Sujaag News Ratodero

Sujaag News Ratodero News
(5)

19/08/2024

رتوديرو بائي پاس تي ٻير واري هوٽل لڳ گوليون لڳل لاش هٿ جنھن جي سڃاڻپ عبدالجبار سيانچ طور تي ٿي آهي، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي وارثن افسوسناڪ واقعي بابت ڳالهائيندي چيو ته اسانجي نوجوان کي ظالمن بيدرديءَ سان قتل ڪري ظلم جي انتها ڪئي آهي في الحال پوليس جاچ ڪري وٺي جنهن کان بعد ئي پنهنجو موقف ڏينداسين،

19/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو نيشنل پريس ڪلب جي صدر مظفر بوزدار کان ڦر واري واقعي کان بعد قلم ڌڻي روڊن تي نڪري آيا، ٽريفڪ معطل، پوليس خلاف ڇتي نعريبازي، صحافين پاران ايس ايڇ او کي 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏيندي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر مظفر بوزدار سميت ٻين صحافين سجاڳ نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ورهين کان شهر اندر چوريون ڦرون ڌاڙا روزانو جو معمول بڻيل آهن پر هاڻي صحافي به غير محفوظ آهن، ڏوهاري ٽولا ديدا دليريءَ سان سر عام روڊن تي اچي ھٿيارن جي زور تي قيمتي سامان کسڻ سان گڏ تشدد پيا ڪن پر پوليس جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري ويتر ايس ايڇ او کي هٽائي نئون ايس ايڇ او آندو پيو وڃي وري جڏهن نئون ايس ايڇ او چارج پيو وٺي ته اهو پنهنجي جان اهو چئي ڇڏائي پيو ته منھنجي هوندي واردات ڪونه ٿي آهي جيڪو سراسر ظلم آهي، هڪ قلم ڌڻي جيڪو سڄي زندگي ٻين جي حقن لاءِ آواز پيو اٿاري مسڪين بي پهچ ماڻهن جي حقن جي خاطر هر قرباني پيو ڏِئي اهو به هتي بيوس بڻيل آهي،
هُنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ٿا ڪيون ته واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڦر ٿيل سامان رڪور ڪرائي ڏنو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

19/08/2024

افسوسناڪ خبر
رتوديرو بائي پاس تي ٻير واري هوٽل لڳ عبدالجبار سيانچ جو گوليون لڳل لاش هٿ ...!!!
وڌيڪَ تفصيل ڪجھ دير بعد شيئر ڪئي ويندي

19/08/2024
18/08/2024

رتوديرو ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، شھدادڪوٽ روڊ تي اڻڄاتل هٿياربند ھٿيارن جي زور تي رتوديرو نيشنل پريس ڪلب جي صدر مظفر علي بوزدار کان CD70 موٽر سائيڪل 2023 ماڊل، 2 عدد موبائل فونز سميت نقد رقم ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته مزاحمت تي زخمي پڻ ڪيو ويو،

ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو....!!!(تعلقي رتيديري جي اسپتال ۾ لُٽ ڦُر وارو معامرو)Part 1سليم الله خان جلباڻي 0333754737...
17/08/2024

ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو....!!!
(تعلقي رتيديري جي اسپتال ۾ لُٽ ڦُر وارو معامرو)
Part 1

