پاڪ نيٽ نيوز

  • Home
  • پاڪ نيٽ نيوز

پاڪ نيٽ نيوز Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from پاڪ نيٽ نيوز, Media/News Company, .

21/08/2022

گھوڙاٻاري ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ برساتن سبب ڪيترائي گھر ڊھي پٽ.

گھوڙاٻاري يوسي جاڙادالي ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي ڪيترائي گھر ڊھي پٽ ٿي ويا سمورا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ تلاءُ وارو ڏيک ڏيڻ لڳا، ب...
24/07/2022

گھوڙاٻاري يوسي جاڙادالي ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي ڪيترائي گھر ڊھي پٽ ٿي ويا سمورا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ تلاءُ وارو ڏيک ڏيڻ لڳا،

برساتي پاڻيءَ جو نيڪال نه ھئڻ ڪري پاڻي ڪاھي پيو ڳوٺن ۾ ماڻھون گھرن تائين محدود ٿي ويا،

تفصيل موجب يوسي جاڙادالي جو وسيع تر علائقا پاڻي هيٺ مسلسل برسات پوڻ سمورن ڳوٺن ۾ ٻوڏ جا منظر،

ڳوٺاڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته رين ايمرجنسي ھوندي به ڳوٺن مان پاڻي نيڪال لاءِ اڃان تائين ڪابه انتظاميه ۽ تڪ چونڊيل نمائندن مان ڪير به لڙي نه آيو آهي رين ايمرجنسي جي نالي تي آيل لکين رپين جا فنڊ ھڙپ،

ھنن وڌيڪ چيوته لڳاتار برسات سبب اسان جون زمينون فصل ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي چڪا آھن ٻئي پاسي بنيادي سهولتن ۾ اسپتال نه ھجڻ ڪري دوران برسات شھر تائين پھچڻ اسان لاءِ وڏي پريشاني کان گھٽ مسئلو ناهي ھوندو ھنن پ پ پ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته يوسي جاڙادالي جي اھم مسئلن تي ڌيان ڏئي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ھتان جي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

قاضي احمد ويجهو نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪقاضي احمد ويجهو نوجوانقاضي احمد ويجهو 12 ڏينهن کان پراسرا...
24/07/2022

قاضي احمد ويجهو نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

قاضي احمد ويجهو نوجوان
قاضي احمد ويجهو 12 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي

وارثن موجب ڳوٺ پير فارم واسي 28 ورهين جو الھداد چانڊيو 12ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد واپس نه موٽيو

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته خدشو آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس ڪو به سهڪار نه پئي ڪري

ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته مامري جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جلد نوجوان جو پتو پئجي ويندو.

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن 18 جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن طرفا...
14/07/2022

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن 18 جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن طرفان پيٽرول پمپن تي هڙتال ۽ مطالبن جي حوالي سان بئنر لڳايا ويا آهن، ڊيلرز حڪومت کان منافعي جو مارجن وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پيٽروليم ڊيلرز جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار ٿي چڪي آهي، بجلي مهانگي، جنريٽر جا خرچ به وڌي ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت واعدي موجب ڊيلرز پرافٽ مارجن 6 سيڪڙو ڪري.

ڪراچي اڄ به پاڪستان کي پالي رهيو آهي: مصطفيٰ ڪمال جولائی 12, 2022 Share ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چ...
12/07/2022

ڪراچي اڄ به پاڪستان کي پالي رهيو آهي: مصطفيٰ ڪمال
جولائی 12, 2022

Share


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته 60 سيڪڙو روينيو ڪراچي مان گڏ ٿو ٿئي، ڪراچي نه رڳو پاڪستان پر سڄي ايشيا جو گيٽ وي آهي، اڄ به پاڪستان کي ڪراچي پالي رهيو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته 14 سالن کان سنڌ ۾ پ پ جي حڪمراني آهي، 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي خود مختياري ملي، صوبائي خود مختياري ملڻ کانپوءِ سنڌ کي 1400 ارب رپيا ساليانو ملي رهيا آهن پر ضلعي سطح تي ڪجهه نه پيو ملي، گذريل ٻن سالن ۾ 300 بدران 38 ارب رپيا مليا آهن.

