11/03/2024
سنڌ حڪومت جو ساراھ جوڳو قدم !!!
ڀيڻ جي زندگي بچائڻ لاء پنھنجي زندگي داؤ تي لڳائيندڙ زخمي نوجوان آڪاش پٺاڻ کي سرڪاري خرچ تي علاج لاء ڪراچي موڪلڻ جو بھترين فيصلو۔
11 مارچ 2024 # ميئر حيدرآباد سردار ڪاشف علي شورو صاحب جي ڪوششن سان وزير اعلیٰ سنڌ سائين مراد علي شاھ صاحب جي حڪم تي موڪليل ٽيم ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۔ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ وقار احمد ميمڻ ۔ايم ايس سؤل اسپتال منير احمد شيخ ۽ آء سي يو انچارج ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ جي ڏينھن رات محنت ۽ پنھنجي مسيحائي پيشي سان سچائي جي بدولت زخمي نوجوان آغا آڪاش پٺاڻ جو سؤل اسپتال ۾ به تمام بھترين علاج ھلي رھيو آھي ۽ اڄ نيؤرو ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر جي اجازت ملڻ کانپوء زخمي نوجوان آڪاش پٺاڻ کي سنڌ حڪومت جي خرچ تي سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي يا آغا خان اسپتال ڪراچي شفٽ ڪيو ويندو سڀني سنڌ واسين کي زخمي نوجوان آڪاش پٺاڻ جي جلد صحتيابي ۽ وڏي ڄمار لاء دعا جي اپيل آھي