Sudh samaa

Sudh samaa Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sudh samaa, Media/News Company, .

27/10/2022
لاڙڪاڻو جناح باغ (تجر باغ) جو خوبصورت منظر.
26/10/2022

لاڙڪاڻو جناح باغ (تجر باغ) جو خوبصورت منظر.

سندھ کے ضلع لاڑکانہ کے دیہاتی علاقے اب بھی برساتی پانی کی گردش میں ۔۔۔۔!!!
20/10/2022

سندھ کے ضلع لاڑکانہ کے دیہاتی علاقے اب بھی برساتی پانی کی گردش میں ۔۔۔۔!!!

20/10/2022

لیڈی ھیلتھ ورکرز کا رسک الائونس کی بحالی کے لیئے لاڑکانہ پریس کلب کے باہر احتجاج رسک الائونس بحال. کرنے کا مطالبہ۔

Like, comments and follow sudh samaa.
19/10/2022

Like, comments and follow sudh samaa.

15/10/2022

لاڙڪاڻي ۾ ڏوھارين جو راڄ ھڪ ئي ڏينھن ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ٻہ وارداتون لکين رپيا ڦُر پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي.

15/10/2022

لاڙڪاڻي ۾ ڏوھاري سرگرم اڄوڪي ڏينھن ۾ ٻن مختلف وارداتن ۾ لکين رپيا ڦُر.....!!!

15/10/2022

سھائتا نہ ٿيڻ سبب برسات متاثرن جي باڊھ جي ڪائونسلرن خلاف دانھن.!

14/10/2022

باڊھ: جي يو آءِ ڪارڪن نظرانداز ڪرڻ تي مقامي قيادت خلاف دانھيندي.

14/10/2022

جي يو آءِ ڪارڪن نظرانداز ڪرڻ تي مقامي قيادت تي دانھيندي.

تباھڪاريون، امدادي سرگرميون ۽ نہ ملڻ جو احساساڪبر آزاد ھيسباڻيسنڌ ۾ برساتي تباھڪارين کان پوءِ جي جيڪا صورتحال آھي اھا ان...
03/10/2022