هن چيو ته 38 ارب رپيا به ڪرپشن جي ور چڙهي ويا، سنڌ جو عوام ته اڳ ئي سرينڊر ڪري چڪو آهي، شهري علائقن ۾ پ پ سسٽم ٺاهي رکيو آهي.

سندس چوڻ هو ته نوان شهر ملڪن جي ترقي جو سبب بڻجندا آهن، بنگلاديش ڪيترائي نوان شهر آباد ڪيا، 76 سالن ۾ هتي ڪو نئون شهر ناهي ٺاهيو ويو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ پوليس وارا ۽ ڦورو ٺپا هڻي رهيا هئا، سڀ کي حڪومت هلائڻي آهي، سڀني کي پ پ جي ضرورت آهي.

”سنڌ جو عوام پاڻي ۾ ۽ زرداري خاندان ڪرپشن جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهي“ جولائی 12, 2022 Share اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحري...
12/07/2022

”سنڌ جو عوام پاڻي ۾ ۽ زرداري خاندان ڪرپشن جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهي“
جولائی 12, 2022

Share


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سنڌ ۾ برساتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي اڳوڻي صدر آصف زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته سنڌ ۾ طوفاني برساتن پ پ حڪومت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، سنڌ جو عوام پاڻي ۾ ۽ زرداري خاندان ڪرپشن جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهي.

هن چيو ته برسات هڪ ڀيرو ٻيهر زرداري خاندان جي 14 سالن جي ڪرپٽ حڪمراني کي وائکو ڪري ڇڏيو، اهو هڪ بهترين مثال آهي ته ڪيئن ڪرپشن گورننس کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي ڏنل رقم جعلي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿي ۽ اها رقم دبئي جي ملڪيتن ۾ لڳائي وئي، برائي جي ان ڳٺ جوڙ کي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ: مفتاح اسماعيل جو اهم بيان اچي ويوOn جولائی 12, 2022 Shareاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهبا...
12/07/2022

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ: مفتاح اسماعيل جو اهم بيان اچي ويو
On جولائی 12, 2022

Share
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان پيٽروليم ۽ ناڻي واري وزارت کان تيل اگهن ۾ لاٿ جي سمري طلب ڪرڻ جي معاملي تي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو موقف به سامهون اچي ويو.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن بابت سڀاڻي پيٽروليم ڊويزن جي سمري ايندي.

هن چيو ته سڀاڻي ئي سمري وزيراعظم کي موڪلي ان جي هدايت موجب فيصلو ٿيندو، جڏهن ته نين قيمتن جو اعلان به سڀاڻي ئي ٿيندو.

دلي خواهش آ ته پنهنجي حياتيءَ ۾ بلاول کي وزيراعظم ٿيندي ڏسان: آصف زرداريOn جولائی 12, 2022 Share نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) پ ...
12/07/2022

دلي خواهش آ ته پنهنجي حياتيءَ ۾ بلاول کي وزيراعظم ٿيندي ڏسان: آصف زرداري
On جولائی 12, 2022

Share


نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته منهنجي دلي خواهش آهي ته پنهنجي حياتي ۾ بلاول کي وزيراعظم ٿيندي ڏسان.

آصف علي زرداري طرفان دوڙ تعلقي ۽ نواب شاهه سٽي ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ڪامياب ٿيندڙ نمائندن جي مان ۾ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو.

پارٽي ڪارڪنن ۽ عهديدارن سان ملاقات دوران هن چيو ته ڪارڪن منهنجون ٻانهون آهن، مون کي پنهنجي ڪارڪنن تي فخر آهي، مان هاڻ پنجاب وڃي رهيو آهيان.

هن چيو ته جيئن سنڌ ۾ پارٽي مضبوط آهي، ائين ئي پنجاب ۾ به مضبوط آهي، هاڻ مان لاهور کي پنهنجو هيڊ ڪوارٽر بڻائيندس ۽ پارٽي کي پنجاب ۾ به سنڌ جيان مضبوط ۽ فعال ڪندس.