سليم الله خان جلباڻي 03337547370

تعلقي رتيديري جي اسپتال ۾ سهولتن، اسٽاف، دوائون جي کوٽ سميت مختلف معاملن تي ڪيترائي ڀيرا لکيو آهي هن ڀيري به ڪوشش ڪندس ته جيڪو لکان اُن جو ثبوت به اوھان آڏو رکان پوءِ فيصلو ڪرڻ اوھان جو ڪم آهي ته انتظاميا ان ۾ ملوث آهي يا هيٺيون عملو لُٽ ڦر پيو ڪري پر هن ڀيري ڪوشش ڪبي ته قسطن ۾ لکجي ڇاڪاڻ ته سرڪاري دوائون جي وڪري، لوهه جي چوريءَ سميت جنريٽر مان سامان، اي سي چوري ڪري ڪٻاڙيءَ وٽ کپائڻ ۾ مختلف ماڻهو مُلوث آهن جن الڳ الڳ وائکو ڪجي ته بهتر هوندو پر مونکي افسوس اِن ڳالهه جو پيو ٿِئي ته انهن کي اڄ تائين نه ڪنهن وائکو ڪيو نه ئي ڪنهن شڪايت ڏني جڏهن به شڪايتون مليون ته لاڙڪاڻي رفر ڪرڻ سميت دوائون نه ملڻ جون مليون پر هن ڀيري هر اُن ڪردار کي وائکو ڪندس جيڪو ان گورک ڌنڌي ۾ ملوِث آهي اُنھن کي هرگز معاف نه ڪندس جيڪي لکين رپيا پگهارون کڻڻ سميت لُٽ ڦر پيا ڪن يا انهن جا ڀاڱي ڀائيوار آهن،
ان لاءِ سڀ کان پهريان شروعات تعلقي رتيديري جي ايڊمنسٽريٽر جنيد عزيز جتوئي صاحب جن سان ڪئي آهي جن جي هوندي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هي سڀ ڪجهه ورهين کان جاري آهي جنھن جي شڪايت نه هُنن ڪڏهن ڪئي آهي نه ئي ڪندا جنھن مان ثابت پيو ٿِئي ته سائينءَ جن به ان ڪرپٽ ٽولي سان ڀاڱي ڀائيوار آهن پر ان کان پهريان جو پهريان پنڊورا باڪس کوليان سائينءَ جن بابت اُڏندي خبر ثبوتن سميت آئي آهي ته سرڪار جن ميونسپل ڪاميٽي سيوهڻ شريف جا سي ايم او آهن پر 80 هزار رپيا پگهار اتان کڻڻ سان گڏ تعلقي رتيديري مان به 1،20000 هڪ لک ويھ هزار رپيا پگهار پيا کڻن جنھن جي اڄ تائين ڪنھن بہ شهريءَ کي خبر ڪونه پئي آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن ثبوت کان بعد سائينءَ جن پنهنجي صفائيءَ ۾ ڇا پيا فرمائين...!! ته هڪ نوڪري ڇڏي آهي يا هي جيڪا مان لسٽ شيئر ڪئي آهي اها غلط آهي!!!

17/08/2024

رتوديرو چاندني چونڪ جا رهواسي بنيادي سهولتون نه ملڻ تي انتظاميا خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا، لوڪل انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي رهواسين طارق علي عمراڻي، عبدالله بروهي، منظور رند، جاويد ٻپڙ، جان محمد لاشاري ۽ ٻين سجاڳ نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ورهين کان سپوٽر آهيون اُن باوجود لوڪل انتظاميا هن مھل تائين ترقياتي ڪم ڪونہ ڪرائي ڏنا آهن جنھن جي شڪايت ڪيترائي ڀيرا لوڪل سٽي جي قيادت کي ڏني آهي پر پوءِ به تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي،
هُنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر کي اپيل ٿا ڪيون ته معاملي جو نوٽيس وٺي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

16/08/2024

ٿورا م ٿورا الله پاڪ جي سخي ٻانھن جا 🌹

جن عمراڻي چونڪ نوناري محلا جي رهواسي جوڻيجا ذات جي پورهيت جي گهرواريءَ جِي ڊليوريءَ لاءِ 3000/2000/1000/1000 ٽوٽل 7 هزار رپيا امانت موڪلي جيڪا مسڪين غريب پورهيت کي پهچائي آياسين رب پاڪ چئني ڀائرن کي اجر عظيم عطا فرمائڻ سان گڏ اسانجون نيڪيون قبول فرمائي آمين يارب العالمين

