سَتن لال کي چيو ويو ته سنڌ مان لڏي وڃ.
پر ستن لال چيو ته مان زمين تي سر ڏيندس پر سنڌ ۾ رهندس. اڄ جو سنڌي هندو قرباني ڏيندو پر سنڌ مان قطعي نه لڏيندو ٖ ڇاڪاڻ ته سنڌي هندو سنڌ جا حقيقي وارث آهي.
جنوري مهيني ۾ هي ٻيون ٽارگٽ قتل آهي ٖ سنڌي هندن کي پنهنجا سنڌي ئي ماري رهيا آهن ٖ ڪوبه ڌاريو هندن کي ائين مارڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي ٖ هي سڀ سنڌي ڳالهائيندڙ ئي خونريزي ڪري رهيا آهن. هميشه سنڌي هندوئن کي وڏي ۾ وڏو نقصان سنڌي گالهائندڙن مسلم هي ڏنو آهي جڏهن پنهنجا ئي ويري ٿي وڃن ته ڌارين تي ڪهڙي معيار ڏئي سگهجي ٿي ٖ توهان خود سوچيو ۽ انصاف ڪريو !!!
دکي نيوز،
ٽارگيٽ ڪلنگ، ڏھرڪي شهر جو رهواسي ديوان سيٺ ستن لعل کي هڻي قتل ڪيو ويو آهي، هڪ ٻارڙو به زخمي😭😭
Satan Kumar was killed in Daherki by unknown men.
#jucticeforsatanlal
گهوٽڪي ضلع جي شهر ڏهرڪي جي هندو واپاري ڪاٽن فيڪٽري جي مالڪ ستن ڪمار کي گولي هڻي ماريو ويو آهي.
اطلاع مطابق ته فيڪٽري جي ڪا افتتاحي تقريب هلي رهي هئي ان دوران فائرنگ ڪري خون ڪيو ويو آهي.
شهرين جي جان ۽ مال جي آئيني ذميواري حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت تي پڻ عائد ٿئي ٿي.
پُرامن هندو واپاري جو ائين بيدردي سان قتل ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ صورتحال جي نشاندهي ڪري ٿو.
ڪجه ڏينهن اڳ ڪراچي جي بئنڪ ٻاهران هڪ هندو نوجوان کان 75 لک روپيا ڦر ڪري گولي هڻي ماريو ويو.
جنوري مهيني ۾ هي ٻيون پُرامن هوندو واپاري آهي جنهن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي.
آئين مطابق هر شهري جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميواري حڪومت پاڪستان تي لاڳو ٿئي ٿي.
اسان نارٿ آمريڪا جا ڊائسپورا سنڌي حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته شهرين جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ پُرزور گهر ڪيون ٿا ته ملڪ جي مذهبي اقليتن جي قتل جو نوٽيس وٺندي قانوني ڪاروائي ڪندي قاتل گرفتار ڪيا وڃن.
متاثر ڌر جي وارثن سان آئين ۽ قانون مطابق فورن انصاف ڪيو وڃي. اقليتن خلاف ڌرتي تنگ ڪرڻ ۽ رتوڇاڻ جا واقعا ٻاهرين دنيا ۾ ملڪ جي بدنامي جو باعث بڻجي رهيا آهن. هندن سميت سمورن مذهبي اقليتن کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي.ڪاپي دليپ رتناڻي