سندس چوڻ هو ته اسان جو مڙهه جڏهن قبر ۾ لاٿو ويندو ته اسان جو ڪفن پارٽي جو پرچم هوندو، دلي خواهش آهي ته پنهنجي زندگي ۾ بلاول کي وزيراعظم ٿيندي ڏسان.

آصف زرداري ڪامياب نمائندن کي چيو ته توهان عوام جي خدمت ڪئي ۽ عوام توهان کي چونڊيو آهي، پ پ سدائين عوام جي سياست ڪئي آهي، پ پ جا عوامي نمائندا پنهنجي سموري قوت سنڌ جي عوام جي خدمت تي خرچ ڪن.

12/07/2022

ميرپور ساڪرو يوسي ڪرمپور جي سوين ڳوٺاڻن جا ڳوٺ پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ ڳوٺاڻن جو گھوڙاٻاري ٽو ٺٽو روڊ تي پاڻي نيڪال لاءِ ڌرڻو.

عيد تي کائڻ ۾ ننڍڙي لاپرواهي به عيد جو مزو خراب ڪري سگهي ٿي، بهتر آهي ته مزيدار کاڌن سان گڏ ڪجهه احتياطي اپاءَ به وٺجن ج...
11/07/2022

عيد تي کائڻ ۾ ننڍڙي لاپرواهي به عيد جو مزو خراب ڪري سگهي ٿي، بهتر آهي ته مزيدار کاڌن سان گڏ ڪجهه احتياطي اپاءَ به وٺجن جيئن اهي کاڌا معدي تي بار نه بڻجن ۽ اوهان لاءِ ڏکيائي نه پيدا ٿئي.

بدهاضمي سميت معدي جي ٻين مسئلن کان بچڻ لاءِ ڪجهه شين جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.

سونف

سونف جو پاڻي جسم ۾ موجود زهريلي مواد جي صفائي لاءِ بهترين آهي، هي هاضمي واري نظام جا مسئلا ختم ڪري ٿو، هي غذائي نالي کي سڪون پهچائي ٿو، جنهن سان گيس خراج ٿئي ٿي ۽ پيٽ ڦوڪجڻ کان بچاءُ ٿي وڃي ٿو. ان کي کاڌي کانپوءِ چانهه ۾ ملائي به پي سگهجي ٿو.

ادرڪ

ادرڪ هاضمي واري نظام لاءِ بهترين آهي، ان جو استعمال ديسي کاڌن ۾ عام آهي، ادرڪ چرٻي ۽ پروٽين کي هضم ٿيڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، هن جو ننڍڙو ٽڪڙو چٻاڙن هاضمي واري نظام کي تيز ڪري سگهي ٿو.

ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شھرن ۾ برساتRain In Sindhسنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري  آھيڪراچي، خ...
04/07/2022

ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شھرن ۾ برسات

Rain In Sindh
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آھي

ڪراچي، خيرپور، روهڙي، پنو عاقل، گمبٽ، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان برسات ٿي رھي آھي

دادو، ڪنڌرا، تنگواڻي، ميهڙ ۽ آسپاس برسات بعد رستن تي پاڻي بيهجي ويو، مارڪيٽ ۾ پاڻي بيهجڻ سبب شهري پريشان آھن

فيض گنج، ٺل، ڦل، ڪوٽ لالو، ٻانڌي، منهڙو ۽ دريا خان مري ۾ تيز هوا سان وسڪاري بعد مواسلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو

ميروخان، مديجي، پکو، ڳيريلو، بهرام ۽ ڪچي پُل ۾ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي

ڪرونڊي ۾ برسات دوران گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب نينگر سلمان هيسباڻي دٻجي فوت ٿي ويو

ڪراچي جي گڏاپ، گلشن معمار ۽ ڀرپاسي وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.

آمريڪا جي خلائي اداري ناسا ڪائنات جي اهڙي تصوير ڏيکارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جيڪا اڳ نه ڪنهن ورتي آهي ۽ نه ئي ڏٺي آهي.پرڏيهي ...
04/07/2022

آمريڪا جي خلائي اداري ناسا ڪائنات جي اهڙي تصوير ڏيکارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جيڪا اڳ نه ڪنهن ورتي آهي ۽ نه ئي ڏٺي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ناسا جي ايڊمنسٽريٽر بل نيلسن اربع تي آمريڪي شهر بالٽي مور ۾ پريس ڪانفرنس ٻڌايو ته تصوير هڪ نئين ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ ذريعي ورتي وئي آهي جيڪا 12 جولاءِ تي دنيا سامهون آندي ويندي.

