This group created only for highlight the social issues.
21/09/2023
ھن وقت جيڪو به مسڪين مهنگائي کان بيزار ٿي خودڪشي ڪري ان جي قتل جو ڪيس به وقت جي حڪمرانن تي ٿيڻ گهرجي جن جا اثاثا ڪروڙين نه اربين روپين ۾ آهن، ڪو ٻڌايو حڪمران عام ماڻهو جيتري انڪم رکندڙ هجي؟
18/09/2023
هڪ رپورٽ موجب جاپان جي پبلڪ ٽرينن ۽ پبلڪ پوائنٽس تان هڪ سال دوران 3 ڪروڙ ڊالر عام ماڻهن کي لاوارث حالت ۾ مليا جيڪي عام شهرين پوليس اسٽيشنس ۾جمع ڪرايا،۽ اسان جا منصف ۽ محافظ به!!!
11/09/2023
هتي حقن جي ڳالھ نه ڪيو،
هتي سچن جي ڳالھ نه ڪيو،
هتي ماريا ساڙيا جلايا وڃون ٿا،
سنڌ جي سورن جي ڳالھ نه ڪيو.
01/09/2023
بي بي سي جي رپورٽ موجب چيف جسٽس پاڪستان جي پگهار 12 لک 29 هزار مراعتون ان کان علاوه، غريب قرضدار ملڪ جي منصف جا شاهاڻا خرچ.😭😭😭
01/09/2023
چپ ئي آهي ۽ رهندي😭
01/09/2023
06/03/2023
جيتري عزت نبي ڪريم ﷺ جن انسانن کي ڏني اسان مسلمان هئڻ جي ناتي ايتري ته انسان کي مذهبن جي فرق کان سواء ڏيئي سگهون ٿا؟
عيد بہ ساڳي، ھولي بہ ساڳي،
پاڻ ٻنھي جي ٻولي بہ ساڳي،
مون وٽ تو لئہ مانُ وڏو آ،
مذھب کان انسان وڏو آ.
ھند ۽ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ وسندڙ ھندو ڀائرن ڀينرين کي منھنجي طرفان ھولي جي مذهبي تھوار جون کوڙ ساريون شب ڪامنائون قبول پون.
17/02/2023
*یہ خاتون سوئٹزرلینڈ میں پارلیمنٹ کی ممبر MNA ہیں ۔* ایک دفعہ صحافی نے ان سے پوچھا کہ آپ بچے کے لئے کوئی آیا کیوں نہیں رکھ لیتیں تو اس کا جواب تھا: *"میں بچے کے لیے آیا افورڈ نہیں کر سکتی ۔ پارلیمنٹ کی کاروائی کے بعد ایک بیکری میں ملازمت کرتی ہوں جس سے اپنے گھر کا خرچہ چلاتی ہوں ۔"* *یہ ہے ایک کافر ملک کی اسمبلی میمبر۔
10/02/2023
يا ته پاڪستان ۾ قابليت جي کوٽ آهي يا محب وطن وطن پرستن جي يا محب وطن آفيسرن يا ايمان جي؟ جو اسان جي ترقي ڏسي اسان کي ماڊل سمجهندڙ ملائيشيا ۽ اسان کان آزادي وٺندڙ بنگلاديش به اڄ بهترين معيشت سان سڃاتا وڃن ٿا ۽ اسان اڄ به قرضن جي آسري ۽ پنڻ واري ڪشڪول جي آسري!
اسان جي ملڪ ۾ ڪرپٽ آفيسر ۽ سياستدان آرام سان ملڪ جا خرانا خالي ڪري ملڪ مان ڀڄي ٿا وڃن مجال آ جو اسان جا ادارا انهن کي روڪڻ يا سزا ڏيڻ جي زحمت ڪن؟ يا اها ملڪ دشمني ناهي ته ملڪ جي پاڙن کي کوکلو ڪندڙ وري ٻيهر واپس اچن ٿا ۽ مسلط ڪيا وڃن ٿا.
اڄ ان ڳالهه تي ابوالڪلام آزاد جا هي لفظ يقينن معني خيز پيا لڳن.
