Inqlab News HD

  • Home
  • Inqlab News HD

Inqlab News HD Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Inqlab News HD, News & Media Website, .

مادر جمھوريت کو لال سلام
23/10/2022

مادر جمھوريت کو لال سلام

18 سيپٽمبر ‏دنيا جي عظيم انقلابي هيرو شھيد مير مرتضي ڀٽو جي 68هين سالگرهه تي  آلين اکين سان سندس ديس واسين کي جنم ڏينهن ...
18/09/2022

18 سيپٽمبر ‏دنيا جي عظيم انقلابي هيرو شھيد مير مرتضي ڀٽو جي 68هين سالگرهه تي آلين اکين سان سندس ديس واسين کي جنم ڏينهن مبارڪ

پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلعي حيدرآباد جي طرفان سيلاب متاثرين جي سهائتا نه ٿيڻ  جي ڪري سنڌ حڪومت خلاف ضلعي صدر ارشاد...
16/09/2022

پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلعي حيدرآباد جي طرفان سيلاب متاثرين جي سهائتا نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ حڪومت خلاف ضلعي صدر ارشاد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب حيدرآباد تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن ۾ خصوصي شرڪت مرڪزي سينئر نائب صدر محبوب سيال , رمضان کماڻ،عليم قريشي،خورشيد لاشاري، رشيد ناريجو،يوٿ ضلعي صدر سعدالله پنھيار،جنرل سيڪريٽري عديل لغاري،ايڊووڪيٽ سميع چانڊيو،ايڊووڪيٽ جي ايم لغاري،مصطفي پالاري،دودو پتوجو،حفيظ پنھور،اختر سانگي ،پرويز بلوچ،ايڊووڪيٽ مقصود ڀٽو ،سھيل پتوجو ،امان سوھو،علي خاصخيلي،احمد دين لاکو،شعيب ٻرڙو،شڪيل قريشي،ارسلان سولنگي ،عليم سيال ،شھباز مستوئي،مدثر عباسي، نويد چانڊيو،پنھل ڊيشڪ، بابا قرار،ذاڪر ڊيشڪ،باڪر بلوچ،سميت سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي
مظاھري کي ضلعي صدر ارشاد خاصخيلي ،رمضان کماڻ،سعداللہ پنھيار ،عديل لغاري خطاب ڪندي چيو ته برسات ۽ سيلابي ريلن جي پاڻي کي ڪرپٽ زرداري ليگ ۽ نااھل آبپاشي کاتي جي انجنيئرن پھريون ته پاڻي کي صحيح رستو نه ڏئي ھٿ وٺي سکر کان سيھوڻ تائين سنڌ کي ٻوڙائي ڇڏيو ،گذريل 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي لاءِ وڏي بجيٽ پيش ڪندي رھي آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪنھن بہ بندن،واھن ،سم نالن جو ڪم نه ٿي سگهيو سڄي بجيٽ جي فريال ٽالپر ۽ ان جي منشي وزيرن جي جيب ۾ ويندي رھي ،موسميات کاتي طرفان ڏنل وارننگ تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو جنھن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ،ماڻھن جا لکين گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن زراعت مڪمل طور تي تباھ برباد ٿي وئي آهي،متاثر ماڻھو روڊن رستن،اسڪولن ۽ کليل ميدانن تي عذاب جي زندگي گذاري رهيا آهن متاثرين ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاء به پريشان آھن ،مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن پر نااھل سنڌ حڪومت متاثرن جي ڪا به واھر نه ڪري رھي آھي ،سنڌ حڪومت پاڻ ته ڪجھ ڪون ڏنو آهي پر ٻاھرين ملڪن کان مليل 180 ارب امداد به پنھنجن ڪرپٽ ڪامورن ڊي سي ،اي سي،مختيارڪارن سان ملي ڀگت ڪري کائڻ چاھن ٿا ،ھزارين ٻار بک ۽ بيمارين جي ڪري مري ويا آهن ننڍڙن ٻارن ۾ ڊائريا ،مليريا ،چمڙي جون بيماريون ڦهلجي رهيون آهن پر ھنن بيرحم حڪمرانن جي ڪنن تي جوء به نٿي چري جنھن جو تازو مثال اقوام متحده جي جنرل سيڪريٽري جو ٽوئيٽ پيغام آھي ته ھنن حڪمرانن کي ماڻھن جي ڪا به پرواهه ناهي ،اسان زرداري ليگ جي ڪرپٽ حڪمرانن کي چتاءُ ٿا ڏيون ته جلد کان جلد متاثرين کي کائڻ پيئڻ،ٽيئنٽ ،راشن،۽ ميڊيڪل سھولتون ڏنيون وڃن ۽ انھن جو سيلاب ۽ برسات ۾ ٿيل گھرن ،فصلن جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو متاثرين سان گڏجي توھان جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيندي ۽ پوء توهان کي لڪڻ جي به جاء نه ملندي

