Qadri M Ali Qadri

  • Home
  • Qadri M Ali Qadri

Qadri M Ali Qadri news

27/06/2023
انشاءاللہ ایک دن ہمیں بھی دیدار نصیب ہوگا۔۔۔۔❣️❣️اے اللہ پاک ! جو بھی مسلمان اس پوسٹ کو دیکھ رہا ہے اس کو اپنے گھر کی زی...
27/06/2023

انشاءاللہ ایک دن ہمیں بھی دیدار نصیب ہوگا۔۔۔۔❣️❣️

اے اللہ پاک ! جو بھی مسلمان اس پوسٹ کو دیکھ رہا ہے اس کو اپنے گھر کی زیارت عطاء فرما آمین۔۔۔۔😘




16/06/2023

"ظالم طوطي کي نه مار طوطي جا پر نه پٽ"
گهوٽڪي 2012 جا استاد ۽ ظالم ڀوتار
افسوس صد افسوس😭😭😭
سنڌ حڪومت (پيپلز پارٽي) طرفان ضلع گهوٽڪي جي ادر ڪيڊر استاد طور سال 2012 ۾ ڀرتي ٿيندڙ 222 ساٿين (خاندانن) سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي۔
سنڌ حڪومت صوبي ۾ ضلع گهوٽڪي کان علاوه تقريباً سڀني اضلاع ۾ 2012 جي ادر ڪيڊر استادن جا مسئلا حل ڪري چلي آهي
(واضح رهي ته هر ضلع جي MNA ۽ MPA پنهنجي ڪاوشن ۽ تعاون سان پنهنجي تڪ جي استادن جون پگهارون جاري ڪرايون آهن) مگر افسوس جو گهوٽڪي جا استاد 11 سالن کان ننڌڻڪائي واري ڪيفيت مان گذرنديرهيا آهن۔ استاد صاحبان سوين احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن۔ گهوٽڪي جي تقريباً MNA ۽ MPA جا بار بار در کڙکائڻ جي باوجود ھن وقت تائين ڪو به خاطر خواه نتيجو حاصل نه ٿي سگهيو آهي۔
پي ايس 19 جي MPA سردار عبدالباري خان پتافي صاحب ڪافي ڀيرا ڪوشش ورتي ۽ سندن ۾ وڏي اميد به هئي پر شايد هاڻي اهي به اسان جي ڪم مان ٿڪجي پيا آھن۔
جڏهن ته تعليم کاتي طرفان سموريون گهرجون پوريون ڪري سال 2012 ۾ سموري سنڌ ۾ ٻين ضلعن جيان گهوٽڪي ضلع ۾ به 222 استادن کي نوڪريون ڏئي پنج سال ڊيوٽي ڪرائڻ بعد هاڻي انهن ئي پوسٽن کي خالي ڏيکاري نئين ڀرتي ڪرڻ جا ليٽر گردش ڪن پيا۔ جيڪو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوس جوڳو عمل آهي جنهن جي جيتري ببه مذمت ڪجي سا گهٽ آهي۔ اسان سنڌ حڪومت کي گذارش ۽ اپيل ٿا ڪيون ته خدارا مظلوم ۽ مجبور استادن مٿان اهڙو ظلم ڪرڻ بند ڪيو وڃي۔
ڪجھ حقيقتون جيڪي واضح ڪرڻ چاهيون ٿا۔
1۔ استادن کي مڪمل قانوني گهرجون (ايڊورٽائيز ، ٽيسٽ ، انٽرويو ، آفر آرڊر ، پوليس ويريفڪيشن ، هيلٿ سرٽيفڪيٽ ، پوسٽنگ آرڊر ، ڊيوٽي جوائننگ ، جوائننگ رپورٽ وغيره) مرحليوار هي سڀ ڪجھ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد جوائننگ ڪرائي وئي۔
2۔ لاڳيتو 5 سال استادن کان سختي سان ڊيوٽي ورتي وئي۔
3۔ ان دوران 2013 واري عام چونڊن ۾ استادن کان باقائده قانوني طريقي سان جج صاحبان ۽ تعليم کاتي طرفان اليڪشن ۾ ڊيوٽيون به ورتيون ويون۔
4۔ ڪافي استادن کي ادر ڪيڊر هجڻ باوجود ٽف سبجيڪٽ ۽ ڪلاس پڙھائڻ لاء ڏنا ويا۔ جيڪو مشڪل ڪم هوندي به مجبورن قبول ڪيوسين۔
5۔ بغير پگهارن جي پنهجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڏکيا سکيا ڏينهن ان آسري ۽ اميد ۾ گزارياسون ته اجهو پگهارون جاري ڪيون وينديون۔
