04/08/2022
جمال شاھ : جمال شاھ ڀرسان يونين ڪائونسل مھراڙو جي ديھ ڪنگو جي مختلف ڳوٺن حاجي علي بخش ڌاريجو، مال راھو، ڪوڙو خان زرداري، مير محمد مھر ۽ ٻين ۾ گئسٽرو پکڙجڻ جون خبرون ميڊيا تي ھلڻ بعد PPHI اسپتال رمضان راھو جي انچارج ڊاڪٽر دعا ڌاريجو نوٽيس وٺي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مال راھو ۾ مفت طبعي ڪئمپ لڳائي مريضن کي تپاسيو ۽ انھن جو علاج ڪيو، جڏھن ته ھن ميڊيڪل ڪيمپ ۾ 300 مريضن جن ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جو علاج ڪيو ويو، ۽ کين مفت ۾ دوائون پڻ ڏنيون ويون، ان موقعي تي علائقي واسين سوشل ورڪر ڊاڪٽر دعا ڌاريجو جا ٿورا مڃيندي چيو ته ھن اسان جي معصوم ٻارڙن جو مفت ۾ علاج ڪري اسان کي پريشاني کان بچايو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر دعا ڌاريجو چيو ته ھي ٻھراڙيءَ جو علائقو آهي جتي غريب ماڻهو رھن ٿا، جيڪي غربت سبب شھرن تائين پھچي نہ ٿا سگھن، جمال شاھ جي صحافين پاران گئسٽرو پکڙجڻ جون خبرون بريڪ ڪرڻ کانپوءِ اسان ھتي ڪيمپ لڳائي ھنن جو علاج ڪيو آهي، جيڪو اسان تي فرض پڻ آھي.