Sindh jo Awaz

  • Home
  • Sindh jo Awaz

Sindh jo Awaz This page shows the Current issues and injustice and many more things about Sindh
keep support
love you
Jeay Sindh

آنلائن ڪم بابت ڪجھ ڄاڻ ڪجھ دوستن انبوڪس ڪيو ته آنلائن ڪم بابت ڪجھ ٻڌايو. مان 2007 کان 2011 تائين انڊسٽري ريسيشن جي ڪارڻ ...
11/06/2020

آنلائن ڪم بابت ڪجھ ڄاڻ

ڪجھ دوستن انبوڪس ڪيو ته آنلائن ڪم بابت ڪجھ ٻڌايو. مان 2007 کان 2011 تائين انڊسٽري ريسيشن جي ڪارڻ آنلائن ڪم ڪيو. رپورٽ رائٽنگ, پاور پوائنٽ پريزينٽيشن, آٽو ڪيڊ ڊرافٽنگ, ويڊيو ڪري ايشن, پريزي پريزينٽيشن, وائٽ بورڊ اينيميشن ۽ ايس اي او جو ڪم مونکي ايندو هو ان جي ڪري مان جام پيسا ڪمايا. جيڪڏھن توهان اسڪلفل آھيو ۽ توهان وٽ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ آھي ته هيٺيون ويبسائيٽون توهان جي ڪم اچي ٿيون سگھن جيڪي صحيح مطلب ته جينئن آھن ۽ انھن ۾ ڪا به ٺڳي ناهي ڇو جو مان پاڻ ۳ سال انهن تي ڪم ڪري چڪو آھيان.

https://www.peopleperhour.com/

https://www.upwork.com/

سائين جي ايم سيد جي ڪتابن جي مڪمل لسٽ

سهيل ميمڻ .

هي سائين جي ايم سيد جي ڪتابن جي لسٽ آهي . جيتو ڻيڪ بنهه مڪمل نه ٿي چئي سگهجي پر پو به 80 , 90 سيڪڙو درست آهي . دوستن کي اها لسٽ پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ گهرجي . شئر ڪرڻ گهرجي . ڇاڪاڻ ته اها ڪا لسٽ ناهي پر سنڌ جو هزارين سالن جو مڪمل ڪيس آهي . مان سمجهان ٿو ٻين هزارين دوستن وانگر ، اها لسٽ مون وٽ به هڪ امانت آهي ، سا ايمانداري سان اڳتي نئين نسل ۾ وڌائجي ٿي .هن لسٽ مان رهجي ويل ڪتابن جا نالا ، يا ڪا تصيح اسان جا سائين جي ايم سيد تي لک پڙهه ڪندڙ دوست سائين ضيا شاهه ، خالق جوڻيجو،غلام شاهه ، نيازڪالاڻي، خادم سومرو، آصف بالادي، سرفراز ميمڻ، خليل انصاري، علي نواز ٻُٽُ، آزاد قاضي، تاج جويو،، محمد راهمون،فدا شيخ, مير عالم مري، انعام ڀٽي , حيدر لاشاري, منير شاهه ذڪري ,علي رند, جميل گاد ،حفيظ قريشي جونيئر ، ناز سنائي ، نواز زنئور، حسين بخش ٿيٻو, گل حسن لاکو ، حميد سبزوئي، رحمان ڪاڪيپوٽو ۽ ٻيا ڪري سگهن ٿا .

1 .پيغامِ لطيف

2 .جديد عالمي سياست

3 چونڊ ادبي مضمون

4 سنڌي ڪلچر

5 سنڌوءَ جي ساڃاهه ڀاڱو پهريون

6.سنڌوءَ جي ساڃاهه ڀاڱو ٻيون

7 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو پهريون

8 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون

9 سنڌ جا سُورما

10 سنڌ جي ڪهاڻي

11 نئين سنڌ لاءِ جدوجهد

12 ون يونٽ جي ڪهاڻي

13 پنهنجي ڪهاڻي ، پنهنجي زباني ڀاڱو پهريون

14 پنهنجي ڪهاڻي ، پنهنجي زباني ڀاڱو ٻيون

15 پنهنجي ڪهاڻي ، پنهنجي زباني ڀاڱو ٽيون

16 پنهنجي ڪهاڻي ، پنهنجي زباني ڀاڱو چوٿون

17 پنهنجي ڪهاڻي ، پنهنجي زباني ڀاڱو پنجون

18 خطباتِ سيد

19 پاڪستان ۾ قوميت جو مسئلو

20 ديار دل ، ڊاستان ِ محبت

21 موجوده سياسي مسئلا

22 جيئن ڏٺو آ مون

23 سنڌ جي بمبئي کان جدائي

24 سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ

25 پاڪستان جي ماضي ، حال ۽ مستقبل تي طائرانه نظر

26 جديد سياست جا نو رتن

27 ... هاڻ ٽٽڻ گهرجي .

28 چونڊ سياسي مضمون

29 مسلم ليگ جي مخالفت چو

30 محال مانجهندن جو تعليمي تنظيمي پروگرام

31 انتظامي کاتن کان عدالتي کاتي جي جدائي

32 پاڪستان ۽ مسلمان

33 شاهه عبداالطيف جون ڪافيون ۽ وايون .

34 رهاڻ ( سيد ميران محمد شاهه جا خط )

35 سيد علي محمد شاهه راشديءَ جا خط ۽ مضمون

36 ساهڙ جا سينگار

37 علامه آئي آئي قاضي جا خط ؟ مضمون

38 بزمِ صوفياءِ سنڌ جا خطبا

39 چونڊ سياسي مضمون ۽ تقريرون

40 جديد مشاهد عالم

41 جناح صاحب سان لک پڙهه

42 ورلڊ مسلم ڪانفرنس

43 سنڌ جي مکيه اديبن جا خط

44 سنڌ ۽ هند جي مکيه سياستدانن ۽ عالمن جا خط

45 مٽياري جي سيدن جي تاريخ

46 مشترقه مضمون . اخبارن ۾ ڇپيل

47 متفرقه پمفليٽ ، مختلف زمانن ۾ لکيل .