تباھڪاريون، امدادي سرگرميون ۽ نہ ملڻ جو احساس

اڪبر آزاد ھيسباڻي

سنڌ ۾ برساتي تباھڪارين کان پوءِ جي جيڪا صورتحال آھي اھا انتھائي ڏُکي ۽ ڳڻتي جوڳي آھي عوام جو ڳچ حصو خالي ھٿين اجھن کان محروم بک بدحالي مفلسي ۽ بيمارين سميت انتظامي ٻہ اکيائي کي منھن ڏئي رھيو آھي برسات جيڪا تباھي ڪئي اھا پڌري پٽ آھي مالي نقصان سان گڏ جاني نقصان بہ وڏي پئماني تي ٿيو آھي فصل تباھ ٿي ويا مال متاع مري ويو ماڻھو گھرن کان بي گھر ٿي روڊن تي اچي ويا ۽ ان سموري صورتحال دوران عوام حڪومت توڙي حڪومت جي انتظامي ادارن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نظر نہ آيو ۽ ھاڻي پوءِ واري صورتحال ۾ ماڻھن جي عملي طور مدد ڪرڻ بجاءِ حڪومت ۽ حڪومتي ڪارندن پاران بار بار اھو چوڻ تہ ھي قدرتي آفت ھئي شڪر ڪيو ٽري وئي. ان سان گڏ نہ کٽندڙ اعلانن جو سلسلو جاري آھي.! اھڙي ڳالھ کي بہ ماڻھن مڃي ورتو آھي تہ واقعي قدرتي آفت ھئي ۽ ھن کي مڙس ٿي منھن بہ ڏنو نہ رڳو آفت کي منھن ڏنو پر انتظامي لاپرواھي ۽ غلط پاليسين کي بہ ڀوڳيو آھي ھاڻي تہ گھٽ ۾ گھٽ مالڪي ڪريو ٻيو ڪجھ بہ نٿا ڪري سگھو تہ ڀلا ضلعن جي مختلف شھرن ٻاھران ۽ ڳوٺن اندر بيٺل برساتي پاڻي جيڪو ھاڻي گندو ۽ بدبودار ٿي چڪو آھي رڳو اھو ئي کڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي. تہ چيو وڃي ٿو اھو پاڻي نڪرڻ ۾ چار کان پنج مھينا لڳي ويندا....! او سائين چئن کان پنجن مھينن تائين اھو پاڻي تہ پاڻ ئي سُڪي ويندو ھاڻي جيڪو پاڻي بيٺو آھي ان سبب جن بيمارين جنم ورتو آھي انھن کي بہ قدرتي آفت سان ڳنڍي پنھنجي لاپرواھي کي لڪائي جان ڇڏائڻ بہ ڪو درست آھي ڇا.!؟ اسپتالن اندر انتظامي لاپرواھي سميت سھولتن جي کوٽ کي آخر ڪھڙو نالو ڏجي.
ڪِن حڪومتي حامين جو اھو بہ چوڻ آھي تہ حڪومت ڏئي گھڻو ڪجھ ٿي پر عوام ۾ صبر ڪونھي ۽ وٺڻ باوجود چيو وڃي ٿو ڪجھ ناھي مليو اھا حقيقت آھي تہ ٻاھرين دنيا پاران امدادي سامان ڏيڻ کان پوءِ امدادي سرگرميون شروع ٿي ويون آھن ۽ ڪيترن ئي ھنڌن تي پوءِ ٿورو يا گھڻو سيڌي سميت سامان مليو آھي پر اھو سامان ماڻھن کي ڏيڻ جو جيڪو طريقو آھي اھو غلط آھي ڇو تہ ماڻھو برسات ۽ ٻوڏ جا ماريل آھن مٿان وري بيمارين سان ٻہ چار آھن تن جي بروقت مدد