Kazi Ahmed Press

  • Home
  • Kazi Ahmed Press

Kazi Ahmed Press Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Kazi Ahmed Press, News & Media Website, .

24/10/2021

قاضي احمد.. آء بي اي ماستري جي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن حسن ڌاريجو. عمران ملاح. زاھد انڙ. محبوب پکريو. شعبان بالادي ۽ ٻين تعقه پريس ڪلب قاضي احمد اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳالھائيندي ھنن چيو ته استادن جي ڀرتي لاء ھڪ سنڌ. ھڪڙي پاليسي جوڙي وڃي سڄي سنڌ کي ھارڊ ايريا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ 40 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي ھنن چيو ته آء بي اي سکر پنھنجن جوابي ڪيز جي درستگي ڪري گريس مارڪون ڏنيون وڃن. ھنن مطالبو ڪيو ته سڄي سنڌ کي ھارڊ ايريا ۾ شامل ڪري 40 مارڪن تي پاس ڪري آفر آرڊر ڏنا وڃن. ۽ بي چيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ مجبورن ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙڪائينداسين.

24/10/2021

قاضي احمد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران فيض ڪيريو .خالد سولنگي.صدام انڙ.امان االه خاصخيلي.اسلم راھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف ايڊمور پمپ کان تعلقي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو ۽ نعريبازي ڪئي وئي .ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته پي ٽي آئي عمران حڪومت غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۽ غريب عوام کي بک.بدحالي ۽ مھانگائي کان سواء ڪجھ به نه ڏنو آھي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي غريب پورھيت طبقي جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي غريب پورھيت ماڻھو خوڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن ۽ روزانو خودڪشين جي واقعن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي پئٽرول جون قيمتون وڌڻ سان کاڌي پيتي جي عام شئين جا اگھ وڌي ويا آھن غريب ماڻھو مھانگائي سبب نه دوائون. کنڊ. چانھ. اٽو خريد ڪري سگھن ٿا نه ئي ٻارن کي تعليم ڏياري سگھن ٿا ھڪ ماني جي ويلي لاء ماڻھو پريشان آھن ھنن مطالبو ڪيو ته حڪمرانو خدارا غريب مسڪين عوام تي رحم ڪيو ۽ وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب مسڪين ماڻھن کي بک بدحالي ۽ خودڪشين کان بچايو وڃي.

قاضي احمد ـ محراب پور جي ڪاوش ڪي ٽي اين نيوز رپورٽر عزيز ميمڻ جي قتل ۾  ملوث مک جوابدار پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف ق...
04/11/2020

قاضي احمد ـ محراب پور جي ڪاوش ڪي ٽي اين نيوز رپورٽر عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف قاضي احمد تعلقي پريس ڪلب تي ضلع شھيد بينظير آباد جي صحافين جي گڏجاڻي نواب شاھ پريس ڪلب جي بهادر صدر ذوالفقار علي خاصخيلي جي صدارت ۾ ٿي جنهن ۾ مختلف پريس ڪلبن جي صحافين تعلقا پريس ڪلب جي صدر راجا ساجد علي انڙ دولتپور پريس ڪلب جي صدر ولي محمد جوکيو نواب ولي محمد پريس ڪلب جي صدر ظفر علي چانڊيو شاھپور جھانيا جي صدر عبدالوحيد ڏاھري سرپرستي اعلي ملنگ جتوئي صحافين اڳوڻي صدر منٺار احمد ڏاھري معشوق علي ڏاهري رجب علي جتوئي ممتاز حسيني غلام حسين راھو قاسم جان ٻگھيو ڄام ڪاشف انڙ خالد حسين چانڊيو غلام مصطفي چانڊيو رفاقت علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ پوليس پاران مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ جي مذمت ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته جوابدار جي گرفتاري لاء سنڌ اسمبلي اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو صحافين جي ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاء سنڌ جي صحافين سان رابطو ڪيو ويندو جنهن بعد عزيز ميمڻ جي مک قاتل جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو خطاب ڪندي ذوالفقار علي خاصخيلي چيو ته سنڌ اندر صحافين سان ناانصافيون ٿيون آهن عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابار کي اڃا تائين گرفتار نٿو ڪيو وڃي وارثن کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ھن حڪومت کان گهر ڪئي ته صحافي عزيز ميمڻ جي مک جوابدار کي گرفتار ڪري سندس وارثن کي تحفظ ڏنو وڃي ـ

قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ تي باء پاس علمدار ھوٽل وٽ مانسھره کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ اڳيان ويندڙ ٽرالر کي اوور...
20/07/2020

قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ تي باء پاس علمدار ھوٽل وٽ مانسھره کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ اڳيان ويندڙ ٽرالر کي اوور ٽيڪ ڪندي ٽرالر سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور سميت 4 موقعي تي ۽ 2 نوابشاھ اسپتال ٽوٽل 6 مسافر فوت ويا 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا حادثي جي اطلاع تي موٽر وي پوليس قاضي احمد پوليس ايڌي سميت مختلف ادارن جون ايمبولينس جاء حادثي تي پھتيون جن زخمين ۽ فوتين کي قاضي احمد رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو بعد ۾ زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو حادثي ۾ وڌيڪ ماڻهن جي فوت ۽ زخمي ٿيڻ جي صورتحال ۾ قاضي احمد اسپتال ۾ بيڊ نه هوڻ سبب زخمين کي طبي امداد لاءِ بيڊ نه ملي سگهيا جنهن سبب زخمي فرش تي تڙپندا رھيا اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ـ پيراميڊڪل عملي ۽ دوائون جي کوٽ سبب زخمين جي علاج ۾ مشڪلاتن سبب زخمي دانھون ڪندا ۽ تڙپندا رھيا جنهن سبب زخمين کي نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي فوتين ۾ بشمت خان پٺاڻ ـ نصيب محمد پٺاڻ ـ صاحب گل پٺاڻ ـ ميران خان پٺاڻ ـ محمد خالق پٺاڻ ۽ ڪوچ ڊرائيور ياسر خان پٺاڻ شامل آهن جڏھن تہ زخمين ۾ نديم پٺاڻ،صفيح الله،شيرمحمد، شاهد علي، منور شاھ، اسامہ، فدا رحمان، امير داد گل، عبدالزرح، تاج الله، انعام الله، ناحيده، نور ڪليم، رشيد علي، جنيد اقبال زرين، آصف خان، گل زيب ۽ ٻيا شامل آهن فوتين مسافرن کي قاضي احمد جي سماجي اڳواڻن حاجي خان لاکو نبي بخش کوسو عامر لاکو عامر کوسو سيٺ شوڪت آرائين ۽ ٻين پاران غسل ۽ ڪفن ڏئي پوليس جي ضروري ڪاروائي بعد سندن اباڻي علائقي مانسھره خيبر پختون خواہ روانا ڪيا ويا قاضي احمد لڳ ٿيل حادثي وقت وڏي انگ ۾ ماڻهن جي زخمي ۽ فوت ٿيڻ سبب اسپتال ۾ ھڪ پيوالو موجود ھو جنهن بعد رات واري شفٽ واري ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر کي گهران گهرايو ويو جيڪي زخمين ۽ فوتين جا نالا لکڻ ۾ پورا ھئا شھر جي سياسي سماجي ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن ملنگ جتوئي تعلقا پريس ڪلب جي صدر راجا ساجد علي انڙ سگا اڳواڻ ممتازخادم ميمڻ سماجي اڳواڻ قاضي دودو دڪاندار يونين اڳواڻ ۽ سماجي اڳواڻ حاجي خان لاکو نبي بخش کوسو يگيسٽر گروپ جي اڳواڻ ميرڄام انڙ ۽ ٻين حڪومت ۽ صحت کاتي جي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته قاضي احمد جي اسپتال قومي شاھراھ تي آهي جنهن ڪري ڊاڪٽرن پيراميڊيڪل عملي ۽ دوائون جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتحاج ڪيو ويندو حادثي بعد قاضي احمد جي ايڌي ايمبولنس نواب شاهه کان ايڌي ايمبولنس کي گهرايو ويو جن زخمين کي اسپتال پھچايو حادثي واري اطلاع تي قاضي احمد پوليس موٽر وي پوليس آس پاس جي ماڻهن نوجوان سماجي اڳواڻ وقاس انڙ عرفان علي انڙ نظير انڙ ۽ ٻين حادثي بعد زخمين ۽ فوتين جا لاش ڪڍي اسپتال پھچايا

قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ مشاخ اسٽاپ تي اڄ رات ديرسان قاضي احمد پوليس جو چار ڦورن سان مبينا مقابلو جنهن ۾ هڪ لالو چوھاڻ  ...
20/07/2020

قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ مشاخ اسٽاپ تي اڄ رات ديرسان قاضي احمد پوليس جو چار ڦورن سان مبينا مقابلو جنهن ۾ هڪ لالو چوھاڻ پٽ صدورو چوھاڻ زخمي حالت ۾ پوليس پاران گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي جڏھن ته ٻيا فرار ٿي ويا

قاضي احمد پوليس خفيـا اطلاع  تي شھر جي  موڙ ڪالوني ۾ شمع ماڇي جي گهر تي ڇاپو ھڻي ٽن نوجوان عورتن مومل کوکر ـ سيوھڻ جي رھ...
20/07/2020

قاضي احمد پوليس خفيـا اطلاع تي شھر جي موڙ ڪالوني ۾ شمع ماڇي جي گهر تي ڇاپو ھڻي ٽن نوجوان عورتن مومل کوکر ـ سيوھڻ جي رھواسڻ ثمينا کوکر ۽ چيچاوطني جي رھواسڻ ناري سپنا کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ڪيل ثمينا ٻڌايو ته اسان سپنا کي ھڪ لک ۾ خريد ڪيو آهي ھاڻي اسان جو چوڻ نٿي ڪري ھوڏانھن ناري سپنا ٻڌايو ته مون کي گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ جو چئي وٺي آيا ۽ ھت غلط ڪم ڪرڻ جو چيو منهنجي غلط ڪم ڪرڻ جي انڪار تي مون مٿان تشدد ڪيو وڃي ٿو مون واپس مائيٽ ڏانهن موڪليو وڃي رابطو ڪرڻ تي وڏي منشي محمد صالح ٻڌايو ته عورتن کي ھٿ ڪيو آهي جاچ ڪريون پيا ڪٿان جون آهن ڪيس وغيره جاچ مڪمل ڪرڻ بعد داخل ڪنداسين ـ

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Kazi Ahmed Press posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share