بل نيسن موجب هي هڪ اهڙي آئي آهي جيڪا اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺي وئي.

آمريڪي اداري طرفان گذريل سال ڊسمبر ۾ هڪ خلائي تجزياتي پروگرام شروع ڪيو ويو هو جنهن تحت موڪليل اوزار هاڻي سج جي مدار ويجهو آهن جيڪو زمين کان 15 لک ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.

ويب نالي هي دوربين اهڙيون صلاحيتون رکي ٿي جيڪي اڳ ڪنهن دوربين ۾ نه هيون.

اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته هي دوربين رڪارڊ ٽوڙي گهي ٿي.

ميڪسيڪو جي ميئر واڳون سان شادي ڪري ڇڏي !  ميڪسيڪو جي هڪ علائقي جي ميئر رنگارنگ تقريب ۾ ماده واڳون سان شادي ڪري ڇڏي.پرڏيه...
04/07/2022

ميڪسيڪو جي ميئر واڳون سان شادي ڪري ڇڏي !

ميڪسيڪو جي هڪ علائقي جي ميئر رنگارنگ تقريب ۾ ماده واڳون سان شادي ڪري ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ميڪسيڪو جي علائقي سين پيڊرو هوميلولو جي ميئر وڪٽر هوگو سوسا هڪ پراڻي رسم تحت ماده واڳون سان علامتي شادي ڪئي آهي.

وڪٽر هوگو جي واڳون سان شادي جو مقصد رتبي، دولت ۽ عزت ۾ واڌ ڪرڻ آهي جڏهن ته هن شادي ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

حقيقت ۾ هي هڪ اسپينش رسم آهي جيڪا سوين سال پراڻي آهي، ماڻهو اهڙيون شاديون ان لاءِ ڪن ٿا ته جيئن قدرت کان کين نعمتون حاصل ٿين.

ميئر جو چوڻ هو ته هن شادي کانپوءِ اسان برساتن ۽ درياهن ۾ مڇين جي جهجهي مقدار جي طلب ڪنداسين.

پنج ڀيرا جاڙن ٻارن جي پيدائش، همراهه کي زال ئي ڇڏي وئي  نائجيريا جي هڪ همراهه وٽ پنج ڀيرا جاڙن ٻارن جي پيدائش ٿي  آهي جن...
04/07/2022

پنج ڀيرا جاڙن ٻارن جي پيدائش، همراهه کي زال ئي ڇڏي وئي


نائجيريا جي هڪ همراهه وٽ پنج ڀيرا جاڙن ٻارن جي پيدائش ٿي آهي جنهن کانپوءِ کيس سندس ئي زال ڇڏي وئي آهي.

ايوپو اوگنلي اولهه نائيجيريا ۾ پنهنجي علائقي جي مشهور شخصيت بڻجي ويو آهي.

سندس چوڻ آهي ته هو هاڻي پنهنجن ٻارن جي پرورش رياست اوگن جي علائقي اڊو-اڊو ۾ اڪيلي سر ڪري رهيو آهي ڇو ته سندس زال سندس والدين جي شڪايت کانپوءِ کيس ڇڏي وئي آهي ته وٽس جاڙا ٻار گهڻا پيدا ٿي رهيا آهن.

40 ورهين جو ايوپو هاڻي پنهنجن ستن ٻارن جي پرورش ڪري رهيو آهي.

وٽس پيدا ٿيل ٻه جاڙا ٻار لاڏاو ڪري ويا هئا ۽ آخري جاڙن ٻارن مان به هڪ ڇوڪرو لاڏاڻو ڪري ويو هو.

