ھٿوڙا اڄ به اَٿِي، ۽ دنيا ڏاري ٿي سگھجي.
شيخ اياز

28/02/2024

وڙھن چور، ڀلو ٿئي ڀاڳين جو
خلائي مخلوق جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو
اچو تھ ڀاڳيا ٿيون

اسان کي ھڪ انتھاپسندي کان پاڪ معاشري تي قائم انسان دوست، آزاد، روشن خيال، ترقي پسند رياست لاءِ وڙھڻو آھي.
26/02/2024

اسان کي ھڪ انتھاپسندي کان پاڪ معاشري تي قائم انسان دوست، آزاد، روشن خيال، ترقي پسند رياست لاءِ وڙھڻو آھي.

25/02/2024

پي پي پي ڪونھ کٽيندي اسان پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيوم ايم سان ملي حڪومت ٺاھيداسين،
ڪجھ ڪونھ ٿيو پي پي پي کٽي وئي جي ڊي آئي ۽ پي ٽي آئي ھاري وئي
سپر ھاءِ وي بنڊ ڪنداسين ٿيو ڪجھ بھ نھ،
جمعي نماز پڙھي خطبو ٻڌي روانا ٿي ويا.
اسمبلي پھچي قسم کڻڻ نھ ڏينداسين ٿيو ڪجھ بھ نھ،
ويچارن ڪارڪنن کي ڪٽرائي ڀاسڻ ڏئي روانا ٿي ويا.
آچر تي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر مقرر ٿي ويندا.
سومر ٿي وزيراعلي مراد علي شاھ ٿي ويندو
اڱاري تي گھرن ۾ ويھي ڪارو ڏينھن ملھائينداسين!
اربع کان ساڳا ٽڪر ساڳ سان کائينداسين.
ھڪڙا مراد علي شاھ وسيلي سھولتڪار ٿيندا!
ٻيا سسئي پليجو وسيلي سھولتڪار ٿيندا!
چڱا مڙس وري ابن ڏاڏن جون مائٽيون مٽيون ملھائيندا!
تڏھن تھ چئون ٿا تھ ھي سڀئي ھڪ در جا پاليل آھن!
ھي جنگ عام ماڻھو جي نھ پر اليٽ ڪلاس جي جنگ آھي!
اليٽ ڪلاس جي ھڪ ھٺي قائم رکڻ لاءِ سھولتڪار ڪارڪنن کي استعمال ڪن پيا.
ھڪڙا پي پي پي جا پگھاردار آھن تھ ٻيا جي ڊي اي جا!
ڪي م ل ن جا پگھاردار آھن تھ ڪي وري پي ٽي آئي جا!
ھنن جا ذاتي مفاد آھن، ڪنجن جو بھ قومي مفاد ناھي!
تڏھن تھ سنڌ، سنڌين ۽ سنڌيت خلاف ڳالھائيندڙ ملو نعيم بھ ھنن جو رھبر آھي
تھ سنڌ تي مذھب جي نالي افغانين کان قبضا ڪرائيدڙ جي يو آئي بھ رھنما آھي.
ھي سڀ ڌرتي ڌرڻين جا کليل يا لڪيل دشمن آھن.
جيڪي پنھنجي مفادن لاءِ سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌين کي استعمال ڪن پيا.

24/02/2024

ڪارڪن ڪٽبا رھيا.
اڳواڻ مانجھاندا ڪندا رھيا.
وري زيور وڪڻڻ لاءِ،
ٻئي اعلان جو انتظار ڪريو.

24/02/2024

ڀڄو، ڌرڻو ختم، ھاڻي ڪارو ڏينھن ملھائبو

24/02/2024

سياسي ڪارڪنن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪجي ٿي.

23/02/2024

ھن وقت وفاق جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نئين سماجي معاهدي جي سخت ضرورت آھي.