6۔ ڪافي مڊل ڪلاس جا استاد پنهنجي اولاد کي ڪنهن سٺي تعليمي اداري ۾ تعليم ته نه ڏياري سگهيا هوندا پر پنهنجن ٻچڙن کي ان آسري ۾ رکي ڪيئي عيدون گذاريون هونديون ته ايندڙ عيد تي پگهارون ملنديون ته کوڙ سارا نوان ڪپڙا به وٺنداسون ۽ سير سفر تي هلي ڪنهن سٺي ريسٽورنٽ تي هلي ماني به کائينداسون ۔ پر افسوس جو اهڙيون 20 عيدون گذري ويون پر اهو مسڪين استاد پنهنجن ٻچڙن جي ڪا هڪ به خواهش پوري نه ڪري سگهيو هوندو۔
واضح رهي ته سال 2012 ۾ گهوٽڪي جي استادن کي پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ آرڊر ڏنا ويا ۽ اڄ تائين لاڳيتو 11 سالن تائين ساڳي پي پي جي حڪومت آهي۔ جڏهن ته پارٽي جو نعرو به روٽي ڪپڙا اور مڪان رهيو آهي۔ پر افسوس جو جناب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي اها ئي عوامي پارٽي اسان کي روزگار ڏئي ڪري وري محروم ڪري پئي۔
ان لاء اسان ضلع گهوٽڪي جي سڀني پيپلز پارٽي جي نمائندن ۽ خاص ڪري MNA ۽ MPA کي گذارش ڪريون ٿا ته خدارا ٻين ضلعن جي نمائندن جيان اوهان به گهوٽڪي جي مظلوم استادن جو آواز پي پي چيرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري صاحب تائين پهچائي
جلد پگهارو جاري ڪرائي استادن جي بيچيني ختم ڪرايو۔
سال 2017 ۾ گهوٽڪي ضلع جو جناب ڄام مهتاب خان ڏھر صاحب وزير تعليم هيو ته اسان سمجهيو ته سائين وارا گهوٽڪي جي استادن جي پگهارن جو جلد مسئلو حل ڪندا۔
پر سياڻن چوڻي ته "ميرن کي گهران لڳي هئي"
سو اسان گهوٽڪي جي استادن سان به موصوف وزير تعليم اهڙي ئي جٺ ڪئي جو جن دوستن کي موصوف 2012 ۾ پنهنجي هٿن سان آرڊر ورهائي ڏنا هئا انهن سميت ئي سموري ضلع جي 2012 جي ڀرتي کي ئي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ان وقت جي DEO شھاب دين انڍڙ جي معرفت پوري ضلعي جي 222 استادن کي نوڪري مان فارغ ڪري گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو (هن ڪاوڙ جو اصل سبب هي هيو جو 2017 ۾ جڏھن سردار مير شھريار شر PTI ۾ ھيو ته ان اوٻاڙو ۾ عمران جو جلسو ڪرايو هو ۽ ان جلسي کان 4 ڏينهن اڳ اسان جي ڪجھ جذباتي استادن اوٻاڙو ۾ پگهارن جي جاري ڪرڻ لاء احتجاجي ڪئمپ هنئي جنهن ۾ جلسي کان شايد هڪ ڏينهن اڳ ان استادن جي احتجاجي ڪئمپ ۾ PTI اڳواڻ سيد شاھ محمود قريشي ۽ ٻيا اڳواڻ پهتا۔ بس اهو ئي سبب ٿيو جو همراه گهوٽڪي جي 222 مظلوم استادن (خاندانن) مٿان قهر بڻجي ڪڙڪي پيو۔ ڪڙو سچ اهو به آهي جو اهي 222 خاندان اڄ تائين موصوف لاء ڪهڙيون ۔۔۔۔۔۔۔ دعائون گهرندا هوندا ان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو😢
حقيقت ۾ ڄام صاحب جي ان حاسدانه ، احمقانه ۽ ظالمانه قدم کڻڻ سبب 222 مظلوم استاد ويچارا ھن وقت تائين مختلف ڪورٽن ۾ ڪيسن سبب لکين رپيا خرچ ڪري ظلم جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آھن مگر ھر جاء انڌير نگري چرٻٽ راجه ۽ ڏاڍو سو گابو وارو ڪم هلي پيو۔
