20/04/2024
۔۔۔۔تعلقه ھاسپٽل ٽنڊوآدم
جناب وزير صحت سنڌ
جناب سيڪريٽري صحت سنڌ
جناب D G نيب سنڌ
جناب ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سنڌ
جناب ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ضلع سانگھڙ
۽ ٻيا وس وارا MNA . MPA
جناب اعلا :-
ڪروڙين روپيا سالانه بجيٽ ھجڻ باوجود مريضن لاء ڪابه سھولت ناھي نه ڪو سرجن نه ايمرجنسي ۾ ڪو ڊاڪٽر موجود نه ڪا آپريشن جي سھولت نه ايمولينس ھتي مقرر ڪيل اڪثر ڊاڪٽرن ڊاڪٽرياڻين جا پنھنجا ذاتي ميڊيڪل سينٽر ليبارٽريون جيڪي مريضن کي پنھنجي ميڊيڪل سيڻٽرن تي اچڻ لاء مجبور ڪن ٿا اڪثر ڊاڪٽر ته ڊيوٽي تان غير حاضر رھن ٿا ڪنھنکي به غريب مريضن جو احساس ناھي
ڪروڙين روپين جا منصوبا دل جو وارڊ گردن جو وارڊ ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڪرپشن جي ور چڙھي تباھ ٿي ويا ڪابه انڪوائري ڪوب ايڪشن وٺڻ لاء تيار ناھي ايمبولينس ھوندي مريضن کي ڪابه ايمولنس جي سھولت ناھي ايمرجنسي جي صورت حيدرآباد ڪراچي نواب شاھ ريفر ٿيندڙ مريض ٻاھران ايمبولينس گھرائڻ تي مجبور ايمبولينس جي مرمت جي مد ۾ لکين روپين جا ڪوڙا بل ٺاھي رقم وصول
ھن اسپتال ۾ مريضن جي علاج بدران مريض جي صرف تذليل ڪئي وڃي ٿي
ٽيھن 30 سالن کان قابض لوئر اسٽاب سموري اسپتال کي مڪمل طور تباھ ڪري ڇڏيو ھر ڪنھن پنھنجي شعبي کي ذاتي ڪاروبار بنائي ڇڏيو M S ۽ ڊاڪٽر قابض مافيه آڏو بلڪل بيوس بنيل
جيستائين ھيٺئين عملي کي مڪمل طور ھتان کان نه ھٽايو ويندو تيستائين ڪنھن به مريض کي ڪو لاڀ نه ملي سگھندو ۽ الائي ڪيترا مسڪين ھن اسپتال جي آسري تي پنھنجون جانيون ضايع ڪندا رھندا