ڀڇو ته آخر ڪنهن کان پڇو هن مردن ڪهڙو ڏوه ڪيو آھي
دادوشھر جو پورو گندگي جي لپيٽ ۾ آھي پر دادو شھر جو قديمي قبرستان جيڪو ڇاڻو شاه آباد ۾ موجود آھي اهو به گندگي کان بچي نه سگهيو قديمي قبرستان محسن شاه گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ 50 کان وڌيڪ قبرون گندي نالن جي پاڻي هيٺ اچي چڪا آھن
ڳڙهي خيرو
(رپورٽر ظفرالله مينگل)
ڳڙهي خيرو
پ پ پ ھاري ڪاميٽي اڳواڻ ارشاد بروهي،ٽائون آفيسر محمد رفيق بروهي جي والده جي وفات تي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوآرڊينيٽر مير سهراب خان مري سندس رھائش گاھ تي پھچي تعزيت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آغا سراج دراني پ پ پ جو سينئر اڳواڻ آھي . جنھن جي چادر ۽ چوڌاري جو تقدس پائمال ڪرڻ جي سخت لفظن م مذمت ڪريون ٿا
ان موقعي تي پ پ پ ھاري ڪاميٽي ڊويزنل صدر ديدار حسين جکراڻي. پ پ پ يوٿ ضلع جيڪب آباد صدر جھانگير خان کوسو، علي خان جکراڻي،ڪريم بخش بروهي گڏ ھئا
ڏوڪري:
ڏوڪريءَ ۾ واپارين جي يونين پاران پارڪ ۽ لائبرري تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. دڪاندارن جي يونين چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي علي پارڪ جي گيٽ اڳيان هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ واپارين سان مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي ڪارڪنن سان گڏ عام شهرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ عبدالحميد جيسر، مظهر گلال، عبدالغني ابڙو، علي اڪبر ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ڏوڪريءَ ۾ هڪ ئي پارڪ ۽ هڪ ئي لائبريري آهي پر ان تي به قبضا ڪري گهر ٺاهيا ويا آهن، جيڪو عمل شهر جي سونهن ۽ علم مٿان وار آهي. هنن چيو ته ڏوڪريءَ جو علي پارڪ ۽ ان ۾ موجود لائبريري عام شهرين ملڪيت آهي، پر ڪجھ ناڪاري سوچ رکندڙ ماڻهن ان کي پنهنجي ذاتي پراپرٽي سمجهي پنهنجي قبضي هيٺ رکي ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته شهر جي پبلڪ پراپرٽيءَ تان قبضا هٽرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر هن وقت تائين سندن دانهن کي ڪنهن نه ورنايو آهي. احتجاج ڪندڙ واپارين ۽ شهرين مطالبو ڪيو ته سندن احتجاج جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي ۽ علي پارڪ، لائبريري ۽ ٻين پبلڪ پراپرٽين تان قبضا گيرن جا قبضا هٽرائي سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
باسط جبار ميمڻ
رپورٽر پيغام نيوز ڏوڪري
سيتاروڊ = (وحيد علي عباسي)
سيتاروڊ مان امن جو پکي اڏامي ويو،ايس ايڇ او سيتا اشفاق منگي پاران ڪيل سمورا واعدا ڌوڙ.
خبر موجب وارڊ نمبر 04 جانوري محلا ۾ پورهيت منظور چھواڻ جي ڪريانا دوڪان ۾ چور کاٽ هڻي روڪ رقم ۽ بيٽري سميت ٻيو ڪيترو هي سامان ٻهاري آساني سان فرار ٿي ويا.
سيتا پوليس کي اطلاع ملڻ باوجود هن وقت تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي جڏهن ته پورهيت دوڪاندار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڙي ۾ وکر جو دوڪان لڳائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري رهيو هئس سو به کسجي ويو هن ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس چوري واپس ڪرائي تدارڪ ڪيو وڃي.