ڄام صاحب جن جي اهڙي ڪڌي حرڪت تي ان وقت به ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مٿان 2018 واري اليڪشن به قريب هئي۔ اوٻاڙو جي تڪ PS-18 تي موصوف وزير صاحب جي سامهون اليڪشن وڙهڻ لاء آء فارم ڀرايو ۔ پر ڪجھ ساٿين جي منع ڪرڻ تي رڪجي ويس۔
پر هاڻي ايترا سال گذرڻ باوجود موصوف سميت ضلع مان ڪو به ڀوتار اسان جي ديرينه ۽ جائز مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي رهيو ۔ ظلم جي انتها ٿي وئي آهي ۔ ھن وقت استادن جي عمر کافي وڌي چڪي آهي ۔ اهي ڪنهن به کاتي ۾ عمر وڌڻ سبب نوڪري لاء اپلاء به نٿا ڪري سگهن ۔ گهوٽڪي جا نمائندا هٿن استادن سان سنجيده ناهن۔ جيڪڏھن هو دل سان ڪوشش ڪن ته استادن جو مسئلو هڪ هفتي ۾ ئي حل ڪرائي سگهن ٿا۔ پر افسوس ته ان ڳالھ جو آهي جو ڀوتار پنهنجن هٿن سان آرڊر ورهائڻ وقت استادن مٿان وڏو احسان جتائي تصويرون ڪڍرائي خوش پيو ٿئي ۽ وري ساڳيو ئي ڀوتار پاڻ ئي چوي ته اهي آرڊر ته جعلي هئا۔
هاڻي اوهان ٻڌايو ته سائين جن جي اهڙي عمل تي خوشي ڪجي يا مٿي ۾ مٽي وجهي ماتم ڪجي؟
موجوده مهنگائي جي دور کان هر ذي شعور انسان واقف آهي۔ آخر انهن استادن سان ايڏو وڏو ظلم ۽ ويڌن ڇو ڪيو پيو وڃي۔ جڏھن ته تقريبن اهي 222 خاندان اڄ به پيپلز پارٽي جا ووٽر پڻ آهن ان هوندي به ايڏو قهر ۽ ظلم آخر ڪيستائين برداشت ڪبو۔
المختصر: جيڪڏھن هاڻي تعليم کاتي اسان جي انهن پوسٽن کي خالي ڏيکاري ٻي ڀرتي ڪئي ۽ گهوٽڪي جي ڀوتارن به اسان لاءڪو خاص آواز نه اٿاريو ته پوء ايندڙ اليڪشن ۾ ان شاءالله اسان به ڪوشش ڪري خاص تڪن ۾ سائين وارن جي سامهون پنهنجي ساٿين کي فارم ڀرائي سياست ڪري ڏيکارينداسين۔ خاص ڪري اوٻاڙو تڪ جي PS-18 تي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري ڪنهن مظبوط دوست اميدوار کي تيار ڪبو۔ ٻي صورت ۾ مجبورن پاڻ کي بيهڻو پيو ته به اليڪشن ۾ حصو وٺي 222 خاندانن کي بيروزگار ڪندڙ ڀوتار سان سياسي مقابلو ڪري ان شاءالله هر صورت ۾ ان کي شڪست ڏيڻ لاء ڀرپور ڪوشش ڪبي۔ ڇو ته اسان کي بي روزگار ڪرڻ ۾ پهريون ڪردار جناب ڄام صاحب جو آهي۔ بس تنگ آيد به جنگ آيد واري فارمولي تحت ان شاءالله 222 خاندان پاڻ مٿان ٿيل ظلم جو بدلو وٺڻ لاء سياسي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا۔
اگر مالڪ سائين ڪو اهڙو موقعو ڏنو ته تڪ جي عوام جي انسانيت ناتي باقائده مثالي خدمت به ڪبي۔
وڌيڪ نتيجا سڀ منهنجي پالڻھار خالق اکبر جي قدرت جي حوالي آهن ۔ باقي ان شاءالله عزوجل ڪوشش ضرور ڪبي ۔

نویں، دسویں، گیارہویں اور بارہویں جماعت کے طلباء کو فیس واپس کرنے کے بعد سکھر بورڈ حکام نے درج ذیل مختلف سرٹیفکیٹس کی فی...
31/05/2023

نویں، دسویں، گیارہویں اور بارہویں جماعت کے طلباء کو فیس واپس کرنے کے بعد سکھر بورڈ حکام نے درج ذیل مختلف سرٹیفکیٹس کی فیسوں میں اضافے کا نوٹیفکیشن جاری کر دیا ہے۔

M.A Economics final 2021 SALU khairpur
31/05/2023

M.A Economics final 2021 SALU khairpur

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Qadri M Ali Qadri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share