نہ ٿيڻ کين ڪروڌ ۽ نہ ملڻ واري احساس وڪوڙي ڇڏيو آھي ۽ سامان جيڪو ملي پيو سو بہ سڌي ريت متاثرن کي ڏنو نہ پيو وڃي ان عمل ۾ پنھنجي مفادن جي پورائي واري ڳالھ جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو يعني سامان سڀ کان پھريان ضلعي جي ڊي سي جي اختيار ۾ ڏنو وڃي ٿو ڊي سي کان پوءِ وري تَڪ جي ايم اين اي، ايم پي اي وٽ پھچي ٿو تنھن کانپوءِ سامان شھري ليول جي چونڊيل نمائندن کي ملي ٿو ان بعد اھي وري پنھنجي ڪارڪنن ۽ خاص ماڻھن کي ڏين ٿا تنھن بعد باقي جيڪو سامان بچيو سو وڃي حقيقي متاثر کي ملي ٿو. ھاڻي جڏھن امدادي سامان ايڏو وڏو سفر ڪري رولھڙي جو شڪار ٿي متاثرن وٽ وقت کان گھڻو پوءِ پھچي ٿو تڏھن ماڻھن ۾ احساسِ محرومي ۽ نہ ملڻ جو احساس يقيني طور جنم وٺي ٿو. ان سموري معاملي جي ذميوار عوام آھي يا حڪومت ۽ مقرر ڪيل سندس انتظاميہ اھا ڳالھ سمجھڻ ڏکي ڳالھ نہ آھي. حڪومت ۽ سندس من پسند لاپرواھ انتظاميہ جو ڪم اتي ختم تہ نٿو ٿئي.چيو وڃي ٿو بابا بيٺل پاڻي ھاڻي گندو ٿي چڪو آھي ان ۾ زھريلا مڇر ۽ جيت پيدا ٿيا آھن جيڪي جان ليوا آھن سو پنھنجو خيال ڪريو...! ڇا حڪومت ۽ سندس انتظاميہ جي اھا ذميواري ناھي تہ بيٺل پاڻي وقت تي نيڪال ڪرايو وڃي يا مڇرن مکين سميت زھريلن جيتن جي خاتمي لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺي ڦوھارو ڪرايو وڃي؟ ماڻھن ۾ نہ ملڻ يا جائز ڪم نہ ٿيڻ جي احساس جو ھڪ سبب ھي بہ آھي جو سرڪاري سطح جو ڪو بہ ڪم گھڻي ڀاڱي ٿيندو ڪونھي جي ٿيندو آھي تہ وقتائتو ڪون ٿيندو آھي ھاڻي تازو ٿيل تباھين کي وٺو، جن ماڻھن جا گھر ڪريا آھن سي دربدر آھن حڪومت جي خاص ڪارندن کان اھا معلومات تہ ملي ٿي تہ ازالو ڪيو ويندو پر ڪا تصديق ڪون پئي ٿيئي مھيني کان ٻڌندا پيا اچون تہ اجھو ٿي سروي ٿيئي پر سروي آھي جيڪا ٿيئي ڪون پئي.! مٿان سيارو آھي ماڻھو پنھنجن ٻچن کي وٺي پريشان آھن پر حڪومتي اعلان آٿتون آسرا عملي جامو پائڻ لاءِ تيار ئي ڪونھن اتي عوام ڪنفيوز ٿيئي ٿو ۽ سندس دماغ ۾ احساس محرومي شدت سان جنم وٺي ٿي ۽ نہ ملڻ جو احساس کيس ستائي ٿو پوءِ ھو ڇِنڻ تي بہ مجبور ٿي وڃي ٿو ۽ اڃا گھڻو ملي واري چڪر ۾ اچي وڃي ٿو ڇو تہ ٻيھر ملڻ يا نہ ملڻ جو تجربو عوام اڳ ئي ڪري چڪو آھي.