سو خدارا ڪرپش ۽ بدگمان سياستدانن ۽ آفيسرن لاء سخت کان سخت سزائون ڏيئي ملڪ سان دشمنن جي سزا جا مثال قائم ڪريو.
ایک وقت آۓ گا ۔جب پاکستان کا نوجوان پاکستان کے مستقبل سے مایوس ہو کر پاکستان کے وجود پر سوال اٹھاۓ گا۔
ابوالکلام آزاد:1946
پاڪستان زنده آباد.
07/02/2023
اڄ جي دور ۾ غريب مزدور هاري ۽ مسڪينن کي عرض ڪندس ته ٻچڙن کي اسڪول موڪليو روزانو انهن کان اسڪول جي ڪم بابت پڇو ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪريو يقين ڪريو توهان ان مان ضرور وڏو صلو ماڻيندو.
05/02/2023
اسان کي انگريزن جي غلامي کان ته آزادي ڏياري ويئي پر اسان کي جديد غلامي ۾ قيد ڪيو ويو اها ڪرپٽ سياستدانن جي ڪرپٽ آفيسرن ۽ آئي ايم ايف، بي شعور معاشري جي غلامي، جنهن ۾ غريب مسڪين ٻن وقتن جي ماني نه هوندي ڪرپٽ سسٽم جي ڪري هر ڄمندڙ ٻار سميت تقريبن 8 لکن جو قرضي!!!
هي سسٽم ڪڏهن بهتر ٿيندو جو ملڪ جا قرض لهندا ملڪ بهتري طرف وڌندو ۽ اسان گهٽ مان گهٽ بنگلاديش جي برابر بيهي سگهنداسين.
اڄ 5 فيبروري ڪشمير جي حقن ۽ يڪجهتي لاء ملهايو ٿو وڃجي پر اسان کي ملڪ جون حالتون ڏسي لڳي ٿو ته اڄ اسان سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهائجي ته نعمتن سان مالامال قوم سٺي قيادت جي نه هئڻ ڪري آزادي کان وٺي سورن ۾ صرف ۽ صرف ڪرپٽ سسٽم، قانون ۾ مداخلت، دفاع تي تعليم کان وڌيڪ بجٽ جو خرچ ٿيڻ ۽ اڻ ڳڻت نا اهلي ملڪ کي دنيا ۾ بدنامي جي ان سطح تي پهچايو آهي جو اڄ جو پاڪستاني پاڪستان مان نڪرڻ جو سوچڻ تي مجبور آهي،
۽ محب وطن پاڪستاني ملڪ جي لاء اڄ به فڪرمند ۽ اڄ به نرالي مقام تي ڏسڻ لاء ﷲ کان دعاگو آهي ته ڪو مسيحائي ڪردار موڪلي ۽ زنده ضمير باشعور معاشرو عطا ڪري ته جيئن اسان جي ملڪ جي تقدير خوشحالي طرف تبديل ٿئي.آمين
02/02/2023
هن قوم جا ماڻهو اباڻي ڏاڏاڻي ملڪيت جو حصو ناهن ڇڏيندا ڀائرن ۽ پنهنجي سڳن رشتن کي ڇڏي ڏيندا آهن پوء هي منسٽرن ۽ سياستدانن کي پنهنجي ڌرتي جا وسيلا ۽ پنهنجا حق ڪيئن ڇڏي ٿا ڏين؟🤔🤔
31/01/2023
ایک ہی صف میں کھڑے ہو گٸے پیٹرول ڈالر اور پیاز
نہ مولانا بولا نہ بلاول اور نہ ہی مریم نواز.
