Wagan news sindh

  • Home
  • Wagan news sindh

Wagan news sindh وڳڻ نيوز

19/04/2024
21/03/2024
19/02/2024

صحافي محمد بخش خاصخيلي جي ڀيڻ تي تشدد ڪندڙ گرفتار ٿيل جوابدارن کان وڳڻ پوليس رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو

08/02/2024

Na 197 قمبر شهدادڪوٽ ڳوٺ ڀولاء ڪلھوڙا پولنگ عامر خان مگسي 434
ووٽ

09/12/2023
وڳڻ سٽي پريس ڪلب م سينيئر استادن جي پروموشن ٿين تي گلن جا هار پارايا ويا
18/11/2023

وڳڻ سٽي پريس ڪلب م سينيئر استادن جي پروموشن ٿين تي گلن جا هار پارايا ويا

قمبر ضلع انتظاميا  قمبر شهدادڪوٽ پاران بسن جي ڪراين متعلق ھڪ نوٽيفڪيشن جاري. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ سجاد حي...
11/11/2023

قمبر ضلع انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ پاران بسن جي ڪراين متعلق ھڪ نوٽيفڪيشن جاري.
تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ سجاد حيدر قادري جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ويندڙ ايئرڪنڊيشنڊ ۽ بغير ايئرڪنڊيشنڊ بسن جا ڪرايا مقرر ڪيا ويا آهن.
جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قمبر کان ڪراچي 1800 روپيا جي جگھ تي 1500 روپيا، قمبر کان حيدرآباد 1200 روپيا، قمبر کان سيوهڻ 800 روپيا، ڄامشورو 1000 روپيا جڏهن ته
قمبر کان دادو 700 روپيا ڪرايو مقرر ڪيو ويو آھي
ان کان علاوه لوڪل بسن جو ڪرايو شھدادڪوٽ وايا قمبر لاڙڪاڻو 220 روپيا، قمبر کان لاڙڪاڻو 100 روپيا، قمبر کان نصير آباد 90 روپيا، شھدادڪوٽ کان سکر 350 روپيا مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن تي عمل نه ڪندڙ ۽ وڌيڪ ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڏنڊ به لڳايو ويندو.

ھي ورلڊ ڪپ ته اسان جي علائقن جي ٻارن واري لڳي رھيو آھي جنھن ۾پنھنجي بيٽنگ م ننون بال ۽ ٽيپ ٻين جي واري ۾ خراب بال سان کي...
06/11/2023

ھي ورلڊ ڪپ ته اسان جي علائقن جي ٻارن واري لڳي رھيو آھي جنھن ۾پنھنجي بيٽنگ م ننون بال ۽ ٽيپ ٻين جي واري ۾ خراب بال سان کيڏيون ويندو آهي. اگر ڪپ ڪيرائيندر جي ٽيم ھارائي وڃي ته ٽورنامينٽ بند 😂😃😅😆😁😀😄

03/11/2023

وڳڻ ۾ مرغي 560 روپيا ڪلو ٿي وئي اي سي وارھ تعلقي جو دورو ڪري دڪاندار واپارين کان وڌيڪ اگھ وٺڻ تي ڏنڍ پڻ وصول ڪيا پر جيئن اي سي وارھ ويو پويان دڪاندارن عوام کي لٽڻ شروع ڪيو في ڪلو مرغي 60 روپيا وڌيڪ وصول ڪرڻ لڳا وڳڻ لعلو رانئڪ ۔پکو۔جعفراڻي سميت تعلقي وارھ جي سمورن شھرن وارھ سميت ننڍن ڳوٺن م ب دڪاندار واپاري هٿرادو مهنگائي ڪري ماڻھن کي ڦرڻ لڳا اي سي يان ڊي سي اچي پنهنجو حصو پتي وٺندا آھن جيڪو نقصان ب عوام کي ڀرڻو پئي ٿو قمبر ضلعي جو ڊي سي ۽ ستن تعلقن جا اي سي نگران حڪومت جي اعلان باوجود ب آفيسن مان ن نڪتا مهنگائي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي امتياز علي خاصخيلي۔ ساجد مغيري۔ گلاب خان وڳڻ ۔ڪامريڍ غلام حسين مغيري۔ ۽ پاران دانهون اعلا اختيارن کي نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي مرغي جو اگھ 300 روپيا ڪلو مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

