21/06/2024
هي فقط سکر بئراج جو لوهي در ناهي لُڙھيو , مگر هي لوڙھي ويو آهي سنڌ جي مسڪين هارين ۽ زميندارن جون آسون , اُميدون ...
ڪالھ تائين روهڙي , نارا , دادو ۽ رائيس ڪئنال سميت سکر جا ٻيا ڪئنال ايلوڪيشن توڻي گهرج کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ باوجود به پوڇڙين تائين پاڻي نه پُھچائي رهيا هُئا , اڄ اُنهن ڪئنالن ۾ پاڻي ڊسچارج گهٽائي وئي آهي , منڍ کان گهٽ ڪيل پاڻي پوڇڙين ۾ وري به وڌيڪ کوٽ پيدا ڪندو , ....
بقول آبپاشي کانتي جي هي در پاڻي جي پريشر جي ڪري لُڙھي ويو آهي , جڏهن ته سکر اپ اسٽريم تي پاڻي هڪ لک ڪيوسڪ آهي , خدا خير ڪري جڏهن اهو پاڻي ست , اٺ لک ڪيوسڪ تي پهچندو ته پوء سمورو بئراج ئي لُڙھي ويندو , هر سال بئراج جي مرمت لاء آيل اربين روپيا ڪيڏانهن ويا , هر سال جنوري ۾ ٿيندڙ سالياني وارابندي جي وقت بئراج جي جانچ ڇو نه ڪئي وئي ....
رب پاڪ رحم ڪري , باقي لڳي ائين ٿو ته سکر بئراج جا پساھ پورا ٿيڻ وارا آهن , اگر سکر بئراج جا پساھ پورا ٿيا ته ائين سمجهڳ سنڌ جا پساھ پورا ٿي ويندا , هي بئراج سنڌ جي معشيت جي سگھ آهي , سنڌ جي سُونهن آهي , وس وارن کي اپيل آهي ته خداراه سنڌ جي سگھ ۽ سنڌ جي سُونهن کي اُجاڙڻ بدران سنواريو .... !