04/08/2023
واشنگٽن(پ ر) آمريڪا ۾ جسقم چيئرمين شهيد بشير قريشي جي 11 ورسي جسقم آمريڪا طرفان ورجنيا جي شهر پيٽسبرگ ۾ ملهائي وئي. ورسي تقريب ۾ شهيد بشير قريشي جي ويجهن ساٿين ۽ جسقم آمريڪا جي اڳواڻن حبيب ڀٽو،عطا وسطڙو، سينيئر صحافي فاروق سومرو، شوڪت زرداري، ايم بي ٻٻر، شايان لغاري،شعيب ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات سنڌ جي قومي تراني سان ڪري ميڻ بتيون ٻاري ۽ گلن سان بشيرخان کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ حبيب ڀٽو، عطا وسطڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ هزارين سالن کان سنڌين جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي بندوق جي زور تي قبضو قائم ڪري 76 ورهين کان ڌرتي ڌڻين سان جبر ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري رکيوويو آهي. هنن چيو ته شهيد بشير خان قريشي کي سائين جي ايم سيد پاران سنڌ جي آزادي جي راهه تي هلندي پرامن جدوجهد ذريعي دنيا ۾ سنڌ جو ڪيس اجاگر ڪرڻ سبب کيس رياستي ادارن شهيد ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته ادام جو ايمان آهي ته تاريخ بشير خان جي خون سان انصاف ڪندي سندس قرباني سان سنڌ ضرور آزادي ماڻيندي. هنن چيو ته وطن جي آزادي لاءِ مقصود قريشي، سرائي قربان کهاوڙ سميت هڪ ڊگهي تاريخ آهي، رياستي ادارن جي جبر ۽ ڏاڍ سبب قومي ڪارڪنن جي شهادتن ۽ کين کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي. هنن چيو ته بشير خان سنڌي ماڻهن کي پنهنجي محبت ۽ نياز نوڙت سبب پنهنجو ديوانو ڪيو، سندس سنڌ جي آزادي جي ڪيل تبليغ جي ڪري لکين قومي ڪارڪنن ۽ ڌرتي ڌڻين ڪراچي ۾ تاريخي مارچ ڪيا. هنن چيو ته قبيلائي تڪرار سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي لاءَ وڏي رڪاوٽ آهن، قومي قيادت شهيد بشيرخان جي واٽ تي هوندي سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. هنن گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان گهر ڪئي ته هو سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو نوٽيس وٺي سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪرائن. ان موقعي تي سينئر صحافي فارق سومرو, شوڪت زرداري ۽ ايم بي ٻٻر پڻ خطاب ڪندي شهيد بشير قريشي کي لفظن جي ڀيٽا ڏي