پ ٽ الف جيڪب آباد جو اڳواڻ استاد نظیر احمد لاشاري جو پٽ گھوٽ طارق احمد لاشاري بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت گھر ۾ ڪھرام
جيڪب آباد جي غوثيہ ڪالوني ۾ سھيل عباسي جي گھر کي لڳل باھ جو ايم پي اي شير محمد مغيري نوٽيس ورتو شڪايتي سيل جو انچارج علي حسن مغيري متاثر ڪٽنب سان ملاقات ڪري واقعي جي ڄاڻ ورتي ۽ ايم پي اي شير محمد مغيري پاران سھيل عباسي جي مالي مدد ڪئي وئي ۽ سرڪاري سطع تي مدد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي.
جيڪب آباد. ايئرپورٽ ٿاڻي جي ڀرسان فورس روڊ تي سريعام ڍڍو مهر جو منشيات آڏو سريعام هلي پيو پوليس جي منٿلين مقرر. اداڪار عورت جو دانهون.
جيڪب آباد جي جاگير واري علائقي جي رهواسي نوجوان محرم علي جکراڻي پنهنجي پوڙهي والده مسمات ماهران خاتون جکراڻي سان گڏ پريس ڪلب پهچي ٽي مهينا اڳ قتل ٿيل پنهنجي ڀاءُ دلشاد جکراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.
جيڪب آباد صحافي ولي محمد سومرو جي ڏنگر محلا ۾ سندس گھر ٻاھران بيٺل ڪرولا ڪار چاٻي چور ڪاھي ويا
جيڪب آباد جي موبائيل مارڪيٽ ۾ موبائيل جو دٻو نہ ملڻ تي دڪاندار ۽ گراھڪ ۾ جھيڙو لتن ۽ ٺوشن جو وسڪارو
جيڪب آباد جي وارڊ 7 ۾ راجہ علي سرڪي پاران اين اي 190 تي نامزد پ پ اميدوار مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ پي ايس ون تي نامزد پ پ پ اميدوار شير محمد مغيري جي مان ۾ جلسو ڪيو ويو جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پ پ پ جي ضلعي صدر مير لياقت علي لاشاري مير غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
جیکب آباد میں ڈسٹرکٹ نیشنل پریس کلب کا انتخابی اجلاس ہوا جس میں سال 2024 کے لیے نئی کابینہ تشکیل دی گئی
جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينہ غفلت سبب دمي جو مريض شعبان جمالي فوت، وارثن پاران احتجاج جمس اسپتال جي انتظاميہ خلاف ڪاروائي جي گھر.
جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد مختيارڪار آفيس ٻاھران سيوھڻ واسي سيد سجاد علي شاھ جي بيٺل ھنڊا سٽي ڪار ماڊل 2012 نامعلوم چور ڪاھي ويا شھرين جو شڪارپور روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ پوليس خلاف نعريبازي.
جيڪب آباد وارڊ 22 اليڪشن غير حتمي نتيجا
سج جي نشان تي چونڊ وڙھندڙ عمران جمالي750 ووٽ کڻي ڪامياب، ٽرانسفارمر جي نشان تي چونڊ وڙھندڙ لياقت کوسو 366 ووٽ کڻي ھارائي ويو.
جيڪب آباد جي پٿر موڙ تي ويگن کي باھ ڪوبہ جاني نقصان ٿيو وڏي ۾ پوليس پھچي ڪوئيٽا روڊ کي ٻنھي کان بلاڪ ڪري ٽريفڪ کي روڪيو ويو.
جيڪب آباد ۾ بدامني خلاف مزدور روڊن تي نڪري آيا، بدامني خلاف ڌرڻو، پوليس خلاف ڇتي نعريبازي، پرامن شھرين کي پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي، شھري عدم تحفظ جو شڪار آھن بدامني بعد شھر جو ڪاروبار ٺپ ٿي چڪو آھي، مظاھرين جون دانھون،
ايس ايس پي جيڪب آباد سيد عامر عباس شاهه جي سخت حڪمن کي نظر ۾ رکندي جيڪب آباد پوليس جون ڪامياب ڪارروايون جاري، ڳجهي اطلاع تي چيڪنگ دوران هڪ 10 ويلر ٽرڪ مان 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي نان ڪسٽم پيڊ سامان جي کيپ هٿ ڪئي وئي. بين الصوبائي اسمگلر گروپ جا 02 جوابدار گرفتار، انچارج سي آءِ اي جيڪب آباد انسپيڪٽر مزمل حسين سومرو پوليس اسٽاف سان گڏ ڳجهي اطلاع تي سخت چيڪنگ دوران ڪوئيٽا روڊ پٿر موڙ وٽ 10 ويلر ٽرڪ رجسٽريشن نمبر TKX-758 جي تلاشي ورتي. ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ 02 جوابدار 01 ڊرائيور عظمت الله ولد نادر علي پٺاڻ ۽ 02 عمران ولد دوست محمد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ٻن ڪروڙن رپين کان وڌيڪ جو نان ڪسٽم پيڊ سامان ھٿ ڪيو ويو جنھن ۾ ايراني خشڪ کير، غير ملڪي بادام، ايراني پلاسٽڪ بيگ شامل آھن.
جيڪب آباد ڪڪڙن جي پڙي وٽ معمولي ڳالھ تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لتن مڪن ۽ ٺونشن جو وسڪارو.
جيڪب آباد لڳ جيء جھوريندڙ روڊ حادثو، ھڪ ئي خاندان جا ٽي ماڻھون اجل جو شڪار ٿي ويا، واقعي سبب ماء سندس ٻہ معصوم نياڻيون فوت ٿي ويون. جيڪب آباد دلمراد ٿاڻي جي حد ڀٽا ڳڙھي لڳ ٻن موٽر سائيڪلن جو ٽرڪ سان ٽڪر ٿيڻ جي صورت ۾ ٺل جي ڳوٺ ٻچڙو جو رھواسي عبدالغني سندراڻي زخمي سندس گھرواري ڪزبانو ۽ 5سالا نياڻي خالده ۽ 3 سالا نياڻي افشہ فوت ٿي ويا جڏھن تہ ٻي موٽرسائيڪل تي سوار ڳوٺ بابل جکراڻي جو رھواسي ڪريم بخش ماڇي پڻ زخمي ٿي پيو.
جيڪب آباد نيشنل پريس ڪلب جي صحافين جي گڏجاڻي، سال2024 لاء نئين ڪابينا تشڪيل ڏيڻ تي غور
جيڪب آباد ۾ اتحاد اھل سنت پاران مستونگ ۾ ميلاد جي جلوس مٿان ٿيندڙ دھشتگردي توڙي فلسطين مٿان اسرائيلي بربريت خلاف مظاھرو، ڌرڻو ٽائر ساڙي نعريبازي ڪئي