27/10/2023

*جڏهن سچ اڪيلو ۽ اُداس ٿي وڃي تڏهن مون کي ياد ڪَجو* !
( ..امام حُسين ع سلام.. )

21/10/2023

ڪڻڪ جو ٻج 7800 مڻ ڪارو ڀاڻ 13500 باقيء سارين جو ريٽ 1800سٽ جو مڻ حالت ڏسو .
واپارين تي ھارين سان ظلم ڪن ٿا

ڳوٺ ڀولا ڪلھوڙا يوسي گھٽڙ ۽ اتر سنڌ جي سڀني آبادگار ڀائر....آبادگار ڀائرو جيئن تہ سارين جو فصل پنھنجي پڄاڻي تي پهتو آهي،...
19/10/2023

ڳوٺ ڀولا ڪلھوڙا يوسي گھٽڙ ۽ اتر سنڌ جي سڀني آبادگار ڀائر....

آبادگار ڀائرو جيئن تہ سارين جو فصل پنھنجي پڄاڻي تي پهتو آهي، ۽ ھر طرف ڪڻڪ جي فصل جي تياري ٿي چڪي آهي. آبادگار ڀائرو جي ڪڏهن توهان سٺي پيداوار 60 کان 70 مڻ في ايڪڙ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا تہ ھيٺيان اپاءَ وٺڻ ضروري آهن....

ڪڻڪ جي بهترين پيداوار لاءِ ڪجھ زرعي حڪمتون..

▪︎پوکي جو وقت : 7 نومبر کان 30 نومبر تائين.(بھترين وقت 7 کان 15 نومبر)

▪︎ٻج: صاف سٿرو ھجڻ گھرجي، ڪا بيماري موجود نه ھجي.
▪︎سفارش ڪيل ٻج: اڪبر-2019، ستار، اناج 2017، انقلاب 91، گيلڪسي 13.
▪︎ناڙي ذريعي پوک: ڪڻڪ جو ٻج پوکي مھل ٻج سان گڏ ڏيڍ ٻوري DAP + ھڪ ٻوري MOP يا SOP+ ٽي ڪلو گرام BORAN پر ايڪڙ گڏائي ڪري استعمال ڪري ڇڏيو.

▪︎پاڻي جو استعمال ۽ ڀاڻ:
پھريون پاڻي- 20 کان 30 ڏينهن ۾ ڏبو آهي، پھرين مھل يوريا ڀاڻ ڏيڍ يا سوا ھڪ (1.5 يا 1.15) + زنڪ 6 ڪلوگرام پر ايڪڙ.
ٻيون پاڻي- اڪثر 60 کان 65 ڏينهن اندر ٻيو پاڻي ڏبو آهي، ان مھل اڌ ٻوري يوريا ڏيو جيئن ٻوٽو تندرست رھي.
ٽيون پاڻي- 90 ڏينهن کان پوءِ آخري پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ ڪڻڪ جو ٻج تيار ٿيڻ لڳندو آهي، تنهنڪري پوٽاش 2 ڪلوگرام + بوران 100 گرام مِلائي ڪري ھڪ ايڪڙ تي اسپري ڪريو....

ليکڪ:
جواد بڙدي
ايگريڪلچر ايڪسپرٽ

05/10/2023

استادن جي عالمي ڏهاڙي تي آئون پنھنجي سڀني قابل احترام استاد صاحبان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ...

رائيس مل مالڪ سارين جي صرف هڪ  مڻ  ته ڪيترو ڪمائي ٿو  ڊٽيل نمبر 1چانور. 25 ڪلو نڪرن ٿا رقم في ڪلو 137.5 ٽوٽل 3450نمبر 2 ...
05/10/2023

رائيس مل مالڪ سارين جي صرف هڪ مڻ ته ڪيترو ڪمائي ٿو ڊٽيل
نمبر 1
چانور. 25 ڪلو نڪرن ٿا رقم في ڪلو 137.5 ٽوٽل 3450
نمبر 2 رئي... ڏارو.. 4 نڪري ٿو رقم ڪلو في ڪلو 147 ٽوٽل 588
نمبر 3 چنو 2.5 ڪلو نڪري ٿو في ڪلو 110 ٽوٽل رقم 280
نمبر 4 ٿوھ 2 ڪلو نڪري ٿو في ڪلو 450 ٽوٽل رقم 900
نمبر 5 سارين جي مڻ ته 1 ڪلو ايڪتال في ڪلو 100 ٽوٽل رقم 100
مطلب ٽوٽل هڪ مڻ مان رائيس مل مالڪ کي 5318 روپيه ڪمائي ٿو ء بارداني جي مسواڙ مزوري ڪانٽو اهو به زميندار ٿو ڀري ....نوٽ... ڇا اهي سب شيون سارين مان نٿيون نڪرن
خدارا ڪجھ زميندارن ته رحم ڪريو ..............