48 محمد امين کوسو سان لک پڙهه

49 مسلم سربراهه ڪانفرنس جو تجزيو

50 ههڙا هاڃا ٿين .

51 ون يونٽ ۽ سنڌ متحده محاذ

52 سنڌي زبان ۽ ان جا مسئلا

53 مشاهدِ سنڌ

54 مشاهدِ هند

55 مشاهدِ عالم

56 رهبر

57 ڪجهه خط ( سياست دانن ۽ قومي ڪارڪنن جا )

58 سنڌ ڳالهائي ٿي

59 اڄ پڻ چڪيم چاڪ ( سرواڻ جوکيو ياد ڏياريو)

60 . مٽياري- سماجي تمدن جي تاريخ ۽ شعراء ( سرواڻ جوکيو ياد ڏياريو)

61 . تاريخ متعلوي سادات، بمع شجره ( سرواڻ جوکيو ياد ڏياريو)
62. پيام عمل .١٩٤١ . سنڌمسلم ليگ تنظيمي ڪميٽي واري ميٽنگس بابت ويچارن جي تشريح ( ڊاڪٽر وحيد ڪلوڙ PhD. ٻڌايو )

اردو ، ترجمه

1. پيغامِ لطيف

2. جیسا میں نے دیکھا

3. جدید سیاست کے نورتن

4. تطوف اور جی ایم سید (خطبات سید ،کا ترجمہ خادم سومرو)

5 .میرے دوست ، میرے ساتھی (خادم سومرو ياد ڪرايو)

6. ميري کہانی میری زبانی (خادم سومرو ياد ڪرايو)
7. سندہ کی بمبئي سے علیحدگی (خادم سومرو ياد ڪرايو)

English BOOKS By Saeen GM Sayed

1. Religion and Reality

2. The case of Sindh

3. The case yet to settle, Translated by M . Ibrahim Joyo

4. A Nation in Chains

5. Shah Latif and his Message

6. , A Study of Sindh, Sindhu Desh

7. Struggle for New Sindh. (خادم سومرو ياد ڪرايو )

نوٽ ، ڪنهن جي محنت نه وڃائجي . هن لسٽ ٺاهڻ ۾ مرحوم شبير بيدار ڀٽو جي محنت شامل آهي جنهن 24 ، 25 سال اڳ هڪ لسٽ سهيڙي هئي . جنهن تي مون وڌيڪ ڪم ڪيو آهي شبير بيدار ڪافي سال ڪاوش سکر جو بيورو چيف رهيو
قلم تازو . ناز سنائي جو ڇوڻ آهي ته وٽس سڀ ڪتاب وڪري لاٰءِ موجود آهن سندس فون نمبر هي آهي 03003946518

10/06/2020

مذهب جي آڙ ۾ پروفيسر ساجد سومري جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي.

 #سنڌجڏهن آءُ محبوب کي ننهن کان چوٽيءَ تائين چتائي ڏِسي ان ۾ مڪمل گُم ٿي ويس تہ اوچتو ڪنهن سنڌ جو نانءُ اُچاريو، مان ڪنڌ...
24/04/2020

#سنڌ
جڏهن آءُ محبوب کي ننهن کان چوٽيءَ تائين چتائي ڏِسي ان ۾ مڪمل گُم ٿي ويس تہ اوچتو ڪنهن سنڌ جو نانءُ اُچاريو، مان ڪنڌ کڻي پوئتي نِهاريو تہ ڪروڙين محبوب مونکي سنڌ جي قدمن ۾ ڪريل نظر آيا!
سائين جي ايم سيد

21/04/2020

‏سنڌ جي سائينءَ سن جي سيد جي 25ورسي تي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هيشٽيگ

تاريخ 25 اپريل ڏينهن ڇنڇر ٽائيم صبح 6 بجي کان رات 12 بجي تائين..
جيئي سنڌ.

سوري آ سينگار اصل عاشقن جومڙڻ موٽڻ مھڻو ٿيا نظاري نروارڪسڻ جو قرار اصل عاشقن کي... (شاھ)21 اپريل 2011 تي سنڌ وطن جي عظيم...
21/04/2020

سوري آ سينگار اصل عاشقن جو
مڙڻ موٽڻ مھڻو ٿيا نظاري نروار
ڪسڻ جو قرار اصل عاشقن کي... (شاھ)

21 اپريل 2011 تي سنڌ وطن جي عظيم شھيد سورھيہ بادشاھ جي نگري سانگھڙ ضلعي جي حد ۾ باکوڙي موري وٽ راھ ويندي رياستي ادارن ھٿان گوليون ھڻي باھ ڏئي ساڙيل، سنڌوديش جي عظيم مزاحمتي ڪردارن شھيد سرائي قربان کهاوڙ روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو کي سندن 9 ورسي تي سرخ سلام

آءُ اوهان کي پنجابين کان ھوشياررهڻ جي اپيل ڪندس. اوھان ٿوروان ڳالھ تي سوچيو ته جڏهنپاڪستان جي اڪثريت' يعني بنگالين سان،پ...
20/02/2020

آءُ اوهان کي پنجابين کان ھوشيار
رهڻ جي اپيل ڪندس. اوھان ٿورو
ان ڳالھ تي سوچيو ته جڏهن
پاڪستان جي اڪثريت' يعني بنگالين سان،
پنجابين جي اھا رَوش آھي ته پوءِ ان
وقت جو تصور ڪيو، جڏھن فرض ڪريو
بنگالي الڳ ٿي ٿا وڃن ته پوءِ
باقي صوبن جو پنجابي ڪهڙو حشر ڪند.!!

( شيخ مجيب الرحمان )

ڪتاب مُجيب ۽ ڀُٽو
ليکڪ:
عبدالواحد آريسر

جنهن ڏينهن منهنجو ذهن، قلم ۽ دماغ، سنڌ ۽ سنڌي عوام ۽ ڌتڙيل ڏوٿين جي خلاف استمعال ٿيو، اُن ڏينهن آءُۡ پنهنجي قلم کي هميشه...
11/02/2020

جنهن ڏينهن منهنجو ذهن، قلم ۽ دماغ، سنڌ ۽ سنڌي عوام ۽ ڌتڙيل ڏوٿين جي خلاف استمعال ٿيو، اُن ڏينهن آءُۡ پنهنجي قلم کي هميشه هميشه لاءِ ڀڃي ڇڏيندس!
منهنجي قلم کي ڪوئي حڪمران ٽوڙي نٿو سگهي.
ٿي نہ محبت مات - ص:- 123
عبدالواحد آريسر.