16/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو وارڊ 1 عمران سٽي ۾ گٽرن، نالين جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيڻ سبب رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا، ڇتي نعريبازي، انتظاميا کان نوٽيس وٺڻ جي گهُر، ان موقعي تي رهواسين ان موقعي تي رهواسين گلاب خان پريو، سفير ميمڻ، عبدالوحيد ويسر، غلام سرور سولنگي، وقار احمد سومرو، نهال خان رند، فاروق ابڙو، زاهد گهانگهرو، ڊاڪٽر حماد الله ابڙو، عبدالڪريم مرکياڻي، عبدالطيف ميمڻ ۽ ٻين سجاڳ نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لڳ ڀڳ هڪ سال اڳ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف سجاڳ نيوز تي دانهين ٿيا هئاسين جنھن کان بعد انتظاميا سميت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت نوٽيس ورتو هيو جنھن کان بعد ڊرينيج جو سسٽم فعال ڪرڻ لاءِ ٽينڊر منظور ٿيو پر هڪ بااثر شخص ترقياتي ڪم تي اعتراض ڪري پٽيشن داخل ڪرائي جنھن کان بعد نالين جو ڪم بند ڪرايو ويو آهي جنھن سبب سخت تڪليفن سان منهن ڏئي رهيا آهيون نالين گٽرن سميت برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب اڪثر روڊن تي گندو بيهجي وڃي ٿو، جنهن سبب معصوم ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ ۽ رهواسين کي مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاء ويندي تڪليف پئي ٿِئي، جنھن جي شڪايت انتظاميا سميت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي لوڪل قيادت کي به ڪئي آهي پر ڪوئي به تدارڪ ڪونه ٿو ڪيو وڃي،
هُنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر ۽ اعجاز احمد لغاري سميت لوڪل سٽيءَ جي قيادت کي اپيل ٿا ڪيون ته معاملي جو نوٽيس وٺي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

15/08/2024

اچو رتيديري ۾ سرڪاري بلڊ بئنڪ لاءِ گڏجي آواز اٿاريون

رتوديرو رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370رتوديرو ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي جي حوالي سان ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين منير خا...
14/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي جي حوالي سان ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين منير خان جلباڻي جي اڳواڻيءَ ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين استادن قومي پرچم کڻي پاڪ فوج زنده باد پاڪستان زنده آباد جي نعريبازي ڪئي وئي ، جڏهن ته 14 آگسٽ جي عظيم الشان ڏهاڙي تي نيشنل پريس ڪلب رتوديرو ۾ صحافي برادريءَ پاران پروقار تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽي ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ دعائون ڪيون ويون، ان موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين منير خان جلباڻي جن سجاڳ نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته رب پاڪ پاڪستاني قوم کي تمام صلاحيتن سان مالا مال ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي صلاحيتن کي سٺي نموني استعمال ڪيون ته اسان پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي دنيا جي ترقي يافتہ قومن سان گڏ بيهاري سگهون ٿا پر ان لاءِ اسان سڀني کي گهرجي ته پنهنجي اولاد کي بهتر تعليم ڏيڻ سان گڏ ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪيون، 14 آگسٽ جو عظيم الشان ڏهاڙو سموري قوم لاءِ نعمتن رحمتن کان گهٽ ڪونه آهي، هن ڏهاڙي تي رب پاڪ اسان مٿان خاص ڪرم ڪيو جو اسانکي آزادي نصيب ٿي پر اسانکي اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته ملڪ جي آزاديءَ سميت قوم جي بهتر مستقبل خاطر شهيدن هزارين قربانيون ڏئي جانيون جو نذرانو ڏنو، جيڪي اسان لاءِ هيروز آهن،
جڏهن ته پاڪستان جي 77 هين آزاديءَ واري ڏهاڙي تي رائل سائنس اسڪول, گيلڪسي اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ريلي ڪڍي ملڪ سميت پاڪ فوج سان محبت جو اظهار ڪندي چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي کي اسين عيد جي تهوار جيان ملهائي دنيا کي پيغام ڏيندا آھيون ته توڙي جو پنهنجي ملڪ کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن پر ان باوجود قوم پنهنجي ملڪ جي سالميت خاطر پاڪ فوج سان هر وک تي ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي، ھوڏانھن ان حوالي سان نيشنل پريس ڪلب رتوديرو ۾ صحافي برادريءَ پاران پروقار تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو جنھن ۾ سنڌ ٽي وي لاڙڪاڻي جي بيورو چيف گلبهار شيخ، پ پ پ اڳواڻ سيد علي شاھ جيلاني، پ پ اقليتي ونگ جي اڳواڻ ۽ هندو پنچائت رتوديرو جي مکي سنيل ڪمار ڊيمباڻي، صوفي فائونڊيشن پاڪستان جي چيئرمين صوفي ڪنورلعل ماکيجا، سجاڳ نيوز جي سرواڻ سليم الله خان جلباڻي، عبدالجبار بوزدار، پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر راحب علي بروهي، محمدياسين بروهي، سائين علي اڪبر سومرو، عبدالغني عرف اي جي جلباڻي، محمد سعيد قريشي، مجيب الرحمٰن جوڻيجو، مختيار علي بليدي، احسان بوزدار ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب ۾ آيل مهمانن 14 آگسٽ جي ڏهاڙي تي بهترين پروگرام منعقد ڪرڻ تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر مظفر علي بوزدار، جنرل سيڪريٽري عزيز الله رند، حبيب الرحمٰن جوڻيجو، عصمت الله ڪنڀر، ڪمليش ڪمار دولتاڻي، محمد وقاص کوکر، عرفان علي اوڍاڻو، فياض حسين ڀٽو، الطاف حسين گهانگهرو ۽ خالد حسين ابڙو کي مبارڪون ڏئي جشن آزاديءَ جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ دُعا پڻ گھري وئي،

