Basit Ali Reports/Videos

  • Home
  • Basit Ali Reports/Videos

Basit Ali Reports/Videos Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Basit Ali Reports/Videos, Media/News Company, .

17/08/2023
01/08/2023

مقصودو رند: الحسيني ڳوٺ مراد علي رند ۾ ۱۰ محرم الحرام جو قديمي آزاداري پروگرام مذھبي عقيدمندي ۽ احترام سان ملهايو ويو.
رپورٽ: باسط علي 🎤📹📝

07/01/2023

مقصودو رند : سنجھورو ۾ بي درد سان قتل ٿيل ھندو ناري ڌيا ڀيل جي انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند ۾ احتجاج ڪندي.🎙️📺

07/01/2023

مقصودو رند : سنجھورو ۾ بي درد سان قتل ٿيل ھندو ناري ڌيا ڀيل جي انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند ۾ احتجاج ڪندي.🎙️📺🙏🏻

28/09/2022

Super Moon 🌕


24/09/2022

مقصودو رند انجمن الحسيني مراد علي رند ۾ قديمي يوم عاشور جو پروگرام مذهبي عقيدت مندي ۽ احترام سان ملهايو ويو.🏴
پئڪيج رپورٽ: باسط علي رند

22/09/2022

Shahnawaz Dahani on fair TWo in Two 😱🔥🏏🏏



چين ۾ دنيا جي چوٿين وڏي عمارت    جنهن کي ڪجھ ڪلاڪ اڳ باھ لڳي وئي جنهن ۾ تقريبن 600 ماڻهو سڙي مري وڃڻ جا اطلاع.       😭😢
19/09/2022

چين ۾ دنيا جي چوٿين وڏي عمارت جنهن کي ڪجھ ڪلاڪ اڳ باھ لڳي وئي جنهن ۾ تقريبن 600 ماڻهو سڙي مري وڃڻ جا اطلاع.




😭😢

اھا ڪا تارن جي قطار نہ پر ھٿراڌو اُپگرھن جو ھڪ ميڙ ھو جنھن کي خلا ۾ موڪليو پيو ويو. ھن سموري پروگرام يا منصوبي جو نالو ا...
08/09/2022

اھا ڪا تارن جي قطار نہ پر ھٿراڌو اُپگرھن جو ھڪ ميڙ ھو جنھن کي خلا ۾ موڪليو پيو ويو. ھن سموري پروگرام يا منصوبي جو نالو اسٽارلنڪ (Starlink) آھي.

اسٽار لنڪ ڇا آھي؟ اھو ھڪ تمام وڏي ھٿراڌو اُپگرھن جو نظام آھي جنھن جو مقصد ڌرتيءِ جي ڏورانھن وارن ھنڌن کي تيز رفتار انٽرنيٽ سروس مھيا ڪرڻ آھي.

ھن نظام کي ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپئس ايڪس (SpaceX) 2015ع ۾ تيار ۽ تعمير ڪيو آھي. ھٿراڌو اُپگرھن کي ميڙن جي شڪل ۾ مدار ۾ موڪليو ويندو آھي. اڄ تائين 13 ميڙ موڪليا ويا آھن ۽ ھاڻي ڪيترائي شمسي توانائي سان ھلندڙ ھٿراڌو اُپگرھ ڌرتيءِ جي چوڌاري چڪر لڳائي رھيا آھن.

اسپئس ايڪس جو منصوبو آھي تہ 12000 ھٿراڌو اُپگرھن کي خلا ۾ موڪليو وڃي جن جي تعداد اڳتي ھلي ڪري 42000 تائين وڌايو ويندو.

17 جون 2022ع تي اسپئس ايڪس 53 ھٿراڌو اُپگرھن جي 48 سيريز کي فالڪن 9 راڪيٽ جي مدد سان خلا ۾ موڪليو. ھاڻي اسٽارلنڪ ھٿراڌو اُپگرھن جي ڪُل تعداد 2706 تائين پھچي چڪي آھي.

04/09/2022

دادو: اڄ آخرڪار خيرن سان منڇر ڍنڍ کي باغ يوسف مان ڪٽ ڏنو ويو آهي، انشاءَالله خيرن سان پاڻي دريا ۾ وڃي سمنڊ ۾ خيرن سان ڇوڙ ڪندو آمين🤲🏻
ھاڻي منڇر واري ڪٽ ڪم کي کنيو آھي اميد آھي تہ خير خيريت ٿي ويندي. رينگ بند ۽ MNV ڊرين تي پاڻيءَ گھٽ ٿيندو.
الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب مٺي محمّد ڪريم جي صدقي غريب مسڪين ماروئڙن تي رحم ڪرم فرمائي آمين.