اڄ يونيورسٽي ۾ اورينٽيشن ڊي هو اتي پهتس، شاگرد ۽ شاگردياڻيون گهڻا هئا ان جي ڪري جڳهه نہ هئي، هيٺ زمين تي ويٺس. پروگرام ش...
29/01/2020

اڄ يونيورسٽي ۾ اورينٽيشن ڊي هو اتي پهتس، شاگرد ۽ شاگردياڻيون گهڻا هئا ان جي ڪري جڳهه نہ هئي، هيٺ زمين تي ويٺس.
پروگرام شروع ٿيو مون ڏٺو تہ جيڪي شاگرد پروگرام جي باري ۾ ٻڌائي رهيا هئا اهي پنهنجي ٻولي ڇڏي ڌاري ٻولي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس پيا ڪرن جنهن تي مونکي بي انتها ڏک ٿيو، يونيورسٽي جو نالو سنڌ پر اتي سنڌي کي پوئتي ٿو ڪيو وڃي..
منهنجو ڪنهن بہ ٻولي کي ٽارگيٽ ڪرڻ ناهي پر مان انهن شاگرد/شاگردياڻين کي چوڻ ٿو چاهيان تہ ٻيلي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ ۾ شرم محسوس نہ ڪيو سنڌي ڳالهايو سنڌي پڙهو،لکو.
ڪجهه دوست چوندا تہ ڪيترائي شاگرد/شاگردياڻيون سنڌي نہ ٿا سمجهن پوءِ؟
ان ۾ اسان جو قصور آهي، اسان تي فرض آهي تہ انهن کي سنڌي سيکاريو جيڪڏهن ان کانپوءِ بہ هو نٿا سمجهن تہ انهن جو مسئلو آهي پر اسان کي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ گهرجي..

مذهب بذات خود مقصد ۽ مراد نہ آهي، ليڪن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۽ نتيجن تي پهچڻ جو آلو ۽ اوزار آهي، جنهن جي افاديت جو سارو دارو...
28/01/2020

مذهب بذات خود مقصد ۽ مراد نہ آهي، ليڪن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۽ نتيجن تي پهچڻ جو آلو ۽ اوزار آهي، جنهن جي افاديت جو سارو دارومدار انهيءَ کي ڪم آڻيندڙن تي آهي، چاهين تہ ان کي خير لاءِ ڪم آڻين، چاهين تہ شر لاءِ
ڪتاب:- پيغام لطيف - سائين جي ايم سيد
ص:- 120

سنڌوديس جي مٽيءَ ۾ پليل انسان جي هيءَ ڪهاڻي آهي.برسات اُتي گهٽ پوي، پر تڏهن بہ ملڪ سائو ستابو آهي. ننڍڙا ننڍڙا ٻيلا ٿوري...
26/01/2020

سنڌوديس جي مٽيءَ ۾ پليل انسان جي هيءَ ڪهاڻي آهي.
برسات اُتي گهٽ پوي، پر تڏهن بہ ملڪ سائو ستابو آهي. ننڍڙا ننڍڙا ٻيلا ٿوري ٿوري مفاصلي تي ٻَنين جي ڪناري سانت ۾ آهن ۽ باغن جي وچ ۾ ملن، ڳوٺڙا جن ۾ مٽيءَ جون ٺهيل جايون، ننڍڙيون گهٽيون ۽ انهن ۾ رهندڙ حُب ۽ سِڪَ وارا اِنسان.
ڪتاب:- منهنجي مٺڙي سنڌ
ص:- 16
ورهاڱي کان اڳ ڪرشن کٽواڻيءَ جو لکيل ناول.

13/01/2020

جيڪڏهن سائين جي ايم سيد جي بجاءِ آزاد سنڌ وطن جو نعرو ڪو ايراني شيعو مولوي هڻي ها تہ سڀ شيعہ سنڌ لاءِ شهادت ماڻي جنت جا متمني هجن ها.
اگر ڪو سعودي وهابي مولوي اهو نعرو هڻي ها تہ سڀ سني پنجاپ تي خودڪش حملا ڪرڻ لاء بہ تيار هجن ها.
اگر ڳڙهي خدا بخش جو ڪو ڀٽو اهڙو نعرو هڻي ها تہ جيالن جا لشڪر سنڌ جي سرحدن جا پهريدار بڻجي پون ها.
اگر پير صاحب پاڳارو اهو نعرو هڻي ها تہ پير جا حر پنجاپي فوج سان جنگ جوٽڻ ۾ مصروف هجن ها.

پر جيئن تہ انهن سڀني کان اڳ ۾ آزاد سنڌ وطن جي ڳالھ سن جو سيد ڪري ويٺو تنهنڪري ان جي مخالفت ۾ تاويلون ڪرڻ ۽ دليلن جا انبار لڳائڻ سڀني مريدن ۽ مقلدن تي واجب ٿي پيا آهن.

هڪ دفعو ڪنهن نوجوان مونکان آٽوگراف ورتو جنهن تي مون لکيو ته ” زندگي خواهشن جي غلامي ۾ نه گذاريو“ اهو آٽوگراف بڪ ان نوجوا...
11/01/2020

هڪ دفعو ڪنهن نوجوان مونکان آٽوگراف ورتو جنهن تي مون لکيو ته ” زندگي خواهشن جي غلامي ۾ نه گذاريو“ اهو آٽوگراف بڪ ان نوجوان سائين جي ايم سيد کي ڏيکاريو جنهن تي سائين لکيو ته ”جنهن ڏينهن انساني ذهن مان خواهش ختم ٿي وئي ان ڏينهن زندگيء جي چرپر بي معنيٰ ٿي ويندي آهي۔“
عبدالواحد آريسر

5-12-1968روز وارڊ جو جمعدار مون کي بليڊ ڏاڙهي ڪوڙڻ لاءِ صبح جو ڏئي ويندو آهي ۽ پوءِ بار بار پُڇڻ ايندو آهي تہ مان ڏاڙهي ...
07/01/2020