ذهن ۾ رهي ته يوروبا ڪميونٽي بنياد يطور تي اولهه نائجيريا ۾ ملي ٿي ۽ هي جاڙن ٻارن جي پيدائش جي سڀ کان وڌيڪ شرح رکندڙ علائقن مان هڪ آهي

سنڌو درياء تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف جيئي سنڌ محاذ طرفان ڌرڻو جاري حيدرآباد ۾ واڌو واه وٽ پنجاب جو روڊ بند.
03/07/2022

سنڌو درياء تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف جيئي سنڌ محاذ طرفان ڌرڻو جاري حيدرآباد ۾ واڌو واه وٽ پنجاب جو روڊ بند.

اُتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا،اُتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشناُتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن...
03/07/2022

اُتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا،

اُتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن
اُتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا
اُتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ڪَلي ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار مليا آهن

آءِ ايس پي آر موجب غلام خان ڪَلي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي فورس آپريشن ڪيو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ آيو آهي.

ٺٽو:مرف جي ملازمن کي ٽن مهينن کان پگهار نه ملي غريب ملازم عيد لاءِ پريشان، عيد ۾ باقي 6 ڏينهن ملازمن جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ ت...
03/07/2022

ٺٽو:مرف جي ملازمن کي ٽن مهينن کان پگهار نه ملي غريب ملازم عيد لاءِ پريشان، عيد ۾ باقي 6 ڏينهن ملازمن جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور.

ٿر جي ڳوٺ مھنتار ۾ پيئڻ بلا جي ڏنگڻ سبب ٻه سڳا ڀائر فوت.
03/07/2022

ٿر جي ڳوٺ مھنتار ۾ پيئڻ بلا جي ڏنگڻ سبب ٻه سڳا ڀائر فوت.

وسڪارن جو پهريون اسپيل اڄ کان شروع ٿيڻ وارو آهي، ڪراچي ۾ جهڙالي موسم کانپوءِ ٿڌيون هوائون به گهلڻ شروع ٿي ويون آهنڪراچي ...
03/07/2022

وسڪارن جو پهريون اسپيل اڄ کان شروع ٿيڻ وارو آهي، ڪراچي ۾ جهڙالي موسم کانپوءِ ٿڌيون هوائون به گهلڻ شروع ٿي ويون آهن

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦُڙڦُڙ ٿيڻ بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، جڏهن ته شهري ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظام ڪيا ويا آهن

موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ رات کان تيز هوائن سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، شهر ۾ 3 ۽ 4 جولاءِ تائين وقفي وقفي سان تيز برساتن جا امڪان آهي

موسميات کاتي چيو آهي ته حيدرآباد، ٺٽو، بدين، عمرڪوٽ، مٽياري ۽ دادو ۾ به تيز برسات جا امڪان آهن

وڏي وزير جي هدايتن تي ڪراچي ۾ برساتن کان اڳ وڏن نالن جي صفائي شروع ٿي وئي آهي، ناصر شاهه، سعيد غني ۽ ٻين وزيرن ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا

صوبائي وزيرن آءِ آءِ چندريگر روڊ، نيو چالي، گارڊن ۽ ڪوئينز روڊ سميت ٻين علائقن ۾ نالن جي صفائي واري ڪم جو جائزو ورتو

صوبائي وزيرن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڪجهه نالن جي چوڪنگ پوائنٽس جي نشاندهي ٿي آهي، برساتي پاڻي جي وقت سر نيڪالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا

TAGS

رول ھيلٿ سينٽر ور شهر کي به 1122 ريسڪيو سروس ڏني وڃي گھوڙاٻاري تعلقي جو سب کان وڏو سينٽر ور آهي.
02/07/2022

رول ھيلٿ سينٽر ور شهر کي به 1122 ريسڪيو سروس ڏني وڃي گھوڙاٻاري تعلقي جو سب کان وڏو سينٽر ور آهي.

ميرپور ساڪرو يونين ڪائونسل گھگھي وارڊ نمبر 2 تي آزاد اميدوار براءِ جنرل ڪائونسلر علي حيدر شاهه پڙھيل لکيل نوجوان کي مختل...
02/07/2022

ميرپور ساڪرو يونين ڪائونسل گھگھي وارڊ نمبر 2 تي آزاد اميدوار براءِ جنرل ڪائونسلر علي حيدر شاهه پڙھيل لکيل نوجوان کي مختلف برادرين پاران وڏي سرسي حاصل.