CP
31/01/2023
جيڪڏھن گهٽ پگهار وارو پٽيوالو پنهنجي خرچ تي آفيس اچي سگهي ٿو تہ لکين روپيہ پگهار وارا DC وزير مشير ميمبر ڇو نہ؟
شاهي خرچ گهٽايو ملڪ بچايو۔
CP
31/01/2023
ڀلا ملڪ جا محب وطن پارليامينٽ ميمبر ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر سينيٽر ۽ رٽائرڊ جنرل ملڪ جي مشڪلاتن کي ڏسندي پگهارن مراعتن ۽ لگزري خرچن تان هٿ ڇو نٿا کڻن؟
غريب ئي مهنگائي جو عذاب ڇو ڀوڳي؟
31/01/2023
حق حلال جي ڪمائي وارا تمام گهڻا پريشان آهن گذر سفر مشڪل ٿي چڪو آهي باقي حرام جي ڪمائي وارن کي پھرين به پرواهه نه هئي اڄ به فرق نٿو پوي.پيڙهجي غريب مزدور ڏهاڙي وارو پيو.
29/01/2023
Well Come to Purana Pakistan.
پراڻي پاڪستان ۾ نون حڪمرانن غريب مزدور عوام سان اهڙي ڪئي آهي جهڙي مداري ڪري ڀولڙي سان،
ٻرڙو ڪري ٻارن سان.
نه غريب هجن نه دانهن ڪن.
08/01/2023
خدارا هن قوم تي رحم ڪري اٽو سستو ڪريو ۽ ڪڻڪ جو به سرڪاري اگهه 2500 کان 2800 مقرر ڪيو توهان ڪڻڪ جو اگهه 4000 هزار ڪندا ته اٽي جو بحران ختم نه ٿيندو.
01/12/2022
هڪ طرف انگريز جن کي ڪافر چيو ٿو وڃي انهن کي ڪنهن تڪليف ۾ ڦاٿل جانور جو به احساس هجي ٿو تازو هڪ گرائونڊ ۾ ٻلي ڦاٿل هئي پوري گرائونڊ جي تماشائين ان ٻلي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تازو برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پنهنجي سڄي پاڪستاني دوري جي فيس ٻوڏ متاثرين کي عطيو ڪرڻجو اعلان ڪيوآهي، ٻئي طرف اسان جي معاشري جا ماڻهو يتيمن بيواهن مسڪينن ۽ اٻوجھن جا حق کائي حج ۽ عمرو ڪري پاڻ کي سچو پڪو مسلمان ثابت ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندا آهن ۽ انسان هئڻ جو ويس پائي جانورن کان به بدتر ڪم ڪندا آهن.
يقين ڄاڻو توهان پنهنجي نسلن مان آهي بي ايمانيون ڀريندا.
23/11/2022
ملڪ جو پيسو ائين پيو لٽجي جيئن رستن تي پيل هجي تازو ڊي سي مٽياري ۽ ڊي سي نوشهروفيروز اربين رپين جي ڪرپشن ڪري اهو تاثر ختم ڪرايو ته مقابلي جو امتحان ڏيندڙ تعليم جي پرچار ڪندڙ ڪرپٽ نٿو ٿي سگهي.
ڪرپشن اسان جي نسن ۾ ڀرجي چڪي آهي اسان لاء فرق ناهي ته هٿيار کڻي ڌاڙيل بنجو يا قلم کڻي ڌاڙيل بنجو!
افسوس آهي اسان پنهنجي ننڍي نسل کي تعليم جو مثال ڪيئن ڏيون ته اسان جي ملڪ جا تعليم يافته ماڻهو جيڪي مسلسل محنت کانپوء سي ايس ايس پاس ڪري به ڌاڙيل ٿيڻ ٿا ملڪ جي اثاثن تي ڌاڙا ٿا هڻن ۽ ان جي سزا ڀوڳي عام مزدور هاري ۽ سڌو سنئون ايمانداري شهري ٿو مهنگائي جي صورت ۾ ۽ سهولتن جي کوٽ جي صورت ۾.
هٿ ٻڌي ادارن کي درخواست آهي روڪيو انهي ڪرپٽ نظام کي روڪيو هن پڙهيل لکيل ڌاڙيلن کي جيڪي تعليم جو افضل ويس پائي ملڪ جي تباهي جو سبب بڻجڻ ٿا روڪيو انهن نسل جي تباهي جي ذميوارن کي روڪيو انهي ٽولن کي جيڪي منهنجي ڌرتي سان غداري ڪري منهنجي ماروئڙن جي مشڪلاتن ۾ اڃان اضافي جو سبب بڻجندا پيا وڃن.