5-12-1968
روز وارڊ جو جمعدار مون کي بليڊ ڏاڙهي ڪوڙڻ لاءِ صبح جو ڏئي ويندو آهي ۽ پوءِ بار بار پُڇڻ ايندو آهي تہ مان ڏاڙهي ڪُوڙي آهي يا نہ. نيٺ هُن کان تنگ اچي مان ڏاڙهي ڪوڙيندو ۽ بليڊ هُن کي موٽائي ڏيندو آهيان. شايد هن کي ڀوءُ ٿيندو آهي مان بليڊ سان پنهنجو گلو نہ ڪپي ڇڏيان. هن کي ڪهڙي خبر تہ ان گلي ۾ اڃا هزارين گيت آهن، جي ڪنهن بہ زندان جون ديوارون ڌوڏي ڍير ڪري سگهن ٿا ۽ مان اڃا اُن کي ڪپڻ لاءِ تيار نہ آهيان..
شيخ اياز.
ڪتاب:- ساهيوال جي جيل ڊائري.
ص- 21

1981 ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد گهر اچڻ کان پهرين سن ويس سائين ڏاڍو خوش ٿيو، چيائين ڦٽڪا لڳڻ وقت ڪيئن محسوس ڪيئي؟ مون پنهنجي...
05/01/2020

1981 ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد گهر اچڻ کان پهرين سن ويس سائين ڏاڍو خوش ٿيو، چيائين ڦٽڪا لڳڻ وقت ڪيئن محسوس ڪيئي؟ مون پنهنجي لفظي جادوگري مان ڪم وٺندي چيو ته : سائين مون هر ڦٽڪي تي ايئن محسوس ڪيو ته سنڌ مون کي چميون ڏيئي رهي آهي!

عبدالواحد آريسر

(ڪتاب ۔ ڇا ته شخص هو صفحو 51)

26/12/2019

سرمد سنڌ جو اهو ڪردار آهي
جنهن کي وسارڻ ايترو سولو نه هوندو ڇو جو سرمد سنڌ آھي
۽ سنڌ سرمد آھي..!!!

26/12/2019

ڀٽائي، سچل، سيد، اياز جي سوچ، سرمد ۽ عابده جو آلاپ، سنڌي اڄ بہ عقيدي جي نانوَ تي رت وهائڻ جا حامي ناهن. هي سنڌ مٿان ٻاهران جنگ مڙهيل آهي.

20/12/2019

فوجي جرنلن کي اهو خوف آهي تہ سڀاڻي متان اسان بہ ايئن ٽنگيان وڃئو تڏهن هاڻي پريشان آهن.

سائين جي ايم سيد هڪ دفعي مون کي ٻڌايو تہ سندس نياڻي دُرشهوار سيد ڪتاب   *“ديارِ دل، داستانِ محبت“* پڙهي سوال ڪيو تہ: “ س...
18/12/2019

سائين جي ايم سيد هڪ دفعي مون کي ٻڌايو تہ سندس نياڻي دُرشهوار سيد ڪتاب *“ديارِ دل، داستانِ محبت“* پڙهي سوال ڪيو تہ: “ سائين جنهن صورت ۾ توهان محبت جا مبلغ آهيو ۽ انسانيت جي نجات صرف مذهبِ محبت ۾ ئي سمجهو ٿا، تہ پوءِ پنجابين ۽ پناهگيرن سان نفرت ڇو ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ محبت هڪ مثبت جذبو آهي ۽ نفرت منفي ڌار ڪندڙ وصف آهي.“
سائينءَ جو جواب هيءُ هو:
“آءُ پنجابين ۽ پناهگيرن کان نفرت ڪونہ ڪريان، پر جهڙيءَ ريت انسان کي پنهنجي جسم جي سڀني عضون سان محبت هوندي آهي ۽ جڏهن ڪو عضوو اهڙيءَ حالت کي پهچي وڃي، جو ان کي وڍڻ کانسواءِ پورو انساني جسم ختم ٿيندو نظر اچي تہ پوءِ انسان پنهنجي جسم جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي محبوب عضوي کي وڍڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو آهي. ساڳي حالت منهنجي سامراجي پنجابين ۽ پناهگيرن جي باري ۾ آهي. اُهي اُن عضوي وانگر ٿي ويا آهن، اُن ڪري، انهن کان سنڌ جي محبت واري ماحول کي پاڪ ڪرڻ ضروري آهي. اهي نفرت جا جراثيم آهن ۽ هڪ محبت جي داعيءَ جي حيثيت ۾ مُون کي نفرت جي حالت کي ختم ڪرڻو آهي.“
عبدالواحد آريسر.
ڪتاب:- ڇا تہ'شخص هو
ص 213

بنگلاديش ۾ ٺاهيل ڪجھ مجسمن جو ڏيک, جيڪي بنگالن پاڪستان کان آزادي جي ياد ۾ پنھنجن جوڌن کي ڀيٽنا ڏيندي ٺاهيا آھن.
16/12/2019

بنگلاديش ۾ ٺاهيل ڪجھ مجسمن جو ڏيک, جيڪي بنگالن پاڪستان کان آزادي جي ياد ۾ پنھنجن جوڌن کي ڀيٽنا ڏيندي ٺاهيا آھن.

