Arazi news

Arazi news Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Arazi news, Media/News Company, .

01/08/2022

Arazi News

ميرانپور ٿاڻي جي حد ۾ سُناڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي. لاش واقعي واري هنڌ پيل، ڌُرين ۾ ڇڪتاڻ. علائقي ۾ خوف و حراس پکڙيل

ڳوٺ حبيب الله بليدي ۾ سناڻي برادري جي جهيڙي دوُران گولين لڳڻ سبب سليم سناڻي ۽ مهراب سناڻي مارجي ويا، عاشق سناڻي بلند سميت 3 ڄڻا زخمي پيا، زخمي ۽ لاش واقعي واري هنڌ پيل

واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، پوليس رواني. وڌيڪ خونريزي جو خدشو

نصيرآباد: تازو پيل  برساتن سبب گورنمينٽ پرائمري اسڪول مڏا ڏيرا جي نئين تعمير ٿيل اسڪول جي عمارت پاڻيءَ جي گھيري هيٺ اچي ...
01/08/2022

نصيرآباد: تازو پيل برساتن سبب گورنمينٽ پرائمري اسڪول مڏا ڏيرا جي نئين تعمير ٿيل اسڪول جي عمارت پاڻيءَ جي گھيري هيٺ اچي وئي. چوڌاري پاڻي هجڻ سبب اسڪول جو رستو ٽٽي ويو. استاد توڙي شاگرد تدريسي عمل بنا واپس.

تفصيل موجب :گورنمينٽ پرائمري اسڪول مڏا ڏيرا جي اسڪول کي برساتن پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو بلڊنگ جي چوڌاري 4 فوٽن تائين پاڻي هجڻ سبب اسڪول جا استاد ۽ شاگرد اسڪول اندر نه وڃي سگهيا جنهن سبب تدريسي عمل نه هلي سگهيو، نئين عمارت کي نقصان ٿيڻ جو خدشو ٿيڻ لڳو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسڪول جي هيڊماستر مجن سومرو ۽ نائب ماستر ﷲ بخش نوناري چيو ته هي بلڊنگ ڏيڍ سال جي اڏاوت کانپوءِ جڏهن اڄ اسڪول اسان جي حوالي ٿيڻي هئي ته برساتن سبب ڀرسان موجود پاڻيءَ جي تلاء جي ڀرجڻ کانپوءِ سموري عمارت جي چوڌاري پاڻي بيهي ويو آهي، پاڻيءَ گهڻو هجڻ ڪري ان کي ڪڍڻ لاءِ جيڪڏهن جلد ڪوشش نه ڪئي وئي ته عمارت کي شديد نقصان رسي سگهي ٿو ۽ تدريسي عمل به جاري رکڻ مناسب نه ٿو ٿي سگهي ان لاءِ حد جي چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي اپيل ٿي ڪجي ته جلد کان جلد نوٽيس وٺي اسڪول جي بلڊنگ کي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

نــيوز اپــڊيــٽ  ـ
01/08/2022

نــيوز اپــڊيــٽ ـ

تازاـ تريـــن نــيوز اپــڊيــٽ  Arazi newsجيڪب آباد: جمس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ۽ غلط آپريشن سبب ڳورهاري عورت فوت...
01/08/2022

تازاـ تريـــن نــيوز اپــڊيــٽ
Arazi news

جيڪب آباد: جمس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ۽ غلط آپريشن سبب ڳورهاري عورت فوت ٿي وئي

ڳوٺ داد محمد ڀٽي واسڻ عورت ريما زال الهه بخش ڀٽي کي وارث جمس اسپتال کڻائي آيا آپريشن دوران عورت فوت ٿي وئي

ڊاڪٽرن جي غلط آپريشن ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي وئي آهي معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي وارث

ڳورهاري عورت آپريشن ٿيڻ کان پوءِ نياڻي کي جنم ڏنو جڏهن ته عورت فوت ٿي وئي آهي.

نئو ديرو ـ نـيوز اپــڊيــٽ  نئون ديرو ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري ويو، ٻن ڏينهن ۾ 234 مريض اسپتال ڀيڙا ٿي چڪا آهن، ج...
01/08/2022

نئو ديرو ـ نـيوز اپــڊيــٽ
نئون ديرو ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري ويو، ٻن ڏينهن ۾ 234 مريض اسپتال ڀيڙا ٿي چڪا آهن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارن جو وڏو تعداد گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، اسپتال انتظاميا موجب تازين برساتن بعد گيسٽرو منھن ڪڍيو آھي، شهري کليل ۽ پاروٿي کاڌ خوراڪ کان پرھيز ڪن.

بخشاپور ڀرسان ٻن ڀينرن سميت 3 ٻارڙيون ٻڏي فوت ٿي ويون آھنڳوٺ ڪمال گولو ۾ 3ٻارڙيون تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون آھن، فوتين ۾ 2...
01/08/2022

بخشاپور ڀرسان ٻن ڀينرن سميت 3 ٻارڙيون ٻڏي فوت ٿي ويون آھن
ڳوٺ ڪمال گولو ۾ 3ٻارڙيون تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون آھن، فوتين ۾ 2 ڀينرون ۽ هڪ ٻارڙي شامل شامل آھي، ٻڏي فوت ٿيلن ۾ نينگري روزينا، آمنا ۽ جميلان شامل آھن، بخشاپور نينگريون وارثن سان گڏ رونبي ڪرڻ لاءِ آيون ته کيڏندي تلاءُ ۾ ڪري پيون، ٽنھي نينگرين جا لاش ھٿ ڪيا ويا، فوتي نينگرن جي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو

ڀان سيدآباد: نيوز اپــڊيــٽ
01/08/2022

ڀان سيدآباد: نيوز اپــڊيــٽ

لاڙڪاڻو /نيوز اپــڊيــٽ  لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد حسيني محلي HB واسي جيل پوليس جي اهلڪار سجاد حسین ابڙو جي 10 ورهين ج...
01/08/2022

لاڙڪاڻو /نيوز اپــڊيــٽ

لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد حسيني محلي HB واسي جيل پوليس جي اهلڪار سجاد حسین ابڙو جي 10 ورهين جي نينگر کي طوطا وٺي ڏيڻ بهاني ڏاڍائي جو نشانو،

لاڙڪاڻو :حد جي حيدري ٿاڻي تي وارثن جي فرياد تي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار پوليس هٿان گرفتار،

لاڙڪاڻو :پوليس ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري نينگر کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

لاڙڪاڻو : ڀائٽي 10 ورهين جي محمد مراد پٽ سجاد ابڙو کي پاڙي جي نوجوان امجد چانڊيو طوطا وٺي ڏيڻ بهاني سان دودائي روڊ لڳ باغن ۾ وٺي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو آهي. جنهن جي دانهن حيدري ٿاڻي جي پوليس کي ڏني آهي پوليس بروقت ڪاروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي. متاثر نينگر جو چاچو محمد شعبان ابڙو

لاڙڪاڻو :ڊي آء جي لاڙڪاڻو ،ايس ايس پي سرفرار نواز شيخ نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Arazi news posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share