10/12/2022
مسوڀرڳڙي (رپوٽ : محبوب لغاري)پورهيت مذاهمت طرفان شاھ لطيف جي شاعري م نئين اعلي ا انسان جو تصور جي عنوان تحت واڻڪي وسي م هڪ ليڪچر پروگرام ٿي گذريو مقرر لطيف جو پارکو محب راجپر هو , ان موقعي تي محب راڄپر چيو ته ڀٽائي جي شاعري جا آدرشي انسان لطيف جو نئون ماڻھو آ, لطيف جو نئون ماڻھو وٽ روز نئين ٿيڻ جي عادت آھي , نواڻ عقل مت شرم کان ڊڄي ڪان ٿي , لطيف هن دنگن دڳن جو محافظ آھي لطيف ايڏي مشقت ڪري ساگر کي کيڙيو آھي , لطيف جو نئون ماڻھو نئين ٿيڻ جي پريڪٽس م هوندو آھي هن چيو ته پکين چيو ته اسان کاهوڙين کان ٻه سانگين تي آکيرا ٺاهڻ سکيو آھي ,هن چيو ته اسان پنهنجو پاڻ کي پتنگ ڪيون ۽ قرباني جي لائق ڪيون ماڻھو جنهن هڪ ويلو کاڌو آھي اهو اهيا نه سوچ رکي ته ٻيو ويلو ڪٿان ايندو پر هو ٻئي ويلي لاء پاڻ جهڙي ماڻھو کي اٿاري هن چيو ته لطيف نئين خيال سان اچي لٿو لطيف عورت جي ڳالھ م معاشري جي ڳالھ ڪئي آھي هن چيو ته تاريخ م 72 ماڻھن ئي نئين تاريخ لکي آهي هن چيو ته حمله آور آيا انهن پنهنجي ٻولي آندي پر لطيف جي ٻولي نج ٻولي آھي ھن چيو ته ٻولي وهڪرو آھي پر لطيف جي ٻولي ڏکي به آھي ۽ سکي به آھي هن چيو ته لطيف ٻولي م موتي پويا هن چيو ته لطيف جي شاعري م ٻولي جي معني ا به آھي , لطيف ٻولي جو بچا ڪيو آھي هن چيو ته لطيف جو نئون انسان وطن سان وڏي محبت ڪندو جوڌائپ ايتري جو سمجهي هو منهنجو دشمن آھي ان سان وڙھان , انٿراپل ذميوري آھي ته هي ماڻھو بچي پوي , جيستائين بندر تي خطرو آھي ناکئو نه سمهي ادب ۽ فن ماڻھو جو معراج آھي داخليت مان براجمان ٿي خارجيت م ايندو ليڪچر پوگرام م ڪامريڊ عرفان , ڪامريڊ نثار , ڪامريڊ مسرور شاھ , ڪامريڊ بشير , گلزار , قيوم دل , دوست علي لغاري , شبير لغاري , علي احمد لغاري , غلام خاصخيلي حاجي لوهار ,اشوڪ ڪمار , ڪنيا لعل , تاجن ڪنڀار , ڏيون ڪمار , غلام فريد لغاري , مظفر لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي