Khairpur News

  • Home
  • Khairpur News

Khairpur News Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Khairpur News, Media/News Company, .

08/05/2022
16/01/2022

#توجه
اگر کسی کے محلے میں کوی ایسا معزور افراد ہو جو پاون اور ہاتھ سے محروم ہو توپلیز رابطہ کریں اسکو ھم مہیاکرینگے۔۔رابطہ نمبر 03331390712..03078388101

31/12/2021
23/12/2021

خيرپور ضلعي ۾ اوڍا ۽ ناريجا تڪرار ۾ روز ڪونڌر ڪسجي رھيا آهن تڪرار جي خاتمي لاء سنڌ جي سياسي,سماجي,مذھبي ۽ قوم پرست اڳواڻن جي خاموشي لمحا فڪر آهي قبيلائي دھشتگردي جي خاتمي لاء سنڌ جون سڄاڻ ڌريون اڳيان اچن.🙏🙏

سنڌ جي جاگرافي ۽ وسيلن تي غير ملڪي افغانين جو قبضو.... تازو انٽر ميديئت ڪاليجن جي داخلائن ۾ هڪ هزار ٻين صوبن ۽ ڏهه هزار ...
22/12/2021

سنڌ جي جاگرافي ۽ وسيلن تي غير ملڪي افغانين جو قبضو....
تازو انٽر ميديئت ڪاليجن جي داخلائن ۾ هڪ هزار ٻين صوبن ۽ ڏهه هزار اهڙن شاگردن درخواستون ڏنيون آهن جن وٽ پاڪستان شهري هجڻ جا دستاويز ڪونهن، جنهن جي نشاندهي داخلا جي نئين پاليسي جوڙڻ جي نتيجي ۾ ٿي آهي، نه ته پهريان سدائين غيرقانوني غيرملڪي داخلائون وٺي ويندا هئا ۽ ملڪي شهري تعليم ۽ روزگار جي بنيادي حقن محروم رهندا هئا.
سنڌ جي تعليم ۽ معيشت تي نه رڳو ٻين صوبن جو بار آهي پر ان کان سواءِ ٻين ملڪن جا شهري غير قانوني طور تي سرڪاري ايجنسين ملڪي سلامتي ۽ سرحدن ۽ جاگرافي جي محافظن جي سرپرستي ۾ سنڌين جي وسيلن ۽ جاگرافي تي قبضو ڪيو ويٺا آهن، جن جي نشاندهي تازو ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي نئين پاليسي ۾ ٿي آهي، جڏهن ته هن کان پهريان رياستي ادارا جيڪي ملڪ جي سرحدن جا محافظ آهن اهي غيرقانوني غيرملڪين جي يلغار کان لاتعق رهندا آيا آهن،..جڏهن ته ملڪ سان غداري ۽ را جي ايجنٽ هجڻ جا الزام سنڌين تي هڻي انهن کي ملڪ جي پاليسي ساز ادارن مان ڪڊي ناني ويڙھو ڪري ملڪ هلائين پيا، جنهن جا نتيجا سڀن جي سامهون آهن..... هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪيئن غيرقانوني غيرملڪين کي رياستي ادارن جا اهلڪار تحفظ ڏئي داخلائون ڪرائي وري ڪوڙن ڊوميسائيلن جي نوڪريون ڏيارين ٿا.....

22/12/2021

ڪراچيء ۾ مختلف نسلن,مختلف قوميتن ۽ مختلف ملڪن جا ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن جن جا ڀلي پاڻ ۾ ڪي نسلي, سماجي يا سياسي اختلاف هجن پر سندن آخري جهيڙو صرف سنڌين سان ٿيڻو آهي. مثلن مهاجر, پنجابي, سرائڪي, هزاريوال, پٺاڻ افغاني, بهاري, برمي پاڻ ۾ ڪو به ربط رابطو يا هڪجهڙائي نٿا رکن پر انهن منجهان ڪو به سنڌين کي ڪراچيء ۾ برداشت ڪرڻ لاء تيار ڪونهي ڇو ته کين خبر آهي ته سنڌي ڌرتي ڌڻي آهن. سنڌي ڪراچيء ۾ منظم ۽ متحرڪ ٿيا ته ٻين سڀني نسلي گروهن جي نيڪاليء جو مطالبو ڪندا. ڪراچيء جي مالڪيء جو جهيڙو هاڻي معاشي مفادن کان اڳتي وڌي جاگرفيائي حدن جي ڦير گهير تائين پهچي چڪو آهي. ڪراچيء جي ستر سيڪڙو زمين ڌارين جي هٿ وس آهي جن ۾ ست فوجي ڇانوڻيون به شامل آهن. باقي ٽيھ سيڪڙو زمين جا مالڪ سنڌي ۽ بلوچ آهن.
ڊاڪٽر برڪت نوناري۔

20/12/2021

اڄا ويھا ريون سنڌ ۾ اصل گدار ته پنھنجا ھن جيڪي ھنن کي چند ٽڪن عيوض ھر شي وڪڻي ٿا ڏين

‏سنڌ حڪومت تي ھن ليجنڊ سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ نصير سومري جو حق آھي يا عمر شريف جو جيڪو اڳ ئي ڪروڙ پتي آھي
17/09/2021

‏سنڌ حڪومت تي ھن ليجنڊ سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ نصير سومري جو حق آھي يا عمر شريف جو جيڪو اڳ ئي ڪروڙ پتي آھي