ڀرياروڊ ۾ وحشي پيء پنهنجي ٻن نياڻين کي 6 مهينن جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو، جوابدار گرفتار، هڪ ڌيءُ سان زيادتي جو...
15/12/2019

ڀرياروڊ ۾ وحشي پيء پنهنجي ٻن نياڻين کي 6 مهينن جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو، جوابدار گرفتار، هڪ ڌيءُ سان زيادتي جو اعتراف
پيءُ عبدالڪريم اسان جي ڀاءُ کي فوج ۾ ڀرتي ڪرايو ۽ پوءِ گهر اندر 6 مهينن تائين اسان ٻنهي کي لڄالٽ ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو: ڀينرون
ٻئي ڌيئرون طلاقيل آهن، مون رڳو وڏي ڌيءُ سان زيادتي ڪئي آهي، جيڪا قانون سزا ڏيندو قبول آهي: جوابدار عبدالڪريم اڄڻ

13/12/2019

بابت شرعي دليلن سان بهرپور
حافظ سڪندر صاحب جو ڪالم اڄوڪي عوامي آواز اخبار ۾ پڌرو ٿيل آھي پڙهجي ۽ رڪارڊ ۾ پڻ رکجي
#سنڌ جو قومي ڪيس وڙھندڙ ضرورمطالعو ڪن