03/10/2022

انڌي جي ھٿ ۾ ڏانگ بہ چڱي.!

اڪبر آزاد ھيسباڻي

ھڪ پاسي سنڌ ۾ تازو پيل طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ اڌ کان وڌيڪ غريب ۽ مسڪين ٽيڪسز جي بار ۾ دٻيل سياسي توڙي انتظامي ٻہ اکيائي جي ماريل عوام کي ٻوڙيو سندن گھر ڪِري پيا چوپايو مال مري ويو ٻچن جي پيٽ خاطر رکيل اَن جا ٻہ چار داڻا بہ لڙھي ويا زندگي عذاب بڻجي وئي! تہ ٻئي پاسي تيار بيٺل ساريالو فصل بہ تباھ ٿي ويو آھي ۽ جيڪو بچيو آھي اھو بہ سڙي رھيو آھي اکين سان سڀ ڪجھ ڏسندي بہ عوام جو متاثر وڏو انگ سواءِ پڪارڻ برداشت ڪرڻ جي ڪجھ نٿو ڪري سگھي....! ان سموري صورتحال ۾ حڪومتِ وقت ۽ سندس من پسند ڪميشن خور پاليل انتظاميہ جو ڪردار ڇا رھيو يا ڇا آھي اھو ڪنھن کان بہ لڪيل ڇپيل ڪون آھي، برساتن کان اڳ ساريالي فصل جي تياري لاءِ پاڻي ڪون پئي ڏنو ويو دانھڻ تي چيو ويو تہ دانھڻ ڪوڪڻ کي ڇڏيو پاڻي قدرتي طور گھٽ آھي ايندو تہ ڏينداسين نہ ھوندو تہ ڇا ڪنداسين! ۽ پوءِ ٿيو ايئن جو روئڻ رڙڻ کانپوءِ جڏھن پاڻيءَ جو چُڪو مليو ۽ ماڻھن ٻج پوکيا تڏھن بہ ٻج سڙيا پئي پاڻي گھٽ ھجڻ ڪري...! نيٺ رونبن جو وقت تہ گذري چڪو ھو پر پوءِ بہ ماڻھن رونبو شروع ڪيو ساريالي فصل اڃا مُڙھي ٻڌڻ شروع ڪئي ڪجھ رونبا ٿيا پئي جو جولاءِ کان اچي برسات لٿي، برسات دوران سڀني ڏٺو تہ انتظاميہ ڪٿي بہ نظر ڪون آئي خود وزير مشير، ايم اين اي، ايم پي اي غائب ھئا ۽ سندن مقرر ٿيل ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، اسسٽنٽ مختيارڪار سميت ٻي انتظاميہ ڳوليي بہ ڪانہ ٿي لڌي.! 2010ع واري ٻوڏ جيئان ماڻھو لڙھندا بڏندا مرندا رھيا پر انتظاميہ اخباري ۽ ٽي وي بيانن تائين محدود رھي عملن ڪٿي بہ نظر نہ آئي. ڏُکي گھڙيءَ ۾ عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھڻ ۽ حڪمتِ عملي جوڙڻ بجاءِ شاخن بئراجن ڍنڍن کي بغير ڪنھن حڪمت عملي جي ذاتي ۽ معمولي مفادن کي نظر ۾ رکي پاور جو غلط استعمال ڪري راتو رات ڪٽ ھڻائي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙائي ماڻھو ٻوڙي مارائڻ جون ھر طرف کان دانھون اچڻ لڳيون. ھاڻي جڏھن سڀ ڪجھ تباھ و برباد ٿي چُڪو آھي تڏھن چيو وڃي ٿو تہ بابا شُڪر ڪيو جو بچي ويا آھيو ھي انتظامي نااھلي نہ پر قدرتي آفت ھئي جيڪا ٽري وئي، اسان چئون ٿا تہ واقعي قدرتي آفت ھئي ۽ ان آفت دوران توھان جيڪا حڪمت عملي جوڙي وسيلا ڪتب آڻي ماڻھن جي جان مال جي سار لڌي سا بہ ڪنھن کان ڳُجھي ناھي پر جي ھاڻي پاڻ مڃو ٿا تہ قدرتي آفت ھئي تہ ڀلا سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي گھربل گھرجون پوريون ڪري رعاتيون مراعتون ئي کڻي ڏيو. چون ٿا سوچون پيا.....! اسان چئون ٿا ڀلا جيڪي نقصان ٿيو آ ان جو ازالو ئي کڻي ڪيو چون ٿا سروي ڪيون پيا.! چئون ٿا ماڻھو بک اڃ، بيمارين وگھي مرن پيا مالڪي ڪيو چون ٿا ٻاھرين دنيا کي ٻاڏايون ٿا..! چاھيون ٿا ڀلا جيڪي فصل تباھ و برباد ٿي ويا سي ٿي ويا جيڪي بچي ويا آھن اھي پاڻي ھوٽي سُڪن پيا انھن کي پاڻي ڏئي سُڪائي ساڙڻ کان تہ بچايو، چون ٿا ڏسون ٿا....! پوءِ تہ اھڙي انتظاميہ جيڪا ڏکيئي وقت ۾ غائب ھجي سکيئي وقت ۾ ويجھو اچڻ ڪون ڏيئي ڪو پلان نہ، ڪا حڪمت عملي نہ، ڪا ڪريئيشن نہ، رھيل ادارا بہ کپائي ٺيڪي تي ڏئي وڌيڪ بربادي ڪرڻ، پاور جي زور تي عوام کي ھيسائڻ واري توھان جي عمل کان پوءِ توھان کان اھا انڌي جي ھٿ ۾ ڏانگ بہ چڱي آھي جيڪا گھٽ ۾ گھٽ انڌي کي ڀٽڪائڻ بجاءِ رستو تہ ڏيکاري ٿي.

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sudh samaa posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share