ٺٽو
ميرپور ساڪرو لڳ ڄام ساڪرو ڊرين کي لڳل گھارو انتظاميہ 8 ڪلاڪن جي جدوجھد بعد بند ڪري ڇڏيو آھي، ان حوالي سان ڊرينيج کاتي جي اي سي سيد سردار علي شاھ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٺٽو فرخ ڪارواڻي ۽ شيراز ميمڻ جي نگراني ۾ لڳل گھاري کي وڏي جفاڪشي بعد بند ڪيو ويو آھي ان موقعي تي ڳوٺاڻن درينيج کاتي جي اعليٰ آفسران ۽ ضلعي انتظاميہ جا ٿورا مڃيندي چيو تہ ترت اپاءُ وٺڻ سبب علائقي واسين ۾ ڦھليل مايوسي ختم ٿي آھي ھوڏانھن سيد سردار شاھ ۽ فرخ ڪارواڻي ميڊيا کي ٻڌايو تہ موجودہ ايمرجنسي واري صورتحال ۾ سندن ڊپارٽمنٽ مڪمل طور ھائي الرٽ آھي ۽ ممڪنہ تمام صورتحال کي منھن ڏيڻ لاظ جديد مشينري پڻ موجود آھي
ٺٽي لڳ بگھاڙ موري ڀرسان تيز رفتاري سبب ڪوسٽر ڪلٽي تفصيل ھن رپورٽ ۾
رپورٽ: مشتاق چانڊيو
(انڊس ٽي وي ميرپور بٺورو)
سجاول: ميرپوربٺورو ۾ وٽنري ڊاڪٽر پاران مال کي ويڪسين نہ ڪرڻ ۽ صحافي کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن صحافين ۽ مختلف تنظيمن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ان موقعي تي جسقم آريسر جي مرڪزي چعيرمين اسلم خيرپوري سول سوسائٽي اڳواڻ قادر بخش زئور، انتظار کٽي عبدالا پرھياڙ، بھرام چانڊيو ارشاد چانڊيو، ذوالفقار کوڙ ۽ ٻين چيو تہ صحافي اشرف چانڊيو کي ڌمڪيون ڏيندڙ بدمست وٽنيري ڊاڪٽر عمران ميمڻ کي فوري طور ھٽايو وڃي.
*ٺٽو (انڊس ٽي وي رپورٽر)*
ٺٽي لڳ شاھ لطيف ڪالوني جو رھواسي اللہ ڏنو ٻڙو زھريلو ٺرو پيئڻ سبب فوت، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، اللہ ڏنو ٻڙي جي وارثن انڊس ويب ٽي وي سان ڳالھائيندي چيو آھي اسانجو نوجوان زھريلو ٺرو واپرائيڻ سبب فوت ٿيو آھي، ٺرو ھڪ انتھائي خراب ۽ بدترين نشو ۽ جنھن سبب ڪيتريون ئي جانيون اُجڙي ويون آھن، ھنن مطالبو ڪيو تہ پوليس ٺري خلاف فوري نوٽيس وٺي زھريلو ٺرو بند ڪرائي تہ جئين معصوم جانيون بچي سگھن*
ٺٽو: ميرپور ساڪرو لڳ ٽانڪاڻي جي رهواسي ڳوٺاڻي ولي محمد ٻَٻر پنهنجي پٽ الهه بخش، پنهنجي گهرواري ظهره، ننهن بصره، ظهيره ۽ ٻين عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ مڪلي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، وڌيڪ تفصيل ھن رپورٽ ۾
سجاول: ميرپور بٺورو لڳ ڳوٺ حاجي عبداللہ جاکرو ۾ حنيف پٽ ربڏنو گھگھڙ رولو ڪتن ھٿان سخت زخمي ٿي پيو تفصيل ھن رپورٽ ۾
سجاول: پاڻي جي شديد کوٽ خلاف پ پ ضلعي صدر ۽ ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو تفصيل ھن رپورٽ ۾
سنڌ جي تعليم تباھ ڪرڻ ۾ ڪنھن جو ھٿ آھي،،،،؟؟
سنڌ جي بارڙن جو تعليمي معيار ڇو بھتر نہ پيو ٿئي،،،،؟؟
ٺٽي لڳ جنگشاھي جي ھڪ نجي اسڪول ۾ سنڌي ميڊيم ۽ سنڌي پڙھائڻ ختم ڪري اردو ميڊيم جي شروعات ڪيترائي سوال اُٿاري ٿي.
چوھڙجمالي (عاجز سنجراڻي )
گذريل ڏينھن چوھڙجمالي پوليس 22 سالا نوجوان جاويد سولنگي کي بيگناھ 220 گرام چرس ۾ چالان ڪرڻ واري عمل خلاف نوجوان جي والدين پاران شاھبندر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو، انموقعي تي ھنن چيو ته پوليس 15 ڏينھن کان اسانجي پٽ کي موبائيل چوري جي الزام ھيٺ کنڀي سخت تشدد ڪري ان تي ھٿ ٺوڪيو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي جيڪا سراسر ناجائزي آھي، ھنن آئي جي سنڌ، ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جاويد سولنگي تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري معاملي جي جانچ ڪري ڪوڙي ڪيس ۾ ڦسائيندرن اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
ٺٽو:
ٺٽي شھر ۾ مسلسل چورين جي وڌندڙ آزار ۽ ڏوھن تي ضابطو نہ آڻڻ توڙي نشي جي حالت ۾ مختلف وقتن تي عوام کي تنگ ڪري عوام لاءِ آزار بڻيل ٺٽو شھر چوڪي جي انچارج نياز محمد شر کي ايس ايس پي ٺٽو عوامي شڪايتن تي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آھي، ياد رھي تہ معطل ٿيل صوبيدار مختلف وقتن تي عوام کي مسلسل آزاريندو رھيو جنھن جي شڪايتن تي ايس ايس پي پاران اھڙي ڪاروائي عمل ۾ آندي ويئي.
سجاول:
ميرپور بٺورو لڳ کورواھ ڀرسان گھاڙي واھ وٽ ٻہ موٽر سائڪلون تيز رفتاري سبب ٽڪرائجي ويون، نتيجي ۾ 3 ڄڻا اسماعيل پٽ آدم زئور، غلام مصطفى پٽ فاضل ٻارچ، فاروق پٽ ايوب خاصخيلي زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقه اسپتال ميرپور بٺورو نيو ويو.
ٺثو: ٺُل ۾ بيدردي سان قتل ٿي ويل قائم سرڪي جي ناحق قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري خلاف سرڪي چوڪ کان رڪشاء اسٽاپ تائين سرڪي برادري ۽ سول سوسائيٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي.
دڙو شھر مسئلن جي ور چڙھيل، گٽر اٿلي پيا، رھواسي سراپا احتجاج وڌيڪ تفصيل طلعت آڪاش ڀٽي جي ھن رپورٽ ۾.