فڪرمند
ڪامران مشوري
12/11/2022
هتي ته خرانو ڀريل آهي باقي سنڌ جي غريب عوام لاء خزانو خالي شرم ڪيو.
12/11/2022
جيڪو چيو اٿس 100 سيڪڙو سچ چيو اٿس.
06/11/2022
سٺي ڪم جي تعريف ڪجي،
ڪجهه ڏينهن پهرين حيدرآباد جي سول اسپتال جي ٿيليسيميا جي وارڊ ۾ وڃڻ ٿيو اتي بهترين سهولتون نوان بيڊ ٽوٽل ايئرڪنڊيشن وارڊ ۽ رجسٽرڊ ٿيليسيميا جي مريضن لاء آر بي سي بلڊ بينڪ طرفان مفت رت جي فراهمي ڏسي ڏاڍي دل خوش ٿي، سنڌ حڪومت کي لازمي سڀني ضلعن ۾ اهڙن سهولتن وارا ٿيليسيميا وارڊ ٺاهڻ گهرجن جيئن غريب بي پهچ ماڻهن لاء آسانيون پيدا ٿيڻ گڏوگڏ نوجوان دوستن کي پڻ رت جو عطيو ڪرڻ جي درخواست ڪجي ٿي ڇو ته ٿيليسيميا جي مريضن کي رت جي سخت ضرورت هجي ٿي جيڪا مالڪ ويچارا ارينج نٿا ڪري سگهن ۽ ميڊيڪل مان اهو به ثابت آهي ته صحت مند ماڻهن جي رت جي هڪ بوتل 90 ڏينهن ۾ ضايع ٿي ويندي آهي سو ان کي ضايع ٿيڻ بجاء عطيو ڪيو.
ڪامران مشوري
04/11/2022
انسان ڳالهائڻ ته ٻن سالن ۾ سکي ويندو آهي پر ڪٿي ڇا ڳالهائجي اهو سکڻ لاء عمر گذري ويندي آهي.
27/09/2022
جيڪي صرف اسلام جي نه بلڪه اسلام کان پهرين به انسانيت ايمانداري ۽ اخلاق جو بهترين مثال اها هستي آهي مٺڙو محمد ﷺ درجي مقام محمود واري مرتبي تي فائز سهڻي سرڪار ﷺ جي آمد تمام عالم انسانيت کي مبارڪ.
15/08/2022
سنڌ جي سڀني ڪمنشنرس، ڊپٽي ڪمنشنرس ۽ اسسٽنٽ ڪمنشنرس کي ھٿ ٻڌي گذارش ٿي ڪجي ته مھرباني ڪري پنھنجي ماروئڻن جو خيال رکو، مڇر مار اسپري ڪرايو، بازارن ۾ منافي خورن تي سخت ايڪشن کڻو ۽ ماڻھن جي زندگي آسان ڪرڻ لاء وڌيڪ ڪوششون وٺو جنھن جي نگراني پاڻ ڪيو الله پاڪ توھان کي اختيار ڏنو آھي اھو بي سھارا ماڻھن کي فائدي لاء استعمال ڪيو جيئن صدين تائين بھترين لفظن ۾ ياد ڪيا وڃو.🙏
29/06/2022
مھرباني ڪري تعليم عام ڪيو ٻچڙن ۾ مقابلي جو شعور آڻيو توھان جي تعليم ۽ تربيت ٻار جي ڪامياب مستقبل جي زمانت آھي، تعليم اھو زيور آھي جنھن قيمت انھن کان پڇو جن سڀ تڪليفون برداشت ڪري ٻچا پڙھايا ۽ انھن منزل ماڻي پنھنجي پونئرن جي زندگي ۾ آسانيون آنديون.ڀلي ڪيتري به سفارش ۽ رشوت عام ھجي محنتي ۽ جاکوڙي ٻار پنھنجو حق وٺي رھندو آھي سو ھٿ ٻڌي عرض آھي ٻچا پڙھايو خاندان سنواريون ڌرتي سنواريون معاشرو سنواريون.
Be the first to know and let us send you an email when Sindh Sada Abad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.