16/09/2022

خانپور مهر لڳ ڳوٺ پيارو لاشاري ۾ ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل
جوابدار ممتاز لاشاري پنهنجي وڏي ڀاءُ اعجاز علي لاشاري کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، وڏو ڀاءُ گهر اندر ننڊ ۾ ستل هو ته ننڍي ڀاءُ مٿان فائرنگ ڪري ڏني

15/09/2022

گهور وڃي توتان ماءُ!
نصيرآباد جي ڊگري ڪاليج ڪئمپ ۾ غربت ۽ بک بدحالي سبب ڳوٺ آڍي لاشاري جي رهواسي 16 ورهين جي نوجوان اظھر پٽ محمد مذن لاشاري زهريلي دوا پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو۔امڙ هنجون هاريندي نوجوان کي موڙ ٻڌي ڪئمپ مان گهوٽ ڪري ڪڍيو پيو وڃي، برسات متاثرين ۾َخودڪشين جو رجھان وڌندو پيو وڃي..

ڪراچي ۾ عورت هڪ ئي وقت ڇهن ٻارن کي جنم ڏنو آهي جن ۾ چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن. ڪالاپل جي رهواسڻ حنا ناظم هڪ ئي وقت 6 ...
15/09/2022

ڪراچي ۾ عورت هڪ ئي وقت ڇهن ٻارن کي جنم ڏنو آهي جن ۾ چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن. ڪالاپل جي رهواسڻ حنا ناظم هڪ ئي وقت 6 جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو آهي
جناح اسپتال جي گائني شعبي جي ڊاڪٽر عائشه ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 25 سالا عورت کي پهريان به اولاد آهي.
هن ٻڌايو ته عورت گذريل رات 6 جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو آهي جن مان هڪ ٻارڙو مئل حالت ۾ پيدا ٿيو ۽ پنج جيئرا آهن. جڏهن ته ٻار نارمل ڊليوري ذريعي پيدا ٿيا آهن..

شھید ڀٽو اڳواڻ ميڊيم فيروزه لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي
14/09/2022

شھید ڀٽو اڳواڻ ميڊيم
فيروزه لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي

راء ڏيندا !.........
13/09/2022

راء ڏيندا !.........

13/09/2022

افغاني ڪنٽرول کان ٻاهر بلديا ڪالوني ڪراچي ۾ اردو ۽ سنڌي آبادي تي سڌي فائرنگ

27/08/2022

ٱلْحَمْدُ لِلَّٰهِ , اللہ پاک نے برسات متاثرین کیلیئے کہانا تقسیم کرنے کی توفیق دی. آپ سب سے التماس ہے کہ اس مشکل وقت مے غریب سیلاب و برسات متاثرین کی مدد کریں.
Alhamdulilah!! Performing our services for the sake of humanity and our motherland to assist our people in this hard time. We have distributed ' Biryani ' among rain affected people. Allah Almighty has been blessed to us by taking such great work from us to help them in this crucial time.. I request you all kindly do help them whatsoever is in your capacity because no one can imagine how many difficulties they are facing!!

20/08/2022

Pakistan

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Inqlab News HD posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share