سنڌ پوليس ۾ سٺي ساک رکندڙ بھادر دلير پوليس آفيسر ايس ايڇ او خانپور علي حسن مغيري🔥🔥
لاڙڪاڻي شهر جي او پي ايف ڪالوني جو رهواسي بورڊ جي ملازم 8 ٻارن جو پيءُ 40 سالن جو علي بخش پٽ مولا بخش انڙ مبينا طور گهر اندر پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارث زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
لاڙڪاڻو
نيو ليلا آباد محلي ۾ ھٿيار بندن جي جرنل اسٽور تان ڦر، فراز جرنل اسٽور تان نامعلوم ھٿيار بندن ڏھ ھزار روپيا روڪ ۽ پرس ڦري آساني سان فرار ٿي ويا، ون فائيو تي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس دير سان پھتي..
2 ڄڻا ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي آيا ۽ ھٿيارن جي زور تي پيسا ۽ پرس ڦري ويا انصاف ڪيو وڃي : دوڪاندار
لاڙڪاڻو / لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد وڏي مڇي مارڪيٽ چوڪ وٽ مرغي جي دڪان تان نامعلوم ڦورو هٿيارن جي زور تي دڪاندار منصور لانگاهه کان 55 هزار ڪيش ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن
لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ننڍي مڇي مارڪيٽ واري علائقي ۾ نامعلوم ڦورن تيل جي گھاڻي ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي دڪان مالڪ عامر چاوڙو کي يرغمال بڻائي 10 لک روپيا روڪ رقم، پسٽل، رپيٽر ۽ بئنڪ جون چيڪيون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان تيل جي گهاڻي جي مالڪ عامر چاوڙو ٻڌايو ته موٽر سائيڪل سوار 4 ھٿياربندن دڪان ۾ گهڙي مزدورن کي هڪلون ڏئي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 10 لک روپيا روڪ رقم، پسٽل، رپيٽر ۽ بئنڪ جون چيڪيون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آهن. عامر علي چاوڙو چيو ته مان اپيل ٿو ڪيان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل 10 لک روپيا روڪ رقم، رپيٽر، پسٽل ۽ بئنڪ جون چيڪيون واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد گجڻ پور چوڪ واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڦورن ڪنڊين جي دڪان تي ڪاهه ڪري ڏيڍ لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع باوجود پوليس دير سان پهچي روايتي طور تفصيل وٺي واپس هلي وئي. ان موقعي تي متاثر دڪاندار امداد قادري صحافين کي ٻڌايو ته اڄ صبح سان موٽر سائيڪلن تي سوار 5 هٿياربندن منهنجي دڪان تي ڪاهه ڪري هٿيارن جي زور تي مونکي يرغمال بڻائي ڏيڍ لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس دير سان پهچي تفصيل وٺي هلي وئي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي چورن خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي
لاڙڪاڻي ۾ شاھينگ دڪاندار کي سرمون پارائي پيسا کڻي فرار ٿي ويو، سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا ،ريشم گلي ۾ عبدالرشيد شيخ جي دڪان تان نامعلوم
لاڙڪاڻي ۾ شاھينگ دڪاندار کي سرمون پارائي پيسا کڻي فرار ٿي ويو، سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا ،ريشم گلي ۾ عبدالرشيد شيخ جي دڪان تان نامعلوم شاهينگ 20ھزار کليا ڪرائڻ بعد دڪاندار جا ئي 10ھزار کڻي فرار ٿي ويو، دڪاندار موجب بازار ۾ ڪجهه ٻين دڪانن تي به اھڙا واقعا ٿيا آهن، پوليس نوٽيس وٺي شاھينگ کي گرفتار ڪري..
لاڙڪاڻو لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او ڊيوٽي تان غائب، شهري ڦورو جي ريڊار تي اسٽيشن روڊ تي قائم معيد بيٽري تي ان ڄاتل موٽر سائيڪل سوار
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او ڊيوٽي تان غائب، شهري ڦورو جي ريڊار تي اسٽيشن روڊ تي قائم معيد بيٽري تي ان ڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي ڪاهه دڪان مالڪ کان لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا جنهن جو اطلاع حد جي پوليس کي ملڻ باوجود پوليس ٽائيم تي نه پهتي دڪاندار جون صحافين اڳيان دانهون ان موقعي تي دڪان مالڪ جو چوڻ هو آئون پنهنجي بيٽري جي دڪان تي ويٺو هويس ته اڻ ڄاتل هٿياربندن دڪان تي اچي يرغمال بڻائي هڪ لک 62 هزار ڦر ڪري فرار ٿي ويا آئون هنن جي ڪڍ لڳلس پر هو موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع ون فائي مددگار بيس کي ڏنو پوليس ٽائيم تي نه پهتي ڏينهن ڏٺي جو ڦورو سرعام وچ شهر مان اچي اسان کان ڦر ٿا ڪن پوليس رڳو تفصيل وٺي خانا پوري ۾ پوري آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي ملوث ڦورون کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي
افسوس لاڙڪاڻي ۾ بھار شاهه پير ڀرسان طوفاني برسات پوڻ سبب ڪار مٿان ڇت ڪري پئي؟؟
افسوس لاڙڪاڻي ۾ بھار شاهه پير ڀرسان
طوفاني برسات پوڻ سبب ڪار مٿان ڇت ڪري پئي؟؟
پراڻو پاڪستان موٽي آيو! پٽاٽا 50 ۾ 6 ڪلو نوجوان جا ھوڪا...
پراڻو پاڪستان موٽي آيو!
پٽاٽا 50 ۾ 6 ڪلو نوجوان جا ھوڪا...
لاڙڪاڻي ۾ بدامني کي ٻنجو نہ اچي سگهيو! مراد واهڻ روڊ تي سنديپ ڪمار جي ميڊيڪل اسٽور تان ٿيل ڦر جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا،ٻٽ ٻڌل ٻن هٿي
لاڙڪاڻي ۾ بدامني کي ٻنجو نہ اچي سگهيو!
مراد واهڻ روڊ تي سنديپ ڪمار جي ميڊيڪل اسٽور تان ٿيل ڦر جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا،ٻٽ ٻڌل ٻن هٿياربند ڦورن کي دڪان تي ڪاھ ڪري دڪاندار ۽ عملي کي يرغمال بڻائيندي ڏسي سگهجي ٿو، هٿياربند مڪمل ڪنٽرول ڪري ڪائونٽر تان پئسا کڻي فرار ٿي وڃن ٿا، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچڻ باوجود پوليس ملوث ڏوهارين جو پتو لڳائي نہ سگهي آهي..
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ريشم گلي جتوئي شاپبنگ سينٽر ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چورن دڪاندار بسم الله سپر اسٽور
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ريشم گلي جتوئي شاپبنگ سينٽر ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چورن دڪاندار بسم الله سپر اسٽور جا تالا ٽوڙي 45 هزار روڪ رقم ۽ 8 هزارن روپين جي ماليت جا صابڻ، سگريٽ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي دڪاندار شهزاد علي شيخ ٻڌايو ته گذريل رات دير سان سان نامعلوم چورن منهنجي سپر اسٽور دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل 45 هزار روڪ رقم ۽ 8 هزارن روپين جي ماليت جا صابڻ، سگريٽ ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو آهي اهڙو اطلاع پوليس کي جنهن تي پوليس پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته چورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.