Nasirabad tv news

  • Home
  • Nasirabad tv news

Nasirabad tv news Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Nasirabad tv news, TV Channel, .

15/02/2023

اوهان جا بدترين
دشمن اهي ئي ماڻهو ٿيندا
جن سان اوهان جون بي
حساب ڀلايون ٿيل هونديون

13/06/2022
09/05/2022

نصيرآباد.پ پ پ اڳواڻ بابر نوناري اسان مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي فائرنگ سبب واٽھڙو معصوم ٻالڪ علي نوناري سميت ست ڄڻا زخمي ٿي پيا

06/05/2022

نصیرآباد رپورٽ نصيرآباد بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ سٽي ۽ تعلقي جي متوقع اميدوارن جا نالا سامھون اچي ويا ڪالھ نئو ديرو ھائوس ۾ پارٽي قيادت be جي اھم ميٽنگ وڏي بحث مباحثي کان پوء اميدوارن جا نالا شاٽ لسٽ ڪيا ويا . تعلقي جو صدر ۽ اڳوڻو ٽائون چئرمين ۽ تعلقي جو جنرل سيڪريٽري نصيراباد ٽائون مان آئوٽ سٽي جي جنرل سيڪريٽري کي بہ اھميت نہ ملي . اجلاس جي اندروني ڪھاڻي سامھون اچڻ بعد ڪنھن جي منھن تي مرڪ تہ ڪٿي مايوسي ڇانيل پارٽي ٽڪيٽ کان محروم اميدوارن پاران آزاد اميدوار طور سامھون اچڻ جون تياريون شروع . خبر موجب نصيرآباد سٽي ۽ تعلقي جي بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ پ پ اميدوارن کي فائينل ڪري ٽڪيٽون جاري ڪرڻ بابت ڪالھ نئوديرو ھائوس ۾ پيپلز ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ميڊم فريال ٽالپر جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي ٿي گذري جنھن ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙوضلع قمبر شھدادڪوٽ جي صدر قمرالدين گوپانگ جنرل سيڪريٽري محمد پنھل سومرو. لاڙڪاڻي ضلعي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري ايم اين اي نوابزادھ مير عامر علي خان مگسي ايم پي اي نواب سردار خان چانديو نوابزادھ برھاڻ خان چانڊيو تعلقي نصيرآباد جي صدر خان محمد ڦلپوٽو جنرل سيڪريٽري منظور ڪانڌڙو سٽي نصيرآباد جي صدر سردار ضمير حسين مسڻ جنرل سيڪريٽري غلام الرسول کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي . ذريعن موجب مٿين پارٽي ذميوارن گھٽي بحث غور ويچار کانپوءِ پارٽي کي مليل تمام درخواست کي شارٽ لسٽ ڪري پھرين پرائٽي طور تي يونين ڪائونسل چئوديرو جي لاء ڊسٽرڪٽ ميمبر مشھور وڪيل قمبر بار جي صدر عاشق علي جتوئي چيئرمين سردار زادھ دانش علي خان تنيو يونين ڪائونسل ڏيرا جي لاء ڊسٽرڪٽ ميمبر حسين بخش جت چيئرمين محمد علي ٻبر يونين ڪائونسل ڌامراھو تي ڊسٽرڪٽ ميمبر سرائي فيض محمد کوکر چيئرمين مزمل منظور ڪانڌڙو يونين ڪائونسل ميانداد چنجڻي تي ڊسٽرڪٽ ميمبر علي شير ڏيپر چيرمين بھادر علي ڏيپر يونين ڪائونسل مرادي ڊسٽرڪٽ ميمبر سرائي ھوش محمد واھوچو چيئرمين عابد حسين پھنور کي نامزد ڪيو آھي جڏھن تہ يونين ڪائونسل موندر لاکا ۾ ڪجھ اھم ماڻھن جي پ پ ۾ امڪاني شموليت بعد فيصلو جو چيو ويو ھوڏانھن سٽي نصيرآباد ۾ آصف علي مسڻ حاجي فضل محمد مسڻ غلام نبي سولنگي حاجي وزير علي ڦلپوٽو بخش علي چانديو عبدالرزاق چنہ سينيئر صحافي عاشق علي ڦلپوٽو معشوق علي نوناري بابر نوناري محمد رفيق شيخ ممتاز علي رڏ عبدالرئوف شيخ کي پھرين پرائٽي طور رکيو ويو آھي . اھڙي خبر ٻڌڻ بعد مٿين اميدوارن ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آھي .۽ پارٽي ٽڪيٽ کان محروم اميدوارن ۾ سخت مايوسي پکڙيل آھي ھوڏانھن پ پ تعلقي صدر خان محمد ڦلپوٽو جيڪو آڳ ۾ نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين رھي چڪو آھي ۽ جنرل سيڪريٽري منظور ڪانڌڙوجن پنھنجي يونين ڪائونسل کان علاوھ نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي جي سڻڀي ڪرسي حاصل ڪرڻ جي لاء نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪائونسلر جي ٽڪيٽ لاء اپلاءِ ڪيو ھيو انھن ٻنھي کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان کتو جواب مليو ۽ کين پنھنجي پنھنجي يوسيز ۾ واپس وڃڻ جو چيو ويو ۽ سٽي جي صدر سردار ضمير حسين مسڻ جي راء کي کافي اھميت ملي ۽ ٻن عزيزن کي پارٽي ٽڪيٽ ملي باقي جنرل سيڪريٽري غلام الرسول کوسو جي راء کي بہ نظر انداز ڪيو ويو ھوڏانھن. اھڙي فيصلي اچڻ بعد ٽڪيٽ کان محروم پارٽي اميدوارن پاران آزاد اميدوار طور سامھون اچڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آھن اڪثر يوسيز ۽ سٽي ۾ پارٽي جي الگ ڌڙي سميت جي ڊي اي جا اميدوار بہ پنھنجو اتحاد جوڙي اليڪشن ۾ حصو وٺي رھيا آھن جيڪو پ پ پ لا۽ سٺو سون ثابت نہ ٿيندو

نصيرآباد تعلقي جي سمورن تعليمي ماھرن استادن شاگردن اديبن شاعرن سگھڙن ء سياسي سماجي مذھبي ادبي ڪاروباري ڌرين وڪيلن پورھيت...
02/12/2021

نصيرآباد تعلقي جي سمورن تعليمي ماھرن استادن شاگردن اديبن شاعرن سگھڙن ء سياسي سماجي مذھبي ادبي ڪاروباري ڌرين وڪيلن پورھيتن مزدورن ڳوٺاڻن صحافين کي دعوت ٿي ڏجي تہ ھر سال وانگر ھن سال بہ 5ڊسمبر2021 بروز آچر تي صبح جو 10وڳي آواز ٽي وي پاران نصيرآباد پريس ڪلب کان ثقافتي ريلي ڪڍي ويندي مھرباني ڪري شريڪ ٿي سنڌ امڙ جي ھزارين سال قديم ثقافت کي اجاگر ڪرڻ م پنھنجو ڪردار ادا نڀائیندا.

16/10/2021

مهنگائي واري طوفان خلاف ھڪ آواز ٿي روڊن تي نڪرڻو پوندو

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Nasirabad tv news posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share