14/08/2024

ٿورا م ٿورا الله پاڪ جي سخي ٻانهي جا جن 5500 رپيا امانت موڪلي 🌹

جنھن مان 10 عدد قرآن مجيد، 30 عدد قاعده، 10 رحل خريد ڪري مدرسي جي طالبعلمن کي پهچائي آياسين رب العالمين سائينءَ جن کي اجر عظيم عطا فرمائڻ سان گڏ اسانجون نيڪيون قبول فرمائي، آمين

13/08/2024

رتيديري ۾ پورهيو ڪندڙ 3 معصوم ٻارڙن جي مدد 🙏

12/08/2024

Thanks to Allah Almighty 🙏

11/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو تعلقي اسپتال ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري جن جو اوچتو دورو، ايمرجنسي وارڊ جو دورو ڪري مريضن کان مسئلا معلوم ڪيا، ان موقعي تي هُنن تعلقي اسپتال جي ايم ايس سيد شاهه حسين شاهه جن کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران عوام جي علاج لاءِ سرڪاري اسپتالن کي گهربل دوائن سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن انڪري مريضن کي ڪنهن به قسم جي شڪايت جو موقعو نه ملڻ گهرجي، جڏهن ته اسپتال ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائي پيئڻ جي صاف پاڻي جو جوڳو بندوبست پڻ ڪيو وڃي، جيئن ايندڙ مريضن کي ڪنهن به مشڪلات سان منهن نه ڏيڻو پئي، جڏهن ته ان موقعي تي تعلقي اسپتال لاءِ ڪمپريسر وارو ٿڌي پاڻيءَ جو ڪولر پڻ انتظاميا کي ڏنو ويو،
ھوڏانھن ان حوالي سان تعلقي اسپتال جي ايم ايس سيد شاهه حسين شاهه جن ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ مريضن کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسانجو اولين فرض آهي جيڪو اڳ به بخوبي ادا ڪيو آهي انشاء الله اڳتي به ادا ڪنداسين، اسپتال لاءِ ڪمپريسر وارو ٿڌي پاڻيءَ جو ڪولر ڏيڻ تي پڻ اعجاز احمد لغاري جن جو شڪريو ادا ڪيو،
جڏهن ته وزٽ دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ سردار آغا علي نواز خان جلباڻي، زاهد حسين جلباڻي، ميونسپل ڪاميٽي جا چيئرمين منير خان جلباڻي، وائيس چيئرمين نديم احمد سومرو ۽ ٻيا پ پ پ جا اڳواڻ ڪارڪن ساڻس گڏ هئا،