گھوڙاٻاري: جھڙي ۾ متاثر ميمڻ برادريءَ جا ماڻهون بااثر وڏيري سليمان ميمڻ جي ڏاڍاين خلاف احتجاج ڪندي.
02/07/2022

گھوڙاٻاري: جھڙي ۾ متاثر ميمڻ برادريءَ جا ماڻهون بااثر وڏيري سليمان ميمڻ جي ڏاڍاين خلاف احتجاج ڪندي.

پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 85 پئسا في ليٽر واڌحڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي.پيٽرول جي نئين قيمت ۾ 14 رپيا ...
30/06/2022

پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 85 پئسا في ليٽر واڌ

حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي.

پيٽرول جي نئين قيمت ۾ 14 رپيا 85 پئسا في ليٽر واڌ ڪري 248.74 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپيا 23 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا 276 رپيا 54 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 68 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 226 رپيا 15 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

گاسليٽ جي قيمت ۾ 18 رپيا 83 پئسا ۽ نئين قيمت ۾ 230.26 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.

پيٽروليم ليوي تي پيٽرول تي 10 رپيا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل تي 5 رپيا في ليٽر لاڳو ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري وزارت موجب نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.

ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ ڪڏهن ٿيندي؟ اعلان ٿي ويوOn جون 29, 2022 Share ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪٿي به ذوالحج مهيني جو چنڊ نظر  نه...
29/06/2022

ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ ڪڏهن ٿيندي؟ اعلان ٿي ويو
On جون 29, 2022

Share


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪٿي به ذوالحج مهيني جو چنڊ نظر نه آيو، جنهن جو باضابطا طور اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي طرفان ڪيو ويو آهي.

ذوالحج مهيني جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت ڪميٽي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪئي.

اجلاس ۾ مرڪزي ۽ زونل ڪميٽين جي ميمبرن، موسميات کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اختيارين به شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو ته اڄ ملڪ ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه اچي سگهيو، جنهن کانپوءِ عيد الاضحيٰ آچر 10 جولاءِ تي ٿيندي.

حيدرآباد تعليمي بورڊ جي ماتحت ريجن ۾ يارهين درجي جا پيپر جاري، ڪاپي جي ڌمحيدرآباد تعليمي بورڊ جيحيدرآباد (پ ن ن) حيدرآبا...
29/06/2022

حيدرآباد تعليمي بورڊ جي ماتحت ريجن ۾ يارهين درجي جا پيپر جاري، ڪاپي جي ڌم

حيدرآباد تعليمي بورڊ جي
حيدرآباد (پ ن ن) حيدرآباد تعليمي بورڊ جي ماتحت ريجن ۾ يارهين درجي جا پيپر جاري آھي

حيدرآباد تعليمي بورڊ جي ماتحت ريجن ۾ يارهين درجي جا پيپر جاري، مختلف سينٽرن ۾ ڪاپي جي ڌُم متل آھي

اردو جي پيپر دوران ٽيمن پاران مختلف امتحاني سينٽرن تي ڇاپا ھنيا ويا، 70 کان وڌيڪ شاگرد ڪاپي ڪيس ڪيا ويا آھن.

راڻيپور مان اغوا ٿيل نينگر بازياب نه ٿيو، شٽربند ھڙتالراڻيپور مان اغوا ٿيلراڻيپور (پ ن ن) راڻيپور مان اغوا ٿيل نينگر آدي...
29/06/2022

راڻيپور مان اغوا ٿيل نينگر بازياب نه ٿيو، شٽربند ھڙتال

راڻيپور مان اغوا ٿيل
راڻيپور (پ ن ن) راڻيپور مان اغوا ٿيل نينگر آديش ڪمار 3 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيو، ڪلاٿ مرچنٽ، صرافه بازار ۽ قومپرست پارٽيز جي سڏ تي راڻيپور ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نينگر آديش کي گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو، پوليس جي خاموشي سبب نينگر جي وارثن ۽ هندو برادري ۾ ڳڻتي جي لهر آهي، وڏو وزير ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي نينگر جلد بازياب ڪرائين.

