Moro News

Moro News Moro Sindh

09/08/2023

مورو جا شھري مڇرن جو کاڄ بڻجي ويا مليريا جو مرض وائرس جيئان پکڙجي ویو ھر روز 200 جي لڳ ڀڳ ڪيس رپورٽ ٿيڻ لڳا عوام سخت ازيت م مبتلا

08/08/2023

مورو ڳوٺ ڇٽو شينو ڏانھن لاش کڻي ويندڙ GHSS نوان جتوئي جي اسسٽنٽ مولا بخش شينو کان مناھي وٽ ڦورن جي ڦر، متاثرن جو احتجاج ڌرڻو.

07/08/2023

مورو ويجھو پرڻ وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ڪار ڪلٽي ٿي وئي، ٻہ ڄڻا سخت زخمي اسپتال منتقل.

11/07/2023

مورو...
مورو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري صحافي عزيز ڪورائي جي ڀاءُ قادر ڪورائي کان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار 3 ھٿيار بند پسٽل جي زور تي ھيون سٽي ڀرسان موبائيل فون روڪ رقم ڦر ڪري فرار...!!!

09/07/2023

مورو شھر جي ملڪ ڪالوني مان نامعلوم چور ڊاڪٽر قربان ڀٽي جي ڪلينڪ مان پاڻي وارو موٽر، سولر پليٽ، پنکو، بيٽري ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا.

مورو مورو م تحريڪ انصاف پاڪستان مورو پاران سوئيڊن ۾ قرآن شريف جي بي حرمتي خلاف مظاهرو احتجاج ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي پريم...
07/07/2023

مورو
مورو م تحريڪ انصاف پاڪستان مورو پاران سوئيڊن ۾ قرآن شريف جي بي حرمتي خلاف مظاهرو احتجاج ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي پريم سنڌي، سڄڻ ڏيپر، قربان کوسو، امام بخش ڪوريجو، ثنا اللہ مستوئي، اسد کوسو، امتياز کوسو، وڪيل ڀٽي ء ٻيا ڪري رھيا ھئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي مطالبو ڪيو آھي تہ پاڪستان حڪومت سوئیڊن ملڪ سان مڪمل بائیڪاٽ ڪري ء قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ لاء دنيا جي مسلمان ملڪن سان اتحاد قائم ڪن..

اڄ فجر کان بلوچستان جي علائقن ۾ تيار ٿيندڙ برسات جو سسٽم جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي طرف لھي آيو جنهن سبب سٺي برسات وسي، سسٽم ته...
06/07/2023

اڄ فجر کان بلوچستان جي علائقن ۾ تيار ٿيندڙ برسات جو سسٽم جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي طرف لھي آيو جنهن سبب سٺي برسات وسي، سسٽم ته هاڻ شروع ٿيو آھي ۽ وڌيڪ طاقتور ٿي خيروپور، سکر، ڪشمور، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ ٻين علائقن ۾ برسات وسائيندو، هيءُ سسٽم مغربي هوائن جي اثر هيٺ عربي سمنڊ جي گهم مان تيار ٿيو آھي ۽ زبردست جهڙ تيار ٿي رهيو آھي جنهن جي برسات سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ اڄ جاري رهندي. وڌيڪ اپڊيٽ ڪجهہ ساهيءَ کان پوءِ جاري ڪبي.دادو، لاڙڪاڻو، سکر، قمبر، ڪشمور، مورو، خيرپور، گهوٽڪي، نوشھرو فيروز، ڀريا، ڪنڊيارو، گمبٽ ۽ ٻين علائقن لاءِ برسات ٺھي وئي، گرمي گَهٽجي ويندي.

هاڻي اهو سسٽم ختم نه ٿيندو پر اڄ ٿرپارڪر کان ايندڙ سسٽم پڻ هن کي گهم فراهم ڪندو ۽ شام تائين جهڙ پڻ اچي هن سسٽم سان ملي ويندو، دادو، لاڙڪاڻو، سکر، قمبر، ڪشمور، مورو، خيرپور، گهوٽڪي، نوشھرو فيروز، ڀريا، ڪنڊيارو، گمبٽ جي علائقن ۾ جلد برسات وسي سگهي ٿي ۽ وچولي جي علائقن لاءِ پڻ اڄ مجهند تائين بادل ٺھڻ لڳندا، اڄ سنڌ مان گرميءَ کي ڏيھہ نيڪالي ملندي.

05/07/2023

مورو ويجھو ڳوٺ باگو سيٺار ۾ سيٺار برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ ھڪ ٻارڙي سميت ٽي ڄڻا گوليون لڳڻ سبب زخمي.

مورو ڳوٺ سرائي علي خان جروار ۾ قتل ٿيل نوجوان ذاڪر جروار جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار. جسقم پاران مھلت ڏني وئي ھئي.
21/06/2023

مورو ڳوٺ سرائي علي خان جروار ۾ قتل ٿيل نوجوان ذاڪر جروار جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار. جسقم پاران مھلت ڏني وئي ھئي.

ڏک جي خبرزندگي جا ڳچ عرصو مورو اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ نفيس طبعيت رکندڙ ھر ھڪ سان مسڪرائي ملڻ واري شخصيت مولا بخش سومرو عرف ...
19/06/2023

ڏک جي خبر

زندگي جا ڳچ عرصو مورو اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ نفيس طبعيت رکندڙ ھر ھڪ سان مسڪرائي ملڻ واري شخصيت مولا بخش سومرو عرف ناني ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو جنھن جي جنازي نماز شام جو نوابشاھ ۾ ادا ڪئي ويندي.

07/04/2023

Coming Soon

دنيا ليول تي ملھ پھلواني ۾ جوھر ڏيکاري ايوارڊ، گولڊ ميڊل، منڃتا سرٽيفڪيٽ، پاڪستان ۽سنڌ جو نالو روشن ڪري *فخر پاڪستان* جو...
23/01/2023

دنيا ليول تي ملھ پھلواني ۾ جوھر ڏيکاري ايوارڊ، گولڊ ميڊل، منڃتا سرٽيفڪيٽ، پاڪستان ۽سنڌ جو نالو روشن ڪري *فخر پاڪستان* جو لقب ماڻيندڙ ملھ پھلوان الھداد عرف دادلو راھو روڊ حادثي ۾ فوت، ملھ پھلوان مورو ويجھو درگاھ سيد حاجن شاھ نعري ڌڻي نر جي ميلي ۾ ملھ مقابلي بعد واپسي تي ڪريم آباد وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب زخمي ٿي پيو نوابشاھ اسپتال ۾ زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو..

مورومورو شھر مان چوري بعد مورو پوليس پاران برآمد ڪيل 8 موٽرسائيڪلن مان ھڪ جي سڃاڻپ نوجوان تنوير ملڪ جي موٽرسائيڪل ثابت ٿ...
22/01/2023

مورو
مورو شھر مان چوري بعد مورو پوليس پاران برآمد ڪيل 8 موٽرسائيڪلن مان ھڪ جي سڃاڻپ نوجوان تنوير ملڪ جي موٽرسائيڪل ثابت ٿي جنھن تي موٽرسائيڪل مالڪ تنوير ملڪ مورو ٿاڻي تي پھچي ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر کي نوٽن جو ھار پارائي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ شڪريو ادا ڪيو ان موقعي تي اصل ڪاغذ چيڪ ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل تنوير ملڪ حوالي ڪئي وئي....

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Moro News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share