01/09/2022

سانگھڙ: مقصودو رند، ڇن بابو شاخ کي لڳل گھارو وڏي جستجو کانپوءِ ب ٻڌجي ن سگھيو.صورتحال انتھائي خراب. 😱😭🤷🏻‍♂️🔥 رپورٽ:

01/09/2022

مقصودو رند: ڇن بابو شاخ کي لڳل گھاري جو ڏيک، گھارو باقي 5 فٽ رھجي ويو، عملي ميدان۾ لٿل جوان گھارو بند ڪندي.🤲🏻♥️

My Write up On Today Daily Pahenji Akhbar 31/8/22پڇڙي يا سڪي يا ٻڏي!‎‎پوري صوبي ۾ لاڳيتو تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صور...
31/08/2022

My Write up On Today Daily Pahenji Akhbar
31/8/22

پڇڙي يا سڪي يا ٻڏي!‎‎

پوري صوبي ۾ لاڳيتو تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال آهي، سنڌ جو ھر وڏو، ننڍو شھر، ڳوٺ مڪمل تباھي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جڏھن ته رھيل ڪسر سم نالن، واھن، شاخن جي گھارن پوري ڪري ڇڏي آهي، جنھن سبب سنڌ جا تاريخي شهر به ماڳين مسمار ٿي رھيا آھن. اھا ساڳي صورتحال نوابشاهه مان نڪرندڙ گاجرا واھ جي سدائين سڪل شاخ ڇن بابو شاخ جي آھي، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته “پڇڙي سڪي يا ٻڏي” ان ڪري گذريل 5 مھينن کان مٿان بند ڪري ڇن بابو شاخ کي پاڻي جي ڦڙي به نه ڏني وئي، جنھن سبب ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڏُڪار واري صورتحال ھئي، پاڻي نه ھئڻ ڪري فصل سخت متاثر ٿيو، مال مري ويو، شاخن جي ڀرسان لڳل نلڪن جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي بيمارين جنم ورتو پر ھاڻ ٻوڏ واري صورتحال ۾ (پڇڙي) ڇن بابو شاخ جي رھواسين کي ڄاڻي واڻي ٻوڙيو پيو وڃي. مٿان کان بااثر زميندارن ۽ ايريگيشن کاتي جي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان لاڳيتو ھٿرادو ڪٽ ڏئي سڄي نوابشاهه ڊويزن کي بچائڻ لاءِ گاجرا واھ جو پاڻي ڇن بابو ۾ شاخ ۾ ڇڏيو پيو وڃي، جنھن سبب ڇن بابو شاخ ۾ پاڻي overtop ۽ بند ڪمزور ٿيڻ ڪري مختلف ھنڌن تان گھارا لڳڻ معمولي بڻجي ويا آھن. ڪيترا ئي ڏينهن گذرڻ باوجود آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب گھارا بند ناھن ٿيا جنھن ڪري گھارو وڌي 100 فوٽ ٿي ويو آھي، گھرن ۾ 2 کان ٽي فٽ پاڻي بيھي ويو آھي، سيلابي صورتحال سبب ماڻھن جا گھر ڊھي ويا آھن، علائقي واسي پنھنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڻي جو وهڪرو وڌڻ ڪري مين شاھپور چاڪر- مقصودو رند لنڪ روڊ تي پاڻي اچي ويو آھي، تاريخي قبرستان پاڻي ھيٺ آھي، ڳوٺ خيرو رند ٻڏي ويو آهي، جڏھن ته ڳوٺ مراد علي رند، سھجو رند، ولي محمد رند، ڌڱاڻو رند، قادر بخش حاجاڻو، اللھ ورايو رند ٻاجھي رند ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ مڪمل پاڻي جي گھيري ۾ ھئڻ ڪري رھواسي سخت پريشان آھن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته بنا دير وس وارن کي گھرجي ته ڇن بابو کي لڳل گھارو بند ڪري شاخن جي ڪپرن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ ڪو مستقل حل ڳولي 100 ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچائي ٻوڏ ستايل ماروئڙن جي تڪليفن کي دور ڪيو وڃي ۽ سم نالي جي سخت نگراني ڪري مضبوط بند ڏياريا وڃن.

باسط علي رند/مقصودو رند

سانگھڙ: مقصودو رند: ڇن بابو شاخ کي لڳل گھارو ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود بند ن ٿي سگھيو، پاڻي قبرستان ڪراس ڪري ھاڻ شھر مقص...
30/08/2022

سانگھڙ: مقصودو رند: ڇن بابو شاخ کي لڳل گھارو ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود بند ن ٿي سگھيو، پاڻي قبرستان ڪراس ڪري ھاڻ شھر مقصودو رند طرف وڌڻ لڳو.😳😭

دادو ضلعي جو تعلقو ڪي اين شاهه مڪمل طور پاڻيءَ ھيٺ 😱😭😭🔥🤲🏻
30/08/2022

دادو ضلعي جو تعلقو ڪي اين شاهه مڪمل طور پاڻيءَ ھيٺ 😱😭😭🔥🤲🏻

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Basit Ali Reports/Videos posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share