سلام استاد
05/10/2023

سلام استاد

05/10/2023

وحشي انسان
کير کپائڻ جي لالڇ ۾ معصوم کير پياڪ ڦرڙا يا ته ظالم ڪهي ٿا ڇڏين يا وڃي ڳوٺن ۾ کپائن ٿا جن مان 90 فيصد فرڙا مري ٿا وڃن
ڪيڏو نه انسان پيسا ڪمائڻ جي لالچ ۾ وحشي ٿي ويو آ
ٻن ٽن ڏينهن جا ڦرڙا کير بچائڻ جي لالچ ۾ کپائن ٿا يا ماري ڇڏين ٿا
خدارا هنن بي زبان معصوم ڦرڙن سان ٿيندڙ ظلم ۽ نسل ڪشي خلاف به آواز اٿاريو
مير ڪاشف علي ٽالپر

02/09/2023

سڀني سنڌ واسين کي حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 280 ھين عرس مبارڪ جون واڌايون

*شاھ عبداللطيف ڀٽائي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه جو عقيدو ۽ نظريو*Post #34تحرير............. ✍️ *ابو طلحہ سنڌي*__________...
01/09/2023

*شاھ عبداللطيف ڀٽائي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه جو عقيدو ۽ نظريو*
Post #34
تحرير............. ✍️ *ابو طلحہ سنڌي*
_______________________

شاھ عبداللطيف ڀٽائي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه سنڌ ڌرتي جا اهي عظيم صوفي بزرگ آهن جن کي سڀني مسلڪ وارن مسلمانن سميت لبرل، قوم پرست ۽ مُلحد بہ وڏي عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏسندا آهن انهن جو نطريو ۽ عقيدو بہ اهو ئي هو تہ ڪائنات قديم (هميشه کان) ناهي بلڪ خدا جي ذات هميشہ کان آهي جنهن هن پوري سنسار کي پيدا ڪيو آهي.
هونئن ته شاھ سائين جو سڄو رسالو توحيد، رسالت ۽ اسلام جي حقانيت تي مشتمل آهي ليڪن سُر ڪلياڻ سڀني سُرن کان اهم آهي جيڪو شرڪ ۽ الحاد جي پاڙ پٽي توحيد جو فلسفو سمجهائي صحيح گس تي پهچائي ڇڏي ٿو. سُر ڪلياڻ جي پهرين بيت ۾ شاھ صاحب فرمائن ٿا:

اوَّل اللهُ عَلِيمُ، اَعلى عالَمَ جو ڌَڻي،

قادرُ پَنھِنجِي قُدرَتَ سِين قائِمُ آھِ قَدِيمُ

والِي واحِدُ وَحۡدَہٗ رازِقُ رَبُ رَحِيمُ

سو ساراھِ سچو ڌَڻِي، چَئي حَمدَ حَڪِيمُ

ڪَري پاڻُ ڪَرِيمُ،جوڙَئُون جوڙَجَھانَ جِي.

*سمجهاڻي:*
هن بيت ۾ الله تعاليٰ جي ساراھ ڪندي شاھ صاحب فرمائن ٿا تہ:
سڀ کان پهريون اُهو ئي آهي جيڪو سڀ ڄاڻيندڙ ،سڀني کان مٿانهون ۽ سڄي جڳ جهان جو مالڪ آهي. اهوئي سڀني کان وڌيڪ سگهارو آهي ۽ پنهنجي قدرت ۽ سگھ سان ازل (يعني هميشه کان) موجود آهي، اهو ئي سڀني جو والي وارث آهي جيڪو هڪ ئي آهي لا شريڪ ۽ اڪيلو آهي، روزي ڏيندڙ، پالڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي. تون اهڙي سچي ۽ حڪمت واري مالڪ سائين کي ساراھيندي سندس تعريف ۽ واکاڻ ڪر، ڇو تہ هو پاڻ ڪرم ڪرڻ وارو مهربان آهي جيڪو پنهنجي ٻاجھ سان جوڙن (نر ۽ مادي) منجهان سڄي جهان کي پيو جوڙي ۽ هلائي.