اسرائيلي ماهرن ڀت جي آر پار ڏيکاريندڙ ڊيوائس ٺاهي ورتي آهي.ماهرن آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) جي مدد سان اهڙي ٽيڪنالاجي ت...
28/06/2022

اسرائيلي ماهرن ڀت جي آر پار ڏيکاريندڙ ڊيوائس ٺاهي ورتي آهي.

ماهرن آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) جي مدد سان اهڙي ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي آهي جنهن سان ڀت جي آرپار ڏسڻ ممڪن ٿي ويو آهي.

هي ٽيڪنالاجي فوجي مقصدن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي سيڪيورٽي اهلڪار ڪنهن ڀت جي آر پار شين کي ڏسي سگھن ٿا.

زاوير 1000 نالي ٽيڪنالاجي اميجنگ سلوشنز ڪمپني ڪاميروٽيڪ تيار ڪئي آهي جنهن جو واسطو اسرائيل سان آهي.

ان ڪمپني موجب هن سسٽم ۾ اي آءِ تي ٻڌل لائيوٽريڪنگ سسٽم موجود آهي جيڪو هڪ سي ٿرو دي وال ٽيڪنالاجي سان گڏجي ڪري ڪم ڪندو آهي.

اهڙي ريت واهپيدار لاءِ ڀت جي پار لڪيل شيون يا انسانن کي ڏسڻ ممڪن ٿي ويندو آهي.

ڪمپني موجب ٽيڪنالاجي زندهه شين جي سڃاڻپ ڪندي آهي پر اهو به ٻڌائي سگھي ٿي ته ڪو ماڻهو ويٺو آهي، بيٺو آهي يا ستل آهي.

ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ شيءِ اها آهي ته سسٽم واهپيدارن کي شين جي ڊيگهه به ٻڌائي سگھي ٿو يا اهو ته جيڪو زندهه جسم نظر اچي رهيو آهي اهو ڪنهن ٻار جو آهي، بالغ شخص يا ڪنهن جانور جو.

ان ڊوائيس کي هڪ فرد استعمال ڪندو آهي ۽ بس هڪ بٽن دٻائي هو 10.1 انچ جي ڊسپلي تي سڀ تفصيل ڏسي سگھي ٿو.

سجاول تحريڪ لبئيڪ جي طرفان سجاول سٽي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ اميد وارن کي ضلع امير بابوجمن کٽي سٽي ۽ وارڊن تي بيٺل اميد وار...
28/06/2022

سجاول تحريڪ لبئيڪ جي طرفان سجاول سٽي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ اميد وارن کي ضلع امير بابوجمن کٽي سٽي ۽ وارڊن تي بيٺل اميد وارن کي ٽڪيٽون ڏنيون.

بريڪينگ نيوزسجاول ۾ ديوان پريم گلاب جي ڀاءُ جي گھر مان ڌاڙو، هٿياربند گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦُر ...
27/06/2022

بريڪينگ نيوز
سجاول ۾ ديوان پريم گلاب جي ڀاءُ جي گھر مان ڌاڙو، هٿياربند گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦُر ڪري فرار!!

گجي ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان مسلسل  بجلي جي بندش خلاف قومي شاهراھ تي ڌرڻو
27/06/2022

گجي ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان مسلسل بجلي جي بندش خلاف قومي شاهراھ تي ڌرڻو

”زرداري ڀڄايو، سنڌ بچايو“: جي يو آءِ پاران تحريڪ جو اعلان جون 27, 2022 Shareلاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) وفاق ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شام...
27/06/2022

”زرداري ڀڄايو، سنڌ بچايو“: جي يو آءِ پاران تحريڪ جو اعلان
جون 27, 2022

Share
لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) وفاق ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شامل اهم پارٽي جمعيت علماءِ اسلام سنڌ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومري سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي تي ڌانڌلي جو الزام هڻي ڇڏيو.

راشد محمود سومري جو چوڻ هو ته مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، نتيجا رد ڪريون ٿا، ڪارڪنن تي تشدد ۽ دهشگردي جي ڪيسن کانپوءِ وفاق ۾ اتحاد تي غور ڪنداسين.