11/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو ۾ ايس ٽي پي جي اڳواڻن ڪارڪنن پاران لاڙڪاڻي ۾ بيگناهه قتل ٿيل امجد شاهه جي وارثن جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪامريڊ اختربليدي، صدرايراني، سيد سجاد شاھ، رجب شاھ، جاويد شاھ، عذيرسومرو سجاڳ نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٻه هفتا اڳ پئسن جي معامري تان لاڙڪاڻي جي سچل ٿاڻي جي حد ۾ بيگناهه امجد شاهه جن کي قتل ڪيو ويو جيڪو ميڊيڪل جو شاگرد هيو، جنھن جي رپورٽ حد واري ٿاڻي تي داخل هئڻ باوجود هن مهل تائين مُک جوابدار مک صفدر چنجڻي گرفتار نه ٿي سگهيو آهي جنھن سبب اسين سڀ سراپا احتجاج بڻجي لاڙڪاڻي ضلعي جي سياسي ڳڙهه شهيدن جي شهر رتيديري اِها اُميد کڻي پهتا آهيون ته شهيد جي خون سان انصاف ٿيندو،

10/08/2024

ٿورا م ٿورا الله پاڪ جي سخي ٻانھن جا 🌹

جن 3 ديني مدرسن لاءِ UK کان 22 هزار رپيا امانت موڪلي، جنھن مان 36 عدد قرآن پاڪ، 90 عدد بغدادي قاعدا، رحل 63 عدد خريد ڪري آياسين، جڏھن ته رتيديري جي ٻن ڀائرن جو به شڪر گذار جن 7 هزار رپيا، 2 هزار رپيا امانت موڪلي جنھن مان مسجد لاءِ سولر پليٽ خريد ڪري آيا هئاسين، رب پاڪ سڀني ڀائرن کي اجر عظيم عطا فرمائڻ سان گڏ اسانجون ڪاوشون قبول عطا فرمائي آمين

10/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو لڳ ڳوٺ پير بخش جلباڻي جي رهواسي جلباڻي برادري جي گهرن تي حملو ڪري هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاء عبدالمجيد جلباڻي ۽ حاجي خان جلباڻي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج، ان موقعي تي عبدالمجيد، حاجي خان صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته 9 محرم تي اسان جي برادري جي ماڻهن ٻارن جي معمولي ڳالھ تي حملو ڪري اسان جي هڪ ڀاءُ امير علي جلباڻي کي قتل ڪيو هو وري هڪ ڀيرو ٻيهر هنن اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري اسان جي ڀاءُ ذوالفقار علي جلباڻي کي گولين جو کاڄ بڻائي مرڻينگ ڪيو جوابدار ڌر سعيد جلباڻي، رشيد ۽ وحيد جلباڻي وارن تي ٻه ايف آء آرون ٿيل آھن پوليس هنن کي گرفتار نٿي ڪري جوابدر ڌر هاڻ به اسان ڏي جاني مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون موڪلن ٿا، هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

10/08/2024

ڪراچي (رپورٽر)
ڪراچيءَ ۾ سنڌي پورهيتن کي جبري نيڪاليءَ ۽ تعصباڻي رويي خلاف اختر خان ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو، نوجوانن ايم 15 آڏو ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اختر خان ابڙو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته خانگي ڪمپنيءَ جو ايڊمن آفيسر سلمان سنڌي نوجوانن سان تعصباڻو روِيو رکي نيڪالي ڏني آهي جڏهن اُن کان جبري نيڪاليءَ جو سبب پڇا ڪيو ويو ته چوڻ لڳو مونکي انهن جي شڪل پسند ڪونه آهي، ڪٿان جا آهن ڪهڙي خاندان جا آهن اِها با خبر ڪونه آهي جنھن سبب جبري نيڪالي ڏني آهي، جنھن مان صاف ظاهر آهي ته هن کي سنڌي پورهيتن لاءِ من اندر ڪينو ڪدورت آهي، جنھن کي اسين ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪونه ڪنداسين، پورهيتن کان ڏھ ڏھ ڏهاڙا ڪم به ورتو ويو آهي جڏهن ته اُن جو معاوضو ڏيڻ کان بغير نيڪالي ڏني وئي جنھن سبب هتي گڏ ٿيا آهيون، اڄ هڪڙي ڪال تي نوجوانن ساٿ ڏئي ڌرڻو ھنيو آهي جيڪڏهن انتظاميا ايڊمن آفيسر سلمان خلاف نوٽيس نه ورتو ويو ته سڄيءَ سنڌ اندر ڌرتيءَ جا حلالي پُٽ احتجاج ڪري پورهيتن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندا

09/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو لڳ ڳوٺ بالاچ سناڻي پي ايس لاشاري ٿاڻي جي حد ۾ سناڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جي معامري تان جهيڙي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي حد جي پوليس کڻائي تعلقي اسپتال پهتي، ان موقعي تي ڳوٺ ڳوٺ بالاچ سناڻي جي رهواسڻ نهالان زال بگن سناڻي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي پٽن مجبوريءَ سبب علي حيدر سناڻي کان هڪ لک وياج تي ورتو هو اسان 40 هزار به ڏنا ۽ باقي ٻين پئسن جو انجام هڪ هفتي بعد هو ان باوجود علي حيدر سناڻي جي پٽن اسان جي گهر تي حملو ڪري لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي مون سميت منهنجا ٻه پٽ زخمي ڪيا آهن، اسانکي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ٻئي ڌر جي زخمي محمد اسلم پٽ علي حيدر سناڻي ڳالهائيندي ٻڌايو ته محمد بگن سناڻي اسان کان 2 سال اڳ هڪ لک 70 هزار ۾ مينهن خريد ڪئي هئي جنھن مان 20 هزار ڏنا هيا هاڻي بقايا پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيون ويٺا آهن اڄ ننڍي ڀاءُ سان گڏ جڏهن پئسا وٺڻ ويس ته هنن پئسن کان جواب ڏيندي منهنجي نئين موٽرسائيڪل ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ بعد اسان ٻنهي ڀائرن کي ڌڪ هڻي بيهوش ڪري پاڻ کي بليڊن جا جهير ڏئي ڊرامو رچايو آھي ۔

اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن😭انتهائي ڏک جي خبر رتوديرو يُو سي جمعو اگهم جي ڳوٺ نبي بخش جو رهواسي ڳوٺاڻو محمد...
09/08/2024

اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن😭

انتهائي ڏک جي خبر

رتوديرو يُو سي جمعو اگهم جي ڳوٺ نبي بخش جو رهواسي ڳوٺاڻو محمد وارث جلباڻي ڪراچي DOW هاسپيٽل ۾ علاج دوران وفات ڪري ويو آهي، جنھن جو مڙھ ڪراچيءَ کان اباڻي ڳوٺ آندو پيو وڃي،
ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي ۽ لواحقين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي،

آمين ثم آمين

07/08/2024

رتوديرو ۾ قلم ڌڻين پاران سنڌي شڪيل دايو جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان پريس ڪلب رتوديرو ۽ سنڌ ٽي وي آفيس رتوديرو ۾ پروقار تقريب منعقد ڪري سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، آيل معزز مهمانن سميت قلم ڌڻين پاران سنڌي شڪيل دايو کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون،

07/08/2024

رتوديرو شاهه عبداللطيف پبلڪ پارڪ ۾ ڏوھارين سان پوليس جومقابلو، پوليس ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، شهر واسين پاران ﺳﻨﮅ پوليس زنده آباد جي نعريبازي ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو

07/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو ڀرسان ڳوٺ نبي شاھ وڳڻ جا رهواسي هڪ ئي گهر جا پنج ڀاتي زهريلو کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿي ويا جن کي وارث کڻائي تعلقه اسپتال رتوديرو پهتا جتي وارثن سجاڳ نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نانگ جي کنڀي کائڻ سبب 40 ورهين جي زرينه هيجباڻي، 18 ورهين جي فرزانه، 6 ورهين جو معصوم نينگر منظور احمد، ظهور احمد ۽ 3 ورهين جو ميثم جسم ۾ زهر ڦهلجڻ سبب بيھوش ٿي ويا آهن جن کي کڻائي تعلقي اسپتال پهتا آهيون، ڊاڪٽرن پاران وقت تي علاج ڪري زهر ڪڍي ورتو آهي جنھن کان بعد گهر ڀاتين جي طبيعت ھاڻي خطري کان ٻاهر آهي،

