04/01/2024
سکر جي سماجي شخصيت, هميشه غريبن ۽ مظلومن جو ساٿ ڏيندڙ شائسته کوسو سکر جي سياست ۾ قدم رکي ڇڏيو آھي پي ايس 23 ۽ 24 تي نامينيشن فارم بحال ٿيڻ کانپوء ورڪ شروع ڪري ڇڏي آھي شائسته بلوچ اُتر سنڌ جي اها نياڻي آھي جنهن هر جبر, ظلم ۽ بربريت خلاف آواز بلند ڪيو آھي صبح کان ويندي شام تائين سکر آفيس ۾ ڪيترن ئي غريبن جا مسئلا ٻڌي ٿي ۽ حل ڪرائي ٿي, سکر کان علاوه گهوٽڪي شڪارپور ڪشمور خيرپور سميت ٻين علائقن ۾ .تعليم جي بهتري لاء عورتن جي هنري سکيا سميت غريب نياڻين کي ڏاج ڏيڻ, سردين جي موسمن ۾ گرم ڪپڙا ورهائڻ, اونهاري جي موسم ۾ مڇر دانيون ڏيڻ سميت فلڊ دوران ڪيترن ئي گهرن ۾ راشن پڄائڻ ۽ انهن ڌرتي ڌڻين کي سام ڏيئي پنهنجي آفيس ۾ رهائڻ سميت ڪيترائي سماجي ڀلائي ڪم ڪيا آھن,سنڌ ۾ امن امان لاء به شائسته بلوچ پنهنجو مٽ پاڻ آھي, سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ وڃي جهيڙيندڙ ڌرين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا وٺي جهيڙن کي روڪي امن امان لاء ڪوششون ڪيون آھن.
ايتري قدر جو وقت جي نااهل حڪمرانن شائسته کوسو ۽ سندس ٽيم تي ڌرتي ڌڻين جي حقن جي آواز اٿارڻ ۽ وزيراعظم جي آمد دوران سکر پوليس پاران جعلي ايف آئي آر به داخل ڪئي وئي جيڪا بعد م ختم ڪئي وئي, شائسته پنهنجي زندگي ۾ ھميشه مظلومن سان گڏ رهي آھي کاڌ جي هٿرادو بحران جي لاء محتسب اعلي ۾ پڻ ڪيس داخل ڪيو آھي جيئن غريبن کي ڀاڻ ملي سگهي اچوته سڀ گڏجي ميڊم شائسته جا ٻانهن ٻيلي ٿي ان کي ڪامياب ڪرايون ۽ پي ايس 23 ۽ 24 تڪ سکر تي 8 فيبروري تي پنهنجو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايون,وڏيرن ۽ ڀوتارن اڳ سنڌ کي ڇا ڏنو آھي اچو ته سڀ گڏجي ماروئڙن لاء پتوڙيندڙ شائسته بلوچ کي ڪامياب ڪرايون.
يقينن شائسته بلوچ اسيمبلي ۾ وڃي غريبن ۽ مظلومن جو ڪيس اعلي ايوانن تائين پهچائيندي.
سٽون عثمان سومرو جي ٿورن سان.