23/02/2024
23/02/2024

خدا سائين انھن ماڻھن تي وڏي رحمت ڪري ٿو جي اھڙو رستو وٺن ٿا، پنھنجو خون مٽيءَ ۾ ملائي، جو پنھنجي وطن جي آزاديءَ جي لاءِ مشعل راھ ٿي ڪم اچي ء اھو سَلو پوکن ٿا جنھن سَلي پوکڻ سان قومون ‎پنھنجون زندهه ٿين ٿيون. سائين جي ايم سيد

22/02/2024

اهو ڪهڙو انقلاب آهي جنهن ۾ توهان دشمن کي چاهيو ٿا، اهو ڪهڙو انقلاب آ جنهن ۾ توهان استحصالي نظام کي منٿون ٿا ڪيو تہ هو توهانکي پنهنجو حصو بڻائي؟ انقلابَ نظام اونڌا ڪري ڇڏيندا آهن، انقلابَ نظام تباهہ ڪري ڇڏيندا آهن. مالڪوم ايڪس

سنڌي ڀائرن کي گذريل پندرهن سالن جي سياسي ڪارگذاريءَ کان واقف ڪري، کين ’پکن جي پريت ماڙين تي نه مٽڻ‘ جي ياد تازي ڪرايان. ...
21/02/2024

سنڌي ڀائرن کي گذريل پندرهن سالن جي سياسي ڪارگذاريءَ کان واقف ڪري، کين ’پکن جي پريت ماڙين تي نه مٽڻ‘ جي ياد تازي ڪرايان. انهيءَ ساري عرصي اندر سنڌ ۾ جيڪي وهيو واپريو آهي، ان ۾ مون به چڱو حصو ورتو آهي. ممڪن آهي ته نين حالتن ڪري اڳوڻا احوال ۽ يادگيريون ماڻهن جي دلين تان ميٽجي وڃن، تنهن ڪري ان حالات کي قلمبند ڪري، سنڌين جي خدمت ۾ انهيءَ لاءِ پيش ٿو ڪريان، ته هو گذريل حالات کي سامهون رکي آئنده لاءِ ڪو راه عمل مقرر ڪري سگهن. مون حتي الامڪان ڪوشش ڪئي آهي ته واقعات کي صحيح ۽ پوري نموني ۾ ادا ڪريان، ليڪن ممڪن آهي ته باوجود گهڻيءَ ڪوشش جي به ڪي واقعا اهڙي نموني ۽ طريقي سان بيان ڪيل هجن، جو ڪي دوست شامل راءِ نه ٿين يا ان کي صحيح نه سمجهن. انهن صاحبن کان آءٌ معافي وٺندي عرض ڪندس ته آخر هي واقعات منهنجا لکيل آهن ۽ اُهي منهنجي راءِ ظاهر ڪن ٿا. ٻين صاحبن کي ان کان مختلف راءِ رکڻ جو پورو حق آهي. مگر انصاف جي تقاضا آهي، ته پيش ڪيل خيالات کي هو صاحب بدنيتي سان تعبير نه ڪن. هن ڪتاب جو گهڻو حصو پاڪستان جي قيام کان اڳي جو لکيل آهي، جو مون انگريزيءَ ۾ ”اسٽرگل فار نيو سنڌ“ جي نالي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جيئن ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گذريل اڍائي سالن اندر گهڻيون تبديليون ۽ واقعا رونما ٿيا آهن، انهيءَ ڪري انهن جي بيان ڪرڻ لاءِ، هڪ جدا ڀاڱو داخل ڪيو ويو آهي.
سيد غلام مرتضيٰ شاھ (جي ايم سيد)

21/02/2024

جيڪڏھن منھنجي مادري ٻولي توھان جي رياست جا بنياد لوڏي رھي آھي، تہ ان جو مطلب آھي تہ توھان پنھنجي رياست منھنجي ڌرتي تي ٺاھي آھي. موسيٰ انٽر

منھنجي ٻولي قومي ٻولي سنڌي ٻولي
21/02/2024

منھنجي ٻولي قومي ٻولي سنڌي ٻولي

20/02/2024

پنجابي ۽ پٽاڻ قبضاگيري وارا مفاد
ڪي پنجابين جا ونگارو تھ ڪي پٽاڻن جا
ھاڻو فيصلو وري بھ سنڌ ڪندي