جي يو اءِ اڳواڻ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ اسان جي ڪارڪنن تي گوليون هلايون ويون ۽ اسان جن ئي ڪارڪنن خلاف ايف آءِ آر ڪاٽي وئي.

راشد محمود سومري پارٽي قيادت کان به زرداري ڀڄايو، سنڌ بچايو تحريڪ شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

خميس کان چوماسي جي برساتن جي انٽري، سنڌ ۾ ڪيترو مينهن وسندو؟On جون 27, 2022 Shareڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي خميس کان ...
27/06/2022

خميس کان چوماسي جي برساتن جي انٽري، سنڌ ۾ ڪيترو مينهن وسندو؟
On جون 27, 2022

Share
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي خميس کان پاڪستان ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ڪراچي مرڪز جي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب 30 جون کان چوماسي جي برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

معمول کان وڌيڪ برساتن جي حوالي سان هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال وڌيڪ برساتون پونديون.

موسميات کاتي موجب پاڪستان جي ڪجهه علائقن ۾ 10 کان 20 سيڪڙو جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ 20 کان 30 سيڪڙو وڌيڪ برسات پوندي.

هن چيو ته 30 جون تي پاڪستان جي اتر مان داخل ٿيندڙ اسپيل سان اولهه سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتون پونديون جڏهن ته جولاءِ کان آگسٽ دوران پهريون سلسلو، ٻئي سلسلي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو.

ايران پوليس جمعي ڏهاڙي شيراز ۾ اسڪيٽ بورڊنگ جي هڪ ايونٽ ۾ اسڪارف نه پهرڻ تي انتظاميا سميت ڪيترين ئي نارين کي گرفتار ڪري ...
27/06/2022

ايران پوليس جمعي ڏهاڙي شيراز ۾ اسڪيٽ بورڊنگ جي هڪ ايونٽ ۾ اسڪارف نه پهرڻ تي انتظاميا سميت ڪيترين ئي نارين کي گرفتار ڪري ورتو.

ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي موجب مقامي پوليس راندين جي ايونٽ دوران حجاب لاهڻ تي نارين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

نارين جي سوشل ميڊيا تي اسڪيٽنگ ڪندي وڊيو وائرل ٿي هئي.

انهن رانديگرياڻين حجاب نه پهريو هو جنهن تي ايران جي شهر شيراز جي پوليس ڪارروائي ڪندي ايونٽ جي انتظاميا سميت نارين کي حراست ۾ ورتو.

پوليس چيف فراج شجاعي جو چوڻ هو ته ناريون راندين جي ايونٽ جي پڄاڻي تي مذهبي تعليمات ۽ قانوني اصولن جو خيال ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي حجاب کي هٽايو ۽ انتظاميا به غفلت ڪئي.

ياد رهي ته ايران ۾ عوامي ماڳن تي حجاب لازمي آهي.

پاڪستان کي سعودي عرب کان اوڌر تيل جي فراهمي جي سهولت ۾ واڌاري جو امڪان آهي.عرب ميڊيا موجب پاڪستان سعودي عرب کان تيل فراه...
27/06/2022

پاڪستان کي سعودي عرب کان اوڌر تيل جي فراهمي جي سهولت ۾ واڌاري جو امڪان آهي.

عرب ميڊيا موجب پاڪستان سعودي عرب کان تيل فراهمي جي سهولت ۾ واڌ جي درخواست ڪئي هئي جنهن تي پاڪستان کي ان سهولت ۾ واڌاري جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي سعودي عرب کان هاڻي 1.2 ارب ڊالر بدران 3.6 ارب ڊالر جي سهولت ملڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ان حوالي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون جاري آهن.

سعودي عرب گذريل سال پاڪستان کي 4.2 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏنو هو جنهن ۾ 1.2 ارب ڊالر جي ادائيگي تي تيل جي سهولت به شامل هئي.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
27/06/2022

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

جھرڪ لڳ ڪي بي فيڊر مان نامعلوم شخص جو لاش ھٿ
27/06/2022

جھرڪ لڳ ڪي بي فيڊر مان نامعلوم شخص جو لاش ھٿ

Address


Telephone

+923200239912

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when پاڪ نيٽ نيوز posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Telephone
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share