خيرپور جي وڏي ۾ وڏي  جامع مسجد جي اڳيان روزانه جو ڪيترن ئي سالن کا معمول ... مولوي صاحبان کي عرض ته هن تي به هڪ احتجاج ٿ...
15/09/2021

خيرپور جي وڏي ۾ وڏي جامع مسجد جي اڳيان روزانه جو ڪيترن ئي سالن کا معمول ... مولوي صاحبان کي عرض ته هن تي به هڪ احتجاج ٿئڻ کپي روز جو مسئلو پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل هن جا گڏيل زميوار آھن شھر جي هر مڪتب فڪر جي ماڻھن کي هن تي گڏيل احتجاج ڪرڻ گهرجي

Sindh jo shunroo naqshoo❤️❤️
13/09/2021

Sindh jo shunroo naqshoo❤️❤️

11/09/2021

افغانستان دوست ملڪ آھي مدد لاء هر وقت تيار آھيون:

شيخ رشيد

راء ساهڙ لانگاھ (سلطان قطب الدين) #جنهن وقت عربن سنڌ تي قبضو ڪيو تنهن وقت ملتان سنڌ جو پرڳڻو (صوبو) هيو۔ اموي خلافت جي د...
11/09/2021

راء ساهڙ لانگاھ (سلطان قطب الدين)
#جنهن وقت عربن سنڌ تي قبضو ڪيو تنهن وقت ملتان سنڌ جو پرڳڻو (صوبو) هيو۔ اموي خلافت جي دوران ملتان سنڌ سان ڳنڍيل ئي رهيو هئو پر عباسي خلافت جي دوران سنڌ ۾ حباري عربن جي حڪومت قائم ٿي ته ملتان تي مديني مان آيل سيدن جي حڪومت قائم ٿي جن کي خراساني شيعن جي مدد حاصل هئي۔
چوڏهين صدي عيسويء ۾ ملتان تي سبي (قديم سنڌ ۽ موجوده بلوچستان) مان لڏي آيل سنڌي جتن (لانگاهن) جي حڪومت قائم ٿي جنهن جو حاڪم راء ساهڙ لانگاھ ٿيو۔ راء ساهڙ لانگاھ پاڻ سان گڏ ميراڻي قبيلي کي سبيء مان گهرائي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو۔ نواب غازي خان ميراڻيء ڊيره غازي خان جو شهر ٺهرايو ۽ نواب اسماعيل خان ميراڻيء ڊيره غازي خان جو شهر ٺهرايو۔ لانگاهن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ کان پوء ڊيره اسماعيل خان تي جسڪاڻين قبضو ڪيو۔
لانگاهن جي دور ۾ ملتان هڪ الڳ رياست رهيو۔ جنهن وقت سنڌ تي ارغونن قبضو ڪيو ته ملتان کي ٻيهر سنڌ ۾ شامل ڪيائون۔ هندوستان جي مغل بادشاھ ملتان تي قبضو ڪري دهلي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو..

#تحقيق

‏اسان ته پنهنجي ساھ وڪڻندا آهيون ماڻهو ان کي ڦوڪڻو چوندا آهن
11/09/2021

‏اسان ته پنهنجي ساھ وڪڻندا آهيون
ماڻهو ان کي ڦوڪڻو چوندا آهن

09/08/2021

#شماريات کاتي سنڌ صوبي ۾ ڊويزن وار مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 آبادي رکندڙ سنڌ صوبي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد 2 ڪروڙ 94 لک 76 هزار 764، ٻئي نمبر تي اردو ڳالهائيندڙن جو 87 لک 7714، ٽئين نمبر تي پشتو ڳالهائيندڙ 26 لک 13 هزار 790، چوٿين نمبر تي پنجابي ڳالهائيندڙجو تعداد 25 لک 42 هزار 913 آهي. پنجين نمبر تي سرائيڪي ڳالهائيندڙن جو تعداد 10 لک 67 هزار 751 ان بعد بلوچي ڳالهائيندڙ 9 لک 56 هزار، هندڪو ڳالهائيندڙ 7 لک 53 هزار، بروهي ڳالهائيندڙ 3 لک 50 هزار ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 3 لک 15 هزار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حيدرآباد ڊويزن ۾ هڪ ڪروڙ 5 لک 96 هزار آبادي مان پهرين نمبر تي سنڌي، ٻئي تي اردو، ٽئين نمبر تي پشتو ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪراچي جي هڪ ڪروڙ 60 لک آبادي ۾ پهرئين نمبر تي اردو، ٻئي تي پشتو، ٽئين تي پنجابي ۽ چوٿين نمبر تي سنڌي، پنجين نمبر تي بلوچي، ڇهين نمبر تي هندڪو ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. لاڙڪاڻي ڊويزن جي 61 لک 90 هزار آبادي ۾ سنڌي سڀ کان وڌيڪ، ٻئي نمبر تي بلوچي، ٽئين نمبر تي بروهي، ميرپورخاص ڊويزن جي 42 لک آبادي ۾ پهرئين نمبر تي سنڌي، ٻئي تي اردو، ٽئين نمبر تي پنجابي، شهيد بينظيرآباد ڊويزن 52 لک 75 هزار آبادي ۾ پهرئين نمبر تي سنڌي، ٻئي تي اردو ۽ ٽئين نمبر تي پنجابي، سکر ڊويزن ۾ پهرئين نمبر تي سنڌي، ٻئي تي اردو ۽ ٽئين نمبر تي پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ موجود آهن..

Sambhlay rkho kam endw
04/08/2021

Sambhlay rkho kam endw

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Khairpur News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share