ڊيم ۽ انهن جي شرعي حيثيت
حافظ سڪندر تنيو.
ٺاهڻ جي رٿا يا منصوبو ضياءَ الحق جي دور ۾ اڀاريو ويو، جنهن تي سڀ کان پهريائين سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ پاڻي ماهرن اعتراض واريو هو، ان خلاف مظاهرا، جلسا جلوس پڻ ڪيا ويا ۽ ان سلسلي جو هڪ وڏو جلسو عوامي تحريڪ جي پيلٽ فارم تي رسول بخش پليجو جي قيادت ۾ ڪڍيو ويو ، ڪالا باغ ڊيم خلاف ڪراچيءَ ۾ ٿيل اهڙي جلسي بعد اڳتي هلي پيپلزپارٽي پڻ نه چاهيندي به هن احتجاج ۾ پاڻ کي شامل ڪيو، خود محترمه بي نظير ڀٽو سنڌ- پنجاب بارڊر تي قومپرست پارٽين سان گڏجي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري وفاقي حڪومت پوئتي هٽي ويئي، ان کان پوءِ ميان نواز شريف ايٽمي ڌماڪو ڪرڻ بعد ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو ڌماڪو پڻ ڪيو، جيڪو بم هي ڦاڙي نه سگهيو، ۽ عمران خان جيان يو ٽرن وٺڻو پيس.
سنڌ کان پوءِ ٻئي نمبر تي ڪي پي ڪي جي قومپرست پارٽيءَ اي اين پي ڀرپور احتجاج ڪيو، جو خان ولي خان چيو ته جي وفاق پنهنجي ضد تي قائم رهندي ڊيم ٺاهيندو ته اسين ان کي بم سان اڏائي ڇڏينداسون، ڇاڪاڻ جو ڊيم ٺهڻ سان ڪي پي ڪي جو علائقو سم سيڪ ۾ وٺجي ويندو، زمينون غيرآباد بڻجي وينديون، پر ڪي پي ڪي جو مولوي ڊيم بابت اڄ تائين چٽو موقف قائم ڪري نه سگهيو آهي، ڇو جو کيس مرڪز پاران سندس مفادن جو پورائو ڪرڻ جا خاطري ڪرائي وئي هُئي، اوهان کي ڪشمير ڪاميٽي، نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين، ڊيزل جي پرمٽ ۽ ڪي پي ڪي کي ڊيم مان پاڻي ڏينداسين، اسان کي رڳو سنڌ سڪائڻي آهي، کين ايم آر ڊي موومينٽ جي سزا ڏيڻي آهي، جيل ڀڃرائي ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪرڻو.
ان ڊيم خلاف ٽي صوبا قرارداد پاس ڪري مخالفت ڪري چڪا آهن پر پوءِ به پنجاب پگڙي سنڀال جٽا چئي ڊيم ٺاهڻ جي هوڏ تان لهڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ کي اعتراض هي آهي ته ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي ڊيلٽا ختم ٿي ويندي، آبي جيوت سان گڏ انساني آبادي مرڻ لڳندي، ھن وقت تائين سمونڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب چاليھه لک ايڪڙ زمين سمونڊ کائي ويو آهي، انساني آبادي مهاجرن جيان نقل مڪاني ڪري چڪي آهي، پنجاب جي پاڻي چورائڻ جي چالاڪي انگريزن جي دور 1870 کان جاري آهي، پر اسين انگريز مهذب سامراج جا ٿورائتا آهيون، جنهن پنجاب کي سنڌ جو پاڻي چورائڻ نه پئي ڏنو، انڪري آئون چوندو آهيان ته اسان کي انگريزن واري غلامي موٽائي ڏيو جيڪا اڄ جي مليل آزاديءَ کان اسان لاءِ سو دفعا چڱي هئي.
پهريائين چيو پئي ويو ته بجلي ٺاهڻ لاءِ هي ڊيم ٺاهي رهيا آهيون، پر سچ سندن واتان نڪري چڪو آهي ته ڪينال ڪڍڻا آهن. جنهن سان پنجاب جون زمينون آباد ڪرڻيون آهين. #هندوستان گنگاڪشن نالي ڊيم ٺاهي رهيو آهي، جنهن تي #پاڪستان کي اعتراض آهي ته ان سان پاڪستاني پنجاب جو پاڻي چوري ٿيندو، حڪومت عالمي عدالت ۾ هندوستان خلاف ڪيس کڻي ويئي آھي، دليل ڏنا اٿن ته ڊيم ٺهڻ ڪري نيلم ۽ ٻيا درياهه جيترو هن وقت وهي رهيا آهن تن جي رفتار گھڻو گهٽجي ويندي، پنجاب جا فصل ۽ ماڻهو متاثر ٿيندا.
نبي سائين فرمايو آھي ته مومن اهو آهي جيڪو جيڪا شيءِ پاڻ لاءِ پسند ڪري ٿو سا ٻئي لاءِ به پسند ڪري، انڪري جهڙو اعتراض گنگاڪشن تي ڪيو وڃي ٿو، ساڳيو اعتراض سنڌ ڪري رهي آهي ته ڊيم ٺهڻ سان سنڌو درياهه جو وهڪرو گهٽجي ويندو. قرآن حڪيم ۾ سورۃ حجر ۾ چيو ويو آهي ته ”پاڻي اسان ٿا موڪليون ان کي گڏ ڪري رکڻ يعني خزانو ڪري رکڻ اوهان کي نه گھرجي ان کي هيٺ تائين هلڻ ڏيو“، رسول الله جو فقهي مسئلن جو ڄاڻو صحابي عبدالله بن مسعود پڻ چيو آهي ته اهل الاسفل امراه علي اهل الاعلي (وهندڙ درياه جا ھيٺيان ماڻهو مٿين تي حاڪم آهين) يعني سندن مرضيءَ کان سواءِ مٿي ويٺل سندن پاڻي نٿا کڻي سگهن.
جهڙي طرح سنڌ جي قومپرست پارٽين سنڌ جي اهم معاملن تي ماٺ نه ڪئي آهي، تهڙي طرح سنڌ جو مذهبي عالم پڻ ور کنجهي ميدان جي مورچي تي هر وقت تيار بيٺو رھيو آھي، ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت جي خبر تي سنڌي عالمن جو ھڪ ٽن ڏينهن وارو اجلاس مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير واري جي صدارت ۾ سندس ڳوٺ ۾ رکيو ويو، عالمن کي چيو ويو ته ان تي غور ڪري هڪ فتوا جاري ڪيو، مولوين سڀني رخن کان هن جو جائزو وٺي، هن کي غير شرعي سڏيو، ان فتوا تي سنڌ جي سڀني عالمن جون صحيحون هيون، جن ۾ مولانا ٻير واري جي به صحيح ٿيل هئي، اها فتوا پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي مولوين ڏانهن موڪلي ويئي، جن تي پنجاب ۽ سرحد جي مولوين سنڌي مولوين کي ڪوٺ ڏني ته اوهين لاهور اچي اسان سان ان مسئلي تي بحث ڪريو، سنڌ مان مولانا ٻير وارو، مفتي عبدالوهاب چاچڙ، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ۽ ٻيا ويا، بحث دليل شروع ٿيا، غير سنڌي مولوين جون واڇون گودو ٿي ويون، وٽن ان جي مخالفت ۾ دليل ئي نه هيا، مولانا فضل الرحمان صاحب چيو هتان جا مولوي تياري نه ڪري آيا آهن، ٻي تاريخ رکنداسين ان تي ويھي بحث ڪنداسين، ڊاڪٽر خالد کين چيو جڏهن ٽائيم پاڻ ئي ڏنل هين ته تياري ڇو ڪين ڪري آيا هئا.
1993 کان 2018 تائين اڃا تاريخ مقرر نٿي سگهي آهي، ساڳي فتوا مودودي جماعت جي مرڪز اڇره لاهور ۽ خلافت نظام قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر اسرار احمد ڏي پڻ موڪلي ويئي جنهن جواب ۾ هن چيو ته هن فتوا جا ٻه ڀاڱا آهن، هڪ فني يعني ٽيڪنيڪلي ٻيو فقهي آهي، مون فقهي ڀاڱي کي ڏسڻ لاءِ جامعه اشرفيه لاهور جي مولوين ڏي موڪلي ته هن جو جواب ڏيو، پر سي ئي حضرات اڃا مراقبن مان ٻاهر نڪري نه سگهيا آهن جو جواب ڏيئي سگھن. اسرار صاحب هي پڻ چيو ته مان ٽيڪنيڪلي پاسي کان جائزو وٺي رهيو آهيان ته سمونڊ ۾ پاڻي وڃڻ گھرجي يا نه؟ جي وڃي ته ڪيترو وڃي پر ڊاڪٽر اسرار صاحب پرلوڪ پڌارڻ تائين جائزو وٺي جواب نه ڏيئي سگهيو، تي حقداري سنڌين جي هميشه کان رهي آهي.
تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ آهي ته لالي واھ کان وٺي جنھن جا ڇيڙا مشهور آهن سي قديم زماني کان درياھ مان واھ سنڌ ۾ ئي وهايا ويندا هئا، ٽالپرن جي دور ۾ پڻ ڪيترا واھ وهندا هئا، زبردستي جڏهن کان پنجاب ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ ۽ بيراجن ٺهڻ کان اڳ پنجاب پاران سنڌو مان واه ڪڍڻ جو رواج ئي نه هيو، قدرت سنڌ کي پنجاب جهڙي لالچي، بي رحم خطي کان هيٺ رکيو آهي، جنهن سبب لکين ڪيوسڪس سان ٽمٽار #سنڌوندي جو سيلاب سنڌ ۾ اچي ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن پنجاب ۾ هزارين ڪيوسڪس پاڻي به کيس ٻوڙي ڇڏيندي آهي، انڪري شرعي حق سنڌو ندي تي رڳو سنڌ وارن جو ئي آهي فقهه جا ٻه قاعدا ۽ اصول آهن ته ( 1)الاصل ابقاء ما ڪان علي ما ڪان، يعني پراڻي زماني کان ھلندڙ شيء کي انهيءَ حال تي ئي هلائڻ( 2)القديم يترڪ علي قدمه، پراڻي زماني واري شيءِ کي قديم طرز تي رکيو ويندو، سنڌو درياهه قديم زماني کان سنڌ لاءِ وهي رهيو آهي ان کي بند ٻڌي روڪڻ، فطرت، قانون، مذهب جي روح سان غلط آهي.
1945 ۾ راءِ ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايگريمينٽ ٿيل آهي جن تي سنڌ پنجاب جي ايريگيشن چيف انجنيئرن جون صحيحون ٿيل آهن ان ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ جي ٽن بيراجن جي ضرورت کان واڌو پاڻي پنجاب استعمال ڪري سگهندو ۽ پنجاب ان پاڻي جي بدلي سنڌ کي رقم ادا ڪندو، سنڌ پنجاب ايگريمينٽ 1945 ٻين دليلن سان گڏ سنڌو ءَ تي سنڌين جي ملڪيت جو چٽو دليل آهي، قيمت تي ان جو پاڻي ڏيڻ به شرعي ناجائز آهي، شرعي اصول آهي ته غيرشريڪ کي رضا سان پاڻي ڏيڻ بعد ڏيڻ وارا پاڻ يا سندن پويون نسل ڪڏهن به انھيء عطئي کان ڦري سگهن ٿا ۽ وڏڙن جو ڏنل پاڻي هو روڪي سگهن ٿا ڇو جو اهو حق نه پر عطيو هو،
هاڻي جيڪڏهن 1991 جو معاهدو ڄام صادق پاران ڪيل سنڌ جو عوام رد ٿو ڪري ته شرعي طرح کيس اهو حق مليل آهي، رسول الله صلي الله عليه وسلم مسلمان ٿيندڙ مختلف قومن کي جيڪي لکتون ڏنيون هيون تن ۾ واضح ٿيل آهي ته نهرن، وهڪرن ۽ پاڻين جي پوزيشن ساڳي رهندي، جيڪا اسلام کان اڳ جي پاڻيءَ ۾ ھلندڙ هئي. نبي سائين جن الجندل وارن لاءِ جيڪا لکت ڏني ان ۾ آهي ته اوهان جي شهرن جون کجيون، اوهان جا گهر، ان جا پاڻي اوهان جي ملڪيت ۾ رهندا، حضرت ابراهيم جي گهر واري بيبي هاجره وٽ مڪي ۾ جرهم قبيلي وارا آيا کيس چيائون ته اسان کي اجازت ڏيندئو ته اوهان جي پاڙي ۾ اچي رهون، بيبي صاحبه کين چيو ته ڀلي اچي رهو، پر پاڻيءَ ۾ توهان جي حقداري نه هوندي، انهن دليلن مان ثابت ٿيو ته سنڌو درياھ تي سڀ کان پهريائين حق سنڌين جو آهي، جو قديم زماني کان مالڪي سندن وٽ آهي. انڪري چيف جسٽس صاحب کي عرض آهي ته کيس رياست جنهن ڪم لاءِ عهدي تي فائز ڪيو آهي کيس اهو ئي سونهين، اهو ئي ڪم ذميواريءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪندو رهيوندو ته تاريخ ۾ سندس لاءِ ڪي سٺا مثال قائم ٿي سگهندا، نه ته تاريخ بڇڙن مثالن سان ڀري پيئي آهي، سنڌ جو ماڻهو آرٽيڪل 6 کان ڊڄڻ وارو ناهي، ۽ تاريخ ۾ هر هميشه پنهنجي حق لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهي. زاهد کوسي جي وال تان
عوامي آواز 3 ڊسمبر 2018 ۾ ڇپيل.

12/12/2019

آصف علي ذرداري 2015 ۾ فوج خلاف بيان ڏنو اينٽ سي اينٽ بجا دينگي وري ڪجھ مھينن ۾ فوج کي نوري آباد ڀرسان 256 روپيا ايڪڙ جي حساب سان 9 ھزار زمين ڏئي جان ڇڏائي ويو ۽ ڪوٽري ڀرسان 2 ھزار ايڪڙ زمين ڏني وئي زرداري جي پئ جي زمين ھٔي ڇا؟ ھاڻي فوج انھي زمين کي ب ھائوسنگ اسڪيم ۾ تبديل ڪيو آھي ايڏي مھرباني ڇو اشٽبلشمنٽ تي زمين ڏئي اقتدار وٺي آيا سنڌ جو سودو ڪيو وفاق جي ھر غلط ڪم خلاف بيان ڏئي جان ڇڏائي ويھي رھن ٿا سنڌ سرڪار جي عملي حڪمت عملي نظر ڪونـ ٿي اچي
وفاق سنڌ جي زمين ۽ ايئر پورٽ دبئي جي بينڪن وٽ گروي رکي 700 ارب قرض وٺندو.
قرض واپس نه ڪرڻ تي سنڌ جي زمين دبئي حوالي ٿي ويندي
سنڌ کي وفاق ماڪڙ جيان تباھ ڪري رهي آهي.
ڪراچي ایئرپورٽ کي 700 بلین رپين جي قرض عيوض گروي رکڻ جو فیصلو اڄ ٿيندو۔
©

يادگار تصوير - ھيمون ڪالاڻيء جي امڙ ۽ ڀڳت سنگھ جي امڙ
10/12/2019

يادگار تصوير -

ھيمون ڪالاڻيء جي امڙ ۽ ڀڳت سنگھ جي امڙ

ڏهرڪي: ”فيس ڇو ڪونهي، اسڪول مان نڪرو“پورهيت جي معصوم ٻارڙن کي پاڪستان فائونڊيشن اسڪول انتظاميا ڪڍي ڇڏيو، ٻارڙا روئيندا ر...
10/12/2019

ڏهرڪي: ”فيس ڇو ڪونهي، اسڪول مان نڪرو“

پورهيت جي معصوم ٻارڙن کي پاڪستان فائونڊيشن اسڪول انتظاميا ڪڍي ڇڏيو، ٻارڙا روئيندا رهيا

‫مان پاڻ کي سنڌ جو سپوت سمجهان ٿو، ڇو تہ مان انڊس ویلي سویلائیزیشن جو حصو آھیان۔ سنڌ جي ورهاست سان سنڌين جو استحصال ٿيند...
08/12/2019

‫مان پاڻ کي سنڌ جو سپوت سمجهان ٿو، ڇو تہ مان انڊس ویلي سویلائیزیشن جو حصو آھیان۔ سنڌ جي ورهاست سان سنڌين جو استحصال ٿيندو.‬
‫ سينئر صحافي سهيل وڙائچ جو عالمي اردو ڪانفرنس ۾ ڳالهيون.‬

‏‫Thank you‬
‏‫ ⁦‪‬⁩ ‬

08/12/2019

جيڪي دوست سوشل ميڊيا تي آهن انهن کي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، ظلمن جي خبر آهي. ۽ هو هاڻي ڄاڻي ويا آهن تہ انهن مان جان ڪيئن ڇڏائڻي آ.. پر اسان جي ٻهراڙي ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا جيڪا اڪثريت آهي اُهي انهن مسئلن مان اڻڄاڻ آهن، اسان کي انهن کي ٻڌائڻو آ تہ سنڌ سان ڇا پيو ٿي ۽ اُن جو حل ڪهڙو آ...پنهنجي مٽ مائٽن، پاڙي وارن، دوستن ۽ گهڻ گهرن کي کي ٻڌايو انهن ۾ قومي شعور پيدا ڪيو...
سائين جي ايم سيد جي هن قول تي عمل ڪرڻ ان مسئلن جوحل آ..

هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ جن ماڻهن ۾ قومي شعور پيدا ٿيو هجي،
سي لاڳاپا لاهي گهر گهر وڃي رمضان جي راتين جو روزن وقت جاڳائڻ وارن وانگر ماڻهن کي سمجائڻ جي ڪوشش ڪن تہ اوهان جو حال ۽ مستقبل نهايت خطري ۾ آهي، ان کان بچڻ جي هر ڪوشش ڪريو يا فنا ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو..
سائين جي ايم سيد
جيئي سنڌوديش
حق موجود

08/12/2019

سوشل ميڊيا تي هر وقت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪنھن نه ڪنھن ظلم جي داستان اکين اڳيان هوندي آھي. ماڻھون سوچين ٿا ته هي واقعا هاڻي ايترا ٿي ويا آھن جڏھن ته سنڌ ۾ پھرين ائين ڪون هوندو هيو. منھنجي خيال ۾ ائين ناهي, سنڌ صدين کان سورن ۾ رهي آھي پھرين اهي واقعا اڄ کان به وڌيڪ ٿيندا هئا پر عوام جي آڏو ايندا ڪون هئا ڇو جو ان وقت ٽيڪنالاجي جو دور نه هيو. باقي سنڌ ۾ لڄالٽ, سڱ چٽي, ڪارو ڪاري, غيرت جي ناءُ تي قتل, چوري, ڌاڙا, اغوا ۽ ڀنگ ڀري ڏيڻ وارا واقعا صدين کان عام جام آھن. جيڪو عنصر انھن واقعن ۾ نئون آيو آھي سو آھي زوري جبري طور تي مذھب جو بدلاءُ ۽ مندرن تي حملن جو, باقي سڀ جيئن جو تيئن آھي ۽ ان ۾ پھرين کان گھٽتائي ٿي آھي. اهي نوجوان جن هاڻي سوشل ميڊيا جي ڪارڻ سياست ۽ سماج ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي آھي انھن کي ائين لڳندو هوندو جيئن سنڌ اڳ ۾ امن جو آستانو هئي ۽ هتي ٻڪري ۽ شينھن, ڀوتار ۽ هاري, ديوان ۽ ڀيل هڪ پليٽ ۾ کائيندا هئا, پر هاڻي سنڌ ۾ ظلم پنهنجي عروج تي آھي. ائين ناهي سنڌ صدين کان ائين هئي پر اڄوڪي ٽھي ۾ شعور جا ڦڙا سندن رت ۾ نظر اچن پيا جيڪا تمام سٺي نشاني آھي. اڄوڪو نوجوان پيري مريدي تي به ڳالھائي ٿو, ڀوتارڪي ۽ سردارڪي نظام تي به ڳالھائي ٿو ۽ ريتن رواجن تي به ڳالهائي ٿو جيڪا تمام اتساھ ڏيندڙ علامت آھي. سنڌ جي شعور کي شابس آھي جيڪي هر ننڍڙي وڏڙي ڳالھ کي مدو ٺاهي ان جي وٺ وارو ڪن ٿا 👏👏

ا

ايشيا ۾ مذهب هميشه سياست جي اثر هيٺ رهيو آهي. ڪيترن حق پرستن جي سياسي قتل تي مذهب جي سفيد چادر وجهي اَصلي سببن کي لڪايو ...
07/12/2019

ايشيا ۾ مذهب هميشه سياست جي اثر هيٺ رهيو آهي. ڪيترن حق پرستن جي سياسي قتل تي مذهب جي سفيد چادر وجهي اَصلي سببن کي لڪايو ويو آهي، ۽ سچائيءَ جي علمبردار اِنسانن جي قتل ۾ بادشاهه جي تلوار سان گڏ، مفتي، قاضي ۽ عالم جو قلم پوري ريت شريڪ رهيو آهي.

_مولانا ابوالڪلام آزاد

07/12/2019

جنهن ملڪ ۾ اسان جون عزتون سلامت نہ هجن پو لعنت آ اهڙي ملڪ تي.

07/12/2019

توهان بندوق جي زور تي بلوچن کي پاڪستاني نہ ٿا بڻائي سگهو.
اختر مينگل جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب.

06/12/2019

‏تنهنجي هيرن ۽ موتين جي ڇولي ڏسي
سنڌي ٻوليءَ جي لبڙن تي لولي ڏسي
گردشِ وقت جي هيءَ پرولي ڏسي
سرزمين وطن پيار پرکي پئي
سنڌ مرڪي پئي!
سنڌ مرڪي پئي!

03/12/2019

‏ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ نعرا نينهن جا
سنڌڙيءَ جو سوگنڌ، مرنداسين پر مُرڪ سان.
شيخ اياز

هڪ غيرتمند لاء غلامي گار آھي اگر توهان غلامي جي زنجيرن کي ڪٽڻ جي همٿ نٿا رکو ته زنجيرن ۾ جڪڙيل پنهنجا پير ڪٽي ڇڏيو۔ ڇو ت...
03/12/2019

هڪ غيرتمند لاء غلامي گار آھي

اگر توهان غلامي جي زنجيرن کي ڪٽڻ جي همٿ نٿا رکو ته زنجيرن ۾ جڪڙيل پنهنجا پير ڪٽي ڇڏيو۔ ڇو ته غلامي جي تندرستي کان آزادانه معذوري لک دفعا بهتر آهي ...!

03/12/2019

هندستان جا پنجابي پاڪستان جي پنجابين سان ملن ته اهو ٿيو امن ، ڀائيچاري ، دوستي ۽ مذهبي رواداريء جو ڪارنامو پر جيڪڏهن هند جا سنڌي سنڌ جي سنڌين سان ملن(جن جو ڪلچر ئي امن ، ڀائيچارو ۽ مذھبي رواداري آھي) ته اها ٿي ملڪ دشمني ۔ ان جو مطلب ٿيو ته اهو ئي ملڪ جو مفاد آھي جيڪو پنجاب جو مفاد آھي ۔ ٻين لفظن ۾ ته هن ملڪ ۾ سمورا فيصلا پنجاب جي مفاد ۾ ۽ پنجاب جي مرضيء سان ٿين ٿا۔
(خالق جوڻيجو)

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ شاگرد يونينز تان پابندي هٽائڻ جي منظور ڏئي ڇڏي
02/12/2019

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ شاگرد يونينز تان پابندي هٽائڻ جي منظور ڏئي ڇڏي

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh jo Awaz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share