بيشڪ رسول بخش پليجو ھڪ وڏو ڏاھو عالم ھيو. ھن جيڪا ھيٺين ڪلاس ۾ تنظيم سازي ڪئي، سان ڪنھن بھ نھ ڪئي. پھريون ڀيرو سنڌ ۾ عور...
19/02/2024

بيشڪ رسول بخش پليجو ھڪ وڏو ڏاھو عالم ھيو. ھن جيڪا ھيٺين ڪلاس ۾ تنظيم سازي ڪئي، سان ڪنھن بھ نھ ڪئي. پھريون ڀيرو سنڌ ۾ عورتن جي ھڪ ڀرپور تحريڪ گڏ ڪئي. اھا بھ حقيقت آھي تھ افلاطون ۽ شيڪسپيئر جهڙا ماڻهو به ٿي گذريا آهن، دنيا ۾ ڀلان ڀلي جو ڇيهه ڪونهي پر سنڌ ۾ پليجي جهڙو ڪير نظر نه آيو. هو هڪ اهڙو اڪيلو ماڻهو هو جنهن وٽ اعتماد هو، مقصد سان سچائي هئي ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي خواهش هئي. حسن ڪپري پنھنجي ھن ڪتاب ۾ جيڪي ڪجھ پليجي بابت لکيو آھي، اھو ھڪ متحرڪ انسان بابت آھي. جيڪڏھن اھو سڀ ڪجھ غلط آھي تھ ھن خاڪي ۾ ان ڪجھ نالا بھ ڏنا آھن، جيڪي اڃان بھ حال حيات آھي، پليجي صاحب جا پيروڪار ھي ڪتاب کڻي ڪورٽ حسن ڪپري مٿان ڪيس داخل ڪن تھ ھن سنڌ جي ڏاھي، دانشور ۽ پاڻ پتوڙيندڙ اڳواڻ تي بھتان ھنيا آھن يا کيس دليلن سان جواب ڏين.

17/02/2024

راول پنڊي ڊويزن ۾ ٽوٽل 13 سيٽون آھن، جنھن مان 11 نون ليگ، ھڪ پي پي پي ۽ ھڪ پي ٽي آئي کنيون آھن. ھاڻي ڌانڌلي ڪنھن ڪئي آھي؟

17/02/2024

متان اياز لطيف پليجي جو اٺ کرب روپين وارو بيان ٻڌي راولپندي واري ڪمشنر جي نيت خراب ٿي ھجي؟ تحقيق ٿيڻ گھرجي.

17/02/2024

ڄام شوري ۾ پي ٽي آئي کي پاڳاري کان ٽيڪر ڏياري، پنجاب ۾ کين ڪٽيو پيو وڃي. آھي نھ تبديلي.

17/02/2024

ھٿ وٺي ملڪ جون حالتون خراب ڪيون پيون وڃن. ايمرجنسي ڪم مارشل لا جو ماحول جوڙيو پيو وڃي.

17/02/2024

پھريون قرباني جو ٻڪرو ڪمشنر راولپنڊي بڻيو. ھاڻي ڏسو تھ ٻيا ڪٿان ڪٿان جا ٻڪرا قربان ٿين ٿا؟ مون کي ڪراچي ڪمشنر جو بھ انتظار آھي.

17/02/2024

جلدي نھ ڪيو، ٿورو ترسو.
انجنيئرن کان غلطي ٿي وئي ھئي!
اسلام آباد مرڪز آھي.
اتان پي ٽي آئي، نون ليگ ۽ پي پي پي کي،
ھڪ ھڪ سيٽ ڏني ويندي.

17/02/2024

18 ترميم کانپوءِ مرڪز صوبن اڳيان محتاج آھي، اقتداري ويڙھ مرڪز کان نڪري صوبن ۾ پھتي آھي. اھو ئي سبب آھي جو مرڪز جا ملازم پريشان آھن.

16/02/2024

جيڪڏھن جليل محمود شاھ ۽ اياز لطيف پليجو وڌيڪ جي ڊي اي سان گڏ ھليا تھ سنڌ ۾ پنھنجي سياسي ساک وڃائيندا.

16/02/2024

اياز لطيف پليجي جو موقف بھتر آھي.

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Comrade TV posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share