مٿين بيت ۾ شاھ صاحب زبردست ۽ خوبصورت انداز ۾ خدا جي توحيد بيان ڪئي آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڀٽائي صاحب خدا کي مڃڻ وارا پڪا موحد هيا سندن نظريي ۽ عقيدي مطابق ساري جڳ کي جوڙڻ ۽ هلائڻ وارو هڪ الله آهي. هاڻي جيڪو شخص خدا جو انڪار ٿو ڪري تہ يقيناً اهو سڀني نبين سميت ڀٽائي صاحب کي بہ ڪوڙو سمجهي ٿو.

*ڀٽائي صاحب ۽ رسالت جو عقيدو:*

صرف توحيد ئي نہ بلڪ ڀٽائي صاحب جو رسالت جي عقيدي بابت موقف بہ نھايت واضح ۽ چِٽو آھي فرمائن ٿا:

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَه، جان ٿو چَئين اِيئَن،

مَڃُ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي،نِرتَئُون مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِي

ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا م جھيڙو 3زخمي
24/08/2023

ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا م جھيڙو 3زخمي

11/08/2023

وڳڻ رپورٽر محمدبخش خاصخيلي وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻي جي مين پرائمري اسڪول جي سوين شاگردن کي ڪتاب ن ملي سگيا معصوم ٻارن کي ڪتاب ن ملڻ ڪري تعليم کان محروم درسي ڪتاب ن ملڻ ڪري ٻار اسڪول ئي ڪون ٿا وڃن والدين جڏهن ت هيڊ ماستر عبدالفتاح مغيري ٻڌايوت اسڪول م 500 ٻار داخل هن پر ڪتاب صرف 100 سو ٻارن جا مليا آهن باقي ڪتاب ڏئي ٻارڙن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي
ٻئي طرف سماجي ڪارڪن امتياز خاصخيلي ۔سراج ٻرڙو جي اڳواڻي م اسڪولي ٻارن گڏجي اسڪول م سولر سسٽم ڪتابن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري تعليم کاتي جي اعلا عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي ت جعفراڻي اسڪول م سهولت ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي

وڳڻ( رپورٽر محبوب علي پنھور)وڳڻ واسي گذريل پندرھن ڏينھن کان گم ٿيل پورھيت کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا 20 لک ڀنگ طلبخبر موجب وڳ...
26/07/2023

وڳڻ( رپورٽر محبوب علي پنھور)
وڳڻ واسي گذريل پندرھن ڏينھن کان گم ٿيل پورھيت کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا 20 لک ڀنگ طلب
خبر موجب وڳڻ واسي پورھيت آصف علي ڪنڀر ولد محمد ابراھيم گذريل پندرھن ڏينھن کان گم ھو وارثن پاران گھڻي ڳولھا باوجود ڏس پتو نه پئجي سگھيو جنھن بعد اڄ صبح سٽي پريس ڪلب وڳڻ جي جنرل سيڪريٽري عاجز چانڊيو کي ڌاڙيلن پاران اڻڄاتل نمبر تان فون ڪري چيو ته اسان وڳڻ واسي نوجوان آصف ڪنڀر کي اغوا ڪيو آ اھيو اطلاع مغوي جي وارثن تائين پھچايو پڻ انھن کي چئو ته اسان کي ويھ لک محرم جي پندرھين تاريخ تائين ڏيو نت نوجوان کي ماري گم ڪري ڇڏينداسين جڏھن ته ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيل نوجوان جا فوٽو به وائرل ڪيا ويا آھن جنھن ۾ نوجوان زنجيرن ۾ جڪڙيل نظر اچي رھيو آ جڏھن ته مغوي جي والد محمد ابراھيم ڪنڀر پٽ جا فوٽو ڏسندي ئي سندس کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا اغوا ٿيل آصف ڪنڀر جي ڀاءُ نثار ڪنڀر،خالد ڪنڀر جو چوڻ ھو ته اسان ڏھاڙي مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آھيون ڀنگ ڀرڻ جيتري اسان ۾ وصيت ناھي اسان آء جي سنڌ،ڊي آء جي لاڙڪاڻو،ايس ايس پي قمبر کي اپيل ڪيون ٿا اسان جي ڀاءُ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Wagan news sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share