07/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو شهدادڪوٽ ويگن اسٽاپ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن 45 سالن جي عبدالرحيم پٽ جمعو خان بروهي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتول جو لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، انهي سلسلي ۾ مقتول جي وارث دريا خان بروهي ٻڌايو ته اسان هڪڙا ڀرسان گهر پنهنجا جا رهواسي آھيون مقتول عبدالرحيم جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي هو هارپو ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪندو هو خبر ناهي ته هٿياربندن کيس ڪهڙي سبب جي ڪري قتل ڪيو آھي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او رتوديرو امام الدين چانڊيو واقعي بابت ٻڌايو ته اسين واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آھيون قاتل مقتول کي قتل ڪرڻ وقت اهو چئي رهيو هو ته هي اسان جو ڪارو آھي وڌيڪ مقتول جا وارث اچن ۽ ٻڌائن ته اسان قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار آھيون ۔

06/08/2024

رتوديرو
رپورٽ سليم الله خان جلباڻي 03337547370

رتوديرو ڊاڪٽر رميش لعل جي ڪلينڪ جي اڳيان نوجوان اياز پٽ علي بخش لهر کي جوابدار سڱاوتي تڪرار تان چاقو هڻي فرار ٿي ويا، وارث نوجوان کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ کڻائي تعلقي اسپتال پهتا جتي زخميءَ جي حالت خطري کان ٻاهر پئي ٻڌائي وڃي، ان موقعي تي نوجوان زخمي اياز علي لهر ۽ ان جي ڀاءُ لياقت علي لهر سجاڳ نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مخالف ڌر سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنھن سبب حملو ڪيو آهي، اڄ جيتن ڪم ڪار جو حوالي سان شهر آيل هيس ته اوچتو شبير لهر، گلشير لهر، سليم لهر، وهاب لهر ۽ ٻين مون مٿان قاتلاڻو حملو ڪري زخمي ڪيو آهي، واقعي جي رپورٽ داخل ڪونه ڪرائي سگهيا آهيون جيڪا تمام جلد جوابدارن خلاف داخل ڪرائي ويندي،

ايڊوڪيٽ منير خان جلباڻي ڪير سڏائي....!!!سليم الله خان جلباڻي 03337547370جو قوم جيئاري سو جيئندو رھندو جو عام اجاري اھو ج...
05/08/2024

ايڊوڪيٽ منير خان جلباڻي ڪير سڏائي....!!!

سليم الله خان جلباڻي 03337547370

جو قوم جيئاري سو جيئندو رھندو
جو عام اجاري اھو جيئندو رھندو
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ
جو سنڌ سنواري سو جيئندو رھندو

