04/12/2023
جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ پاران سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو.
ڪراچي( پريس رليز) سنڌ جو قومي ڪاڄ قومي ثقافتي ڏهاڙو( سنڏي ڪلچرل ڊي)، جيئي سنڌ فريڊم موومنٽ پاران سموري سنڌ ۾ ڀرپور نموني ملهايو ويو.
ان سلسلي ۾ ڪراچي, حيدرآباد, ڪوٽڙي, ڪنڊيارو ۽ سيوڻ ۾ ريليون ڪڊيون ويون ءِ شريڪ ٿيندڙن سنڌ ۾ ڌارين جي نيڪالي، سنڌ ءِ بلوپستان مان رياستي ادارن پاران کنڀي ڪم ڪيل سياسي قومي ڪارڪنن جي بازيابي ۽ آزادي، بحريا ٽائون خلاف، سنڌي هندو نياڻين جي رياستي زير نگراني ھيٺ جبري مذهبي تبديلي ءِ جبري شادين خلاف بينر , پلي ڪارڊ, قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي نعرن جي گونج ۾ قومي مطالبا رکيا.ان موقعي تي امنيسٽي انٽرنيشنل، هيومين رائٽس جي عالمي ادارن ءِ عالمي ضمير کي اپيل ڪئي ويئي ت اسان جي مطالبن جو نوٽيس ورتو وڃي.
ان موقعي تي جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جي چيئرمين سهيل ابڙو, زبير سنڌي, امرآزاي, سوڍو سنڌي, حفيظ ديشي ءِ پرھ سنڌو پنهنجي قومي پيغام ۾ چيو ت سنڌ جي قومي ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو رواج رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سن 1968 ۾ بزم صوفيائي سنڌ جي پليٽ فارم هيٺ سنڌ جي مختلف مزارن ءِ ميلن ۾ وڄي قومي ڪانفرنسون ڪرائڻ سان ڪئي. انهن ميڙاڪن ۾ سنڌي ساڄاه وند، شاعر، اديب ءِ عام ماڻهو سنڌي ٽوپي ءِ اجرڪ پهري اچي شريڪ ٿيندا هئا. انهن ميڙاڪن ۾ پيغام سنڌ جي مکيا جزن محبت، عدم تسدد، رواداري، غير جانبداري ءِ حق خود اراديت بابت ڳالهايو ويندو هو ءِ اهو باور ڪرايو ويندو هو ت انهن نقطن تحت سرزمين سنڌ جي خاص پيغام امن عالم، اتحاد انساني ءِ ترقي بني نوع انساني بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
ڪلچر قومن جي سڃاڻپ هوندو آهي. ڪلچر ذريعي قومن جي ترقي ءِ نشو نما جي پروڙ پوندي آهي. سنڌي ڪلچر سنڌ جي قديم سڀيتا جو اهڃاڻ ءِ علامت آهي جنهن مان خبر پوي ٿي ت پنج هزار سال اڳ ب سنڌي اجرڪ استعمال ڪندا هئا جيڪا سندن معاشي ءِ ڪلچرل ترقي جو تبوت آهي.
هينئر جيئن ت سنڌ غلامي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي انڪري سندن ڪلچر خطري ۾ هو ت ضرورت ايجاد جي ماءِ تحت سنڌي قوم هڪڀيرو ٻيھر سموري قومي سطح تي ڀرپور نموني ڪلچرل ڊي ملهائي سائين جي ايم سيد جي بزم صفيائي سنڌ جي بنياد ءِ پيغام سنڌ جي آبياري ڪئي آهي جنهن تي سيد ءِ سنڌي قوم کي سلام پيش ٿا. ڪريون. جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم مرڪز
Jeay Sindh Freedom Movement JSFM
Voice Of Indus Nation
www.jsfmofficial.org