وقت جو مورخ جڏهن ماڙين جي شهر رتيديري جي تاريخ لکندو ته کيس ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ايڊوڪيٽ منير خان جلباڻي جي ڪارڪردگي اُن جي اڻٿڪ محنت غريب مسڪين طبقي جي خدمت يتيمن معذورن بيواهن معذورن جي ڏک درد تڪليف جو احساس ڏسي ڏندين آڱريون اچي وينديون،
ڇاڪاڻ ته سياست جي ٿورڙي عرصي ۾ جيتري مقبوليت، قابليت ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي انهن ماڻي ورتي آهي ماضيءَ ۾ شايد ئي ڪنهن سياسي شخصيت کي اھڙيءَ ريت حاصل ٿي هوندي، سچ پڇو ته اھڙن ئي ڪردارن کي تاريخ جي ضرورت نه پوندي آهي ويتر تاريخ انهن جي محتاج ٿي ويندي آهي، ماضيءَ ۾ رتوديرو ميونسپل ڪاميٽي جا چيئرمين ڪيترائي آيا ڪيترائي ويا پر اڄ تائين ڪنھن اهڙي خاطر خواهه ڪارڪردگي ڪونه ڏيکاري جنهن جي واکاڻ ڪجي يا اُنھن جي شان ۾ گيت لکجن، جيڪي به ان ڪُرسيءَ تي ويٺا انهن مال غنيمت سمجھي لُٽ ڦر ڪئي جنھن سبب ورهين جا ورهيه ملازمن کي وقت تي پگهارون به ڪونه ملنديون هيون جنھن جو نتيجو اهو نڪتو ته شايد ئي ڪو خوشنصيب ملازم هوندو جنھن وياجين جو پاسو نه ورتو هوندو جنھن سبب ڪيترن ئي ملازمن جا گھر گھاٽ نيلام ٿي ويا پر جڏهن کان منير خان جلباڻي جن چيئرمين جي ڪُرسي سنڀالي ته ملازمن کي وقت تي پگهارون ملڻ لڳيون ويزا تي ويل ڪيترن ئي ملازمن جي رستا روڪ ٿي ڪيترن ئي جا دڪان بند ٿي ويا جيڪي هر پهرين تاريخ تي حصو پتي وٺڻ لاءِ سيڙجي ايندا هيا، جنھن جو فائدو ٿورڙي عرصي ۾ شهر واسين کي اهو پهتو ته سڄي شهر ۾ چيئرمين جي حڪم تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون جو ڄار وڇايو ويو، گٽرن، نالن جي صفائي روزاني جي بنياد تي اھڙيءَ ريت ڪئي وئي جنھن جي گواهي سڄو شهر ڏيندو، اڄ جيڪڏهن انهن گٽرن، نالن جي صفائي نه ٿِئي ها ته 24 ڪلاڪ هلندڙ زوردار برسات ۾ سڄو شهر اوھان کي ٻڏل نظر اچي ها، اُن کان علاوه شهر اندر برساتن دوران ڊرينيج جي ناڪاره سسٽم، ٺيڪيدارن جي نااهليءَ سبب بيٺل گندي پاڻيءَ کي جهڙيءَ ريت ڪڍرايو ويو مان نه ٿو سمجهان ته ٻيو ڪوئي اهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري ها، اڃان منهنجي نظر ۾ اُهي ٻاهر نڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي بنگلن محلنِ ۾ ويهي ڪري فرمان جاري ڪرڻ سان گڏ فرمائين ها ته شهر اندر سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي اجايو صحافي اسانکي تنگ ڪري رهيا آهن پر منير خان جلباڻي جن پنهنجي تعريف لاءِ ميڊيا کي گهرائي پروگرام ته ڪونه ڪيا ويتر شهر واسينِ کي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري مون سميت ٻين قلم ڌڻين کي مجبور ڪيو ته انهن جي تعريف همت افزائيءَ لاءِ ڪجهه لکون، اميد ته اڄوڪي لکڻيءَ کان بعد اجائي تنقيد ڪرڻ وارن کي تڪليف پھچندي جڏهن ته حقيقت پسند ماڻهن کي خوشي رسندي پر اسان هر اُن شخص جي تعريف ۾ گيت لکڻ لاءِ تيار آهيون جيڪي پنهنجو فرض بخوبي ادا ڪري رهيا آهن، باقي انهن سان جنگ جاري رهندي جن شهر کي تباهيءَ کانسواءِ ڪجهه به ڪونه ڏنو آهي جنھن جا ثبوت اڌورا آر او پلانٽ، سبزي منڊي، اسٽيڊيم، بس ٽرمينل، بينظير پارڪ، شمسي لائيٽس وغيره وغيره وارا منصوبا اوھان آڏو آھن جن کان اڄ تائين ڪنھن پڇاڻو ڪونه ڪيو آهي نه ئي ڪنهن ۾ همت آهي ته غريب عوام جو پئسو ضايع ڇو ڪيو ويو،
باقي سئو ڳالهه جي هڪ ڳالهه رڳو مان نه پر شهر جو شعور به چئي پيو ته هوندا ٻيا به موتيءَ داڻا پر ايڊوڪيٽ منير خان جلباڻي ڪير سڏائي....!!!

05/08/2024

خدارا غريبن جي واهر ڪيو 😭 🙏

05/08/2024

ڪڇان ته ڪافر ٿيان جي ماٺ ڪيان ته ٿيان مشرڪ

Address

Prince Mansoor Street 18
Khobar
34217

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sujaag News Ratodero posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sujaag News Ratodero:

Videos

Share



You may also like